Wednesday, August 15, 2012

حيدرآباد ۴۷ ڪلوميٽر - گل محمد عمراڻي


حيدرآباد ۴۷ ڪلوميٽر

زيب سنڌي جو هڪ ڪتاب

گل محمد عمراڻي
گهڻو وقت اڳ شروع شروع ۾ مان زيب سنڌي کي ريڊيو پاڪستان تان ٻڌي هن جي شخصيت جي باري ۾ هڪ مخصوص تاثر قائم ڪيو، جنهن ۾ هن جي اڻ ڏٺل شخصيت تي سندس متاثر ڪندڙ آواز جو پڙلاءُ ڀاري هو، بعد ۾ جڏهن مون هن کي ميرپورخاص ۾ هڪ ادبي ڪانفرنس ۾ پهريون دفعو ڏٺو ته محسوس ڪيو ته زيب هڪ مرنجا مرنج ۽ خوشگوار شخصيت جو مالڪ پڻ آهي، سندس نالو ادب ۾ ۷۰ واري ڏهاڪي کان روشن ۽ عيان آهي، خاص طور جڏهن هن شوبز جي اردو ۽ سنڌي رسالن ۾ لکڻ سان پنهنجي ادبي سفر جي ابتدا ڪئي ته اياز گل چواڻي اهو اسان جي ڪجهه ڪري ڏيکارڻ واري جنون جو زمانو هو ۽ اهڙي ئي جنون زيب سنڌي کي نوجواني جي ٻين سڀني ڌٻڻن Quqmire کان بچائي ڪهاڻيڪار بڻائي ڇڏيو. مان اياز گل جي هن بيان سان سهمت ناهيان، ڇاڪاڻ ته زيب سنڌي اڃا تائين انسان دوستي جي اونهي کوهه ۾ غرق ٿيل اهڙو نماڻو ۽ نهٺو شخص آهي جنهن وٽ عام رواجي اديبن، شاعرن، محققن ۽ معاملن واري انا پرستي جي بوياس نه آهي ۽ نه ئي هو ڪو سنياس ورتل آدم بيزار مجنون آهي، جو پنهنجي غم جانان ۾ مگن ٿي ڪنهن صحرا جو رخ ڪري، ڪنهن ٿوهر جي اوٽ ۾ ويهي ڪهاڻيون تخليق ڪري ٿو، نه ائين بلڪل ناهي هو زمين سان واڳيل ذي هوش ليکڪ آهي.


سندس ڪهاڻين جو ڪتاب ”ڌنڌ ۾ گم ٿيل منظر“ پنهنجي وقت ۾ جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي تاريخ ۾ پاڻ مڃرائي چڪو آهي، سندس ٻه سال اڳ آيل ڪهاڻين جو مجموعو ”حيدرآباد ۴۷ ڪلوميٽر“ سنڌي ڪهاڻي جي صف ۾ هڪ اهم ۽ نهايت خوشگوار تازي هير جو جهوٽو هو، ان ڪتاب جو ”سڳند“ ان وقت به محسوس ڪيو ويو ۽ ان وقت ئي مون پنهنجي هڪ تبصري ۾ ان کي ٻوساٽيل (اهو تبصرو زيب پاڻ سان گڏ کڻي ويو هو، پر ڇپيو يا نه، اها وري مون تائين Feedback يا ڪا به خبر ڪو نه پهچايائين جنهن جي ميار هن کي ڪهڙي ڏيان.)
سنڌي ڪهاڻي ۸۰ واري ڏهاڪي کان پوءِ امر جليل، نسيم کرل، طارق اشرف، غلام نبي مغل، مراد علي مرزا، خير النساءِ جعفري، ماڻڪ، ظفر حسن، شوڪت شورو، آغا سليم، مشتاق شورو، علي بابا، مدد علي سنڌي جهڙن گهڻ پڙهيلن ۽ فني طرح سان مشتاق ۽ ماهر ڪهاڻيڪارن کان پوءِ ڪهاڻيءَ جي پيچيده ورن وڪڙن بند پيچرن ۾ اچي اهڙي سوگهي ٿي جو حقيقت نگاري (Realism) کان تجريديت جي اوڙاهه ۾ وڃي غلطان ٿي ۽ ڪهاڻي مان ڪردار ۽ پلاٽ نڪري ويا ۽ وڃي آخر ۾ بچيا فلسفياڻا ڊائلاگ جنهن ۾ هڪ لفظ ”پولار“ ايترو ته ڪثرت سان استعمال ۾ وڃي پهتو آهي ۽ اتي ئي خلا نوردن سان گڏ هميشه لاءِ مقيم بلڪ مقيد ٿي ويو آهي. ان تناظر ۾ زيب سنڌي کي جس هجي جو هو پولار کان سنڌي ڪهاڻي کي واپس زمين تي کڻي آيو ۽ هن کي Down to earth (زمين تي بيٺل) هڪ صحيح ادبي ڪهاڻي جي روپ ۾ سرجي ۽ سوچي پيش ڪري ٿو، هن وٽ ڪهاڻي ۾ باقاعده پلاٽ ڪردار سازي جو هنر ۽ فن، حسن ۽ ادراڪ آهي. هو زندگي جي ڪچين ڦڪين، ڏنگين، ٽيڏئين ۽ تکين مٺين حقيقتن کي بيان ڪري ٿو. هڪ پروفيشنل، غير نمائشي، غير فلسفيائي طرز، نوع ۽ نقطي سان هڪ سٺي قصي گو جي انداز سان، بغير اجائي لفاظي ۽ زباني جمع خرچ جي پڙهڻ وارن کي آکاڻي پنهنجي اصل رنگ روپ ۾ آڻي ڏيکاري ٿو، جيڪا enjoy ڪجي ٿي. زيب سنڌي جي زير مطالع ڪتاب ۾ فقط ڇهه ڪهاڻيون آهن، جن ۾ پهرين ڪهاڻي ڊانسنگ گرل، فئنٽسي جي انداز ۾ تحرير ٿيل آهي، پاڻ مصنف به ان کي فئٽسي جيان ئي Treat (نڀائي) ڪري ٿو، پر اڳتي هلي اها ڪهاڻي اوچتو الفريد هچڪا جي مسٽري ۾ اسٽيفن ڪنگ جي (مافوق الفطرت) طرز ۾ پنهنجي ڪلائمڪس تي پهچي ٿي.
ڪهاڻي جي بيهڪ ۽ جوڙ جڪ، سنڌي فڪشن ۾ نواڻ آڻي ٿي، هڪ مسٽري لکڻ جو جواز زيب، امر جليل کان وٺي ٿو، جنهن هن کي هڪ دفعو سنجيدگي سان اهو مشورو ڏنو هو ته جيئن ته سڄي دنيا ۾ مسٽري (پراسرار) ڪهاڻي لکي پئي وڃي ۽ ڪامياب صنف به آهي، ان ڪري سنڌي ٻولي ۾ مسٽري ڇو نه لکڻ گهرجي! زيب پاڻ مڃي ٿو ته هن پنهنجي دل جو چيو مڃيو ۽ هيءَ مسٽري لکي آهي، سڄي مغربي دنيا ۾ هاڻ ته ڊپ ڏياريندڙ ڪهاڻيون لکجن پيون ۽ سائنس فڪشن جو ته عروج آهي، اسٽيفن ڪنگ (مشهور) آمريڪي ڪهاڻيڪار هاڻ دنيا جو مهانگو ترين ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار آهي.
هتي اسان وٽ جيڪو نيم جاگيردارڻو، وڏيرڪو ماحول آهي، ان ۾ شهري زندگيءَ جون حقيقتون، حسناڪيون، گهٽون ۽ مايوسيون وڌيڪ جديد آهي، ڪهاڻيءَ ۾ عيان ۽ نروار ڪيل آهن ۽ سي به گهڻو ڪري ڀارت جي سنڌي ڪهاڻي ڪارن جي ادبي ڪاوشن ۾ ماڊرن ڪهاڻي ڄامشوريو ڪئمپس کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ تيار ئي نه آهي! زيب وٽ شهري ۽ ٻهراڙي جي وايو منڊل بابت هڪ جهڙي، هموار ۽ يڪسان سوچ آهي، هن وٽ جديد زندگي جي منجهيل ۽ سماجياتي تاڃي پيٽي جي باريڪ بيني سان چٽسالي ڪرڻ واري اک ۽ پين آهي، سندس ڪهاڻي ”ڊانسنگ گرل“ جا ڪردار ممبئي، ڀارت کان لاڙڪاڻي جو سفر ڪن ٿا ۽ انهن جي گفتگو جو لهجو تقريبن ڪٿي ڪٿي پاڪستاني سنڌي وارو آهي، جيڪا مصنف جي آرٽ جي اهم اوڻائي ليکي سگهجي ٿي، اڄڪلهه ڀارتي سنڌي، جنهن لهجي ۾ پنهنجي مادري سنڌي ٻولي ڳالهائي ٿو، اهو اسان واري عربي فارسي ۽ اردو زده سنڌي کان ڪافي مختلف، بلڪ ٺيٺ سنسڪرت ۽ هندي آميز آهي، هن اهم ڪهاڻيءَ ۾ مکيه ڪردار گورڌن جي ٻولي جا ڪجهه نمونا پيش خدمت آهن، جيڪي ڏيکارين ٿا ته گورڌن نه پر مصنف پاڻ ڳالهائي رهيو آهي:
گورڌن کي ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو ۽ هن ڪجهه ڳالهائڻ خاطر چئي ڏنو ته؛ ”پوءِ وقت جي ان وڇوٽيءَ کي تون ئي اورانگي وٺ.“
اڄ ڪلهه جي مروج هندستاني سنڌي ۾ گورڌن کي هيئن چوڻ گهرجي ها ته ”پوءِ تون سمئه جي هن سيما کي اُلنگهي وٺ.“ ڪٿي ڪٿي هيروئن به حيدرآباد، لاڙڪاڻي واري سنڌي ڳالهائي ٿي ۽ چوي ٿي ته ”ويندي ويندي مان تو کي اهڙي نشاني ڏئي وينديس، جيڪا تو کي سدائين ياد ڏياريندي ته مان تو سان هر وقت گڏ آهيان.“ هن ڇوڪريءَ کي اڄڪلهه جي مروج هندستاني سنڌيءَ ۾ هيئن چوڻ گهرجي ها: ”وڇڙڻ کان اڳ مان تو کي اهڙي نشاني پريم جي ارپيان ٿي جيڪا تو کي جنم جنم، منهنجي ڪلپنا ٿي تنهنجي ڀاونائن ۾ امر رهندي.“
زيب سنڌي جي ٽائيٽل ڪهاڻي حيدرآباد ۴۷ ڪلوميٽر، پنهنجي سٽاءَ، جوڙ جڪ، بيهڪ، ۽ مڪالمن جي ڪري ڪنهن به جديد مغربي ڪهاڻي جون سڪون لاهي ٿي، ڪٿي ڪٿي سسپنس، تجسس ۽ مافوق الفطرتي ماحول جي بهترين عڪاسي ٿيل آهي، جنهن ڪري مصنف کيرون لهڻي. ان ڪهاڻيءَ ۾ اسٽيفن ڪنگ جي ڀوائتي ڪهاڻين جو ڀرپور اثر اڀري اچي ٿو ۽ ائين محسوس ٿئي ٿو ته زيب سنڌي ڪافي گهڻي وقت کان سسپنس ڪهاڻي جو بغور مطالعو ڪندو رهيو آهي.
هي ڪتاب هن ڪهاڻي ڪري يادگار رهندو ڇاڪاڻ ته اها ڪهاڻي پوءِ هڪ ڪامياب ٽيليويزن فلم جي روپ ۾ پيش ٿي عوامي پذيرائي ماڻي چڪي آهي، ڪهاڻين جو هي ڳٽڪو زيب جو تيرنهون ڪتاب آهي، جيڪو هن جي تخليقي سفر ۾ هڪ سنگ ميل ثابت ٿيو هو، زيب وٽ ذهين سوچ، سڄاڻ ۽ بيباڪ قلم ۽ تُز مشاهدو آهي، سندس ذاتي مطالعو به بيشڪ سندس مشاهدي کان ڪنهن طرح به گهٽ نه آهي، منهنجي دل چئي ٿي سندس جديد ڪهاڻي کي ائين ئي وري وري ويٺو پڙهان جيئن جواني ۾ عصمت چغتائي، منٽو، ڪرشن چندر، قرة العين حيدر، راجندر سنگهه بيدي ۽ رام لعل کي اردو ۾ ”بيسوين صدي“، ”شمع دهلي“ ۽ ”شب-خون“ ۾ پڙهيو هيم، جيترو حقيقي زندگيءَ ۾ شگفته ۽ صاف سيبتو سندس گفتگو جو انداز آهي، اوترو ئي من موهيندڙ سندس نثري ادبي اسلوب ۽ ڪهاڻي ڪٿا کي نڀائيندڙ هن جو آرٽ ۽ ان جو ٽريٽمينٽ آهي. زيب وٽ زيب داستان جو ڏانءُ ۽ ڏات، بدرجه اتم آهن، هو جديد ڪهاڻي جي ساک رکيو اچي، اڃا هن مان گهڻيون اميدون آهن، الله ڪري زور قلم آور زياده ٻين چئن ڪهاڻين تي تبصرو ڪرڻ عبث آهي، ڇاڪاڻ ته هي سڀئي ڪهاڻيون زيب جي ڪتاب جون بهترين ڪهاڻيون آهن. ٿورو لکيو، گهڻو سمجهندا. اصل مزو آهي به انهن ٻن انوکين وٿن ۾ جيئن چئبو آهي ته پڊنگ جي ٽيسٽ آهي. ان جي کائڻ ۾ ان طرح اوهان پاڻ ڪهاڻيون پڙهندو ته وڌيڪ حظ ۽ لفظي چس ۽ رس ملندو. ويجهڙائيءَ ۾ زيب جي ڪالمن جو مجموعو به سنڌي ادبي بورڊ ڇپايو آهي. اڃا ڏٺو ناهي. اهو ڏسبو ته ان تي به خامه فرسائي ضرور ڪبي. في الحال اڄوڪي نشست انهيءَ مجموعي جي نظر. يار زندهه، صحبت باقي.

No comments:

Post a Comment