Sunday, October 6, 2013

هٿ ريکائون - وفا اسلم شيخ

هٿ ريکائون
وفا اسلم شيخ
روز جي معمول مطابق اڄ به نم جي وڻ هيٺان ڇانو ۾ ويهي رهيس. ان انتظار ۾ ته اجهو سيما آئي جو ان جي ليڪچر ختم ٿيڻ ۾ اڃا ۱۰ منٽ باقي هيا. ڪاليج جا شاگرد سامهون اچ وڃ ڪندي پيا نظر اچن. منهنجو من اداس لڳو پيو هيو، جنهن ڪري اڌ ليڪچر ۾ اٿي آيو هيس. سيما جي باري ۾ ئي سوچي رهيو هيس ته سيما به ڀر ۾ اچي ويهي رهي.
هٿ جي اشاري سان هوشيار ڪندي چيائين؛ ”ڇو جناب! اڄ وري اڌ ليڪچر ۾ اٿي آيئو. وري ڪير ياد اچي ويو.؟“
”تو کان سواءِ ٻيو ڪير ٿو ٿي سگهي جنهن کي ياد ڪري سگهجي. رات ڏينهن تون ئي ياد هوندي آهين.“

سري آئي غور سان ڏسندي چيائين؛ ”پر هن وقت ته توسان گڏ آهيان. پوءِ اڌ ليڪچر مان اٿڻ جو مقصد.“
”سيما محبتن جا معاملا ئي عجيب هوندا آهن. جن کي سمجهڻ، دماغ جي وس جي ڳالھ ناهي. هڪ سوچ آهي، جيڪا سدائين اداس ڪري وجهندي آهي. هزار ڪوششن جي با وجود به اها سوچ، ذهن مان ڪو نه ٿي نڪري. رات جو به سوچي سوچي رڳو تنهنجي يادن ۾ گم ٿي ويندو آهيان.“
”ڪهڙي سوچ آ جيڪا تو کي ايڏو تڙپائي رهي آ. هيڏي مون ڏي ڏس مون کي به نه ٻڌائيندين.“
چيومانس؛ ”سيما مون کي الاءِ ڇو اهو ڀؤ رهندو آهي ته مان تو کي وڃائي ويهندس. شايد تون منهنجي نصيب ۾ نه آهين.“
”ڪير ٿو چوي ته مان تنهنجي نصيب ۾ نه آهيان ڇا تنهنجي هٿ جون ريکائون ٿيون ٻڌائين. ڇو اچي اهڙين سوچن ۾ پيو آهين، مان پنهنجو پاڻ ته تو کي ارپيو آهي.“
”سيما مون ڪڏهن چيو ته تون منهنجي نه آهين. تو کي ڏسي مان ائين سمجهندو آهيان ته تون هڪ گل آهين ٽڙندڙ ۽ تازو گل جنهنجي خوشبوءِ هميشه مون کي معطر ڪندي رهندي. پر سيما ڪير ڪنهن کي عبادت جي حد تائين چاهيندو آهي ته ان کي اهڙيون سوچون تڙپائينديون رهنديون آهن.“
”ها مان سمجهان ٿي“ چيائين؛ ”پر تنهنجي منهنجي وچ ۾ اهڙو ته عظيم رشتو جو ڪنهن کي ڪو اعتراض ته نه هجڻ گهرجي.“
”پر اسان جي ماڻهن کي ڪير سمجهائي.“ چيومانس؛ ”سيما تون ڏاڍي معصوم آهين تو کي خبر ناهي ته اهي اسان کي ظاهري اک سان ڏسندا آهن، اسان جي اندر جو انت لهي نه سگهندا آهن. اهڙا ماڻهو تنهنجي ۽ منهنجي رشتي کي ڪڏهن به سمجهي نه سگهندا.“
”ته پوءِ اهڙن ماڻهن جي پرواھ ڇوٿو ڪرين، ڇو ٿو سوچين. ڇڏي ڏي منهنجي باري ۾ سوچڻ.“ سيما ڄڻ ڏکاري ٿي پئي.
چيومانس؛ ”سيما مون ازل کان هر جنم ۾ تنهنجي باري ۾ سوچيو آ، هاڻي تنهنجي باري ۾ سوچڻ، لکڻ ۽ ڳالهائڻ ڇڏي ڏيان. منهنجي وس کان اهو ٻاهر آهي.“
”پوءِ آخر ڇا ڪندين.“ چڙي پئي.
”مان ڀڄي پوندس، ڀري پوندس. منهنجي ڀروسي جو مندر ڀور ڀور ٿي پوندو. پر مان تو کي وساري نه سگهندس.“
ويجهو سري آئي چيائين؛ ”ڏس راحيل اڄ تائين ڪو پنهنجي زندگيءَ بصيرت ۽ روشنيءَ کي وساري سگهيو آهي جو مان تو کي وساري سگهندس.مان تنهنجي سوچن کي وکرڻ نه ڏيندس، مان تنهنجي خيالن کي منتشر ٿيڻ کان بچائي وٺندس.راحيل مان پنهنجي آخري هڏڪيءَ تائين تنهنجو ساٿ ڏينديس.“
ان وقت ڪاليج جي پوائنٽ به هارن ڏنو، چيائين؛ ”هاڻي اٿو ته هلون ڪٿي پوائنٽ نه نڪري وڃي.“
پنهنجي وياڪل من سان سيما سان گڏجي پوائنٽ تائين آيس. پوائنٽ ڀرجي وئي ته هلڻ شروع ڪيائين. پوائنٽ ايمپائر روڊ تي پهتي ته ڊرائيور کي اشارو ڪيم ته پوائنٽ بيهجي وئي. اسين ٻئي ڄڻا لٿاسين. جيستائين سيما جي منزل نه آئي تيستائين گڏ گڏ هلندا رهياسي.
سيما منهنجي هٿ کي زور ڏيندي چيو؛ ”ٻڌ اڄ اوچتو ڇا ٿي ويو هيئي جو مون کي پريشان ڪري ڇڏيئي.“
”سيما اڄ زبير منهنجو هٿ ڏسي چيو هيو ته راحيل جنهن سان نينهن اڙيل اٿئي اها ڪڏهن تنهنجي ٿي نه سگهندي ۽ تو کي ته خبر آ زبير جون ڪيتريون ڳالهيون سچ ثابت ٿيون آهن.“
”ڪافي غلط به ويون اٿس.“ سيما چيو؛ ”پر اڃا اهڙين ڳالهين تي ٿو اعتبار ڪرين! ههڙي انٽرنيٽ جي دور ۾.“
”اعتبار ته مون کي به نه ٿو اچي پر ڇا ڪيان؟ محبت جا معاملا ايڏا ته حساس هوندا آهن جو ننڍي کان ننڍي ڳالھ به، وهم ٿي ويهاري ٿي ڇڏي.“
کلندي چيائين؛ ”اهڙا وهم ته نه ڪر وهم جو ڪو علاج ڪونهي.“
ان وقت سيما جو گهر به اچي ويو موڪلائي هلي وئي. منهنجي منزل اڃا اڳتي هئي.
وقت جي ڌارا پنهنجي رفتار سان هلي رهي هئي. پيار جي راهن تي هلندي آخر اها گهڙي به اچي وئي جو دل رت جي درياءَ ۾ لڙهي وئي. ان ڏينهن سيما جي چهري مان اٿاھ غم ۽ درد نظر آيو. ايترو گهڻو جو ڪير هن جي زخمن کي هلڪو ئي ڇهي ته اکين مان لڙڪن جو مينهن وسي پئيس. هن وٽ لفظ ڪو نه هيا جو ڪڇي سگهي. آخر پنهنجي ٻنهي هٿن کي هڪ ٻئي ۾ ڀيڪوڙي چئي ڏنائين ته؛
”راحيل مان هارائي ويس. واقعي مان تنهنجي نصيب ۾ نه آهيان. منهنجي مٿان مجبورين جا ڪوٽ ڪيرايا ويا آهن. مان هزار ڪوششن جي باوجود به انهن ڪوٽن کي ڪيرائي نه ٿي سگهان. مان محبت جي ميدان ۾ ته تو سان گڏ گڏ هلي نه سگهيس پر يادن جي ميدان ۾ هميشه تو سان گڏ هونديس. خدا حافظ راحيل! هن زندگيءَ ۾ پاڻ نه ملياسي ته ڇا ٿي پيو اڳئين جنم ۾ هميشه گڏ هونداسي.“
هوءَ چوندي رهي، منهنجو روح فنا ڪندي رهي. پنهنجي شاديءَ جو ڪارڊ هٿ ۾ ڏيئي اڳتي وڌڻ لڳي. ان وقت منهنجي حالت اهڙي ٿي پئي جيئن پکي ڍنڍ ۾ هوندي به پياسو رهجي وڃي. سڄي جان جي قوت سميٽي سڏڪندي چيومانس؛
”سيما پليز هڪ منٽ ته بيھ. مان تو کي پنهنجي نصيب جي بازيءَ ۾ ته هارائي ويٺو آهيان پر مون کي آخري ڀيرو پاڻ ڏانهن ڏسڻ ته ڏي ته جيئن زندگيءَ جي حقيقتن ۾ منهنجو اعتقاد پختو ٿي وڃي.“
”سيما تون منهنجي روح ۾ آهين تون منهنجي تصور ۾ آهين، تون منهنجي تحريرن ۾ هميشه زندھ رهندينءَ. تنهنجي لاءِ جيئڻ ۽ مرڻ مون لاءِ سرمايو آ. سيما مان تو کي وساري نه سگهندس.“

منهنجي وجود مان قوت ڇڏائجي وئي. گوڏن ڀر هيٺ ويهجي ويس. ڪجھ گهڙين کان پوءِ اٿيس ته سيما وڃي چڪي هئي. 

No comments:

Post a Comment