Monday, October 21, 2013

ڏک جو احساس - لعل هوتچنداڻي

ڏک جو احساس
لعل هوتچنداڻي
لنڊن جو رابرڊ نالي هڪ سيلاني، ڪڇ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ دورڙو (ٻني) جنهن کي ’اڇو رڻ‘ ڪري چوندا آهن، سمنڊ جي ڪناري جي ٿورو پرڀرو ٿڌي ريتيءَ تي ويهي سمنڊ جي لهرن جو لطف ماڻي رهيو هو ۽ آيل ٻين سيلانين کي به ڏسندو رهيو، جيڪي تيز لهرن کان بچڻ لاءِ کلندا ۽ ڊڪندا ريت طرف پئي ڀڳا. رابرڊ اهو تماشو ڏسي ڏاڍو خوش پئي ٿيو. اوچتو هن جي نظر هڪ اپاهج ڇوڪري تي پيئي جنهن ڪاٺ جي گهوڙيءَ جي سهاري سمنڊ جي لهرن مان پاڻيءَ جا ٻڪ ڀري ڀري ڪڏهن مٿي تي پئي وڌا ته ڪڏهن وري منهن تي ڇنڊا ٿي هنيا.

رابرڊ کي لڳو، اپاهج ڇوڪرو جيڪو اٽڪل سترهن ارڙهن سالن جو مس هو، ٻين سيلانين کان به وڌيڪ خوش نظر پئي آيو. ڇوڪري جي لٽن ڪپڙن مان کيس ڪو مڪاني رهواسي ٿي لڳو. هو هن ڇوڪري کي برابر ڏسندو رهيو. پوءِ ڪجهه سوچي، ريتي تان اٿي، ڪلهي ۾ لٽڪيل ڪئميرا کي هٿن ۾ جهلي اپاهج ڇوڪري جي ويجهو وڃي،هن جا اڻ ڳڻيا فوٽا ڪڍندو رهيو. ڇوڪرو به انگريز کي پنهنجا فوٽا ڪڍندو ڏسي خوشيءَ ۾ ڀرجي سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ زور زور سان ٿاٿوڙا هڻڻ لڳو.
اپاهج ڇوڪرو نه سنهو هو نه وري ڪو ٿلهو، نه ڊگهو هو نه بندرو، نه سهڻو هو نه ڪارو، ڪڻڪ رنگو هو. منهن نه ڊگهو هوس نه ويڪرو بلڪل رواجي انسان جيان هو پر مهانڊن ۾ ڏاڍي ڪشش هئس.
رابرڊ ٻئي ڏينهن سنان پاڻي ناشتو وغيره ڪري، ڪڍيل فوٽا ليپ ٽاپ ۾ لوڊ ڪري اپاهج ڇوڪري جا دلڪش فوٽا ڏسي دنگ رهجي ويو. فوٽن ۾ هن جو FACE غضب جو لڳي رهيو هو. هن جي کلڻ ۽ پاڻيءَ ۾ مستي ڪرڻ وارا فوٽا ليپ ٽاپ ۾ وڌيڪ انلارج ڪري باريڪيءَ سان ڪيتري دير ڏسندو رهيو. اوچتو الائي ڇا سوچي عجب مان واڪو ڪري چيائين ”گڊ“...  ويري گڊ.“
رابرڊ ٻئي ڏينهن رات جو اڇو رڻ ڏسڻ ۽ اپاهج ڇوڪري سان گڏجڻ لاءِ سمنڊ جي ڪناري ويو. سيلانين جي ڀيڙ ۾ هن جون اکيون اپاهج ڇوڪري کي ڳولهڻ لڳيون. پر ڪٿي به نظر نه پئي آيس. اڄ هن کي رڻ جي مٺڙي آواز مان به ڪو خاص آنند نه پئي آيو. آخر نراس ٿي واپس پنهنجي رهڻ واري ڀونگيءَ طرف وڃڻ لڳو.
رابرڊ ٻئي ڏينهن ... .. ٽئين ڏينهن... چوٿين ڏينهن اپاهج ڇوڪري کي ڏسڻ لاءِ سمنڊ جي ڪناري تي پئي ويو. پر نراس ٿي واپس موٽي پنهنجي رهڻ واري ڀونگيءَ ۾ اچي پاڻ کي بستري تي ڦٽو ڪندو هو. هنن چئن ڏينهن ۾ هن جو ڪنهن به ڳالهه ۾ من نه پئي لڳو، پاڻ کي اڪيلو اڪيلو ۽ ٿڪل محسوس ڪرڻ لڳو.
ٻئي ڏينهن صبح جو رابرڊ کي دورڙو ڳوٺ مان واپس پنهنجي ديش وڃڻو هو. ان ڪري شام کان ئي پنهنجو سامان پئڪ ڪرڻ لڳو. ڀونگي جي مسواڙ، کاڌي پيتي جو حساب ڪتاب ڪري، هن پئسا ڏيئي ڇڏيا. پڇاڙيءَ واري رات جو هڪ آشا دل ۾ رکي رابرڊ سمنڊ جي ڪناري وڃڻ جو ويچار ڪيو. ان وقت ڀونگن واري نگريءَ ۾ کليل ويڪري ميدان تي ڪڇي ڪلاڪارن جي سنگيت جي پروگرام جو بندوبست ڪيو ويو هو. تنهن ڪري هو سمنڊ جي ڪناري ڪو نه ويو.
رات جو ڏهين بجي کن پروگرام شروع ٿيو. ڪنهن گائڪ هارمونيم جي سر تي گيت ڳايو. ڪنهن وري بنسريءَ جي ڌن تي موج، مچائي، ڪو ڪلاڪار شرناءِ وڄائي ويٺلن کي آنند وٺائي رهيو هو. ته وري ڪو ٽن چئن شرنائين کي هڪ ئي وقت پنهنجن چپن تي رکي ڪلا جوهر ڏيکاري رهيو هو. اهڙي نموني هر هڪ گائڪ، ۽ سنگيتڪار پنهنجي ڪلا جو هنر ڏيکاري حاضرين جي دل ۽ دماغ جي تارن کي لرزش ۾ آڻي رهيو هو. ايتري ۾ اپاهج ڇوڪرو، ڪاٺ جي گهوڙيءَ سهاري اسٽيج تي آيو.
رابرڊ هن ڇوڪري کي ڏسي خوشيءَ مان ٽپ ڏيئي اٿي. اسٽيج طرف وڃڻ لڳو پر پوءِ ڪجهه سوچي واپس سيٽ تي ويهي رهيو. اهو ڇوڪرو خميس جي کيسي مان ٻه ٺڪر جون ٺڪريون ڪڍي، هڪ هٿ جي آڱرين جي وچ ۾ جهلي ٻئي هٿ جي تريءَ تي گهمائي ٽڪ ٽڪ جي آواز سان پنهنجي گيت کي سر سان ملائي خوشنما وايومنڊل کي وڌيڪ آنندميه بڻائي رهيو هو. ويٺلن مان ڪجهه سنگيت پريمي پنهنجن هٿن جي آڱرين سان چپٽيون وڄائڻ لڳا ته وري ڪجهه پيرن ۾ پاتل بوڪن جي کڙي زمين تي ٺڪ ٺڪ ڪري مٺي گيت ۽ سنگيت جو آنند ماڻڻ لڳا. رابرڊ مگن ٿي عجب مان ڇوڪري کي هڪ ٽڪ ڏسندو رهيو. ٺڪرين مان نڪرندڙ سنگيت کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندي پنهنجو پان کان پڇڻ لڳو؛ ”هيءُ سنگيت جو ڪهڙو ساز آهي؟“
رابرڊ هن ڇوڪري جي فوٽو Face تي پهرين ئي موهت هو. ان مٿان وري سنگيت جو جادو کيس وڌيڪ پاڻ طرف ڇڪڻ لڳو. ڇوڪري جي سنگيت پوري ٿيڻ سان تاڙين جي ڦهڪن سان فضا گونجڻ لڳي. ڇوڪرو مشڪندو مشڪندو اسٽيج تان لهي اچي هيٺ ڪرسيءَ تي ويٺو.
رابرڊ هاڻ پاڻ کي وڌيڪ روڪي ڪو نه سگهيو. اپاهج ڇوڪري وٽ وڃي پاسي ۾ ويهي پڇيائينس.
”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“
... ... .. ڇوڪرو بنا جواب ڏيڻ جي پاسي ۾ ويٺل انگريز کي عجب مان ڏسڻ لڳو.
”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ رابرڊ وري سوال پڇيس.
”خوشي... ... منهنجو نالو خوشي آهي.“
”ڇا ڪندو آهين؟“
”ڳئون مينهون چاريندو آهيان.“
”تنهنجو پيءُ ڇا ڪندو آهي؟“
”هو به ڳئون مينهون چاريندا آهن“
”تون اسٽيج تي ويهي ڇا وڄائي رهيو هئين؟“
بس! ٺڪر جي ٻن ٺڪرين کي هڪ هٿ جي آڱرين ۾ اٽڪائي ٻئي هٿ جي تريءَ تي گسائي آواز ڪڍي رهيو هوس.“
”اهو تو کي ڪنهن سيکاريو آهي؟“
”ڪنهن به نه. بس پنهنجو پاڻ سکيو آهيان.“
”تنهنجي ٽنگ کي ڇا ٿيو آهي؟“
”مان جڏهن ڇهن سالن جو هوس ته هڪ ٽنگ ۾ اڌرنگ ٿي پيو هو.“
”تنهنجو گهر ڪٿي آهي؟“
”هو سامهون ڳوٺ ڏسو ٿا. اتي رهندو آهيان. هتان اٽڪل هڪ ڪلو ميٽر کن پري آهي. اتي هڪ جانورن جي ننڍي اسپتال آهي. بس ان جي سامهون منهنجو گهر آهي.“
صبح جو مان تنهنجي گهر اچي تنهنجي پيءُ سان گڏجڻ ٿو چاهيان. مان جيسين نه اچان توهان ڳئون چارڻ نه وڃجو. ائين چئي رابرڊ خوشيءَ وچان هن جي مٿي تي پيار جو هٿڙو رکي هليو ويو.
... ..خوشي چپ چاپ انگريز کي ويندو ڏسندو رهيو.
ٻئي ڏينهن صبح جو اٽڪل ڏهين بجي کن رابرڊ خوشيءَ جي گهرجي ٻاهران بيهي در تي ٺڪ ٺڪ ڪئي. خوشيءَ در وٽ وڃي هن کي گهر اندر وٺي اچي کٽ تي ويهاريو. کٽ تي ويهڻ سان رابرڊ کي ڪجهه عجيب لڳو. پر ان سان گڏوگڏ هڪ انوکو مزو پڻ آيس پئي. رابرڊ مشڪي خوشيءَ جي پيءُ کان پڇيو؛ ”مان جنهن تي ويٺو آهيان ان کي ڇا چئبو آهي؟“
”هيءَ کٽ آهي. اسان هن تي ڏينهن جو ويهندا آهيون ۽ رات جو سمهندا آهيون. سمهڻ سان ئي جلد ننڊ اچي ويندي آهي.“ خوشيءَ جي پيءُ به ٿورو کلندي رابرڊ کي جواب ڏنو.
”توهان جو نالو ڇا آهي؟“ رابرڊ خوشيءَ جي پيءُ کان پڇيو.
”لڇمڻ سنگهه!“
”دادا، توهان جو پٽ خوشي هوئڻهار نينگر آهي. ٺڪر جي ٻن ٺڪرين جي تال تي ڳائڻ سان ٻڌندڙ موج ۾ اچي جهومڻ ٿا لڳن. مون رات هن جو گيت ٻڌو هو. گذ ويري گڊ. صرف ٻن ننڍين ٺڪرين جي ساز تي ايترو مڌر ڳائڻ پهريون ڀيرو ٻڌو آهي.“
”اسان ڳوٺ وارا بس اهڙين ئي ننڍين ننڍين شين سان پاڻ کي وندرائيندا آهيون.“
”دادا! مان هت توهان وٽ ڪنهن خاص ڪم سبب آيو آهيان.“
... . لڇمڻ سنگهه رابرڊ کي ڪو به جواب نه ڏيئي صرف مشڪڻ لڳو. مان هن جا فوٽا ڪڍي انهن جي نمائش ڪري وڪڻندس. ان مان جيڪو به نفعو ٿيندو اڌ توهان کي ڏيندس. مان خوشيءَ جي سنگيت جي پروگرام جو به بندوبست ڪندس. ان ڪمائيءَ مان به اڌ حصو توهان کي ڏيندس. صرف چار پنج مهينا ئي هيءُ مون وٽ رهندو پوءِ مان کيس واپس هت وٺي ايندس. هنن چئن پنجن مهينن ۾ توهان کي چار پنج لک رپيا ڪمائي ڏيندو. توهان جو آئيندو ٺهي پوندو ته خوشيءَ جو به.“
”نه ... ... . نه ... ... .. نه ... ... ... .. اسان پنهنجي سڪيلڌي پٽ کي پرديس ڪو نه موڪلينداسين جهڙو به آهي اسان جي اکين جو نور آهي تارو آهي. اسان هن کي پاڻ کان هڪ گهڙي به پري ڪو نه ڪنداسين. لڇمڻ سنگهه هٿ جوڙي رابرڊ کي چيو.
”دادا، خوشي برابر توهان جي اکين جو تارو آهي، اهو به برابر آهي ته توهان پنهنجي پٽ کي پاڻ کان پري موڪلڻ ڪو نه چاهيندا. اهو به سڪيلڌي پٽ کي. پر خوشيءَ کي ڌڻيءَ جي ڏات مليل آهي. هن جي گلي ۾ سرسوتيءَ جو واسو آهي. ۽ ان سان گڏ هن جي چهري ۾ به هڪ خاص قسم جي ڪشش آهي. ڌڻيءَ جي ڏنل نعمتن جو توهان کي استعمال ڪرڻ گهرجي.
لڇمڻ سنگهه پنهنجي گهر واري، جيڪا در جي اوٽ ۾ منهن ڍڪي بيٺي هئي، طرف نهاريو جا پنهنجي ڪنڌ سان نه جو اظهار ڪري رهي هئي. لڇمڻ سنگھ به گهر واريءَ جي ڳالهه کي صحيح سمجهي رابرڊ کي هٿ جوڙي نه ڪئي؛ ”دادا ڏسو، مان خوشيءَ جي ٻانهن صرف چئن پنجن مهنن لاءِ گهري رهيون آهيان. مان هن جي ٽنگ جو آپريشن به ڪرائيندس. هو جڏهن وديش مان موٽي هت ايندو ته توهان هن کي ڪاٺ جي ويساکيءَ تي نه پر پنهنجي پيرن تي بيٺل ڏسندا.!“
آپريشن جو نالو ٻڌي لڇمڻ سنگهه جي منهن تي ڪجهه خوشي جون ريکائون وڏيون ۽ ويڪريون ٿي ويون. هن پنهنجي گهرواريءَ ڏانهن نهاريو. هن به پنهنجي پٽ کي پنهنجن پيرن تي بيهڻ جو ٻڌي ڪنڌ سان ها ڪئي. رابرڊ به کٽ تان اٿي لڇمڻ سنگهه کي هٿ جوڙي چيو؛ ”چڱو مان هاڻ هلان ٿو جو اڄ ئي پنهنجي ديش وڃڻ جي ٽڪيٽ آهي. ٿورن ڏينهن ۾ ئي مان خوشيءَ کي پاسپورٽ ۽ ويزا جو بندوبست ڪري اچي وٺي ويندو ماس.“ ائين چئي رابرڊ گهر کان ٻاهر وڃڻ لڳو. لڇمڻ سنگهه ۽ خوشي به هن سان گڏ دروازي تائين ويا.
لڇمڻ سنگهه ۽ سندس گهرواري خوشيءَ کي ڊڪون پائيندو ڏسڻ جا سهڻا سپنا ڏسڻ لڳا ته وري خوشيءَ جي وديش وڃڻ جو خيال ايندي ئي دکي ۽ مايوس به ٿيندا هئا. آخر اهو ڏينهن به آيو. رابرڊ خوشيءَ کي پاڻ سان گڏ لنڊن وٺي ويو. اتي وڃي رابرڊ خوشيءَ جا هر ائنگل کان هزارين فوٽا ڪڍي نمائش جو بندوبست ڪيو. ۽ ان کي نالو ڏنو؛ ”ڪڇ ڏٺو، سڀ ڏٺو.“
نمائش ۾ رکيل خوشيءَ جون تصويرون سڀ وڏن اگهن ۾ وڪامجي ويون. نمائش جي پڇاڙيءَ واري ڏينهن رابرڊ ”ڪڇ ڪلا سنگيت“ شو جو بندوبست ڪيو. جنهن ۾ خوشيءَ جي ڏاڍي واهه واهه ٿي ۽ ڪمائي به اميد کان وڌيڪ ٿي. انهن ڪمن کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ خوشيءَ جي ٽنگ جو آپريشن ڪرايائين جو به مالڪ جي مهر سان ڪامياب ٿيو. هاڻ خوشي ڪاٺ جي ويساکيءَ جي سهاري نه پر پنهنجن پيرن تي بيهي هلڻ لڳو.
پنجن مهنن کان پوءِ رابرڊ خوشيءَ کي پاڻ سان گڏ وٺي ڀارت آيو. خوشيءَ جي اچڻ جو ٻڌي لڇمڻ سنگهه ۽ سندس گهرواري هن جي اچڻ جو بي صبريءَ سان انتظار ڪندا اکيون در ۾ وجهي ويٺا هئا. در جي ٿوري ئي کڙڪي تي لڇمڻ سنگهه کٽ تان هڪدم اٿي دروازي وٽ ٿي ويو. آخر اها گهڙي به اچي ويئي جنهن جو هو انتظار ڪري رهيا هئا. امي بابا مان اچي ويو آهيان.“ گهر ٻاهران خوشيءَ جو آواز ٻڌي سندس ماءُ پيءُ در طرف وڃڻ لڳا جو ايتري ۾ خوشي به ڊوڙندو گهر اندر اچي ماءُ سان ڀاڪر پائي گڏيو. کلي کلي پيءُ کي پيري پيو. ماڻس پڻس پٽ کي بنا ويساکيءَ پنهنجي پيرن تي بيٺل ڏسي ٺري پيا. پنجن مهنن جي وڇوڙي جو درد ڀلجي هو ٻئي پٽ کي ور ور ڀاڪر پائي چميون ڏيڻ لڳا. پٽ جي موهه سبب کين رابرڊ جي موجودگيءَ جو ڌيان به نه رهيو. پر ڪجهه کنن بعد لڇمڻ سنگهه کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو ۽ رابرڊ جي ويجهو وڃي هٿ جوڙي معافيءَ جو اظهار ڪيائين. رابرڊ لڇمڻ سنگهه جي جوڙيل هٿن کي پنهنجي هٿن ۾ جهلي چيو؛ ”توهان اسان جا بزرگ آهيو، هٿ نه جوڙيو. آسيس ڪريو“
رابرڊ کٽ تي ويهي خوشيءَ سان گڏ گذاريل ڏينهن جو بيان وستار سان لڇمڻ سنگهه کي ٻڌائڻ لڳو. ٿورو پريان بيٺل خوشيءَ جي ماءُ به ڪن لائي رابرڊ جون ڳالهيون ڌيان سان ٻڌندي خوش ٿي رهي هئي. ڳالهيون ٻولهيون ڪرڻ بعد رابرڊ پنهنجي بئگ مان ڇهه لک روپيا ڪڍي لڇمڻ سنگهه کي ڏيندي چيو؛ ”مالڪ جي مهر سان ۽ خوشيءَ جي ساٿ سهڪار سان رچيل پروگرام سڀ سڦل ويا. آمدني به پنهنجي سوچيل انداز کان وڌيڪ ٿي آهي. هان وٺو هيءُ توهان جو حصو.“
لڇمڻ سنگهه هيڏي وڏي رقم ڏسي به خوشيءَ جو ڪو گهڻو اظهار ڪو نه ڪيو. صرف مرڪي رابرڊ کي چيائين؛ ”اسان کي پئسن جو لوڀ ڪونهي. اسان ڳوٺ جا سڌا سادا انسان آهيون. گهڻو ناڻو اڪثر عقيدن ۽ رسمن کي ڇيهو رسائيندو آهي. اسان هوا ۾ اڏامڻ کان وڌيڪ زمين تي رهڻ وڌيڪ پسند ڪندا آهيون جيئن هاڻ رهندا آهيون. آئينده پڻ ائين ئي ساڳي نموني رهنداسين. هي پئسا اسان ۾ بدلاءُ آڻي ڪو نه سگهندا. ڳوٺ وارا سڀ اسان جا پنهنجا آهن. اسان به ڳوٺ وارن جا آهيون. اسان سڀ هڪ ٻئي جا آهيون. ها جيڪڏهن هنن پئسن مان هت ڪا ننڍي وڏي اسپتال کولڻ جو بندوبست ڪيو ته سٺو ٿيندو. هن نيڪ ڪم ۾ ڳوٺ وارا به توهان جي مدد ڪندا ته جيئن خوشيءَ جهڙا ٻيا به اپاهج پنهنجن پيرن تي بيهي زندگيءَ کي سچي زندگي سمجهي جيون گذارن. اولاد جي اپاهج هئڻ جو ڏک ڇا ٿيندو آهي ان جو احساس اسان ڪري چڪا آهيون. خوشيءَ جهڙا ٻيا به پنهنجن پيرن تي بيهندا ته هنن نوٽن کان وڌيڪ خوشي ٿيندي.“

رابرڊ عجب مان ڪيڏي مهل لڇمڻ سنگهه کي ته ڪيڏي مهل پنهنجن هٿن ۾ جهليل نوٽن جي بنڊلن کي ڏسڻ لڳو جن جو وزن هو آهستي آهستي هلڪو... . وڌيڪ هلڪو... ... . اڃا به وڌيڪ هلڪو محسوس ڪرڻ لڳو.

No comments:

Post a Comment