Wednesday, October 2, 2013

ويڳا پٽ - محمد علي پٺاڻ

ويڳا پٽ
ڪهاڻي
محمد علي پٺاڻ
”هوءَ اسان جي ابي جو ننگ آ. هن جي باري ۾ اهڙي ڳالهه سوچڻ به گناهه آ.“ ننڍي ڀاءُ نيم اونداهي ڪمري ۾ پنهنجي کٽ تي ليٽيل وڏي ڀاءُ ڏانهن منهن ڪندي چيو.
”تون اڃا ننڍو آ. زماني جي لاهي گاهي جي خبر ڪونهئي. پر مان گهاٽ گهاٽ جو پاڻي پيئون ويٺون آهيان. سڀاڻي هوءَ اسان کي اهڙو ڳچيءَ ۾ پوندي، جو تون سوچي ئي نه ٿو سگهين.“ وڏو ڀاءُ هڪ ساهه ۾ چئي ويو.
”ڪيئن؟“

”چوندي ته توهان جو ابو سڀوڪجهه مونکي ڏئي ويو آ. ويندي هن جاءِ جي ٽڪريءَ تان اهڙا پير پٽائيندي، جو ڏهئي آڱريون ڏندن ۾ ڪري، مٿو ڀت سان لڳائي ويهي رهندين.“
”نه، هوءَ اهڙي ناهي.“ ننڍي کٽ تي ٿورو مٿن ڀر سرڪندي وراڻيو؛ ”امان مئي کان پوءِ پورا ڏهه سال تو ڏٺو ته ماءُ جي ڪمي محسوس ٿيڻ ڏنئين؟ رکي سکي، جيڪا به رڌي، اڳ ۾ اسان جي آڏو اچي رکي. ٻڌاءِ، اسان کان اڳ ۾ ان سڄي عرصي ۾ ڪڏهن ڪو گرهه کن به کاڌئين؟ لٽا ڪپڙا سدائين ڌوئي ۽ استري ڪري رکندي. هلڪو مٿي ۾ سور هوندو، ته سؤ سؤ ڀيرا اچي پڇندي ۽ دعائون ڪندي. ڪڏهن به سڳي امڙ کان ڪو گهٽ ڀانيئين؟ يا مان ڪوڙ ٿو چوان؟“
”نه نه، اهو ته بلڪل سچ آ. پر ابي جي گذاري وڃڻ کان پوءِ هاڻي هوءَ ماٺ ميٺ ۾، تون ڏسجانءِ ويٺو ته رڳو هي عدت وارا ڏينهن گذاريندي. ان کان پوءِ پڦي ڪونج چواڻي، هر شيءِ جي وارث پاڻ ٿي ويهندي ۽ اسان کي هميشه لاءِ روهي رلا ۽ مٿي کلا بڇي ڇڏيندي.“
”ائين نه ٿيندو ڀائو.“ ننڍي ڀاءُ آواز کي ٿورو وڏو ڪندي چيو؛ ”پڦي آ مت جي موڙهي. هي غلط اندازو لڳايو آ. هي ويچاري ته فقيرياڻي آ. ابي کان اول نوري ڪاسائي سان اپاهجيءَ ۾ ڪيڏا نه ڳن وڍ ڏنائين ۽ جڏهن اهو ويچارو راهه رباني وٺي ويو، ته ان جي ڌيءُ گهر تي قبضو ڪري اچي ويهي رهيس، ته چئو اتي ڪو ڪيو هئائين گوڙ گهمسان. چپڙي ڪري نڪري وڃي ڀاءُ وٽ ويٺي هئي نه. جتان ابو بنا ٽڪو ٽڪر ڏيڻ جي نڪاح ڪري وٺي آيو هئس.“
”نوري ڪاسائيءَ جي ڌيءَ ارڏي مڙس جي زال هئي، جنهن جون اکيون ڏسي هوءَ ماٺ ڪري اتان نڪري وئي هئي. جڏهن ته نوري جي ناٺيءَ جي ڀيٽ ۾ اسان جي پاڙ ٺڪريءَ تي آ. ان ڪري هوءَ اسان کي گرڙي ڪرڻ ۾ دير ئي نه ڪندي.“
”تون ٿو چئين...“ ننڍي ڀاءُ کيس رد ڏنو.
”صحيح ٿو چوان. تون منهنجي ڳالهه تي يقين ڪر ۽ جيئن مون طئه ڪيو آ، ائين ڪرڻ ڏي.“
”ائين ڪندي ته اسان به بچي ڪو نه هلنداسي. سمجهي ڇڏ. هن جو ڀاءُ ڀلي ڪيترو به ڪمزور آ، پر اسان کي ان جا ٽوٽا ضرور چٻرائيندو.“
”اصلي نه. مان هن کي موڪليان ئي اهڙي ذات وارن ۾ ٿو، جن جي هڪ ئي هڪل سان ماڻهو گهر ۽ ڳوٺ ڇڏي، وڃي جهنگ وسائيندا آهن.“
”مونکي سٺو نه ٿو لڳي.“
”مجبوري آ.“
”ڳالهه پڪي ڪري ڇڏي ٿئي ڇا؟“
”ها.“
”گهڻن ۾؟“
”ويهن هزارن ۾. جن مان هن ڪوٺيءَ جي جهميل ڇت به ٺهرائينداسين، ته آڏو منهه کي به ٻه هٿ هڻائي، جهڙي ڦڙيءَ کنئون پڪو ڪنداسين. جنهن کان پوءِ مان ترت پنهنجي وهانوَ جي سنبت ڪندس. جيئن گهر جي ڪم ڪار لاءِ زائفان جي ڏکيائي نه ٿئي.“
”اهي هن کي وٺڻ ڪڏهن ايندا؟“
”سڀاڻي ڪچڙي منجهند جو چيو ٿئون.“
”هون...“
ڪوٺيءَ سان لڳ ٻاهر منهه ۾ کٽ تي ليٽيل ڪراڙي صدوران ڪنن جي سرلائپ سبب ٻنهي ڀائرن جي اها ٻولاچاري ٻڌي ورتي. جنهن کان پوءِ هو ڪيتري دير تائين ڊيڄهڙي واري دٻڻ مان پاڻ ڇڏائي نه سگهي_ ۽ جڏهن ڪڪڙن ٻانگون ڏيڻ شروع ڪيون، ته هو آهستي آهستي پاڻ سنڀالي اٿي بيٺي. پيرن ۾ جتي پائي بي آواز قدمن سان هوريان هوريان هلندي، اندرئين ڪوٺيءَ ڏانهن وئي. ٻنهي ڀائرن کي اگهور ننڊ ۾ ڏسي ساڳئي نموني ٻاهرين در ڏانهن سري وئي.
خبرداريءَ سان بنا کڙڪو ٿيڻ جي ڪڙو کولي، در جي هڪ طاق کي سيري، ان مان پاڻ سرڪائي ٻاهر ٿي بيٺي. پوءِ ٻاهرين در جو ڪڙو ڪنڊي ۾ اٽڪائي هن پنهنجي قدمن کي تيز ڪري ڇڏيو. جن جو رک هن جي ڀاءُ جي گهر طرف هو...

*****

No comments:

Post a Comment