Sunday, October 6, 2013

نيڻ نشي ۾ - وفا اسلم شيخ

نيڻ نشي ۾
وفا اسلم شيخ
”يار وسيم اڄ هڪ زبردست خوشخبري آهي.“ ڪريم ڪمري ۾ ايندي چيو ۽ ويهي ريموٽ ڪنٽرول سان ٽي ويءَ جا چينل ڦيرائڻ لڳو ۽ مان اخبار پڙهي رهيو هيس. چيم؛
”خوشخبري تون روز ٻڌائيندو آن، سو مڙندين ته اڄ به ڪو نه.“
”پر اڄ واقعي خوشخبري آهي.“ ٽي ويءَ جو آواز گهٽ ڪري ڇڏيائين.
”ته پوءِ ٻڌاءِ کڻي.“
”يار سامهون وارو بنگلو هڪ فارورڊ فيمليءَ خريد ڪيو آهي. جنهن ۾ اسان وانگر ٽي چار ينگ ڇوڪريون به آهن،اصل وارا نيارا ٿي ويا.“

”وڏو ڪو پلستر آهين يار، اڃا ويچارا آيا مس آهن ۽ تون نظرون کڻي کپايون اٿائين.“
”پاڻ ته وڏو ڪو مسجد جو ڪک آهين.“ ويچارا ڪڍندي چيائين.
”گهٽ ۾ گهٽ انهن پوڙهي ۽ پوڙهيءَ مان ته جان ڇٽي. هاڻي ته مس بنگلي ۾ رونق ٿي آ. پيو روح ريجهندو. بوريت ته ختم ٿي.“
ڪريم کي سدائين ان بنگلي جي پهرئين فيمليءَ مان شڪايت هوندي هئي،جيڪا زال مڙس ۽ سندن جوان پٽ تي مشتمل هئي. اسان جي ڪمري مان کلندڙ ٻن درين مان انهن جي بنگلي جو اڱڻ،لان ۽ ڪمرن جون دريون نظر اينديون هيون، جيڪي سدائين بند هونديون هيون. بس رڳو اڱڻ ۾ يا لان ۾ ڪنهن مهل پوڙهو،پوڙهي ۽ نوجوان نظر ايندو هيو نه ته رڳو ويراني هوندي هئي پر بنگلو ڏاڍو خوبصورت هيو،حالانڪه ڪريم جو بنگلو به سٺو هيو پر رهندو اڪيلو هو. سندس فيملي اسلام آباد ۾ هيس ۽ والد ڪنهن وڏي عهدي تي فائز هيس. ڪريم هتي صرف پڙهائيءَ جي ڪري رهيل هيو ۽ ڪريم جي گهڻي اصرار تي مان هاسٽل تان شفٽ ٿي گذريل هڪ سال کان سندس بنگلي تي گڏ رهندو هيس.تڏهن کان سامهون واري بنگلي جي سدائين پيو سڪايت ڪندو هو پر اڄ سندس شڪايت ۽ بوريت ختم ٿي چڪي هئي سو دريون ۽ دروازا کولي ڇڏيائين ۽ چيائين،
”يار مان لان جي صفائي ٿو ڪيان تون ڪمري جي ڪري ڇڏجانءِ.“ چئي لان ۾ هليو ويو ۽ مان ڪمري جي صفائي ڪري درين جا پڙدا ۽ دريون صاف ڪيون.
ڪجھ ڏينهن کان پوءِ انهن پنهنجي نئين بنگلي جي خوشيِءَ ۾ دعوت جو احتمام ڪيو جنهن ۾ سڀني پاڙيسرن سان گڏ اسان کي به مدعو ڪيو ويو. پارٽي ڏاڍي شاندار قسم جي هئي جنهن ۾ ڪريم جي ڄاڻ سڃاڻ وارا ڪافي ماڻهون هئا. منهنجي ڪن ٿورن سان عليڪ سليڪ هئي انهن سان گپ شپ ۾ لڳي ويس ته هڪ صاحب اچي مليو ۽ چيائين؛
”پٽ ڪيئن لڳي اسان جي پارٽي.“
”تمام سٺي بلڪه شانائتي.“ مون سندس شڪريو ادا ڪندي چيو.
تڏهن ڪريم به اچي ويو ۽ چيائين؛ ”احمد صاحب هي منهنجو دوست وسيم،منهنجو ڪلاس فيلو آهي ۽ ڪهاڻيڪار پڻ.“ ۽ وري مون کي چيائين؛ ”وسيم هي احمد صاحب آهي جنهن جو ذڪر مان توسان پهريون ئي ڪري چڪو آهيان.“
تڏهن مون ٻيهر احمد صاحب جو شڪريو ادا ڪيو ته احمد صاحب چيو ته؛ ”يار ڪهاڻين پڙهڻ جو مون کي ڏاڍو شوق آهي سو ڪڏهن پنهنجون ڪهاڻيون پڙهايو نه.“
”ها ها ڇو نه اها به ڪا ڳالھ آهي. هونئن به اسان منجهند ۰۰.۳ وڳي کان پوِءِ بنگلي تي هوندا آهيون سو توهان کي جڏهن به ٽائيم ملي، ايندا ڪيو. ان بهاني ڪچهري به ٿيندي رهندي.“
وري ڪريم وچ ۾ ڳالهائيندي چيو؛ ”احمد صاحب مان چانھ ڏاڍي سٺي ٺاهيندو آهيان سو چانھ ته ضرور پيئڻ اچجو.“
احمد صاحب چيو؛ ”يار مان ته پيئندس پر گهر ڀاتين لاءِ به تو کان ٺهرائيندس.“
تڏهن سڀئي ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳاسين ۽ احمد صاحب اڳتي وڌي ويو. رات دير سان پارٽيءَ تان موٽياسين ان ڪري جلدي سمهڻ جي ڪئيسين پر ننڊ اڃا ڪو نه آئي هئي جو ڪريم ٻڌايو؛ ”يار احمد صاحب جي وچين ڌيءَ جيڏي خوبصورت آ تيڏي بدچلن آ.“
”ڇو اهو تون ڪيئن ٿو چئين ۽ ٻي ڳالھ ته تو کي خبر پئي ڪٿان.“
چيائين؛ ”پارٽيءَ ۾ هڪ دوست ٻڌايو، جيڪو پهريان کان ئي هنن کي سڃاڻندو آهي.“
”خير ڪنهن کي ائين نه چوڻ گهرجي.“
اٿي ويهي رهيو ۽ حيرت سان چيائين؛ ”يار هوءَ ڪلب اٽينڊ ڪندي آ، پرنس ڪلب.“
”ته پوءِ ڇا ٿي پيو؟ پاڻ ته چيو هيئي ته وڏي فارورڊ قسم جي فيملي آهي. سو انهن لاءِ ته اهو ڪو مسئلو ئي ناهي.“
”فارورڊ قسم جي فيملي آ، هون.“ منهن خراب ڪري چيائين ۽ اونڌو ٿي سمهي پيو.
ڪجھ ڏينهن کان پوءِ مان به پرنس ڪلب جوائن ڪيو، صرف ان ڇوڪريءَ جي ڪري. ڇو جو مان ڪافي چڪر ان کي دريءَ مان لان ۾ ته ڪڏهن سندس ڪمري جي دريءَ وٽ بيهندي ڏسي چڪو هيس ۽ سندس حسن جي اڳيان دل هاري ويٺو هيس.
اڄ منهجو پهريون ڏينهن هيو ڪلب ۾. هتي رات ڏينهن کان به وڌيڪ روشن هئي. چؤطرف خوشگوار ۽ لطيف خوشبوءِ ٻڏل، قيمتي لباسن ۾ ملبوس جسم موجود هئا. ڪنهن مهل هلڪي ته ڪنهن مهل تيز ميوزڪ هلي رهي هئي، جنهن تي ڪافي مرد ۽ عورتون هڪٻئي جي چيلھ ۾ هٿ وجهي ڊانس ڪري رهيا هيا ته ڪي وري ويهي ڳالهين جو مزو ماڻي رهيا هئا ته ڪي وري هڪٻئي کي پيئڻ ۽ پيئارڻ ۾ مست هئا. مان به هڪ پاسي خالي پيل ٽيبل جي چوڌاري رکيل ڪرسين مان هڪ تي ويهي رهيس، جنهن تي خالي برانڊي جي بوتل رکيل هئي. منهنجون نگاهون هن کي ڳولهي رهيون هيون. ڪلب ڪافي وڏو ۽ ڪشادو هيو. سڄو مردن ۽ عورتن سان ڀريو پيو هيو. ان هجوم ۾ مون کي نظر ڪو نه آئي. خبر تڏهن پئي ته هڪ دوشيزه منهنجي سامهون ڪرسيءَ تي اچي ويٺي. مان حيران ٿي ويس؛ ”هيءَ ته اها ئي آهي.“ ڏاڍي حسين لڳي رهي هئي. تيز بلو رنگ جا ڪپڙا پاتل هيس. ڳچيءَ ۾خوبصورت قسم جي مالها پيل هيس، جنهن سندس حسن ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو هيو. مان حيرانگيءَ مان، کيس ڏسي رهيو هيس ته هن ئي ڳالهايو؛ ”مان امبر آهيان، سڃاڻي ويا هوندئو.“
”جي ها سڃاتم ته سهي پر نالي جي اڄ خبر پئي آ.“
”پر مون کي اوهان جي نالي جي خبر آ. وسيم آهي نه اوهان جو نالو.“
”ها واقعي. ان جو مطلب ته اوهان ٻيو ڪجھ به گهڻو ڄاڻندا هوندئو.“
”نه صرف نالو ئي ڄاڻان ٿي پر هاڻي گهڻو ڪجھ ڄاڻي وٺبو، ڇو جو توهان به ڪلب جوائن ڪيو آ. ان ڪري پنهنجي دوستي ته هلندي رهندي.“ ۽ مون ڪنڌ سان، مسڪرائيندي ها ڪئي. تڏهن چيائين؛ ”اهڙي خوشگوار ماحول ۾ ماڻهوءَ ته اڪيلو قطعي نه ويهڻ گهرجي.“
”ڇا ڪجي ڪو ئي ساٿي جو ناهي.“ مون سندس نيڻن ۾ نهاريندي چيو.
چيائين؛ ”چئبو ته مون کي غير ٿا سمجهو.“
۽ پوءِ مون کي رقص جي درخواست ڪيائين جا مون سندس حسن جي نشي ۾ سرشار ٿي قبول ڪئي. جڏهن هرڻيءَ جهڙي چيلھ ۾ هٿ وجهي، هلڪي ميوزڪ تي ڊانس شروع ڪئي ته سڄي جسم جا وار اڀا ٿي ويا. مون مخمور لهجي ۾ چيو؛ ”اوهان ڊانس ڏاڍي سٺي ٿا ڪيو.“
”مهرباني مگر اوهان به ته ڪنهن کان گهٽ نه آهيو.“
”پر شايد اوهان کي خبر نه آهي ته هي فقط اوهان جي ئي حسين قرب جي ڪرامت آهي.“
”واقعي! مان ته اوهان جو هر لفظ سچ سمجهي رهي آهيان.“ مشڪندي چيائين.
”مان اوهان جي حسين مخمور نيڻن جو قسم کڻي ٿو چوان ته مان به سچ ٿو چوان.“ تڏهن اکيون اکين سان مليون ۽ پوءِ اکين ئي هڪٻئي کي جواب ڏنو.
منهنجو روز ڪلب اچڻ ۽ مس امبر سان ملڻ، دوستيءَ مان ڦري پيار جو رشتو بڻجي پيو. منهنجو نينهن ته هن سان اڳ ۾ ئي لڳل هيو پر هاڻي ان جون پاڙون پختيون ٿي پيون. روز هڪٻئي سان نه ملون ته چين ئي نه اچي. ايتري حد تائين جو هڪٻئي جي گهر اچڻ وڃڻ لڳاسين. احمد صاحب ته مون کي ڏاڍو مان ڏيندو هيو ۽ اڪثر اسان جي بنگلي تي اچي خوب ڪچهريون ڪندو هيو.
ڪجھ ڏينهن اڳ، امبر جي ئي گهر ادب جي موضوع تي بحث ٿيو، جنهن ۾ امبر به حصو ورتو. احمد صاحب ته ٿورو ڳالهائي هليو ويو، جو سندس هڪ مهمان اچي ويو. جڏهن ته امبر منهنجي هر نظرئي هر خيال کي باطل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪنهن حد تائين ڪامياب به وئي مگر مون نه مڃيو. منهنجا دلائل مون کي پنهنجي جاءِ تي وزني پئي محسوس ٿيا. مان ائبسٽريڪٽ آرٽ کي مڃڻ لاءِ تيار ئي نه ۽ هوءَ هن کي وڏو درجو ڏيڻ لاءِ تيار.
مان سمجهايومانس؛ ”جيڪڏهن چند ڦڏيون سڏيون بي معنيٰ لڪيرون ڪڍي ۽ انهن لاءِ ڪو دلڪش عنوان تجويز ڪيو وڃي ته ان جو مطلب هرگز اهو ناهي ته تصوير ڪنهن خوبيءَ جي حامل ٿي وئي. جيڪڏهن مٽڪي کي اونڌو بيهاري عنوان لکو ”محبت“ ته ان مان ڪهڙو هڙ حاصل.“
تڏهن امبر چيو؛ ”تجريدي آرٽ، بيشڪ خوبصورت غلافن چاڙهڻ جي خلاف آهي، پر هڪ آرٽسٽ ڪو به خيال، ڪا به ڳالھ، ڪو به جذبو ۽ ڪا به تخليق بغير ڪنهن وڌاءَ جي پيش ڪري ٿو. ڇا اها ان جي ديانتداري نه آهي.“
”مگر مس امبر نظم ۽ ضبط ته ضروري جزا آهن. پردھ پوشي به ته اهم آهي.“
”اها پردھ پوشي ڪهڙي ڪم جي؟ جذبن کي لڪائي فقط جسم جا خدوخال ظاهر ڪري، باقي اندر جو ڪو حال احوال ئي نه ڏي.“
”پوءِ ان کان ته ايڪسري ڀلي.“ مون طنز ڪئي.
”نه مڃڻ کي ته نَوَ ڪوٽ آهن.“ چيائين؛ ”توسان ته هونئين نه پڄي سگهندس. ان ڪري هاڻي هلو ته سي سائيڊ هلون. چانھ اتي ئي ٿا پيئون.“ پوءِ بحث کي ختم ڪري سي سائيڊ هليا وياسي.
هڪ ڏينهن اوچتو سندس شاديءَ جو هل اٿيو، امبر مون ڏانهن ڀڄندي آئي ۽ چيائين؛ ”هل ته سماج جي خلاف بغاوت ڪري ڪورٽ ميريئيج ڪريون.“
مان حيران ٿي ويس ته هي ڇا چئي رهي آهي؟ هن لاءِ ته ڄڻ ڪو مسئلو نه هجي. هئي جو ايڏي فارورڊ. پر پوءِ به ڳالھ ته اسان ٻنهي جي فائدي جي هئي. پر مان زبردستيءَ جو قائل نه هيس.
سمجهايومانس؛ ”نه امبر نه! اسان صرف پنهنجي انا جي خاطر، پنهنجي پيار جي خاطر، پنهنجي والدين کان بغاوت ڪريون؟ ڇا اهو اسان کي زيب ڏئي ٿو.“
حالانڪ ان وقت منهنجي دل به روئي رهي هئي. پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻي رهيو هيس. پر احمد صاحب جو ورتاءُ، عزت ۽ شفقت هر هر اکين آڏو پئي اچي. ان لاءِ پنهنجي پيار کي قربان ڪندي، امبر کان اقرار ورتم؛ ”ته پنهنجي والدين جي قدرن جي شناس رکي، انهن جي چوڻ تي هلي ۽ پنهنجي مڙس سان وفادار رهندينءَ.“
امبر حيرت، افسوس ۽ بي يقينيءَ جي انداز ۾ منهنجو ليڪچر ٻڌي رهي هئي ۽ مسلسل منهنجي اکين ۾ گهوري رهي هئي. جڏهن سندس زبان چري ته دل چيري وڌائين؛ ”وسيم مون کي خبر آ ته تون فرشتو آهين ۽ جيڪو ماحول تو اپنايو آ، اهو به صرف منهنجي ڪري ته پوءِ مان ڪيئن ٻئي سان ٿي وفادار رهان. نه مون کان ائين نه پڄندو مان گهڻي اڳتي وڌي چڪي آهيان. اهي نصيحتون پنهنجو پاڻ وٽ رک. مان ڪا ڳالھ نه ٻڌندس. تو کي منهنجو ساٿ ڏيڻو ئي پوندو. ان لاءِ کڻي ڇا به ٿي پوي. ورنه منهنجي ضد جي خبر اٿئي.تو کي ڪجھ ڪيان نه ڪيان پر پاڻ کي ختم ڪري ڇڏيندس.“ چئي هلي وئي.
مان بت بڻجي بيٺو رهيس. منهنجون سڀ ڳالهيون بيڪار ويون. سڄي رات تڙپڻ لڳس. ذهن الجهي پيو هو. هن جي ضد جي به خبر هئي ته انڪار تي ضرور ڪجھ ڪري وجهندي. آخر هن جي ضد ۽ پيار اڳيان، دل هاري ويٺس ۽ فيصلو ڪيم ته جيڪو ٿيندو ڏٺو ويندو.
ٻئي ڏينهن جڏهن اسان ملياسين ته ٻنهي جي چهرن تي مسڪراهٽ هئي ۽ اسان جا قدم ڪورٽ ڏانهن وڌڻ لڳا.

No comments:

Post a Comment