Wednesday, October 2, 2013

اڻٽيهين اونداهه - احسان دانش

اڻٽيهين اونداهه
احسان دانش
”امان ڏاڍي بک لڳي آ“. ننڍڙي سارنگ جي التجا.
”ها پٽ ٻوڙ پچي ٿو“. ماڻهس جو اداس لهجو.
”منجھند کان اهو ئي ٿي چوين ته ٻوڙ پچي ٿو، هاڻي ته رات ٿي وئي آ!“
ماڻهس رَئي جي ڪنڊ سان آليون اکيون اگھندي خاموش.
”امان........ او امان!“
”....................“
”امان ڇا پچايو اٿئي؟“
”هان......... دال“.

”مان دال نه کائيندس............ تون جو چيو ٻوڙ ٿو پچي، مونکي رَسُ ۽ ٻوٽيءَ وارو ٻوڙ کپي“.
سوچي ٿي چئي نه ٿي سگھي ”وس پڄي ته پنهنجون ٻوٽيون پٽي رڌي ڏيانءِ......... ڪيئين ٻڌايانءِ ته ديگڙيءَ ۾ رڳو پاڻي ٿو ٽچڪي.......... تون منهنجي درد کي نه ٿو سمجھي سگھين منهنجا ٻچا! هيروئن جي زهر رڳو تنهنجي پيءُ کي موت جي کڏ ۾ نه ڪيرايو، پر منهنجي زندگي به زهر ڪري ڇڏي...... عورت ذات آخر ڪيسيتائين درد در جا ڌڪا کائيندي....... کائڻ لاءِ ٻن ويلن جي ماني کپي پر مون لاءِ سڀ در بند آهن........ تنهنجو پيءُ مونکي ايڊز جو اهڙو مرض ڏئي ويو آهي، جنهن مونکي ماڻهن جي دنيا مان ڪڍي ڦٽي ڪيو آهي...... مون لاءِ سڀني جي نظرن ۾ نفرت آهي........... مان اهو سڀ ڪجھ توکي نه ٿي سمجھائي سگھان منهنجا پٽ...... تون اڃا ڇهن سالن جو ٻارڙو ئي ته آهين........ ۽ مان شايد ڇهن مهينن جي مهمان......“
”امان ٻوڙ ڏي نه....؟“
”ها! پٽ مان ڏسي ٿي اچان، بس ٿيڻ وارو هوندو“.
رڌڻي ۾ وڃي ديگڙيءَ جو ڍڪُ لاهي ٿي، رڳو ٻاڦ....... ۽ ٽچڪندڙ پاڻي.... ديگڙيءَ جي ڍڪ مان ٻاڦ جي پاڻيءَ جا ٽيپا ائين ٿا ڪرن جيئن سندس نيڻن مان لڙڪ......... ها لڙڪ جيڪي درد جي ٻاڦ مان ٺهندا آهن........ دل چويس ٿي هيانءُ ڦاڙي روئي، دانهون ڪري، پر ڪجھ ڪري نه ٿي سگھي....... موٽي اچي سارنگ کي هنج ۾ ويهاري مٺيون ٿي ڏيس.
”امان هاڻي اسان کي الله جي نالي تي ماني ڇو نه ٿا ڏين!؟“
”پٽ هاڻي اسان پنهنجي ماني پچائيندا سين“. دل تي پٿر رکي چوي ٿي.
”امان اٽو وٺي آئي آن؟“ سارنگ جو معصوم سوال.
”ها منهنجا ٻچا!“
”پو ماني پچاءِ نه.......“
”بس رڳو ديڳڙي لاهيان پوءِ ماني ۾ ڪهڙي دير.....“ ماڻهس جي بيوسيءَ تي ٽهڪ ڏيندڙ جملو....... ۽ پو ٿوري خاموشي.
خاموشيءَ کي ٽوڙن ٿا سارنگ جا لفظ ”امان هو منهنجو دوست آهي نه وسيم، اهو پيو چوي ته تنهنجي ماءُ به تنهنجي پيءُ وانگر جلدي مري ويندي.... ها امان!؟“
سارنگ جا لفظ ماڻهس جو هيانءُ وڍي ٿا ڇڏين. اندر مان اڀرندڙ سُڏڪي کي گھٽيندي چوي ٿي ”تون ان سان نه گھمندو ڪر...... ڪوڙ ٿو ڳالهائي“.
”امان بابا هيروئن ڇو پيئندو هو؟“
سوچي ٿي ڇا چوي ”اڙي دال ۾ لوڻ وجھڻ وسري ويو، تون ويھ مان وجھي اچان“.
”امان جلدي اچ مونکي ننڊ ٿي اچي.“
ڪمري مان ٻاهر اڱڻ ۾ وڃي ٿي جتي اڻٽيهين اونداهي آهي، ڪو ڏيئو، ڪو ڪرڻو ڪونهي....... اها اونداهي رات هن کي بلڪل پنهنجي زندگيءَ وانگر ٿي لڳي. هن جي هٿن مان اميد جا سارا ڏيئا اجھامي چڪا آهن......... ٻوڏ رڳو سندس ڳوٺ کي ئي نه ٻوڙيو هو پر سندس مائٽن کي به لوڙهيو هيو....... مال ۾ مرض ۽ ماڻهن ۾ وبا ڄڻ اڏوهيءَ ٿي لڳي هئي، جنهن ڪجھ نه بچايو هو. هيءَ بچي هئي شايد دُکَ جي طويل رات ڪاٽڻ لاءِ. مڙسهنس کي ٻه ٻارا زمين جا پيٽ گذر لاءِ ڪافي هيا، پر هن کي شهر جو شور پسند هيو...... ۽ شهر ئي کيس زهر ڏنو.
ڀنل نيڻ کڻي اونداهي آسمان ڏانهن ڏسي ٿي. لڳيس ٿو ڄڻ ڌرتيءَ کان آسمان تائين سندس درد کي سمجھڻ وارو ڪوبه نه آهي....... سوچي ٿي ”مان نه هونديس ته سارنگ جو ڇا ٿيندو..... هو ڪنهن جي سهاري جيئندو...... هن ننڍڙي شهر ۾ جتي هر ڪو هڪ ٻئي کي سڃاڻي ٿو، اتي مونکان پوءِ نفرت ۽ بڇان جي باهه سارنگ کي جيئڻ ڏيندي.......! بک ۽ لاوارثي هن کي پينو ۽ هيروئني ته نه بڻائي ڇڏيندي.........! هو به ته پيءُ جي کوٽيل کڏ ۾ نه ڪرندو!!“ هوءَ سوچي ٿي......... کيس اچانڪ زندگيءَ کان تڪڙي آجپي جو خيال ٿو اچي. ” خودڪُشي......... ها! درياهه ۾ ٽپو.... سارنگ سوڌو.“ پر اهو سوچندي پل ۾ تڙپي پوي ٿي...... ”مان ائين نه ٿي ڪري سگھان..... مان ائين ڪيئن ڪنديس....! سارنگ کي جيئڻو آهي، مان ان کي موت جي ننڊ نه ٿي سمهاري سگھان........ ان جو ڪهڙو ڏوهه آهي“.
”پوءِ ڪنهن جو ڏوهه آهي...؟“ ڄڻ سندس اندر ۾ ڪو آهي جو کانئس پڇي ٿو. ”ماڻهن جو يا ماڻهن کي پيدا ڪندڙ جو.....؟!“ سوال سندس اندر جي ڪُن ۾ ئي ڦيراٽيون ڏئي ٻڏي ٿو وڃي. سوچي ٿي ”سارنگ کي جيئارڻ لاءِ ماني کپي، ٻوڙ کپي........ هو منجهند کان بکيو آهي، پر شهر ۾ هڙتال آهي ۽ هن لاءِ ماڻهن جي نظرن ۾ ڌڪار آهي...... ڪاڏي وڃي، ڪنهن کان ماني پني......! ڪير آهي جو سندس صدا تي در کوليندو. کيس ڪجھ سمجھ ۾ نه ٿو اچي....... ڪمري ۾ اندر اچي ٿي، جتي ننڍڙو ڏيئو ٻري ٿو. سارنگ جا نيڻ ٻوٽيل آهن...... هوءَ ڪو به کڙڪو نه ٿي ڪرڻ چاهي، ڇو ته کڙڪي تي سارنگ اُٿي پوندو ۽ وري کيس چوندو ”امان ڏاڍي بک لڳي آهي.........“

No comments:

Post a Comment