Tuesday, October 22, 2013

جانو جهڳي جو موبائيل ڪمپني واري سان جهيڙو - ڊاڪٽر عزيز ٽالپر

جانو جهڳي جو موبائيل ڪمپني واري سان جهيڙو
ڊاڪٽر عزيز ٽالپر
هن جو نالو ته جانو هو، پر گهڻي ڳالهائڻ ڪري هن کي جانو جهڳي چوندا هئا. ڳوٺ ۾ موبائيل جو رواج وڌي ويو. ڇورن ڇنن وٽ ته موبائيل هئا، پر صفا پوڙهيون هڏن جا ٺانٺا به موبائيل ڪن تي رکيو پئي هليون. هن کي شوق ته گهڻو هو، پر پڻس جي مرڻ کانپوءِ صفا ليٽ ٿي ويو هو. ڍور ڍڳا وڪڻي مڙهي جو علاج ڪرايائين. بچيل ٽي وهٽ وري پڻس جي مرتئي تي ختمن ۽ خيراتن ۾ پورا ڪيائين. باقي هڪ گابي وڃي ڇڏيائين. هڪ ڏينهن جانو خان جهڳي، پنهنجي ماسات موجن سان شهر ويو ته کيس هڪ پهلوان مائي اچي ملي. مائي موبائيل نمبر گهريو.. هاڻي هجيس موبائيل ته نمبر ڏئي، موقعو غنيمت ڏسي سندس ماسات موجن پنهنجو نمبر ڏيئي ڇڏيو. جانو خان جو موڊ خراب ٿي ويو. مس مس غيرت آيس. ٻئي ڏينهن گابي ڇڪي، شهر وڃي ستن هزارن ۾ وڪڻي، همراهه وڃي موبائيل ورتو. دڪان واري به سندس شوق ڏسي، موبائيل ۾ ٽم ٽم ڪندڙ بتيون، رنگ ٽون ۽ عاشق مجبور آهي وارو گانو هڻي، سم، چارجر، ڪنٺين وارا ڌاڳا، ٽئونر ۽ بٽڻ ڏيئي ست هزار پورا ڪري همراهه پنهنجو فون نمبر لکرائي، ان جون ٻه ٽي سؤ فوٽو ڪاپيون ڪرائي ڳوٺ آيو.

پوءِ گاڏي ڪرائي تي ڪري ڳوٺ، اوڙي پاڙي جي ڳوٺن ۽ سڄي تر ۾ سنگت ساٿ ۽ مٽن مائٽن کي فوٽو ڪاپي وارا نمبر ڏيئي ٽم ٽم ڪندڙ موبائيل ڏيکاري، لئي ڪري موٽيو. ماسات موجن کان انهن سڀني جا نمبر پنهنجي موبائيل ۾ به هڻائي ڇڏيائين. هاڻي هن جي اک هجي موبائيل ۾ ته ڪيڏي مهل ٿي ڪال اچي، همراهه جا ان پاڻي ننڊون حرام ٿي ويون، پر موبائيل ٻولي ئي نه ... وري يارن دوستن جا نمبر ملائي ته ڪال وڃي ئي نه. صبح جو موبائيل کڻي ويو ماستر نورل وٽ..
چئي.. ”ماستر يار، تون پڙهيل ڏاها ماڻهو هِوين. مين سدا ملوڪ گابي، ستان هزاران وِچ ويچ، اي موبائيل گِڌا هي، رڳا اندر نانگ ٻيٺا هي راند والا، اهو پيا نچندا هي، ٻيا مڙوئي خير..“
ماستر نورل موبائيل چيڪ ڪري چيو؛ ”رئيس وڏا! هن جي سيم ئي ائڪٽيويٽ ڪانهي ته ڪٿان ڳالهائيندو؟“
جانو چيو؛ ”ماستر اهي ايڪٽي ٻيڪٽي ول ڪهڙي بلا هي؟ وارا ڪر ميڪون ٺاهه ڏي..“
ماستر کيس ڪمپني جو نمبر ملائي ڏنو ۽ پاڻ اتان ويو هليو.
ڪمپني واري مائي: ”السلام عليڪم ڊيئر ڪسٽمر لونگ ڪمپني جوائن ڪرني پي آپ ڪو خوش آمديد کهتي هين.“
جهڳي: ”ماليڪم سلام باجي.. ميڏي خوشامد نه ڪر.. مين صفا غريب ماڻهو هان، اٽي وچ جهليل، باقي ميڏا موبائيل هلا ڏي..“
مائي: ”آپ کا موبائيل چل تو رها هي؟“
جانو جهڳي: ”اهيو خالي تيئن نال پيا هلدا هي، ٻيا ڪنهن دا بي نمبر نڪي اوندا  هي،  نڪي ويندا هي، ڪلمي نال اندر رڳا نانگ پيا هلندا هيس.“
مائي: ”اڇا اڇا! مين سمجهي، آپ کي سم ايکٽيويٽ کرني هي.“
جانو جهڳي: ”ايڪٽي پيڪٽي دي ميڪون خبر ڪانهي باجي، ميڪون فون کول ڏي باجي؟“
مائي: ”اڇا آپ ني هماري نيٽ ورک لونگ کو کيون پسند کيا؟“
جانو جهڳي: ”باجي دڪان والي ميڪون الاهي سيمان ڏکاليان. ڪا اعجاز دي، ڪا فرهاد دي، ڪا تون ڪون دي، ڪا تيسمار دي، پر ميڪون لونگ والي وڻي. اهُين دي ڪري جو ميڏي مرحيات ناني دا نالا به لونگ خان ها. ميڏا نالا جانو خان هي، پر بڪ گهڻي ڪريندا هيان، انهين ڪري، ميڪون جانو جهڳي آکيندي هين.“
مائي: ”مين سمجهي نهين. چلين ڇوڙين. اپني مان کان نام بتائو؟“
جانو جهڳي: ”امان دا نالا ڪيون ٻڌايان. ول پڇسين زال دا نالا ٻڌاءِ، ول ننهن دا، ڳالهه ٻڌ اشراف! اسان غيرتمند ماڻهو هيون، غيرت والي مايين دي نالي ڪون سي گهندي.“
مائي: ”ديکهو بهائي غيرت نهين کرو، نام نهين بتائوگي تو سم ايڪٽيويٽ نهين هوگي.“
جانو جهڳي: ”نه ٿيوي، چڙهي آڱوٺي تون.“
مائي ڪال بند ڪري ڇڏي.
جانو خان جا ٻئي هٿ مٿي تي، وري ڳولي وڃي ماستر نورل کي هٿ ڪيائين.
چئي.. ”ماستر! فون والي مائي رڳا پئي مايان دي نالي پڇي. مئين غيرت وچون وڙهه پيامانس، تون ميڪون فون کل وا ڏي.“
ماستر نورل وري کيس هيلپ لائين جو نمبر ملائي ڏنو.. همراهه ڳالهايو؛ ”الو ...الو.... الو مين جانو خان پيا الائيندا هيان، تون ڪيڙا پيا الا ئيندا هيوين؟“
نمائيندو: ”مين مستنصر حسين منتظر چغتائي بول رهيا هون؟“
جانو جهڳي: ”توبهن.. اهڙا ڏکيا نالا جوگهنڻ نال وات وچ جهڙا ڍينگهر آ پيا ويندا هي. ڪو علو، ولو ۽ اڪو جهڙا سئولا نالا رک نه مئا.“
نمائيندو: ”بتائين کيا پرابلم هي؟“
جانو جهڳي: ”پرابلم ٻرابلم ڪجهه ڪونهي. ميڪون فون کول ڏي.. ستين هزارين دي گابي ويچ گِڌا همين، ڪلمي نال هڪڙا اکر ڪونهي ڳالهائيندا؟“
نمائيندو: ”ديکين مجهي آپ کي بات سمجهه مين نهين آ رهي.. آپ ڪي نزيک کوئي اردو بولني والا هو تو اسڪو فون دين.“
جانو جهڳي: ”مار پوئي ڪا خدا دي.. اٿان جهنگ وچ  مئين اردو والا ڪٿون آڻان؟ اٿان رڳا ديويان، ليان ۽ ڪانڊيري هن، ميڪون فون کول ڏي!“
نمائيندو: ”ديکهين جناب مجهي آپ ڪي کي بات سمجهه نهين آ رهي.“
جانو جهڳي: ”سمجهه نهين ائوندي ته پڇي اهين آفيس وچ ڪو خاصخيلي ڪو مڱريا ڪو ڪلوئي ڪيون نهوين رکندي. رڳا تيري ميري والي ڀرتي ڪر ڇوڙيي.“
نمائيندو: ”مين ڪڇ نهين سمجهه رها، ڪال بند ڪرتا هون.“
جانو جهڳي: ”بند ڪريسي جو تيڏي بادشاهي هي، خرچ ميڏا پيا هلدا هي.“
نمائيندو: ”ذرا سنئي!“
جانو جهڳي: ”ڦوٽ ڪيا ٻڌان، ميڪون فون کول ڏي اشراف، نه ته مئين ڪهاڙي چا سِسي لاهه ڇوڙيسئين. ڪلاڪ ڪنون پيا مٿا ماريندا هيان، فون نهوين کوليندا.“
نمائيندو: ”آپ ايسا کرين هماري کسي فرنچائيز سي رابطه کرين.. وهان آپ کا مسئله  حل هو جائي گا.“
جانو جهڳي: ”هڪڙا فون بند هي، ٻيا ول ڦر نچايان؟ تون ڦر نچاءِ، باهه لڳا ميڪون رت ڪيتا هيوي، الله ڏيکسئي بادشاهه پير پاڙان پٽيسئي.“
نمائندو: ”ديکهين مين آپ کي بات بلڪل نهين سمجهه رها هون. مجهي افسوس هي، مين آپ کي کال کاٽ رها هون.“
جانو جهڳي: ”ادا وڏا نڀاڳا هين..“
ڪال ڪٽجي ويئي.
جانو خان جا وري ٻئي هٿ مٿي تي هئا.


2 comments: