Wednesday, October 2, 2013

جُتي - احسان دانش

جُتي
احسان دانش
مونکي ڳوٺ جا اهي ڏينهن اڄ به ياد آهن، جڏهن ننڍڙي گوڏ ۽ گنجيءَ ۾ واهه تي تڙڳندو هوس، انهن ڏينهن ۾ باغن مان زيتون پٽي کائڻ ڪيڏو سٺو لڳندو هيو، انب جي وڻن جي ڏارن ۾ چتون ٻچا ڪندا هيا ۽ ٻار اهي ٻچا کڻي تاتي، انهن کي ٻوليون سيکاريندا هيا. ’مٺو پٽ پڪوڙو کائيندين.‘ مِٺن کي مرچ ۽ پڪوڙا کارائيندا هيا سين ۽ اسان دوست ڪڻڪ کي آڀو ڪري کائيندا هيا سين.
آسمان تي جھُڙ ڏسندا هيا سين ته سڀ ٻار هڪ آواز ۾ چوندا هيا سين ”الله سائين مينهن وساءِ، گوڏي جيڏي گپ ڪراءِ“ جڏهن وڏ ڦڙو مينهن وسي پوندو هيو ته دل ڏاڍو خوش ٿيندي هئي. سڀ ٻار هڪ خاص لئي ۾ چوندا هيا سين ”وس وس مينهڙا، ڏهه ڏهه ڏينهڙا“ ائين چوندي ڏاڍو مزو ايندو هيو.
ڪا شرارت ڪندو هيس ته بابو چوندو هيو ”اڙي وجھان موچڙي ۾ ڳن“، مونکي سندس اهو جملو ته بنهه سمجھ ۾ نه ايندو هيو پر پوءِ به ان جملي کان ڏاڍو ڊڄندو هيس.

اهو ڳوٺن ۾ عجب رومانس وارو دور هيو. وڏڙا مچ تي ڪچهري ڪندا هيا، سگھڙ هنر، ڳجھارت ۽ ڏور ڏئي محفل کي مچائيندا هيا، انهن ڪچهرين ۾ ٻڌل نڙ بيتن جي لئي اڄ به ڪنن ۾ گونجندي آهي. صوفي راڳ ويراڳ جون محفلون مچنديون هيون، مسجد ۾ ملان رکيو ٻانگ ڏيندو هيو ۽ مڪان ۾ موالي ٿاڌل جي گھرڙ گھوٽ ۾ لڳا پيا هوندا هئا. رات جو گھرن ۾ ڏيئا ٽمڪندا هيا ۽ اسان ٻار ڳوٺ جي اونداهين ڳلين ۾ لڪ لڪوٽي راند ڪندا هيا سين.
ڪڏهن ڪڏهن لڳندو آهي مان فطرت کان منهن موڙي ڇڏيو آهي، شايد تڏهن ئي ٿڌا ڪمرا به اندر جي گھُٽَ کي گھٽائي نه ٿا سگھن. ڳوٺ جا اهي کليل پڌر جتي شام ٿيندي ئي ڇڻڪار ۽ ڪڻهار ٿي ويندا هيا، مايون ڪچن ڪمرن ۽ دالانن مان پٺيءَ تي کٽون ڪڍي آڳر تي رکنديون هيون، کٽن تي ٽُڪ جون رليون وڇائبيون هيون، گڏهه جانڊهه ۾ وهندا هيا، مينهون مَنَهن ۾ رنڀنديون هيون، ڪاري آسمان ۾ ڪتيون ۽ ٽيڙو ڳولبا هيا، اڌ رات جو گدڙن جون اونايون ٻڌبيون هيون.......... اهو سڀ ڪجھ هاڻي ڄڻ هڪ خواب ٿو لڳي. مونکي ياد آهي، ڳوٺ جو صبح ڪڪڙ جي ٻانگ سان ٿيندو هيو. کير کي پير سمجھيو ويندو هيو، ۽ اهو کپائڻ گناهه برابر هيو. مايون گھر جي آڳرن تي ڏڌَ ولوڙينديون هيون، ٻار صبح شام مسجد ۾ سيپارو پڙهندا هيا. نوجوان ٻلهاڙو، ونجھ وٽي ۽ ملهه جي مقابلن ۾ مشغول هوندا هيا ۽ ٻار ٻاراڻين شرارتن ۾. مان به ڳوٺ جو هڪ اهڙو ئي ٻار هيس. اهي سڀ ڳالهيون اڄ به ياد اينديون آهن ته ڪجھ پلن لاءِ دل ئي دل ۾ ٻار ٿي ويندو آهيان، پر جلد ئي احساس ٿيندو آهي ته مان هاڻي ٻار نه رهيو آهيان، مان ته ٻارن جو پيءُ ٿي ويو آهيان. زندگي ڏاڍي مصروف ٿي وئي آهي، وقت طوفان وانگر گذرندو ٿو وڃي، منهنجي ڪار وقت جي ان طوفان ۾ ڪک وانگر سُرندي ۽ اڏندي ٿي هلي، شهر کان گھڻو ڏور اڪيلو ئي اڪيلو نڪري آيو آهيان، ڪڏهن ڪڏهن شهر مونکي ڪنهن اجگر وانگر لڳندو آهي، اجگر جيڪو مونکي هڪ ئي ڳيت سان ڳهي ويندو. سوچيان ٿو شهر جي هن شور کان ڳوٺ جا اهي پُر سُڪون ڏينهن سُٺا هيا.
امان مونکي ڄڻيندي مري وئي هئي، ڏاڏي جي جھولي ۾ مامتا جو مزو ايندو هيم. ڏاڏي گوڪل ديوَ جي ڳالهه ٻڌائيندي هئي ۽ ڳالهه ننڊ جي هنج ۾ وٺي ويندي هئي. اڄ به ڪڏهن ڪڏهن ننڊ مان اٿندي ڏاڏي جي اڻ پوري ڳالهه ٻڌڻ تي دل چوندي آهي، ديوَ شهزاديءَ کي پاڻ وٽ ڇو قيد ڪيو هو؟ شهزادو ست سمنڊ پار ڪري شهزاديءَ تائين ڪيئن پهتو هيو؟ هن جو ديو سان مقابلو ڪڏهن پورو ٿيندو؟ اڃا به سوچيندو آهيان. اڳي اها شهزادي مونکي پنهنجي ماءُ لڳندي هئي ۽ موت، گوڪل ديو...... ڪڏهن ڪڏهن مان پاڻ کي اهو شهزادو سمجھندو آهيان، لڳندو آهي اها شهزادي منهنجو نصيب آهي، جنهن تي گوڪل ديوَ جو قبضو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ننڊ ۽ جاڳ جو سَنڌو ختم ٿي ويندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن ساڀيائون سپنن جي لباس ۾ محسوس ٿينديون آهن، ڪڏهن ڪڏهن سچُ، سچ نه لڳندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن دردُ گوڪل ديو بڻجي ايندو آهي. مان پاڻ کي ديوَ جي پيرن هيٺان چيڀاٽجندو محسوس ڪندو آهيان. مان دانهون ڪندو آهيان رڙيون ڪندو آهيان پر منهنجو آواز ڪير به نه ٻڌندو آهي.
ننڍي لاءِ بابو منهنجو آواز ٻڌندو هيو، مان روئندو هيس ته ڳوڙها اگھندو هيو. مان پيار جي ڳراٺي پائڻ بابي کان سکيو هيو. بابو زبان جو سخت ۽ دل جو نرم هوندو هيو. اسڪول کان گسائڻ منهنجي لاءِ قيامت جو ڏينهن هوندو هيو. هن جو اهو چوڻ ئي ساهه سُڪائي ڇڏيندو هيو ته ”بيهه ته وجھان موچڙي ۾ ڳن“، مار موچڙو گھٽ ۽ دڙڪو دهمان گھڻو. مونکي انهن ئي دڙڪن ۽ پيار جي ڳراٺين زندگيءَ جي راهه تي هلڻ سيکاريو. بابو صبح جو اسڪول جي در تي ڇڏي ايندو هيو...... مونکي اڄ به ڳوٺ جو اهو اسڪول ياد ايندو آهي، جتي ماستر رحمت الله ٿوري چُڪ تي به ٻارن کي سنهي بُهه مان ڪڍي ڇڏيندو هيو، انهن ڏينهن ۾ سائين رحمت کي شاگرد پنهنجي لاءِ وڏو ڏمر سمجھندا هئا. سائين، بخشل لاءِ چوندو هيو:
”هي نڀاڳ جو ٽُڪر آ، هن جي مٿي ۾ بُهه ڀريل آ، ان ڪري نه سڌرندو، ڪُتي جو پڇ آهي، گڏهه جو دماغ اٿس.“
مان اهو پهاڪو پهريون دفعو سائين رحمت جي واتان ٻڌو هيو ته ”نڀاڳو ٻار پينگھي ۾ پڌرو......“ ۽ اهو پهاڪو اڪثر بخشل لاءِ چوندو هيو. بخشل جيڪو سائين رحمت لاءِ بخشو هيو، اهو هن وقت به جڏهن منهنجي خيال ۾ ايندو آهي ته کيس ڪلاس جي جھلي ڇڪيندي ئي محسوس ڪندو آهيان، بخشو جيڪو هاڻي غوثوءَ جي مڪان ۾ ڀنگ ڇاڻيندو آهي ۽ چوندو آهي ”سلفيءَ جي سوٽي ۾ جو سرور آهي، اهو دنيا جي ڪنهن شي ۾ ناهي.“
جڏهن به زندگي بي سرور ٿي ويندي آهي ته بخشوءَ جو اهو جملو ڏاڍو ياد ايندو آهي..... ياد ته گھڻيون ئي ڳالهيون اينديون آهن، جيڪي ڪجھ پلن لاءِ من کي ماضيءَ ۾ وڃائي ڇڏينديون آهن.... ننڍي لاءِ من ۾ ننڍيون ننڍيون خواهشون پيدا ٿينديون هيون. بابو هر خواهش پوري ڪندو هيو. ڳوٺ جا ٻار ڪاني سان ڦيٿو ڦيرائيندا هيا، مون وٽ ڦيٿو نه هوندو هيو. بابي کي ڦيٿي جو انگل ڪيو هيم، پهريان ته بابي ڇڙٻ ڏني هئي ”اڙي تون به رولو ڇورن وانگر منجھند ٽاڪ جو پيو ڦيٿو ڦيرائيندين؟“ پر پوءِ منهنجي ان واعدي تي ته ”شام جو ڪجھ دير گھر جي اڱڻ تي هلائيندس“ بابي ڦيٿو وٺي ڏنو هيو. ان پل لڳو هيم ڄڻ دنيا جي وڏي نعمت حاصل ٿي وئي هجي.
ننڍي لاءِ کان منهنجي پيرن جون تريون ڏاڍيون حساس هونديون هيون، تنهن ڪري ٻهراڙي ۾ رهندي به مان ڪڏهن تتل ڏينهن ۾ زمين تي پير نه رکي سگھندو هيس، پر اهو ڏينهن منهنجي زندگيءَ جو تلخ ڏينهن هيو، جڏهن سبق ڪَچو هجڻ ڪري سائين رحمت گرميءَ جي ڏينهن ۾ ڪلاس جي ٻاهران نٽهڻ اُس ۾ پيرين اگھاڙو بيهاري ڇڏيو هو، اهو منهنجي لاءِ جهنم جو ڏينهن هيو. ڏاڍو رنو هيس، ڏاڍو تڙپيو هيس...... پوءِ بابي به سائين رحمت سان گھٽ نه ڪئي هئي......
مونکي ننڍي لاءِ کان جتيون ۽ بوٽ وٺڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هيو. اسان ڳوٺ جا خوش ماڻهو هيا سين، بابي وٽ چڱي آباد ٻني هئي، مال متاع به ڪافي هيو، مان بابي جو اڪيلو ۽ سڪيلڌو پٽ، سو منهنجي ڪڏهن ڪائي فرمائش نه ٽري.
بابو چوندو هيو؛ ”پٽ تون رڳو دل لڳائي پڙهه، جيئن توکي آفيسر ٿيندي ڏسان ته منهنجون اکيون ٺرن.“
بابي جون اکيون ٺرڻ کان اڳ سندس اکيون بند ٿي ويون ۽ منهنجي حياتي دوزخ بڻجي وئي. ڪيئي ڏينهن خواب ۾ جڏهن سڏڪا ڀري روئندو هيس ته بابو پيار ڀري ڳراٺي پائي پرچائيندو هيو، مان سڏڪندي سُڏڪندي ڇرڪ ڀري اُٿي پوندو هيس. منهنجي زندگي بي ڇپر ٿي پئي هئي. منهنجي آفيسر ٿيڻ واري بابا جي خواهش کي پورو ڪرڻ لاءِ محنت ۽ پڙهائيءَ کي ئي زندگيءَ جو مقصد بڻايو.
مان آفيسر ته ٿي ويس پر آهستي آهستي ڳوٺ سان ناتو ڇڊو ٿيندو ويو، رڳو عيد براد تي ڳوٺ واري قبرستان ۾ فاتح پڙهڻ لاءِ ئي وڃڻ ٿيندو هيو. شهري زندگي ايترو ته مصروف ڪري ڇڏيو هو، جو ڳوٺ جون ڳليون ئي وسري ويون هيون. مونکي سڀ ڪجھ ملي ويو هو پر رتُ جي رشتن جي کوٽ جو هر وقت احساس ٿيندو هيو. ڏاڏيءَ جو هنج ۽ بابي جو پيار ڏاڍو ياد ايندو هيو. انهن ڏينهن ۾ منهنجي نيڻن ۾ عجيب خواب گھر ڪري ويهي رهيا هئا. ڪڏهن ڏسندو هيس ته ڌرتتيءَ ۾ نه ڄاڻ ڪهڙي ڏسا پريشانيءَ ۾ ڊوڙندو ٿو وڃان ۽ منهنجا پير اگھاڙا آهن. ڪڏهن باغ ۾ جاگنگ ڪندي اچانڪ پيرن تي نظر پوي ٿي ته جاگنگ شو غائب، ساڳيا اگھاڙا پير...... ائين ئي گھمندي گھمندي منهنجي پيرن مان جُتي گم ٿي وڃي ٿي. اڳي اهڙا خواب اندر ۾ عجيب بيچيني پيدا ڪري ويندا هئا.
اهو سڀ ڪجھ سوچيندي اڄ مان پاڻ کي ڏاڍو هلڪو محسوس ڪيان ٿو. اڪيلي سِر هن لانگ ڊرايئو ۾ مان ڄڻ ڪار جي بئڪ مرر ۾ پنهنجو سڄو ماضي ڏسي ورتو آهي، اهي ننڍيون ننڍيون خوشيون، درد ۽ وڇوڙا سڀ منهنجي سوچن ۾ تازا ٿي ويا آهن. ڪار ۾ ڪولنگ آهي پر ٻاهر شديد گرمي. سانوڻ جي اهڙن ئي ٽاڪ منجھند وارن ڏينهن ۾ جَھلي هيٺان ويهي گذاريل پل ياد ٿا اچن. مونکان ڪجھ به ناهي وسريو. فرق رڳو اهو آهي ته ڪالهه مان ڪاني سان سائيڪل جو ڦيٿو ڦيرائيندو هيس ۽ اڄ ڪار جو.
يادن جي جھنگ مان نڪري شهر ۾ اچي ويو آهيان، ياد آيو ته بڪ اسٽور تان ٻارن جا ڪتاب وٺڻا آهن. ڪار مان ٻاهر نڪتو آهيان پر ڄڻ جهنم جي هوا وڪوڙي وئي آهي، قيامت جي گرمي آهي. ڪتاب وٺي موٽڻ ۾ دير نه ڪئي آهي، ڪار کي رمورٽ سان ان لاڪ ڪري ڊور کوليو آهي ته هڪ ٻالڪ منهنجي اڳيان هٿ ڊگھو ڪري چيو آهي.
”صاحب الله جي نالي تي؟“
هو ايڏو ميرو ۽ گدلو نه ٿو لڳي جيڏا گداگرن جا ٻار هوندا آهن. دل چاهي ٿي جلدي ڪار ۾ ويهي رهان، پر هن جي سهڻي صورت ۽ معصوم آواز ڄمائي ڇڏيو آهي.
”صاحب ڪتابَ وٺندس.“
”تون پڙهندو آهين؟“ امالڪ سوال ڪيانس ٿو.
”ها صاحب“
مان پينٽ جي بئڪ پاڪيٽ مان بٽو ڪڍي پڇانس ٿو ”گھڻين جا ڪتاب وٺندين؟“
”صاحب پنجاهه رپين جا“
”بس ..... تنهنجا ڪتاب ايڏا سستا آهن؟“
”ها صاحب“
مان سندس هٿ تريءَ تي سؤ جو نوٽ رکي چوانس ٿو.
”ٻڌ پٽ، ڪتاب ئي وٺجانءِ، پڙهڻ سُٺي ڳالهه آهي.“
هن جون اکيون ڀرجي آيون آهن ”صاحب ڪوڙ ڇو ڳالهيان، مان پڙهندو نه آهيان.“
”ان جو مطلب تون ڪتاب نه وٺندين؟“
”نه سائين“
”ته پوءِ؟“
”سائين جُتي وٺندس.“
مان هن جي پيرن ڏي ڏسان ٿو جيڪي ڏامر جي تتل روڊ تي ڄميل آهن.

No comments:

Post a Comment