Friday, October 4, 2013

انوکي انٽرويو جو جاڳيل شوق - نعيم شيخ/دُبئي

انوکي انٽرويو جو جاڳيل شوق
نعيم شيخ/دُبئي
ڪجهه ڏينهن اڳ شوق ٿيو ته، ڪنهن جو انوکو انٽرويو ڪريان. تنھنڪري ڪئميرا ڳچيءَ ۾ وجهي، قلم ۽ ڊائري کڻي، گهران سنڌ جي مختلف ڳوٺن ڏانهن نڪري پيس. مختلف ننڍا وڏا ڳوٺ لتاڙيندو، اچي هڪ ڳوٺ ۾ پهتس.
ڳوٺ ٻاهران منهنجي نظر پئي وڃي هڪ خوبصورت ڇوڪريءَ تي، جنهن کي پوليس جي وردي پاتل هئي ۽ هوءَ کوهه تان پاڻي ڀري رهي هئي. آئون به پاڻي پيئڻ جي بهاني اچي کوهه ڀرسان پهتس. قطرينا ڪيف جهڙي قدآور، دپيڪا جهڙي سنهڙي ۽ ڪرينا ڪپور جهڙي چنچل ان خوبصورت ڇوڪريءَ کي نه هٿيار هجي ۽ نه وري مٿي تي پوليس واري ٽوپي. مون کي دال ۾ ڪجهه ڪارو لڳو. پڇيومانس؛ ”ميڊم سسپينڊ ٿيل آهيو ڇا؟“

وڏي معصوماڻي انداز ۾ مون ڏانهن نهاريندي چيائين؛ ”سسپينڊ ته بعد ۾ ٿينديس پهريان نوڪري ته ملي.“
مون به جھيڻي ۽ ڏوٻر لٿل آواز سان پڇيس؛ ”مطلب؟“
هاڻي ڪاوڙ واري انداز ۾ چيائين؛ ”مسٽر! تون آهين ڪير جو ايڏا سوال جواب ٿو ڪرين؟“
مون به همٿ ڪري چيو؛ ”ميڊم آئون اخبار جو نمائندو آهيان، ڪنهن انوکي ڪردار جو انٽرويو ڪرڻ لاءِ گهران نڪتو آهيان.“
اهو ٻڌي پنهنجي خوبصورت چهري تي هلڪي مسڪراهٽ آڻي پڇيائين؛ ”ڇا توهان منهنجو انٽرويو ڪندئو؟“
چيومانس؛ ”ضرور.“
بعد ۾ ٻئي وڻ هيٺان، ڇانو ۾ ويهي رهياسين ۽ انٽرويو جو سلسلو شروع ڪيوسين. مون چيس؛ ”ميڊم توهان جو نالو ڇا آهي؟“
”منهنجو نالو ايس ايس پي Miss Peace آهي.“
نالو ٻڌندي منهنجو مٿو چڪر کائڻ لڳو. دل چيو ته؛ ’وڻ سان ٽڪر هڻان!‘
پڇيومانس؛ ”توهان پوليس جي وردي ڇو ٿا پائي گهمو؟“
وراڻيائين؛ ”جڏهن ڌاڙيل، پوليس جي وردي پهري سگهن ٿا ته پوءِ عام ماڻهو ڇو نه؟“
هن جو اهڙو جواب وڻيو، جو سوچيم ڇوڪري ڳالهه ته صحيح ٿي ڪري.
پڇيومانس؛ ”توهان جي تعليم ڇا آهي؟“
چيائين؛ ”منهنجي گريجوئيشن ٿيل آهي.“
”اهو ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي ته هن ڳوٺ جا ماڻهو ڏاڍا شعور وارا آهن، خاص طور تي توهان جا والدين جن توهان کي گريجوئيشن تائين تعليم حاصل ڪرائي آهي؟“
ان جي جواب ۾ چيائين؛ ”باشعور وري آڱوٺو آهن. چور آهن چور. مون کي ننڍپڻ کان تعليم حاصل ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هو. سوچيم وڏي ٿي ايس ايس پي ٿينديس. پر پرائمري کان پوءِ، گهر وارن پابندي هڻي، گهر ۾ بند ڪري ڇڏيو. منهنجي گهڻي ضد کان پوءِ، بابا به اسيمبلي ميمبرن جيان، مون کي جعلي گريجوئيشن جي ڊگري آڻي ڏني. ڀلي ڪجهه اچي ڪو نٿو پر ڊگري ته آهي نه!“
”اهو ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو ته هن جديد دور ۾ به اسان جي سنڌ جي ڳوٺن اندر اڃا اهي ئي پراڻيون ريتون رسمون آهن. اڄ به عورتن سان عربن جي دور وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. مطلب هاڻي توهان ايس ايس پي نٿا ٿي سگهو؟“
چيائين؛ ”ڇو نٿي ٿي سگهان؟!؟! هاڻي ئي ته وارو مليو آهي!! ايس ايس پي ٿيڻ جو!!“
”ڪيئن ڀلا؟“
”اڄڪلهه اخبارون ڪو نه پڙهندو آهين ڇا؟ هاڻي ته ڪميشن جي امتحانن ۾ به ميرٽ جي لتاڙ ۽ سفارشي ڪلچر شروع ٿي ويو آهي. هاڻي ئي ته مون کي پنهنجون پراڻيون خواهشون پوريون ٿيندي نظر پيون اچن. بابا جي سڪيلڌي ڌيءُ آهيان، روزانو گهر ۾ ڪروڌ وڌو اٿم ته مون کي ايس ايس پي ٿيڻو آهي. منهنجو بابا هن ڳوٺ جو وڏيرو آهي، جنهن جي بابا حمايت ڪندو آهي اها ئي پارٽي هن تڪ تان اليڪشن کٽندي آهي. اڄڪلهه اسان جي تڪ تان کٽيل ايم پي اي صاحب، وزير صاحب بڻجي ويو آهي. جنهن ڪري هاڻي بابا شهر ويو آهي وزير صاحب سان ملڻ ته جيئن ڪميشن جو امتحان وٺندڙن تائين ڪا پهچ رسائي ڪري، کين مٺائي کارائي، منهنجي جاءِ تي ڪنهن ٻئي ڇوڪريءَ کان امتحان ڏيارائي، منهنجي نالي تي ايس ايس پي جو آفر ۽ اپوائنٽمينٽ ليٽر وٺي سگهي.“
اهو ٻڌي منهنجو وات پٽجي ويو. پڇيومانس؛ ”خير جڏهن توهان کي ايس ايس پي جو اپوائنٽمينٽ ليٽر ملندو ته سڀ کان پهريان توهان ڇا ڪندئو؟“
چيائين؛ ”آئون خوشيءَ وچان گهر ۾ جهمريون هڻنديس. سڄي ڳوٺ ۾ ڊوڙندي وتنديس.“
اهو ٻڌي مون کان کِل نڪري وئي.
چيومانس؛ ”ظاهر آهي خوشيءَ ۾ هر ڪو جهمريون ئي هڻندو آهي. پر توهان ڊيوٽي تي جوائننگ ڪري، پهرئين ڏينهن ڇا ڪندئو؟“
چيائين؛ ”چوڙيون پائي ڪرسيءَ تي گول گول ڦرنديس. بابا مون کي ايس ايس پي جو آرڊر ان شرط تي وٺي ٿو ڏئي ته جيئن آئون چوڙيون پائي آفيس ۾ ويٺي هجان. باقي جيئن بابا چوندو آئون ائين ڪنديس. جنهن سان پوليس به پنهنجي ته ڏوهاري به پنهنجا. ٿيندو ائين جيئن بابا چاهيندو!!“
وڏيري جي ڌيءَ جون ڳالهيون ٻڌي، منهنجا ته ترا لڳي ويا. آخر ۾ چيائين؛ ”منهنجي هڪڙي گذارش آهي، اچ ته چور پوليس کيڏئون!“
خوف وچان چيومانس؛ ”ميڊم! جيڪڏهن گهر پهچندي دير ٿي وئي ته منهنجي ميڊم، سوٽي کڻي مون سان نه چور پوليس کيڏي.“

اهو چئي اهڙي ڊوڙ وڌم جو گهر اچي ساهه پٽيم!

No comments:

Post a Comment