Monday, July 17, 2017

نڪ ڀڳل مورتي - عيسيٰ ميمڻ

نڪ ڀڳل مورتي
مختصر ڪهاڻي
عيسيٰ ميمڻ
شاموءَ پنهنجي زندگيءَ جا ايڪويهه سال، مُهين جي دڙي تي ملازمت ڪندي گذاريا هئا. مُهين جي دڙي جي زبون حال وانگر هن جي قسمت به کنڊرن جيان هئي. ڪڏهن به هن سک جو ساهه نه کنيو هو. پگهار ايتري به نه هئس جو مهيني ماسي گوشت مڇيءَ جو ذائقو چکي سگهي. گهر ۽ ٻارن جون هن سان هر وقت شڪايتون رهڻ لڳيون هيون. پر هو چاهيندي به افسوس کان سواءِ ڪجهه به نه ٿي ڪري سگهيو. ڇاڪاڻ ته، ايمانداري هن جي رڳ رڳ ۾ شامل هئي. جنهن ڪري هن ڪڏهن به چور رستي ذريعي پئسا حاصل ڪرڻ حرام پئي سمجهيو. ور نه ته هن پنهنجي اڳيان، دڙي تي ڪيترن ئي نون ڀرتي ٿيل ملازمن کي امير ٿيندي ڏٺو هو.


مُهين جو دڙو بظاهر هڪ کنڊرَ جو ڏيک ڏيندو آهي ته، ٻئي طرف ان ۾ قارون جي خزاني کان به وڏو خزانو دفن ٿيل آهي. جي هن جهڙو ماڻهو چاهي ته، ان خزاني مان مالا مال به ٿي سگهي ٿو. ڇو ته، هن پنهنجي اکين سان دڙي مان قيمتي نوادرات ۽ مهرون کوٽي لڀي ملازمن کي کپائيندي ڏٺيون هيون. هي ته انهن اسمگلرن کي به سڃاڻندو هو، جيڪي دڙي جون مهرون انهن ملازمن کان وٺي دنيا ۾ وڪرو ڪندا رهيا آهن. هن نه چاهيندي به انهن خلاف پنهنجي آواز کي دٻائي رکيو هو.
هن ڪيترائي ڀيرا انهن ملازمن کي هن عظيم تهّذيب سان ههڙي هٿ چراند ڪرڻ کان روڪڻ جي ڪوشش به ڪئي هئي پر، ان مان وريو ڪجهه به نه هوس.
هڪ ڏينهن جڏهن مسلسل پنهنجي عليل رهندڙ پٽ جي بيماريءَ جي علاج لاءِ هن کي ڪٿان به پيسن جو ڪو آسرو نه سُجهيو هو ۽ هن کان پٽ جي خراب حالت برداشت نه ٿي سگهي هئي ته، هن کي دڙي مان نوادرات کوٽي کپائڻ جو خيال آيو. هن بوڇڻ ڪلهي تي رکي، دڙي جي اوڀر ۾ هڪ اڻ کوٽيل پاسي کي کرپيءَ سان کوٽڻ شروع ڪيو. جڏهن کوٽائي ڪندي، هن کي هڪ مورتي هٿ لڳي ويئي ته، هن کي خوشيءَ سان گڏ شرمساري به ٿي رهي هئي. هن جلدي جلدي بوڇڻ ۾ مورتي لڪائي. ٻئي ڏينهن، جڏهن هي مورتين جي اسمگلر سان مليو هو ته، هن کي اسمگلر ان مورتي جا ٻن هزار رپين کان مٿي ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو. ڇاڪاڻ ته اها مورتي، مها پوڄاريءَ جي هئي، جنهن جو نڪ ڀڳل هو، ان ڪري مورتيءَ جو ملھه ڪري پيو هو. هو مجبوريءَ مان اها مورتي انهن ٿورن پيسن ۾ ئي ان اسمگلر کي ڏئي آيو هو.

ٻئي ڏينهن اخبارن ۾ ان نڪ ڀڳل مورتيءَ جو فوٽو خبر سان گڏ شايع ٿيو هو، جنهن ۾ دڙي مان نئين مورتي دريافت ٿيڻ جو انڪشاف ٿيل هو. جڏهن شامونءَ اها خبر پڙهي هئي ته، هن جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا هئا. ان گهڙيءَ هن کي محسوس ٿيو هو ته هن کي نڪ ڪونهي. ٻئي لمحي هو پنهنجي نڪ کي هٿ لائي پنهنجي نڪ هجڻ جي پڪ ڪرڻ لڳو هو..

1 comment: