Showing posts with label تخليقي سفر، ٻهڙو ڪتو، ننڍڙي ڪھاڻي، منظور ڪوھيار،. Show all posts
Showing posts with label تخليقي سفر، ٻهڙو ڪتو، ننڍڙي ڪھاڻي، منظور ڪوھيار،. Show all posts

Thursday, April 25, 2024

تخليقي سفر ۽ ٻهڙو ڪتو - منظور ڪوھيار

تخليقي سفر ۽ ٻهڙو ڪتو

ننڍڙي ڪھاڻي

منظور ڪوھيار



ڪجھ ڏينهن اڳ، تخليقي ادب لکڻ جو موڊ ٿيو. پر ڳليءَ جو هڪ آواره ٻهڙو، ڏني نه وتي، در ٻاهران بيهي ڀونڪڻ لڳو. جنهن بليخم ڪري وڌو. لکڻ ۾ رخنو پئي پيو.

ڪالھ شام جو ڪکو خان کان فون تي ان جو علاج پڇيم. ٻڌايائين ته: ”جڏهن به اهو ٻهڙو ڀونڪڻ شروع ڪري ته چوندو ڪرينس ته: ’ڀونڪ ڪتا، ڀونڪ! تو کي صاحب ڏنو شوق!‘ ته پاڻهين بس ڪري ويندو!“