Saturday, August 31, 2024

بگيءَ واري جو ڀاءُ - سعادت حسن منٽو - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

بگيءَ واري جو ڀاءُ

مختصر ريخته ڪھاڻي

ڪھاڻيڪار: سعادت حسن منٽو

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو


سيد غلام مرتضيٰ جيلاني، منھنجو سنگتي آھي. مون وٽ اڻيھي ايندو آھي. پَھَرَن جا پَھَرَ ويٺو ھوندو آھي. چڱو خاصو پڙھيل ڳڙھيل آھي. کانئس ھڪ ڏھاڙي پڇيم؛ ”شاھ جي! اوھان پنھنجي حياتيءَ جو ڪو دلچسپ واقعو ته ٻڌايو!“

شاھ جيءَ ھڪڙو وڏو ٽھڪ ڏنو؛ ”منٽو صاحب! منھنجي حياتي دلچسپ واقعن سان ڀري پئي آھي. ڪھڙو واقعو تو کي ٻڌائي ڪھڙو ٻڌايان؟!“

مون چيس؛ ”جيڪو اوھان جي ذھن تي تري آيو ھجي، سو ئي ٻڌايو.“

شاھ جي مرڪيو؛ ”اوھان مون کي وڏو پرھيزگار ماڻھو سمجھندا ھوندئو! اوھان کي خبر ئي ناھي ته ڏھن ورھين تائين ڏينھن رات شراب پيتو اٿم ۽ وڏيون رنگ رليون ڪيون اٿم. ھاڻ جيئن ته دل کڄي وئي آھي، تنھن ڪري مون اھي شغل ئي ڇڏي ڏنا آھن.“

Wednesday, August 28, 2024

ھمسفر - سيف نياز

ھمسفر

ننڍڙي ڪهاڻي

سيف نياز



هو منهنجي ڀرسان پيل خالي سيٽ تي اچي ويٺو هو. تمام ڀلو ماڻھو هو. صاف سٿرو ۽ سهڻو سيبتو، هن سان ڪچھري ڪندي خوشبوءِ جو احساس پئي ٿيو، سمجھ ۾ نه ٿي آيو ته اھا خوشبوءِ سندس ڳالھين جي هئي يا هن جي پنهنجي....!!!

ڳالھين کي ايتري ته سهڻي نموني پيش ٿي ڪيائين ڄڻ ڪي حسين رنگين گل...!

Friday, August 23, 2024

فلائنگ ٽرين - منظور ڪوھيار

فلائنگ ٽرين

(ننڍڙي ڪھاڻي)

منظور ڪوھيار



ٻه ھفتا به نه گذريا، ته شام جو ڪکو خان گھر جي در تي بيٺو ھيو. سمجھي ويس ته شايد شير شاھ ڪراچي ۾ ٺهندڙ فلائنگ ڪار متعلق ڪا خبر ٻڌائيندو. پر ھن حيران ڪري ڇڏيو، جڏهن ٻڌايائين ته: آڪاش منڊل ۾ ڪهڪشان اينڊرو ميڊا جي سرسبز ۽ امير ترين گرھ تان، فلائنگ ڪار وسيلي پنجويھ لک ستٽيھ ھزار نوري سال جو مفاصلو طئي ڪري پرھ ڦٽيءَ جو پهتو آهي.

Wednesday, August 14, 2024

آزاد ھوا؟ - شازيه مظهر

آزاد ھوا؟

(ٻارن لاءِ ننڍڙي ڪھاڻي)

شازيه مظهر



”مما، ڇا ھوا به قيد ھوندي آھي؟ ڇا ھوا کي پوليس پڪڙي ويندي آهي؟“ ننڍڙو علي پنھنجي ماءُ کان اھي سوال ڪندي وڏي تجسس ۾ ھو ته الائي مما ڪھڙو جواب ڏيندي.

”ھا علي ھوا قيد ۽ آزاد به ھوندي آھي! پر تون اھڙو سوال ڇو پيو پڇين؟“

”مما، اڄ اسڪول ۾ ٽيچر ۱۴ آگسٽ جي حوالي سان اسان کي ليڪچر ڏنو! جنھن ۾ ھن ٻڌايو ته اسان آزاد ھوا ۾ ساهه کڻون پيا! ڇو ته اسان ھڪ آزاد ملڪ جي قوم آھيون.“

”گڊ! اھو ته اوھان جي ٽيچر اوھان کي صحيح ٻڌايو.“ علي جي ماءُ ٽيچر کي ساراهيو.

فلائنگ ڪار ۽ ڪکوخان - منظور ڪوھيار

فلائنگ ڪار ۽ ڪکوخان

(ننڍڙي ڪھاڻي)

منظور ڪوھيار



گھر جي ڪال بيل وڳي. نڪري ڏٺم ته ڪکو خان بيٺو ھيو. ٻک ھڻي پڇيومانس؛ ”سڀاڳا! ايترا ڏينهن ڪاٿي گم هئين..؟ مان سمجھيو ته مري کپي ويو آ!“

”مرن منهنجا اڳيان پويان دشمن. بس ڪنهن قومي مفاد واري ڪم ۾ رڌل ھيس!“ وراڻيائين.

کيس وٺي اوطاق ۾ ويھاري پڇيم؛ ”تون ۽ قومي مفاد!... ڳالھ سمجھ ۾ نه آئي؟“

”وڏي سرڪار جي ھڪ اھم اداري گھرايو ھيو!“

Thursday, August 1, 2024

ھڪڙي چاٻي - گلزار - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

ھڪڙي چاٻي

(ريختہ ڪھاڻي)

ڪھاڻيڪار: گلزار

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



اڄ صبح کان وٺي، ٽيون دفعو ائين ٿيو ھيو جو پرس مان ڪجھ ڪڍندي، سندس پوئين گهر جي چاٻي ھٿ ۾ چڙهي پئي آئي..... سڌير جي گهر جي.

سڌير کي ڇڏئي، سال ٿيڻ وارو ھيس، يا ٿي ويو ھيس. ليڪن اڃا تائين به پرس جي کٽ کوٽ ڪندي، اگر اھا چاٻي سندس ھٿ کي لڳندي آ ته سندس دل چوندي آھي ته ٽيڪسيءَ جو رخ، اوڏانھن ڦيرائي ڇڏي. چئي ڇڏي ٽيڪسيءَ واري کي ته؛ ”ايڏانھن نه، ھيڏانھن ھل! مون ھاڻي ھاڻي، مڙس مٽي ڇڏيو آھي.“

Thursday, July 4, 2024

حج اڪبر - منشي پريم چند - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

حج اڪبر

(ريختہ ڪھاڻي)

ڪھاڻيڪار: منشي پريم چند

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



منشي صابر حسين جي ڪمائي ٿوري ۽ خرچو وڏو ھيو. پنھنجي ٻچڙي لاءِ، آيا رکڻ ڳؤري پئي لڳس. ليڪن ھڪ ته ٻارڙي جي صحت جي ڳڻتي ۽ ٻيو پنھنجي برادريءَ کان گهٽ ٿي رھڻ واري خواريءَ، اھو خرچ برداشت ڪرڻ تي مجبور ڪري وڌس. ٻار به آيا سان ريڌل ھيو. سڄو ڏينھن ان جي ڳچيءَ جو ھار لڳو پيو ھيو. انھيءَ سبب جي ڪري، آيا اڃا به اھم ٿي پئي ھئي. مگر شايد مڙني کان وڏو سبب اھو ھيو ته حضور شرميءَ وچئون آيا کي جواب ڏيڻ جي ھمت نه پئي ساري سگهيو. ڪراڙي وٽن، ٽن سالن کان بيٺل ھئي. انھيءَ ئي سندس اڪيلڙي پٽ کي پاليو تاتيو ھيو. پنھنجو ڪم، دل سان ڪندي ھئي. کيس ڪڍڻ لاءِ ڪو بھانو نه پئي مليو. وري ھروڀرو جو ڪنھن تي چُٽو لائڻ به صابر جھڙي بردبار ماڻھوءَ لاءِ ممڪن نه ھيو. مگر شاڪره جي انھيءَ معاملي ۾ مڙس سان اڻبڻت ھئي. کيس شڪ ھيو ته آيا اسان کي ڦريون ٿي وڃي. جڏھن آيا بازار مان موٽي ته ھيءَ ٻنڀي تي لڪي بيٺي ھجي ته ڏسان؛ اٽو لڪائي ته نه ٿي رکي. ڪاٺيون لڪائي ته نه ٿي رکي. سندس آندل شيءِ کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ پئي جاچيندي. پڇندي. ورجائي ورجائي پئي پڇندي ھيترڙو ڇو؟ گهڻو اگھ اٿس؟ ڇا ايڏو مھانگُ ٿي ويو آھي! آيا ڪڏھن ته انھن بدگمانين جي ورندي، مٺڙي ٻوليءَ ۾ ڏيندي پر جڏھن بيگم گهڻو تکي پوندس ته ھيءَ به ڪڙڪو ڪري ورندي ڏيندس. صفائيءَ لاءِ شاھديون پيش ڪندس. رد ڏيڻ ۽ دليل بازيءَ ۾ پھر لڳي ويندا. لڳ ڀڳ اھا ويڌن، ڏھاڙي ھوندي ھئي. ۽ ڏھاڙي اھو ڊرامو، آيا جي ٿورن ڳوڙھن ڳاڙڻ کان پوءِ وڃي پڄاڻي ڪندو ھيو. آيا جو، ايڏيون سختيون سھي، رھيو پيو ھجڻ، شاڪره جي شڪن کي ويتر پاڻي ڏيندو ھيو. کيس ڪڏھن يقين نه ٿيندو ھيو ته ھيءَ ڪراڙي، محض ٻارڙي جي قرب ۾ ڪِري پئي آھي. آيا کي اھڙي نرم دل جي، ھرگز نه سمجهندي ھئي.