Friday, October 4, 2013

محبتن، مسڪراهٽن جا گس ۽ گهيڙ - عبدالرزاق عمراڻي

محبتن، مسڪراهٽن جا گس ۽ گهيڙ
عبدالرزاق عمراڻي
نيويارڪ ۾ مين هٽن ۾ هڪ ۴۲ ماڙ عمارت آهي. ان ۴۲ ماڙ عمارت جي ۴۰ هين ماڙ تي، هڪ دفتر آهي. انتهائي شاندار دفتر. تقريبًا ۵ هزار اسڪوائر فوٽ جو دفتر. جنهن ۾ سيڪيورٽي گارڊ کان وٺي رسپشنسٽ تائين، آفيس سيڪريٽري کان وٺي ٽيليفون آپريٽر تائين سڄو عملو آمريڪي آهي. هن دفتر ۾ واحد شخص، جنهن کي قيمتي اطالوي سوٽ پهريل آهي، جنهن جي هٿ ۾ ڪيوبا جو سگار، ڪپڙن کي فرانسيسي خوشبوءِ لڳل آھي، پر هن جي لهجي ۽ هلڻ چلڻ جو انداز خالص پاڪستاني آهي، هو سيالڪوٽ جو رهاڪو آھي. جڏهن هن کانئس پڇيو ٿو وڃي؛ ”اوهان ترقي ڪيئن ڪئي؟“ هن جي چهري تي مسڪراهٽ اچي ٿي وڃي. هڪ جاندار مسڪراهٽ سان هو سامهون واري سوال ڪندڙ تي هڪ گهري نگاهه رکي، چهري تي مرڪ آڻي، پنهنجائپ سان ٻڌائي ٿو؛ ”مون کي اڄ هن مرتبي تي، منهنجي مسڪراهٽ پهچايو آهي.“

ھو پنھنجي ڪھاڻي ھيئن شروع ڪري ٿو:
آئون پاڪستان جو هڪ اڇوت شهري هئس، جنهن کي ڇهڻ اتان جي ماڻهن لاءِ مشڪل هو. منهنجا بزرگ سيالڪوٽ ۾ گندگي ۽ ناليون صاف ڪرڻ جو ڪم ڪندا هئا جن کي ماڻهو ڀنگي چوندا هئا. مون جوان ٿيڻ کانپوءِ، سوچيو ته آئون اهو ڪم نه ڪندس. جڏهن ته هڪ ڀنگيءَ کي ماڻهو ٻيو ڪو ڪم ڏيڻ لاءِ تيار نه هئا. جنهن سماج ۾ مقامي ماڻهو خود روزگار لاءِ ترسندا هجن، جن جو مذهبي تعلق رياست جي مذهب سان لاڳاپيل هجي، جيڪي مراعت يافته هجن سي به روزگار لاءِ پريشان هجن ته اتي هڪ ڀنگيءَ کي ڪير روزگار ڏيندو؟ آئون ڀنگي ٿيڻ لاءِ تيار نه هوس. ائين آئون سيالڪوٽ مان لاهور هليو آيس. بيروزگاريءَ مان تنگ ٿيڻ ڪري، ننڍن شهرن مان وڏن شهرن ۾ آيل ماڻهو پريشان هوندا آهن. انهن جي دل احساس ڪمتريءَ ڪري، مسڪرائڻ وساري ويهندي آهي. پريشاني، ڏک ۽ بک بدحالي منهنجي چهري جي مسڪراهٽ کي ختم ڪري ڇڏيو هو. آئون کلڻ ۽ مسڪرائڻ وساري ويٺو هوس.
هڪ ڏينهن ريڙهي واري کان ڦاروا خريدڻ لاءِ بيٺس. همراهه بزرگ هو. هن ڦاروا ڏيڻ بدران منهنجي چهري تي نظر فڪس ڪري، غور سان ڏسي پڇيو؛ ”کلڻ ۽ مسڪرائڻ ڇو وساري ڇڏيو اٿئي؟“
مون بيروزگاري مان مليل نفرت وچان چيو؛ ”اهڙي سماج ۾ جتي حقدار کي حق نه ملي، جتي محض زبان، رنگ، نسل، ذات پات سبب نفرت جو نشانو بڻجڻو پوي، اتي کل، خوشي ۽ مسڪراهٽ ناياب نه ٿيندي ته ٻيو ڇا ٿيندو؟ ڪيئن آڻيان چهري تي مسڪراهٽ يار! بس ۵ رپين جا ڦاروا ڏي ته وڃان.“
هن رلي هيٺان رکيل شيشو ڪڍي، منهنجي آڏو ڪيو ۽ چيو؛ ”ڏس! تنهنجو چهرو نه کلڻ سبب ڪيڏو نه سخت ٿي ويو آهي؟“
واقعي جڏهن مون آئيني ۾ پاڻ کي ڏٺو ته محسوس ٿيو؛ منهنجو چهرو هاڻ اهو نه رهيو آهي. پوءِ هن چيو؛ ”پيارا! هڪ دفعو منهنجي چوڻ تي کلي ڏيکار ته!“
سندس اهڙي انداز تي مون کي کل اچي وئي. هن هڪدم آئينو منهنجي اڳيان ڪيو. مون پاڻ کي بدليل محسوس ڪيو. آخر ۾ ڦاروا وڪڻندڙ چيو؛ ”بابا جنهن ماڻهوءَ وٽ ٻيو ڪو به هنر نه هجي اهو جيڪڏهن مسڪرائڻ سکي وٺي ته اهو هنر به هن لاءِ دنيا ۾ ڪامياب ٿيڻ جو اهم سبب بڻجي سگهي ٿو.“
هن جي ڳالهه منهنجي دل کي لڳي ۽ مون مسڪرائڻ جو هنر سکڻ شروع ڪيو. مون مسڪرائڻ جي طريقن وارا ڪتاب خريد ڪيا ۽ پڙهڻ شروع ڪيو. پوءِ ان طريقي مطابق مسڪرائڻ پڻ شروع ڪيو.
هاڻ مون کي ڄاڻ ملي ته انسان جي چهري تي کل ۲۰۰ اهڙن زاوين تي حرڪت آڻي ٿي جو ماڻهو تازو ۽ زنده رهي ٿو. جيڪو ماڻهو ڏينهن ۾ ۲۰ دفعا مسڪرائي ٿو، ان جي چهري جا تاثرات زنده رهن ٿا. هو چهري ذريعي، تمام جذبن جو اظهار، خوش اسلوبيءَ سان ڪري سگهي ٿو. پر جيڪي ماڻهو گهٽ مسڪرائن ٿا، انهن جو چهرو آهستي آهستي مرڻ لڳي ٿو. اهي ماڻهو تاثرات کان خالي رهن ٿا.
مون کي خبر پئي ته اسان جي مسڪرائڻ سان جسم مان هڪ ڪيميڪل پيدا ٿئي ٿو. اهو ڪيميڪل اسان جي ڇڪيل ۽ اڪڙيل اعصابن، غصي وارن جذباتن کي سڪون پهچائڻ جو سبب بڻجي ٿو. اسان کي سچي خوشي محسوس ٿئي ٿي. ان سبب اسان پاڻ کي هلڪو ۽ مطمئن محسوس ڪريون ٿا. ائين اسان جي ڪم ڪرڻ جي صلاحيتن ۾ اضافو ٿئي ٿو. مون اهو محسوس ڪري، کلڻ ۽ مسڪرائڻ سکي ورتو. ڪلاڪن تائين اها پريڪٽس ڪندو رهيس. هن جي چوڻ مطابق ته مسڪرائڻ جا ۲۱ قسم آهن. اوهان مسڪرائي سلام ڪريو ٿا، اوهان مسڪرائي ٻين جي حوصلا افزائي ڪريو ٿا، اوهان مسڪرائي معذرت ڪريو ٿا، اوهان مسڪرائي شرمندگي جو اظهار ڪريو ٿا، اوهان مسڪرائي پنهنجي ڪاميابي جو اعلان ڪريو ٿا، اوهان مسڪرائي پنهنجي ناڪامي جو اعلان به ڪريو ٿا.
مون مسڪرائڻ جي ۲۱ قسمن تي، هڪ سال اندر عبور حاصل ڪيو.
جيئن ته آئون بيروزگار هئس انڪري روزانه شام جو جناح باغ ۾ واڪ ڪرڻ ويندو هئس. اتي هڪ گورو انگريز به واڪ ڪرڻ ايندو هو. روزانه هڪٻئي ڀرسان گذرڻ وقت ”سمائل پاس“ ڪندا هئاسون. مون هر جڳهه تي نوڪريءَ لاءِ درخواستون ڏنيون پر جواب. نه صرف انٽرويو کان، پر نوڪريءَ کان به جواب. ان دوران ڪجهه دوستن مشورو ڏنو؛ ”ٻاهر هليو وڃ! هتي تنهنجو روزگار نه آهي.“
ساٿين آمريڪا وڃڻ جو مشورو ڏنو،. چيائون؛ ”اتي بي شمار موقعا آهن.“
مون پٽ سٽ ڪري پاسپورٽ ٺهرايو. آمريڪي قونصل خاني وڃي قطار ۾ بيٺس. ويزا لاءِ اتي ماڻهن جي هڪ ڊگهي قطار لڳل هئي. جتي بيٺل ماڻهن جي هٿن ۾ بينڪ اسٽيٽمينٽ ۽ ڪاروبار جا ڪاغذ هئا، جڏهن ته ان قطار ۾ آئون واحد شخص هئس جنهن وٽ رڳو پاسپورٽ هو. منهنجي ڪاميابيءَ جو ذرو به امڪان نه هو. پر جڏهن دريءَ وٽ پهتس ته سامهون وارو منظر حيران ڪندڙ هو. ڇو جو سامهون ويٺل انگريز، اهو ئي هو جيڪو روزانه جناح باغ ۾ مون سان ”سمائل پاس“ ڪندو هو. هن وري اتي به مون کي ڏسي مسڪرايو. جواب ۾ مون به کيس مسڪراهٽ سان نوازيو. هن مون کي اشاري سان پاسپورٽ ڏيڻ جو چيو. مون کان پاسپورٽ وٺي، هڪ منٽ جي انتظار جو چئي، اندر ويو ۽ واپس اچي پاسپورٽ مون کي ڏنائين. جنهن کي کولي ڏٺم ته پنج سالن جي ويزا لڳل هئي.
جڏهن نيويارڪ ايئرپورٽ تي لٿس ته مون وٽ صرف ۱۰ ڊالر هئا. پهريون ڪم جيڪو مون کي مليو سو هو صفائي ڪرڻ جو. پوءِ هڪ فيڪٽري ۾ لوڊر جو ڪم مليو. آئون سؤ سؤ ڪارٽون ڪلهن تي کڻي ٽرڪ ۾ لوڊ ڪندو هئس. پوءِ آئون سيلزمين ٿيس. ائين مون ڪيمسٽ جي دڪان تي به نوڪري ڪئي. گهر گهر اخبارون پهچائڻ جو ڪم به ڪيو.
هر جڳهه تي منهنجي مسڪراهٽ منهنجي ڪم آئي. منهنجي مسڪراهٽ سبب، ننڍي وڏي ڪم ۾ آئون مڙني کان مٿي اهم حيثيت والاريندو هئس. اڳتي هلي مون پنهنجو ڪاروبار شروع ڪيو. اڄ ۲۰ سالن کانپوءِ، منهنجو شمار نيويارڪ جي امير ترين ايشيائي ماڻهن ۾ ٿئي ٿو. منهنجي ڪارگو ڪمپني آهي. مون وٽ پنهنجا ايترا جهاز آهن، جيترا پاڪستان وٽ به ناهن. ماڻهو گاڏين ۾ سفر ڪن ٿا ۽ آئون جهازن ۾.
هن چيو؛ ”يقين ڪريو ته آئون فون کڻڻ شرط، هيلو ڪرڻ کان پهرين، مسڪرائيندو آهيان ته ماڻهو کلندا آهن. حالانڪ آئون به ڄاڻان ٿو ته سامهون فون کڻڻ واري کي منهنجي مسڪراهٽ نظر نه ٿي اچي. پر جڏهن آئون ڳالهايان ٿو ته منهنجي آواز ۾ هڪ خوشگوار تاثر ۽ مٺاس ڀرجي اچي ٿو. يقينًا اهو منهنجو تاثر، اڳلي تائين ضرور پهچي ٿو. يقين ڪريو ته انسان کي مسڪراهٽ جي شڪل ۾ اهم صلاحيت سان نوازيو ويو آهي. هڪ اهڙي صلاحيت، جنهن سان اوهان پوري دنيا کي فتح ڪري سگهو ٿا. پر اسان مان کوڙ ماڻهو ان صلاحيت کي ڄاڻن ئي نه ٿا. اهي هن صلاحيت جي ڪمال کان واقف نه آهن. يقين ڪريو ته جي ماڻهن ۾ اها صلاحيت اچي وڃي ته دنيا انهن جي قدمن هيٺ هوندي.“

اچو ته هڪ ٻئي کي مسڪراهٽ جا گل آڇيون ۽ هن مارا ماري واري دور ۾ مسڪرائي چهري کي پر رونق ڪريون.

No comments:

Post a Comment