Sunday, October 6, 2013

جي جيءَ کي جيئارين - وفا اسلم شيخ

جي جيءَ کي جيئارين
وفا اسلم شيخ
مان ڊاڪٽر روزينه کي گهر تائين ڇڏڻ آيس ڪنڌ جهڪيل ۽ چهري تي سوچ جون ريکائون چٽيون هيس، مون کان ڪجھ لڪائي رهي هئي. صوفيه جن جي فيملي ڊاڪٽر آ. پهر بي پهر نياپو مليس ته هڪدم هلي ايندي آهي، هن منهنجي ڪلهي تي هٿ رکيو ۽ چيائين؛ ”پريشان ٿيڻ جي ڪا ڳالھ ناهي سڀ ڪجھ ٺيڪ ٿي ويندو.“
سندس لهجي ۾ مايوسي هئي سمجهي ويس ته هوءَ صرف دلاسو ڏئي رهي آهي، ڪار ۾ ويهندي چيائين؛ ”اڄ رات منهنجي ڊيوٽي ناهي گهر ۾ هونديس جنهن وقت به صوفيه کي تڪليف ٿئي هڪدم فون ڪجانءِ.“

ڊاڪٽر روزينه وڃي چڪي هئي. مون محسوس ڪيو ته صوفيه اڄوڪي رات ڪڍي نه سگهندي. موت اڳيان زندگيءَ جي بازي هارائي ويندي. صوفيه تي غشي طاري هئي نڪ جون ناسون ٿوريون ڦنڊجي ويون هيس ۽ سندس چپ هڪٻئي کان ڌار، سيني ۾ ساھ ڌوڻيءَ وانگر هلي رهيو هيس. اڄ هوءَ پنهنجي زندگيءَ جا راز، تڪليفون ۽ ڏک پاڻ سان کڻي وڃي رهي هئي. مان ته ڦٿڪي پيس. موت مون کي پنهنجي اوسي پاسي محسوس ٿيو. مان سندس کٽ جي ڀرسان ويهي رهيس ۽ سوچيندو رهيس ته اڄ رات صوفيه مون کي هن دنيا ۾ اڪيلو ڪري ويندي. پيار ۾ ٿيل واعدا پنهنجي معنيٰ وڃائي ويهندا، بيپناھ پيار ۽ پاٻوھ مان سندس ڇهاءُ محسوس ڪري نه سگهندس.
مان ٽڪ ٻڌي صوفيه ڏانهن ڏسندو رهيس، ساڻس گهاريل گهڙيون مون کي وڍ ڏئي رهيون هيون. حد کان وڌيڪ سونهن رکندڙ صوفيه جڏهن پهريون دفعو آئي هئي ۽ چيو هئائين؛ ”اسان جي فليٽ جي ٽانڪيءَ ۾ پاڻي ختم ٿي ويو آهي جيڪڏهن توهان وٽ آهي ته هڪ ٻه بالٽي گهرجي.“
”جي بلڪل، توهان جيترو چاهيو کڻي سگهو ٿا.“
مان حيران به هيس ته خوش به، شڪر ٿيو ته ڪجھ سلسلو اڳتي چريو. هونءَ ته مان سدائين هن کي ايندي ويندي ڏٺو هيو، ڪيترا ڀيرا ته هڪٻئي جي آمهون سامهون به ٿيا هئاسين پر پاڻ ۾ ڳالهايو نه هيوسي. حالانڪ ما محسوس ڪندو هيس ته هوءَ به سمجهي وئي آهي ته مان هن ۾ دلچسپي ٿو وٺان. صوفيه جي ماءَ سيڪندري اسڪول جي هيڊ ماسترياڻي هئي، سندس ٻه ننڍا ڀيڻ ڀاءَ جيڪي مڊل ڪلاس جي اسڪول ۾ پڙهي رهيا هيا. سندس والد وفات ڪري چڪو هيو ۽ صوفيه پاڻ هڪ اداري ۾ ڪم ڪندي هئي.
ڪافي وقت هڪٻئي جي آمهون سامهون رهندي ماڻهوءَ کي هڪ ٻئي جي چال چلت جي خبر پئجي ويندي آهي. صوفيه جن کي به منهنجي خبر هئي ته رهي ته بيچلر ٿو پر هنن کي مون کان ڪڏهن ڪا شڪايت نه ٿي هئي. جنهن ڪري آهستي آهستي صوفيه وارن سان منهنجي بيتڪلفي ختم ٿيندي وئي. مون کي اڪثر ٿڌي پاڻيءَ جي ضرورت پوندي هئي جيڪا هنن کان پوري ٿي ويندي هئي. صوفيه جي ماءُ مسز شهناز کي آنٽي سڏيندو هيس. هڪ ڏينهن مٿي ۾ ڏاڍو سور ٿي پيو جنهن ڪري ڪاليج به وڃي نه سگهيس. فليٽ جو دروازو کليو پيو هيو، مان فليٽ ۾ موجود هوندو هيس ته اڪثر در کليو رکندو هيس. آنٽي شهناز آئي ستل ڏٺائين ته آواز ڏنائين؛ ”فراز ڇا ٿيو اڃا ڪاليج نه ويو آهين ڇا؟ هن مهل تائين دروازو کليو پيو آ.“
مان جلدي اٿي ويهي رهيس؛ ”ها آنٽي اڄ ڏاڍو مٿي ۾ سور آ ان ڪري سمهيو پيو آهيان.“
”پوءِ توهان گوري کاڌي آهي. نه ته مون وٽ موجود آهن.“
”نه آنٽي ان جي ضرورت نه آهي،ٿورو آرام ڪرڻ سان لهي ويندو.“
”ڪو نه ٿو لهي ائين. مان صوفيه کي چوندي ٿي وڃان توهان کي گوري ڏئي ويندي، کائي ڇڏجو ۽ ها مان واپسيءَ تي توهان کان پڇا ڪنديس.“
چئي آنٽي هلي وئي. مون کي ڏاڍو پنهنجائپ جو احساس ٿيو. دل ئي دل ۾ سندس شڪريو ادا ڪيو. ڪجھ وقت ۾ صوفيه آئي، ٻه ڪوپ چانھ جا ۽ پونسٽان جي گوري کڻي. ويهندي چيائين؛ ”پهرين گوري کائو ۽ پوءِ چانھ پيئو.“
چانھ جو ڪوپ پنهنجي ڀرسان رکي گوري پاڻيءَ سان ڳهي چيم؛ ”توهان جي وڏي مهرباني.“
”ان ۾ مهربانيءَ جي ڪهڙي ڳالھ آ، اهي ته ننڍا ننڍا مسئلا ٿيندا رهندا آهن.“
”پر پوءِ به ڪجھ ته شڪريو ادا ڪرڻ گهرجي.“
”هرو ڀرو ضرورت نه هوندي آهي.“ چيائين؛ ”اهي روايتي جملا آهن. ٿوري ٿوري ڳالهين تي ماڻهن کان ادا ٿي وڃن ٿا.“
”ڏاڍا هوشيار آهيو، توهان ته فلسفو ٿا ڳالهايو.“ چانھ جو ڍڪ ڀرڻ کان پوءِ چيم.
”ڇا مطلب آ توهان جو، توهان سمجهو ٿا ته ........ ؟“
”نه نه منهنجو مقصد آ توهان ته ڏاڍيون سٺيون ٿا ڳالهيون ڪريو.“ هٿ جي اشاري کي نه ڪري چيم. تڏهن صوفيه مسڪرائڻ لڳي. سندس مسڪراهٽ ڏسي، منهنجو ته مٿي جو سور ئي ويندو رهيو. تڏهن اوچتو خيال آيو. پڇيم؛ ”توهان ڀلا آفيس نه ويا آهيو. ڇو؟“
”ٻن ڏينهن جي موڪل ورتي اٿم.“
”ڪو خاص سبب.“
”بس ٿڪاوٽ جي ڪري، سوچيم ته ڪجھ ريسٽ ڪيان.“
”ٿڪاوٽ جي ڪري موڪل.واھ! توهان ته آفيسر آهيو ٻيو وري ڇا.“
تڏهن وري منهنجي مٿي جو سور ياد پيس ۽ ٿوري تيز لهجي ۾ چيائين؛ ”چڱو ڇڏيو انهن ڳالهين کي، توهان کي آرام ناهي ڇا ڪرڻو. منجهند جو امي به اچي ويندي پوءِ ان سان ويهي حوال ڪجانءِ.“
ويندي ويندي چيائين،”دروازو لاڪ ڪري ڇڏجو.“
پوءِ دروازو پاڻ ئي زور سان بند ڪري هلي وئي.
هاڻي ته انهن سان ايترو ملي جلي ويس جو انهن جو هڪ فرد بڻجي پيس.انهن وٽ اچڻ وڃڻ، کائڻ پيئڻ مطلب ته ڪو حجاب نه رهيو. صوفيه ۽ مان هڪٻئي جي تمام ويجهو ٿي وياسي. هڪٻئي جي اکين ۾ لڪيل محبت هڪٻئي جي دلين تائين پهچائي ڇڏيسين.
هڪ ڏينهن آنٽيءَ سميت صوفيه سان سمنڊ تي آيس. جهڙالي موسم ۾ سمنڊ جو نظارو ڏاڍو دلڪش لڳي رهيو هيو. آنٽي ٻارن کي کيڏائڻ ۾ پوري هئي جڏهن ته صوفيه ۽ مان گهڻو پري نڪري آياسي ۽ هٿ سان آنٽيءَ کي اشارا به ڪيون پيا ته اتي ئي ٿا پيا ڦرون. اسين هڪ وڏي پٿر تي ويهي رهياسي. سمنڊ جون لهرون پٿر سان ٽڪرائجي واپس پيون وڃن ۽ انهن جون ڦينگون اسان کي راحت پيون بخشين، صوفيه کان ڳالهين ئي ڳالهين ۾ پڇيم؛ ”هاڻي اڳتي ڇا خيال آ منهنجو مطلب آ ته فيوچر جي باري ۾.....“
”سمجهان ٿي، شاديءَ جي باري ۾ ٿو چوين نه.“ منهن سمنڊ طرف ڪري چيائين ۽ ڪنهن وشال سوچ ۾ گم ٿي وئي.
”ها، ڇا ان ڳالھ جي ضرورت ناهي.“ مون پنهنجو هٿ هن جي هٿ مٿان رکي ڇڏيو.
”پر ڇا اهو ضروري آ ته جنهن سان محبت ٿئي ته شادي به ان سان ئي ٿئي.“
”ضروري ته ناهي پر جيڪڏهن ٻه دليون راضي هجن ۽ ڪنهن حد تائين انڊر اسٽيندنگ به هجي ته آخر حرج ئي ڪهڙو آ.“
”حرج ته ناهي پر به ............“ سندس هٿ جو زور منهنجي هٿ تي وڌي ويو.
”پر وري ڇا، ڇا تو کي انڪار آهي؟“
”انڪار ته ناهي پر في الحال ان مسئلي تي سوچڻ ئي نه ٿي چاهيان.“
”ڇا ڀلا سائينءَ جن جي ٻي ڪنهن تي نظر آ.“ مون ويجهو ٿيندي مذاق جو تير اڇلايو.
”اچي وئين نه پنهنجي اصليت تي. اهڙي هڻاءِ مڪ جو ياد ڪرين.“ نڪ کي موڙو ڏئي ۽ مڪ اولاريندي چيائين.
”هڻو هڻو چڱائيءَ جو وقت ئي ناهي.“
”ڪونه ٿي گهرجي اهڙي چڱائي.“ منهن ئي ڦيري ڇڏيائين.
ايتري ۾ آنٽي به ٻارن سميت اچي پهتي. ٻارن کي مڪائي سنگ هيا جيڪي سخت هوندي به زوريءَ کائي رهيا هيا. سج پنهنجا پويان پير ڪيا، سج جي ڳاڙهاڻ سمنڊ سان ملي ڏاڍو دلڪش منظر ٿي پيش ڪيو. اٿڻ تي دل ئي نه پئي چوي پر آنٽيءَ جي اسرار تي واپس ٿيا سين.
آخر اها منحوس گهڙي به اچي ويئي جو هڪ ڏينهن سندس ڇاتيءَ ۾ سور پيو ۽ ان سان گڏ کنگھ به شديد حملو ڪيس. پر ان جي باوجود به اسٽور تان عام سيرپ گهرائي ورتائين، حالانڪ ڊاڪٽر روزينه آنٽيءَ جي ڪلاس فيلو رهي چڪي آ ايتري واقفيت هوندي به الائي ڇو چيڪ اپ ڪرائڻ کان لنوائيندي هئي. اهو چئي ڇڏيندي هئي؛ ”معمولي سور آ پاڻ ئي لهي ويندو آ.“
پر ان کان پوءِ اڪثر تيز يا هلڪو سور ۽ کنگھ به ٿيندي رهندي هيس.
مون کان رهيو نه ٿيو چيومانس؛ ”صوفيه آخر هي ڇا هي، چيڪ اپ ڪرائڻ ۾ آخر حرج ئي ڪهڙو آ.“
”چوان ته اٿي اهڙي ڪا ئي ڳالھ ناهي رڳو چيڪ اپ چيڪ اپ لائي ڏنو اٿو.“ چڙ کائيندي چيائين.
”باقي درد شدت اختيار ڪري وڃي پوءِ ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ گهرجي، ائين نه.“ مان بدستور ڪاوڙ جو اظهار ڪندو رهيس؛ ”ڏس صوفيه تو کي آنٽي ۽ هنن ننڍن ٻارن جو به خيال نه ٿو ٿئي.“
”پر فراز مون کي ايتري تڪليف ئي ناهي ته ..........“
”تڪليف هجي يا نه، بس سڀاڻي هلنداسين ڊاڪٽر ڏي.“
”چئبو ته نه مڙندين.“
”اصلي نه.“ ٻانهن کي ڇنڊي هلي وئي ٻئي روم ۾. ان وقت جگنو ۽ مان هڪٻئي سان تاڙو ملايو ۽ فتح جو اعلان ڪيو ته آنٽي ۽ ننڍڙي آسيه به کلڻ لڳيون.
ٻئي ڏينهن صوفيه ۽ مان ڊاڪٽر روزينه ڏي آياسي جنهن چيڪ اپ ڪري خدشو ظاهر ڪيو؛ ”ٿي سگهي ٿو ته ڇاتيءَ جو ڪينسر هجي. خدا ڪري ته منهنجو خدشو غلط نڪري پر پوءِ به ڪجھ رپوٽون ڪرائڻ ضروري آهن.“
مان اهڙي انڪشاف تي ڇرڪي پيس. صوفيه کي وٺي اسپتال ڪينسر وارڊ ڏي آيس جتي سندس ضروري رپوٽون ڪرايون. جڏهن رپوٽون پازيٽو آيون ته منهنجو ظاهر ۽ باطن ڪنبي ويو. مان پنهنجو پاڻ کي ڪنهن اونهي کاهيءَ ۾ ڪرندو محسوس ڪيو. صوفيه سان گڏ منهنجي اکين جا بند به ڀڄي پيا. گهر تائين خاموش آياسين. نه هن ڳالهايو نه وري مون. فليٽ جي در ٻاهران بيهندي چيائين؛ ”اميءَ کي ان صورتحال جي خبر نه پوي.“
”آخر ڪيستائين.“ مون چيو.
”جيستائين ٿي سگهي.“ آنٽيءَ جي سامهون ايندي اهڙي ته فنڪارانه انداز ۾ چيائين؛ ”امي ڏٺو ڪا خاص ڳالھ نه هئي بس ٿورو کنگھ جو اثر آ جيڪو به دوائن جي ذريعي آهستي آهستي ختم ٿي ويندو.“
منهنجو اندر ڇڄي پيو ڄڻ دل جنڊ جي ٻن پڙن ۾ چچرجي پئي. کليل دريءَ مان آسمان ڏانهن نهاريندي دل ۾ ئي چيم؛ ”اي منهنجا رب تو کان وڌيڪ ڪو ٻيو طبيب نه آهي. تون ئي هن کي شفا ڏجانءِ.“
ان کان پوءِ اڪثر صوفيه کي مون پاڇولن ۾ روئيندي ڏٺو ۽ اهو محسوس ڪيو ته پنهنجي لاءِ نه پر پنهنجي ڀاءُ ڀيڻ ۽ ماءُ جي لاءِ وڌيڪ روئيندي هئي.
هڪ ڏينهن چيائين؛ ”اڄ آفيس اچجانءِ! اتان سمنڊ تي هلنداسين.“
اها شام اسين ڪيتري دير تائين سمنڊ ڪناري آلي واريءَ تي هلندا رهياسي. سمنڊ جي وير کي چڙهندي ۽ لهندي ڏسندا رهياسي. اسان پاڻ ۾ اڃان ڪجھ نه ڳالهايو هو. خاموش رهي ڄڻ سمنڊ جي ٻولي سمجهڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. انيڪ ڇوليون اسان جي پيرن کي ڇهي موٽي ويون. تڏهن صوفيه چيو؛ ”منهنجي ڀاءُ ڀيڻ ۽ اميءَ جي پارت اٿئي.“
سندس اکڙين ۾ پاڻي تري آيو.
”هي تون ڇا چئي رهين آهين، ڪهڙيون ڳالهيون ٿي ڪرين دنيا الائي ڪٿي پهتي آهي. ڪينسر ايڏو وڏو مسئلو نه رهيو آهي. علاج تنهنجو هلي رهيو آهي ۽ تون پاڻ ايڏي بهادر ٿي ڪري اهڙيون ڳالهيون ٿي ڪرين.“
”تو کي ته خبر آ مون کي پنهنجي پرواھ ڪونهي.“
”پرواھ هجي يا نه هجي پر اهڙيون نااميديءَ واريون ڳالهايون ته نه ڪر، ڏس دنيا اميدن تي قائم آ.تو کان وڌيڪ درد جو پهاڙ ته منهنجي مٿان ڪريو آهي پر جڏهن توکي ڏسان ٿو ته جيئڻ جي اميد درد کي مات ڏئي ڇڏي ٿي ۽ تون آ جو اهڙيون ڳالهيون ڪري مون کي مارڻ چاهين ٿي.“
منهنجو آواز روئڻهارڪو ٿي ويو، سندس نازڪ هٿ منهجي چپن تي آيو ۽ چيائين؛ ”خدا نه ڪري جو ائين ٿئي، ڏس اهڙي ڳالھ وري زبان تي نه آڻجانءِ.“
”ته اڄ کان پوءِ اهڙيون مايوسيءَ واريون ڳالهيون نه ڪجانءِ.“
سندس هٿ کي پنهنجي هٿ ۾ مظبوط دٻائيندي چيم. پوءِ چهري تي مسڪراهٽ پکڙجي ويس جنهن تي سمنڊ جون ڇوليون به رقص ڪرڻ لڳيون. حالانڪ بي انتها پيار هوندي به حيا جي ڀت حائل هئي. ڪيتري دير تائين اسان جون ڳالهيون هلنديون رهيون جڏهن دل ڀرجي وئي ته واپس ٿياسين. اها رات اڃا گذري به نه هئي جو اوچتو صوفيه کي ڇاتيءَ ۾ سور پيو. جنهن ڪري آنٽي ڀڄندي آئي ۽ زور زور سان در کڙڪائي رهي هئي. مون کي اڃا ننڊ ڪو نه آئي هئي. جلديءَ ۾ در کوليم ته چيائين؛ ”صوفيءَ جي حالت خراب ٿي پئي آهي.“
”ڇا؟“ مان ان اوچتي خبر ٻڌڻ لاءِ تيار ئي نه هيس آنٽيءَ کي چيم؛ ”توهان ڊاڪٽر روزينه کي فون ڪيو. جيئن بروقت ڪجھ ڪري سگهجي.“
پر پوءِ سوچيم؛ جيستائين ڊاڪٽر روزينه اچي تيستائين صوفيه جي حالت الائي ڪٿي وڃي پهچندي، سو هڪ دوست ڏي فون ڪيم ۽ کيس چيم؛ ”يار ڪار ڪاهي هڪدم پهچ! ايمرجنسي ٿي پئي آهي.“
ڪينسر وارڊ جي هڪ الڳ ڪمري ۾ صوفيه کي داخل ڪرايوسي. ان وقت جلدي ٽريٽمينٽ جي ڪري ڪجھ فائدو ٿيو جو صوفيه کي ڪجھ سڪون مليو پر ڳالهائي ڪو نه پئي سهگي. آنٽي مسلسل روئي رهي هئي مون ان کي آٿت ڏني؛ ”آنٽي الله ڪندو سڀ ڪجھ ٺيڪ ٿي ويندو.“
پر صبح جو وري حالت خراب ٿي ويس ۽ اڄ ٻيو ڏينهن هيو جو حالت وڃيس پئي بگڙجندي. مان ڪمري جي دڪيءَ تي اداس من کي تسليون ڏيندو رهيس جو آنٽيءَ جي رڙ ٻڌم؛ ”صوفي!“
اٿي صوفيءَ ڏانهن ڀڳس. سندس ساھ تکو تکو هلندي منجهڻ لڳو. هوءَ نڪ بدران وات مان ساھ کڻڻ لڳي. مان ٻاهر نڪري ڊسپينسر کي چيو؛ ”جلدي ڪر ڊاڪٽر کي گهراءِ.“
ڊسپينسر تڪڙو تڪڙو هليو ويو. اندر آيس ته آنٽي صوفيه کي روئي مٺيون ڏئي رهي هئي؛ ”امي، ڪجھ نه ٿيندو، اکيون ته کول. صوفي صوفي ڏس ته سهي سامهون ڪير بيٺو آ.“
پر صوفيه جو کونگهري جهڙو آواز وڃي پيو گهٽجندو، ڄڻ ته معرڪو ئي ختم ٿيندو هجي. ان وقت مون پنهنجي اندر جي عبادتگاھ ۾ رب کي ٻاڏايو؛ ”اي رب هن جي حصي جو باقي رهيل عذاب منهنجي حصي ۾ داخل ڪري ڇڏ.“

ڊاڪٽر به اچي ويو جنهن گهڻي ڪوشش ڪئي پر ناڪام، صوفيه جي اکين مان رت جا لڙڪ وهاڻو ڳاڙهو ڪري رهيا هيا ۽ وري وات مان به رت جاري ٿيس. سندس ڪنڌ هڪ پاسي ڍرڪي پيو. آنٽي ۽ ٻارن جون رڙيون آسمان پيون ڏارين. هڪ دفعو ٻيهر ڊاڪٽر ڪوشش ڪئي پر پوءَ عينڪ لاهي چيائين؛ ”آءِ ايم سوري.“

No comments:

Post a Comment