Friday, April 19, 2024

ڪرسيءَ کي لڳل خاص قسم جو ٿنڀڻ - منظور ڪوھيار

ڪرسيءَ کي لڳل خاص قسم جو ٿنڀڻ

ننڍڙي ڪھاڻي

منظور ڪوھيار



اڄ شام جو پارڪ ۾، ڪکو خان سان جاگنگ ٽرئڪ تي پنج رائونڊ هڻي، ڀرسان واري هڪ بئنچ تي ٿي ويٺم. سهڪندي پڇيومانس؛ ”ڪجھ ڏينهن اڳ رٽائرڊ ٿيل هڪ ڪاموري جو بيان پڙهيم ته: ’انتظامي ڪرسي تي ويهڻ دؤران مون چاهيو پئي ته تعليمي، ثقافتي ۽ معاشرتي انقلاب آڻجي، پر وقت جي ظالم حڪمرانن نه ڪرڻ ڏنو.‘ جي اها ڳالھ هئي ته پوءِ انقلابي راھ ۾ رڪاوٽ بڻيل ڪرسيءَ کي لت هڻي پريميچوئر رٽائرمينٽ ڇو نه ورتائين؟“


”تون بادشاھ ماڻهو آن، نه سمجھندين!“ ڪکو خان سهڪندي وراڻيو.

”ته پوءِ، سمجھاءِ! سمجھاءِ!“ ضد ڪندي چيومانس.

”انقلابي ڪامورو ڪرسي ڇڏڻ چاهيندو آ، پر ڪرسي ان کي ناهي ڇڏيندي!“

”اهو منطق سمجھ ۾ نه آيو!“

”دراصل اهڙي ڪرسيءَ کي خاص قسم جو ٿنڀڻ لڳل هوندو آ، جيڪو ڦوڪيءَ کي چنبڙي پوندو آ!“ ڪکو خان وراڻيو، ته ڪنهن حد تائين ڳالھ به سمجھ ۾ اچي وئي....

 

(منظور ڪوھيار جي فيسبڪ پوسٽ ۱۹ اپريل ۲۰۲۴ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment