Wednesday, October 2, 2013

روشني - احسان دانش

روشني
احسان دانش
”ٺا“
”روشني مري وئي!“ سڄي پاڙي ۾ هُل
پڻهس جي وارن ۾ ڌوڙ ڳلن تي ڳوڙها ۽ رڙيون.
روشنيءَ جو جنم ڪيڏيون خوشيون کڻي آيو هو، سڄي ڪٽنب لاءِ.
ابي امڙ ٻارنهن سال بي اولاديءَ جو عذاب سهڻ، پيرن تي باسون باسڻ، چلا ڪڍائڻ کان پوءِ روشني حاصل ڪئي هئي.
پڻهس کيس هنج ۾ کڻي چيو هو ”هيءَ منهنجي وجود جي روشني آهي.“
روشني ائين ماري ويندي ڪنهن کي ڪَل نه هئي.
هن جڏهن گھر جي آڳر تي پهريون وکون کنيون هيون ته ماڻهس اول گھول وئي هئي. پڻهس ٻانهن ۾ ٻکي مٺيون ڏنيون هيس.
هوءَ ڳوٺ جي پهرين نينگري هئي جيڪا يونيورسٽيءَ مان تعليم پرائي آئي هئي. پڻهس لوڪ جا ڪيڏا طعنا تنڪا سَٺا هئا روشنيءَ کي پڙهائڻ عيوض. روشني هن جي اکين جو نور هئي. هو هڪ پل ۾ ائين بي نور ٿي ويندو، هن ڪڏهن سوچيو نه هيو.
روشنيءَ جا لفظ گلن جهڙا ڪومل. هن جي سوچ آبشارن جيان اجري. پر اها ڪوملتا ۽ اوجر بندوق جي هڪ ٺڪاءَ سان پکين وانگر ڪنهن ڏسا اڏامي وئي.
”روشني مري وئي.“ خوف جو هڪ طوفان سڄي ويڙهي کي ويڙهي ويو.
روشني ڳوٺ جي نياڻين کي شعور جي روشني ٿي ڏني. اهو ئي سندس ڏوھ هيو.
روشنيءَ جو سوٽ، ڪورو جاهل، ڪڪڙن جو خفتي، وڏيري جو چمچو...... وڏيري جي اک ۾ روشني چڀي رهي هئي ڪنڊي وانگر. هو انڌيرنگريءَ تي راڄ ڪرڻ جو هيراڪ هيو، تنهن ڪري روشني هن جي دشمن هئي.
ڪوري جاهل، ڪڪڙن جي خفتي، وڏيري جي هڪ اشاري تي بندوق جي هڪ ٺڪاءَ سان روشنيءَ کي راھ تان هٽائي ڪارنهن جو الزام هنيون.
”روشني .... ڪاري!“ سڄو لوڪ حيران.
”نه نه روشني ڪاري ٿي نه ٿي سگھي.“ شعور جو آواز چوڏسا ڦهليل.


No comments:

Post a Comment