Sunday, October 6, 2013

حسرتون ۽ خواب - وفا اسلم شيخ

حسرتون ۽ خواب
وفا اسلم شيخ

”سهيل تون افسانا ڇو نه ٿو لکين.“ سائرا چيو.
”افسانه ۽ مان.!“
”ها! ان ۾ تعجب جي ڪهڙي ڳالھ آ.“
”ڪٿي تون ان لاءِ ته نه ٿي چوين جو تون پاڻ افسانه نگار آهين.“ غور سان هن ڏانهن ڏسي چيم؛ ”سائرا تو ۾ ۽ مون ۾ فرق اهو آهي ته تون ته آهين افسانه نگار، جڏهن ته اڃا مان بڻجندس. پر مان چاهيان ٿو ته منهنجون تحريرون معاشري جي عام مسئلن ۽ حقيقتن تي مبني هجن ۽ وري تنهنجو ته موضوع محبت آ.“

”ته ڇا محبت جو حقيقت سان ڪو تعلق نه آهي.“ سائرا تيز لهجي ۾ چيو.
”آهي پر مون کي تجربو نه آهي.“
”حيرت آ اسد جهڙي رومانٽڪ شاعر جو دوست آهين ۽ وري محبت کان نا آشنا، منهنجو خيال هيو ته ڪجھ ته ان جو اثر ٿيو هوندئي.“
اسد، مان ۽ سائرا هڪ ئي ڪاليج ۾ پڙهندا هياسي.کلي پيم. چيم؛ ”ضروري ته ناهي ته شاعر سان گڏ شاعر ٿجي ۽ مجنونءَ سان گڏ مجنون ٿجي.“
سائرا کلي پئي.
مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ تيز اس ۾ ٿڌڙي هير لڳي هجي، خزان ۾ ڄڻ بهار آئي هجي. ڪافي وقت کانپوءِ سائرا کي جو ايڏو مسڪرائيندي ڏٺم ته پهريون دفعو احساس ٿيو ته کلندي ڪيڏي ته خوبصورت لڳي رهي آهي. بس ان لمحي ئي ان جي مسڪرائيندڙ اکين ۽ ٻهڪيل چهري ۾ محبت جو راز پائي ويس.
”ڇا ٿيو، ڪاڏي گم ٿي وئين.“ سائرا چيو ته مان هوشيار ٿي پيس.
خيالن مان واپس ٿي پڇيم؛ ”چڱو اهو ٻڌاءِ ته مون کي تون افسانه نگار ڇو ٿي بڻائڻ چاهين.“
”ان ڪري ته تو سان کوڙ ساريون ڳالهيون ڪيان محبت جي موضوع تي، تو کي خبر آ ته منهنجو پسنديده موضوع آ ۽ محبت تي لکڻ وارا منهنجا آئيڊيل آهن.“ سائرا سنجيدگيءَ سان چيو.
”پر اهو ضروري ته ناهي ته محبت تي لکڻ وارو شخص محبت به ڪندو هجي.“ مون اعتراض ڪيو.
”ها ضروري ته ناهي پر ............“ چپ ٿي وئي.
”چڱو اهو ٻڌاءِ تو کي ڪنهن سان محبت ٿي آ.“ ڌڙڪندڙ دل سان پڇيم.
”ها“ مون تي ته ڄڻ سڪتو طاري ٿي ويو. مون کي سائرا کان ان جواب جي توقع ئي نه هئي.
”ڪنهن سان؟“ پاڻ کي قابو ڪندي چيم.
ڪجھ گهڙيون خاموش رهي چيائين؛ ”ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو آ ته جنهن سان اسان محبت ڪندا آهيون، اهو اسان جو ويجهو دوست هوندو آهي پر اسان ان سان اظهار ڪري نه سگهندا آهيون. اسان ڪيڏا به وڏا شاعر ۽ افسانا نگار بڻجي وڃون پر اسان جي زندگيءَ ۾ هڪ موڙ اهڙو به ايندو آ جو اسان جا سڀ لفظ گم ٿي ويندا آهن ۽ ڪجھ چوڻ جي ڪوشش ۾ بيوس ٿي ويندا آهيون. سمجھ ته منهنجي به اها ئي ڪيفيت آ. ڪنهن مناسب موقعي تي ٻڌائي ڇڏينديسانءِ. پر تون اهو ٻڌاءِ ته افسانا لکندين يا نه؟“
سائرا، ڳالھ جو رخ ئي ڦيرائي ڇڏيو.
”ڪوشش ڪندس، پر تو کي ڪيئن خبر پوندي ته جيڪا ڪهاڻي مون لکي آ، سچي آ يا ڪوڙي.“
”مان تو کي چيو هيو نه ته جن کي محبت ٿيندي آ اهي ماڻهو محبت جو احساس پائي وٺندا آهن. تو کي به ڪنهن لاءِ محبت پيدا ٿي ته مان پاڻهي محسوس ڪري وٺنديس.“
”چڱو سائين اوهان جي خاطر ائين به ڪنداسي پر هاڻي اجازت گهرجي، ڪجھ ضروري ڪم به آ.“
”چڱو الله حافظ.“ مسڪرائي ڏنائين ۽ ميز ڏانهن وڌي وئي، جتي سندس اڌورو افسانو پيو هيو.
هاڻي مان هر وقت هن جي خيالن ۾ گم رهڻ لڳس. رڳو هن جا سپنا ڏسڻ لڳس ته سائرا ئي ته مونکي پيار جو احساس بخشيو آ، پر هن کي اهو احساس ڪنهن بخشيو. ڇا مان ئي؟ پر دل ڪنهن هڪ فيصلي تي بيهي نه سگهندي هئي ۽ روزانو خيال ايندا ويندا رهندا هئا.
مون ڪوشش ڪري افسانو لکيو، جيڪو ڪجھ ئي مهينن ۾ شايع ٿي ويو. تڏهن دل چيو ته سائرا سان ملڻ گهرجي. پر ملڻ کان اڳ ئي ان جي فون اچي وئي.
”مبارڪ هجئي سهيل. تو منهنجو مان رکيو آ. خبر اٿئي تو کي به ايتري خوشي نه ٿي هوندي جيتري مون کي ٿي آ. بس اڄ جو اڄ گهر اچ ته مان تنهجي افساني تي تبصرو به ڪيان ۽ تنهنجي سوال جو جواب ڏيان.“
چئي ڪري فون رکي ڇڏيائين.
مان عجيب ڪشمش جو شڪار ٿي ويس. سمجھ ۾ نه پيو اچي ته ڇا چوندي. ڪنهن جو نالو کڻندي. سخت بيچين ٿي پيس ۽ ان بيچينيءَ جي عالم ۾ ئي سندس سامهون ٿيس. مسڪرائي چيائين؛ ”سهيل! ڏس منهنجو اندازو صحيح نڪتو ته تو کي واقعي ڪنهن سان محبت آ. ڇو جو تو پنهنجا جذبات، دل کولي بيان ڪيا آهن. مان سمجهان ٿي ته اها وڏي خوش قسمت آ جنهن کي تو چاهيو آ.“
ٿورو لمحو ترسي چيائين؛ ”اها ڪير آ ڀلا.“
مان ان وقت پنهنجون نظرون چورائڻ لڳس ۽ دل ئي دل ۾ فيصلو ڪرڻ لڳس ته ڇا چئي ڏيانس ته؛ اها تون آ ته اوچتو خالا جو آواز آيو؛ ”سائرا فون اٿئي.“
سائرا معذرت ڪري اٿي وئي. تيستائين محبت جو اظهار ڪرڻ لاءِ مهلت مون کي پنهنجي حق ۾ بهتر ثابت ٿي. ڪجھ ئي دير ۾ سائرا اچي وئي. سندس لبن تي دلڪش مسڪراھٽ ۽ اکين ۾ چمڪ هئي. ان وقت مون کي ڄڻ جنت جي پاڪيزه ۽ معصوم حور جو گمان ٿيو. پنهجي ڪيفيت تي قابو پائيندي پڇيومانس؛ ”چڱو پهرين تون ٻڌاءِ ته ڪير آ. جيڪو تنهنجي افسانن ۾ محبت بڻجي چمڪندو رهيو آ.“
تڏهن مسڪرائيندي ۽ اطمينان سان چيائين؛ ”اسد!“
مون کي پنهنجي پيرن هيٺان زمين نڪرندي محسوس ٿي. ٽهڪن جي واديءَ ۾ آهون، سسڪيون سڏڪا گونجڻ لڳا. دل اندر رت جي لڪير ٺهي پئي.
سائرا چوندي رهي؛ ”خبر اٿئي اسد ئي مون کي پيار جو احساس بخشيو آ. منهنجي ڪري ئي ان شاعري شروع ڪئي ۽ مان ان جي لڪيل شاعريءَ ۾ محبت ڏسي افسانا لکڻ شروع ڪيا. ائين ئي اسان جي محبت جو اظهار ٿيندو رهيو آ. خبر اٿئي ته ان جو تازو شاعريءَ جو مجموعو آيو آهي. جنهن جو عنوان آ ’محبت دل خوشبو آ‘.“
سائرا جو آواز سندس مسرت جو اعلان ڪري رهيو هو. اڄ ڏاڍي خوش لڳي رهي هئي، چيائين؛ ”اڙي! تو ته ٻڌايو ئي نه ته ڪير آ. سڀ ڪجھ ته مان ٻڌائي ويهي رهيس.“
تڏهن مون زبردستي مسڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. هڪ آھ دل مان نڪري لبن جي سرحدن تي دم ٽوڙي وئي. سائرا جا چيل لفظ ورجايم؛ ”سائرا ڪڏهن ڪڏهن اسان جنهن کي چاهيندا آهيون اهو ڀلي ڪيڏو به اسان جي قريب هجي. پوءِ کڻي شاعر هجي يا افسانا نگار پر ان سان اظهار ڪرڻ لاءِ الفاظ گم ٿي ويندا آهن ۽ اسان بيوس رهجي ويندا آهيون ۽ اها بيوسي زندگي ڀر به رهندي آ.“
تڏهن ڳالھ جو رخ ڦيرائيندي چيائين؛ ”ڀلا تون افسانا لکڻ ڇڏي ته نه ڏيندين نه!“
”نه اهو احساس مون کي تو بخشيو آ، مان ڇڏي نه سگهندس.“
مان وڌيڪ بيهي نه سگهيم. آخري ڀيرو سائرا جي دلڪش چهري تي نظر وجهي چيومانس؛ ”سائرا مان هلان ٿو. هڪ افسانو اڌورو ڇڏي آيو آهيان.“
”ڇا نالو رکيو اٿئي ان جو.“ ڏاڍي اشتياق سان پڇيائين.

”اڻپوري محبت.“

No comments:

Post a Comment