Sunday, August 5, 2012

بغاوت - حسن علي هڪڙو


بغاوت
حسن علي هڪڙو
خيران ڀڄي وئي. خيران ڀڄي وئي، ظلم ٿي ويو، بغداد ٿي ويو، خيران ڀڄي وئي، پنهنجي پيءُ ڏاڏي جي ڏاڙهي ڪوڙي وئي! هو ويچارا ڪهڙو منهن کڻي شهر ۾ گھمندا! ڪهڙو پٽڪو ٻڌي هلندا! پيءُ جي پڳ لاهي ڇڏيائين، سندس عزت خاڪ ۾ ملائي ڇڏيائين. شل مار پوي خيران کي. هن هيءُ ڪهڙو ڪم ڪيو! ٻڏي نه مرِي، ڦاهي نه کاڌائين.


خيران ڇا ڀڳي، ڄڻ هڪ زلزلو اچي ويو، آسمان ڦاٽي پيو، قيامت اچي وئي. سڄي خاندان، محلي ۽ شهر ۾ هر ڪنهن جي وات تي اها ئي ڳالهه، ته خيران چڱو ڪم نه ڪيو. ماڻهن کي ڄڻ تماشو اچي لڳو. هوڏانهن خيران جي ڀائرن کي بندوقون هٿن ۾ هيون، جيڪي خيران ۽ غلام علي کي تلاش ڪرڻ ۽ مارڻ لاءِ نڪتا. غلام علي، جنهن سان خيران ڀڄي وئي هئي، خود هنن جو ويجھو عزيز هو. خيران ۽ غلام علي ڪاڏي ويا، اها خبر ڪنهن کي نه رهي. نانگ وڃي نڪري لڪير پئي ڪُٽجي، ڪري عيسو، لوڙي موسو. سو اچي ڦاٿا غلام علي جو پيءُ ۽ چاچو. هنن کي جڏهن خبر پئي ته غلام علي خيران کي ڀڄائي ويو آهي، ته هنن پنهنجا ٻار ٻچا گھران ڪڍي، ڪنهن محفوظ جڳهه تي پهچايا مس، ته پويان هنن جي گھر تي حملو ٿي ويو. خيران جي ڀائرن کي اها خبر ڪا نه هئي ته گھر خالي آهي، ۽ ڪو به ماڻهو ڪو نه آهي. هنن ته پنهنجي طرفان گھٽ نه ڪئي، فائرنگ ڪئي وئي. آخر هو گھر ۾ گھڙي پيا، پر گھر خالي هو. هنن گھر کي لُٽيو ۽ پيل سامان کي نقصان پهچايو. ڀلا پرائي باهه ۾ ڪير گھرندو! ان وقت سندن اکين ۾ خون هو. هنن جي غيرت جو سوال هو. جيڪڏهن ڪو به مزاحمت ڪري ها، ته هن جي به سِرَ جو خير نه رهي ها.
خيران ڇو ڀڳي؟ ڇا لاءِ ڀڳي؟ سندس ڀڄي وڃڻ جا سبب ڪهڙا هئا؟ انهن جي ڄاڻ وٺڻ لاءِ ڪو به تيار ڪو نه هو. ڪهڙو آزار هو خيران سان، جنهن جي ڪري هن ايڏو وڏو قدم کنيو؟ نه نه، ڪنهن کي ان بابت سوچڻ جي ضرورت ڪانه هئي. خيران غلط قدم کنيو ۽ هن پيءُ ڏاڏي جي ڏاڙهي ڪوڙي ڇڏي. اُٿو وٺو ماريو. جي غلام عليءَ جو پيءُ يا ڏاڏو نه ٿو هٿ اچي، ته هنن جي مائٽن کي ماريو، هنن جون عورتون کڻون، زوري ڪيو پر پلئه ڪيو. باهه پئي ٻري. جيڪو باهه جي سامهون پيو اچي، اهو سٽبو پيو وڃي. انتقام جي باهه ڪيترن ئي گھرن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو جنهن وسامڻ جو نالو ئي ڪو نه پئي ورتو. ڪي ماڻهو خيران ۽ غلام عليءَ جي ڳولا ۾ نڪتا ته جتي به ملن، اُتي انهن کي ختم ڪيو وڃي. ڪا به نصيحت ۽ صلاح وٺڻ لاءِ ڪو به تيار ڪو نه هو. هنن جي ڪلهن تي شيطان سوار ٿي چڪو هو.
خيران ڇو ڀڳي، ڇا لاءِ ڀڳي، هن جي به ته ڪو ٻُڌي. اي اديبو! ڇا توهان هن جي ڳالهه ٻڌندئو! يا توهان به ڪنن ۾ ڪپهه وجھي ڇڏيندئو، ۽ توهان به هنن ظالمن سان ها ۾ ها ملائي چوندئو ته خيران بڇڙي هئي، ڪاري هئي، هن چڱو نه ڪيو، پيءُ ڏاڏي جي عزت مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏي. نه نه، توهان کي ٻڌڻو پوندو، انصاف ڪرڻو پوندو، جي توهان جهڙن اديبن، دانشورن ۽ سماج جي براين کي ختم ڪرڻ وارن به خاموشي اختيار ڪئي، ته پوءِ هيءَ اٻوجھ، ڪمزور، بي وس ۽ لاچار سنڌي ناري ڪنهن وٽ وڃي فرياد ڪندي، ڪنهن کان انصاف گھرندي، هن جو ڀرجھلو ڪير ٿيندو، هن کي ڪير همٿائيندو، نمرود جي آڙاهه مان هن کي ڪير ڪڍندو، ڪوٽن جا ڪڙا ڪير ڀڃندو! توهان، صرف توهان. توهان کي اُٿڻو پوندو. حق جو ڪلمو توهان کي ئي چوڻو پوندو، هن جي حق لاءِ توهان کي ئي وڙهڻو پوندو. هوءَ صدين کان وٺي ظلم جي چڪيءَ ۾ پيسجندي ٿي اچي، هاڻي هوءَ ٿڪجي پئي آهي.
”اي منهنجا ساٿيو! اُٿو، ايڪويهين صدي توهان جي انتظار ۾ در تي بيٺي آهي. ان جو استقبال، پنهنجي مظلوم ڀيڻ کي به پاڻ سان ساڻ وٺي ڪرايو. ايڪويهين صديءَ جو تحفو، پنهنجي ڀيڻ کي ”آزادي“ جو تحفو ڏئي ڏيو.
اي سُقراط ۽ بُقراط جا وارثو! اي منصور جا پوئلڳو! اي لينن ۽ مارڪس جا پيامبرو! ٻُڌو ته خيران ڇا ٿي چوي. ٿورو سري اچو. ويجھو اچي ويهو. ڪن لائي ٻڌو، ڇاڪاڻ ته منهنجو آواز تمام آهستي آهي. مان ٻين کان ڊڄان ٿي، ته متان ٻيو ڪو ٻڌي نه وٺي، ۽ مون لاءِ آزار نه پيدا ٿئي. مان صرف توهان سان مخاطب آهيان. دل جو سور توهان سان سلڻ ٿي چاهيان. درد جي دوا توهان کان ٿي گھران، ته پوءِ هاڻ خيال سان ٻڌو.
منهنجو نالو خيرالنساء آهي. پيار ۾ مون کي خيران چوندا آهن. مان جڏهن امڙ جي پيٽ ۾ هيم، ته منهنجي زندگيءَ جو فيصلو ڪيو ويو. منهنجي پيءُ پنهنجي وڏي ڀاءُ کي چيو ته جي ڌيءَ ڄائي ته تنهنجي پُٽ کي ڏيندس. انهيءَ وقت منهنجي سوٽ جي عمر مشڪل سان ٻه سال کن ٿئي ها. انهيءَ وقت ٻنهي ڀائرن پڪ ڪري ڇڏي. جڏهن مان ڄاوس ته منهنجي پيءُ مون کي چاچي جي جھولي ۾ وڌو ۽ ڀاءُ کي چيائين ته هيءَ تنهنجي نُنههَ آهي. مان جيڪو وچن ڪيو هو، سو هاڻي پورو ڪيم. اڄ کان وٺي هيءَ تنهنجي امانت آهي.
سج اڀرندو رهيو ۽ لهندو رهيو. ڏينهن راتين ۾ ۽ راتيون ڏينهنِ ۾ بدلبيون رهيون. اڄ ننڍا سڀاڻي وڏا، مان ۽ منهنجو سوٽ، جيڪو منهنجو مڱيندو پڻ هو، ٻئي جوان ٿياسون. منهنجو سوٽ غلط راهه تي اچي ويو. هن مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ پڙهڻ ڇڏي ڏنو. پيءُ هن کي نوڪري وٺي ڏني، پر اها به ڦٽي ڪري ڇڏيائين. برن دوستن جي ور چڙهي ويو. رات جو گھر دير سان اچڻ لڳو. ڪڏهن ڪڏهن ٻه چار ڏينهن گھر کان غائب رهڻ، هن جو هاڻ معمول بڻجي ويو. هو تمام پري وڃي نڪتو هو. هيروئن جو عادتي بڻجي چڪو هو. هيروئن حاصل ڪرڻ لاءِ گھر جون چوريون ڪرڻ لڳو، ۽ ٻئي هنڌ به هٿي هئڻ لڳو. منهنجو مڱيندو هڪ زندهه لاش بڻجي چڪو هو. هن کي نه شادي جي ڳڻتي هئي، نه ماني جي. نه عزت جي ڳڻتي، نه غيرت جي. بس، هن کي ڳڻتي هئي ته هيروئن جي، ته هيروئن ڪيئن وٺي پيئي، پئسا ڪٿان آڻي، ڪنهن کان وٺي. هو نه جيئرن ۾ هو، نه مئن ۾. هن کي اها پرواهه ڪا نه هئي، ته هن جي جوان جماڻ ۽ حسين مڱيندي هن جا خواب ڏسي رهي آهي ۽ ننڍپڻ کان وٺي هن کي پنهنجي من مندر جو ديوتا ڪيون پوڄا ڪندي اچي ٿي. مان پنهنجي مڱيندي جي حالت ڏسي دل ئي دل ۾ روئندي هيس ۽ پنهنجي قسمت کي پٽيندي هيس، ته شايد منهنجا نصيب برا هئا، جو منهنجو مڱيندو بي راهه رويءَ جو شڪار ٿي ويو. ڪڏهن ڪڏهن ته راتين جون راتيون ويهاڻي ۾ منهن وجھي لوڪ کان لڪي روئندي هيس ۽ الله سائين کان پنهنجي مڱيندي جي حق ۾ دعائون گھرندي هيس ته اي منهنجا مولا! منهنجي جيون ساٿيءَ کي چڱيءَ راهه تي آڻ ۽ منهنجا نصيب ڀلا ڪر. ڀلا رب به ڇا ڪري انسان پنهنجي تباهيءَ ۽ بربادي۴ لاءِ پاڻ ڪمر ٻڌي اٿي، ته ان ۾ مولا جو ڪهڙو دوش! جي پاڻ کوهه ۾ ٽپو ڏئي، ته ٻئي جو ڪهڙو ڏوهه! آخر منهنجو مڱيندو انهيءَ ٻه واٽي تي پهتو، جتان تباهي جو رستو شروع ٿي ويو، جتان ڪوئي موٽي واپس نه آيو آهي، نه ايندو.
منهنجي پيءُ کي ڌيئرون تتيون هونديون هيون، جو ڄمڻ کان اول ئي يا ڄمڻ شرط ڏئي ڇڏيندو هو. مون کي ڀاءُ جي جھولي ۾ وڌائين ۽ منهنجي ڀيڻ راحت، جيڪا مون کان ننڍي هئي، جڏهن اها ڄائي ته ڀيڻ جي جھوليءَ ۾ وڌائين، ته هيءَ سندس نُنهه آهي. اسان ڌيئرون نه ٿيونسين ڄڻ وڪائو مال ٿيونسين يا ڪنهن مينهن يا ڳئون جو ڦر ٿيونسين جو خاص ڪري هت اسان جي سنڌ ۾ رواج آهي، ته وَڇ يا گابِي ڀاءُ يا ڀيڻ کي بخشش ڪئي ويندي آهي.
هونءَ به چوڻي آهي ته نياڻي کڻي ڪاري چور جي پويان لائجي، ته به ٻڙڪ نه ڪڇندي ۽ چپ چاپ هن جي پويان لڳندي، ڄڻ مينهن ڪلهي تان ڇوڙي مهار ڪنهن ٻئي جي هٿ ۾ ڏني وڃي، سو سنڌ جون نياڻيون ڳئون ماتا کان به پري آهن.
سو منهنجي ڀيڻ راحت، پڦيءَ جي ننهه ٿي. اها به اڄ ننڍي سڀاڻي وڏي. منهنجي ڀيڻ به جوان ٿي، پر مان سڀني ڀينرن ۽ ڀائرن کان سهڻي هيس. مون کي قدرت فياضي کان ڪم وٺي حسن جي دولت سان مالا مال ڪيو هو. هڪ نظر ڪنهن به مون کي ڏٺو ته ٻيهر ڏسڻ تي مجبور ٿي پوندو. جڏهن منهنجي پڦيءَ کي خبر پئي، ته خيران جو مڱيندو هيروئني آهي ۽ هاڻي خيران جو سڱ هن کي ڪو نه ملندو، ته هن جي نيت خراب ٿي پئي، ته ڇو نه خيران پنهنجي پٽ لاءِ وٺان. ڀلا سهڻي صورت ڪنهن کي نه وڻندي! منهنجي پڦاٽَ به ماءُ سان گڏ سُرُ ڀيروِي ڳائڻ شروع ڪيو، ته جي مامو اسان سان مائٽي ڪرڻ گھري ٿو، ته پوءِ راحت بدران خيران جو سڱ ڏيندو، ته وٺنداسون نه ته مائٽي ڪو نه ڪنداسون. واهه ڙي منهنجا غيرتي پڦاٽ! ڀل هن جي مڱ ٻيا پرڻجن، پر اڇي چمڙي ڏسي مون تي شڪن ٿي پيو.
آخر هڪڙي ڏينهن منهنجي پڦي اسان جي گھر آئي. منهنجي پيءُ ۽ پنهنجي ڀاءُ سان هن منهنجي سڱ بابت ڳالهايو، ته جي توهان خيران ڏيو ته مائٽي ڪنداسون، نه ته توهان ڏي به خير، اسان ڏي به خير. واهه ڙي منهنجا مٺڙا ابا! تو ته دير ئي ڪا نه ڪئي. جھٽ ۾ کير لاهي آئين ۽ ڀيڻ سان هائو ڪئي ته خيران توهان کي ڏني، اڄ کان وٺي توهان جي ننهه آهي. مان راحت ٻئي هنڌ پرڻائيندس، توهان ناراض نه ٿيو، پر هاڻي هڪ شرط آهي. پڦي چيو، چئه چئه ادا! مان هر شرط مڃڻ لاءِ تيار آهيان. ته پوءِ بابا چيس، ٻُڌ ڀيڻ خيران جي سڱ جي بدلي ٽيهه هزار روپيا ڏيڻا پوندئي، جي منظور ته خيران تنهنجي. واهه ڙي منهنجا پيارا ابا! ڌيءُ تي ٻولي لڳائي رهيو هو! حسن جو معاوضو وٺي رهيو هو! مصر جي بازار ۾ ڪنيز بڻائي وڪڻي رهيو هو! پئسن جي لالچ ۾ هن کان راحت ڌيءَ به وسري وئي، ڀيڻ جو رشتو به ختم ٿي ويو. ٽيهن هزارن جي ٻولي منهنجي پڦيءَ منطور ڪري ورتي ۽ مون کي خريد ڪري ورتو.
اهي سموريون ڳالهيون گھر ۾ ٻڌندي رهيس، پر خاموش رهيس ته ڪاڏي وڃان، ڪنهن کي چوان! آخر هڪڙي ڏينهن منهن لاهي پنهنجي هيروئني سوٽ ۽ مڱيندي کي چيم ته مان تنهنجي مڱ آهيان، عزت آهيان، غيرت آهيان، مون کي پيءُ ٻئي هنڌ نيلام ٿو ڪري، اُٿ غيرت ڪر، همٿ ڪر، مان تو سان ان حالت ۾ به شادي ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. مان تنهنجي آهيان صرف تنهنجي. تون ڪا همٿ ڏيکار. پر هن مان ڪجھ به نه ٿيو. هن مان هر شيءِ ڇڏائي وئي هئي. هن کي صرف هيروئن پئي کپي. بس، ٻيو مري ڇا، جيئي ڇا! هن جو ان سان ڪو واسطو ڪو نه هو.
مان اها ڳالهه برداشت نه ڪري سگھيس، ته جتي پهريائين منهنجي ڀيڻ ڏنل هجي، ته ان جي سينڌ جو سندور مان پنهنجي مٿي تي سجايان. مون کي اها ڳالهه منظور ڪا نه هئي. مان جڏهن پنهنجي ڀيڻ کي ڏسندي هيس، ته منهنجي دل هلڻ کان جواب ڏئي ڇڏيندي هئي. منهنجي ڀيڻ هڪ آلي ڪاٺيءَ وانگر ٻرندي رهي. هوءَ سڪي وڃي ڪنڊا بچي. هن کي وڏو صدمو پهتو. سندس اکيون ڏار ڏئي ويون ۽ چپ خشڪ ڄڻ ته ٽِي بِيءَ جي مريض ٿي وئي هجي. هن جي حالت ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وئي، پر خاموش، وات مان ڪڏهن به ٻاڦ ٻاهر نه ڪڍيائين، اندر ئي اندر ۾ کامندي رهي. سور کي امرت سمجھي پيئندي رهي، ڪڏهن به گلا يا شڪايت ڪا نه ڪيائين. مون کي به ڪڏهن ڪو مهڻو نه ڏنائين. پر مان ته هن جي حال کان واقف هيس، سو مون پڪو پهه ڪيو، ته ڇا به ٿي پوي پر مان هيءَ شادي نه ڪندس. پنهنجي ڀيڻ جي گھر کي پنهنجن هٿن سان برباد نه ڪندس. مان هن معاملي تي پنهنجيءَ ماءُ سان ڳالهايو ته تون بابا کي چئه ته خيران اتي شادي ڪرڻ لاءِ راضي نه آهي ڇو ته هن جي ڀيڻ جو مڱڻو اتي ٿيل آهي ۽ هوءَ اهڙو قدم کڻڻ لاءِ تيار نه آهي جنهن سان هن جي ڀيڻ جي دل آزاري ٿئي. چڱائي انهيءَ ۾ آهي ته جيڪو فيصلو پهريون ٿيل آهي، انهيءَ تي برقرار رهي، راحت جو گھر آباد ڪيو، هن کي بربادي کان بچايو. هوءَ حساس دل واري ڇوڪري آهي، هيءُ صدمو سهي نه سگھندي ۽ مري ويندي.
ڀلا منهنجي ماءُ جي ڪير ٻڌندو! هوءَ به ته مردن جي ماريل سنڌي ناري آهي، جيڪا صدين کان وٺي سور سهندي آئي آهي.
مان پڪو پهه ڪيو ته هن جهنم جي آڳ کان نجات حاصل ڪرڻي آهي. رسمن ۽ رواجن جا ڪوٽ ڪيرائڻا آهن. دوکي جي ديوار کي ڊاهڻو آهي، پوءِ ڇو نه مون کي سِر جي قرباني ڏيڻي پوي، مان ڏيندس. پر مان پنهنجيءَ ڀيڻ کي موت جي چنبن مان ڇڏائيندَس، هن کي مرڻ نه ڏيندَس. مان مري به هن کي جيئرو رکندَس.
مان انهيءَ جستجو ۾ هوندي هيس، ته ڪو اهڙو مڙس مٿير ملي، جيڪو مون کي کڻي وڃي، هن باهه جي تپش کان ڏور، تمام ڏور کڻي وڃي، جتي پيار هجي، عزت هجي، پنهنجائپ هجي، خوشي هجي، سڪون هجي، الفت هجي. هڪ دفعي هڪ عزيز جي شادي ۾ اهڙو جوان ملي ويو. اکيون چار ٿي ويون، دل جي راهه دل سان ملي وئي، راز ۽ نياز جون ڳالهيون هڪ ٻئي سان اوريون سين، وعده اقرار ٿيا، مرڻ جيئڻ جا قسم کنياسون، ڏينهن طَي ٿيو، جڳهه مقرر ٿي، پروگرام ٻڌوسون، ته تون به ڦلاڻي هنڌ اچجانء،ِ مان به اتي ايندس. شادي ختم ٿي. سڀڪو پنهنجي پنهنجي گھر پهچي ويو. گھر موٽي اچڻ کان پوءِ ننڊ مون کان ڄڻ رسي وئي. اکيون چوويهه ڪلاڪ کليل رهنديون هيون. آخر اهو وقت آيو، جنهن جو مون کي انتظار هو. فيصلو ڪرڻ تمام ڏکيو هو، پر هڪ مجبوري هئي. هڪ زندگيءَ جو سوال هو، منهنجيءَ ڀيڻ جو سوال هو. مان سڀ مهڻا، گاريون، جدايون، سر تي کڻي الله توهار ڪري سير ۾ گھري پيس، ته چاهي درياهه جون بلائون کائن يا ميهر سان وڃي ملان. درياهه جي ڇولين زندگي ته بخشي، پر ارڪو ترڪو ڪڍي ڇڏيو. منهنجي مڙس جو گھر ويو، گھاٽ ويو. هن مون لاءِ وڏي قرباني ڏني. هن وقت اسان پري آهيون، تمام پري غيرالوطن بڻيا ويٺا آهيون. پر مان پشيمان نه آهيان. پنهنجي کنيل قدم تي ثابت قدميءَ سان ڄمي بيٺي آهيان، ته جا راهه مون ورتي آهي، اها حق سچ جي راهه آهي، آزاديءَ جي راهه آهي. جو قدم اڄ مون کنيو آهي، اهو قدم هر انهيءَ مظلوم، مجبور سنڌي ناريءَ کي کڻڻو پوندو، پوءِ اهو اڄ کڻي يا سڀاڻي، پر کڻندي ضرور. منهنجا اديب ڀائرو! توهان صرف هن کي جاڳايو، هن کي زبان ڏيو، حق گھرڻ جو شعور ڏيو! جي توهان به خاموش رهيا ۽ ٻين سان گڏجي اهو راڳ آلاپيندا رهيا، ته خيران ڀڄي وئي، خيران ڀڄي وئي، ته پوءِ اسان جا هٿ توهان جي گريبانن ۾ هوندا، خيران جو آواز آهستي آهستي ٿيندو ويو. تمام آهستي، آهستي آهستي ختم ٿي ويو.

•••
(۱۹۹۳-۷-۲۳)

No comments:

Post a Comment