راڳي
مختصر ڪھاڻي
رزاق سھتو
دل جو جنرل وارڊ ــ ساجن نيم بي
هوشيءَ ۾،
سوچ ـــ
”اوچتو ڇا ٿيو. هت ڪيئن پڳس.“
عجب ماحول پئي ڏٺائين. چؤطرف اڇي
پوشاڪ اوڍيل مرد ۽ عورتون، وارڊ ۾ هيڏانهن هوڏانهن تيز وکن سان تحرڪ ۾، ساجن
غنودگي واري ڪيفيت ۾ پاڻ کان سوال ٿو ڪري.
“مان چاڪ ناهيان.؟ دل جي عارضي
ئي هتي پهچايو هوندو. ھيءَ دل ڪڏھن به وس ۾ ناھي رھي. پنھنجي مرضيءَ جا انگل آرا ڪندي
آھي.”
سوچي ٿو:
سُوچ جو سمنڊ اٿلي ٿو پئيس.
ماضيءَ جون هوائي لهرون، ذهن جي ڪنارن سان مٿو ٽيڪي، عبادت جو ڏيک پيون ڏين. کيس لڳو
لهرن جي عبادت ۾ سندس من به شامل آهي. ساهه سڌير ٿيس ته دل جو رڌم جوڙِڻ جي ڪوشش ۾
هو. اکيون کولي پڪ ڪيائين، اسپتال ۾ ئي آهيان.
سندس زندگي به ڍڳي جي ڪُک تي ڏنل
ڏنڀ جيان هئي. هو جڏھن اسڪول ۾ پڙھندو هئو ته گيت ڳاتو هئائين. گيت جيڪو ننڍپڻ ۾
بهار جي موسم ۾ اسڪولي بئنچ تي آشا سان گڏ ڳاتو هئائين. تڏهن پنجين درجي ۾ ٿي پڙهيو.




