Monday, August 20, 2012

اديب، اڻ اديب

اديب، اڻ اديب

وھاب سھتو


اڙي يار! اديب صاحب! اٿندين به يا سڄو ڏينھن ڪتابن جي مٿان ڏوڙو لڳو پيو ھوندين. شاھ علي نيٺ بيزار ٿيندي، فيصلائتي رڙ ڪئي.

ڇا هي؟ نجم عباسيءَ جو ترجمو ڪيل ڪھاڻين واري ڪتاب، اڪيلا نه آھيون مان منھن ڪڍي، اکيون ڇنڀيندي، کانئس پڇيم.

عجيب نموني سان گھوريندي چوڻ لڳو؛ خبر نه اٿئي ته ڪاڏي هلڻو آھي.


سندس مطلب ته سمجهي ويس. تنھن ھوندي به اڻڄاڻ ٿي پڇيومانس؛ ھان ڪيڏانھن هلڻو آھي؟ منھنجو مطلب آ ته هي سرما سينڌيون ۽ سينٽون ڪاڏي هلڻ جي تياريءَ ۾ ٿيا آھن؟

شدت واري ڪاوڙ، جيڪا سندس منھن مان بکي پئي، انھن لفظن تي ٿڌي ٿي وئي. تير نشاني تي لڳو هئو. ڪاڏي به ھلندو آھي ته ٺاھ ٺُوھ کانسواءِ نه ھلندو آھي. پوءِ ڀلي گاڏي نڪري وڃي، پر هيءُ سنورجڻ جون هڙئي رسمون پوريون ضرور ڪري.

ڪمري ۾ ٻه ڄڻا ئي هئاسين.

جنھن ڪوارٽر ۾ رھون ٿا، سو ڊبل روم آھي. پاسي واري ڪمرو، جنھن ۾ اٽيچ باٿ ۽ ليٽرن جي سھوليت آھي، تنھن ۾ اسان رھون ٿا.

ڪمري ۾ ڇڪي مسي چار کٽون پونديون. جڏھن چوٿين کٽ وجھندا آھيون تڏھن لنگھڻ جي جاءِ نه ٿيندي آھي. رات جو سمھڻ وقت چار ئي وجھندا آھيون ۽ صبح جو چوٿين، هلڪي ۽ ننڍي کٽ، اڀي ڪري ڇڏيندا آھيون ته جيئن ڪمري ۾ ھلي چلي سگھجي. ڪمري ۾ ڪرسي ٽيبل رکڻ جو ته گمان به نه ٿو ڪري سگھجي.

ڪوارٽر، ھڪڙي سرويئر خان محمد جي نالي تي الاٽ ٿيل آھي. پاڻ، ھڪڙي ڪمري ۾ ڇڙو رھندو آھي ۽ اسان واروڪمرو، ٺيڪيدار چوڌري جاويد کي اڌ مسواڙ تي ڏنل اٿس، جنھن مھربانيءَ طور اسان ٻنھي کي پاڻ سان رھايو آھي. ڪالونيءَ اندر، لوڪل چوڪيدار ۽ پٽيوالا، خوشامد تي ڪوارٽر سيڙايو ويٺا آھن. جڏھن ته پري کان آيل ملازم ڌڪن ٿاٻن ۾ آھن. وري به ٺيڪيدار کي حياءُ ٿيو، جنھن تڪليف ھوندي بنا معاوضي ۽ لالچ جي، ساڻ رھايو آ. اھا ٻي ڳالھ آ ته ساڳيو ڪمرو، مفت ۾ ته ٺھيو، ساڳين پئسن ۾ به اسان کي نه ملي ھا.

شاھ علي ۽ مان ساڳي سب ڊويزن جا سرويئر آھيون. سائيڊون، ٻنھي جون، تمام پري آھن. نئون ۽ ڏيٺ ويٺ نه هئڻ سبب، ٻنھي کي ٻاهر اڇلائي ڦٽو ڪيو اٿائون. شاھ علي کي ته نوڪريءَ ۾ آئي سال کان مٿي عرصو ٿيو آھي ۽ مون کي چار مھينا مس ٿيا آھن. مون کان چار پنج سال ننڍو آ. نوڪريءَ ۾ اڳي اچڻ جو سبب، ھو ڊپلوما ڪري سرويئر ٿيو آ ۽ مان بي اِي کان پوءِ. پگھار، مون کان گھڻي اٿس. سال جي انڪريمينٽ پنجٽيھ روپيا لڳي اٿس. آھيون ٻئي سڃا ٺٺينگ. سڃو، سڃي کي سؤ ڪوهه تي ڳولھي لھي وانگر اچي پاڻ ۾ گڏيا آھيون.

توھان اديبن جو ته سدائين مٿو خراب ھوندو آھي. سڄو ڏينھن سيڪس جا ڪتاب پڙھندا آھيو ۽ عشق جا افسانا ۽ ڪھاڻيون لکندا آھيو. اڙي آھيوَ ڪو ٻيو به ڪم دنيا ۾؟ اڪيلا نه آھيون ڪتاب جي ٽائيٽل ۽ نالي مان فائدو وٺندي، اندر جي باهه ڪڍيائين.

انھي کانسواءِ ٻيو به ڪو موضوع آھي ڇا، جيڪو مزيدار ۽ چٽپٽو ھجي. جنھن کي پڙھجي يا ان تي لکجي ته دل کي تسڪين ملي؟ ڳالھ کي اينگھائڻ خاطر جواب ڏنومانس.

“اڙي! تون اديب آن؟ تو کي اھا به خبر ناھي ته دنيا ۾ لکڻ لاءِ ڪيترا ۽ ڪھڙا ڪھڙا نه موضوع پيا آھن. رڳو اھو موضوع آھي؟ جيڪو سولو ۽ آسان ٿو لڳيوَ، سو سڀئي اديب کنيو بيٺا آھيو. جيڪو ٿو گھر کان رُسي سو عشق تي ڪھاڻي ٿو لکي. عشق توھان اديبن ايترو سستو لڌو آھي ڇا؟ اوھان اديبن عشق کي ايڏو ته خواهه مخواهه ۾ بدنام ڪيو آھي جو ھاڻي اسان جھڙن کي عشق ڪرڻ کان به شرم ٿو اچي. مون واري جواب تي ديناداستيءَ جرح ان لاءِ ڪيائين، جو سندس تيار ٿيڻ کان پوءِ، بجاءِ ساڻس يڪدم اٿي هلڻ جي، مان ڪتاب تي ئي ڪريو پيو ھئس.

عشق جي ڳالھ ۾ تو کي شرم انھيءَ لاءِ ٿو اچي، جو تنھنجي عمر اڃا اھڙي آھي. تون اڃا انھيءَ شڪ ۾ ورتل آن ته عشق تون ٿو ڪرين يا تو سان ٿو ٿئي. جيڪڏھن تون اديب ھجين ھا ته تو کي نسيم گل ۽ فھيم گل وارن وانگر اڄ، عشق تي فخر ھجي ھا. تون شرمائڻ بجاءِ، ٽنگون ٽيڙي ۽ ڳاٽ اونچو ڪري ھلين ھا.

اڙي! وري چاچنھن واري بڪواس شروع ڪيئي! منھنجي سامھون انھيءَ عشق جي ڳالھ نه ڪندو ڪر! جيڪو رڳو لکيو ويندو آھي، پر ڪرڻ لاءِ ڪيو نه ويندو آھي. توھان اديب لکڻ لاءِ ته محبت جي باري ۾ ئي لکندا آھيو، باقي جي ڪو چڱو ڇورو هٿ اچي وڃيو ته مائٽن کي بج به نصيب نه ٿئيس. اديب ۽ مھا ليکڪ بنائڻ جا ڏٽا ڏئي پيا گھمايوس ڦيرايوس ۽ ان جي صدقي دوستن يارن مان پيا چانھيون ۽ بوتلون ڪڍو.

اڙي! بابا! ساريءَ دنيا ۾ آھي ته انھن ٽن شين جي ضرورت. ھڪ سھڻو ڀر ۾ ھجي، ٻيو چار چڱا سلامي ھجن، ٽيون مفت جو چانھ پاڻي ھجي. اڄ جي دور ۾، اھي ٽي شيون ملن، جنھن کي مفت ملن، تنھن کي باقي ڇا کپي؟

ڌوڙ اَٿو منھن ۾، اُٿي! ھاڻي اُٿي ته هلون. رجب کي ڏسون. ھو خان محمد به هر هر ٿو دڙڪا ڏئي ته؛ ڪمرو ڇڏيو، مان سپرنٽينڊنٽ کي رھائيندس.

انھيءَ شاهه دولي جي ڪئي کي چؤ ته وڃي رھائيس پاڻ واري ڪمري ۾. اسان کي ڪو پاڻ رھايو اٿئين ڇا؟ چئينس وڃي چوڌري جاويد سان ڳالھائي. ڪمرو ان کي ڏنو اٿائين ڪو اسان کي ڏنو اٿائين ڇا جو تو کي ٿو چوي ته؛ ڪمرو ڇڏيو. ڀلا ڪمرو ڪو سندس وڏن جي ملڪيت آھي ڇا؟ جو اسان ڇڏي وڃون.

خانوءَ جو نالو ٻڌي، منھنجي سامھون شاهه دولي جو ڪئو ڪھاڻيءَ جو سين ڦرڻ لڳو. شاهه دولي جو ڪئو جيڪو ٻين لاءِ ڪرتب ڪندو وتي ۽ پاڻ کان سنگھه پئي وهيس ته خبر ئي نه پئيس. هيءُ به ان وانگر آ. بقول شاھد خان سرويئر جي؛ فِت فِت! هِت بيٺو آھي، فِت فِت! هُت بيٺو آھي. ھڪ ھنڌ ٽڪاءُ ئي ڪونھيس. ييس مين آھي. اڄ جي آفيسرن کي به رڳو ييس ميني ٿي وڻي. سچي ماڻھوءَ جو قدر ڪونھي. آفيس جا ڪم ته پاڻيھي پيا هلن.

پنج ڏينھن اڳ ۾، اسان جي ڪمري جي ٻنھي درن وارا تالا ڀڃي، ٽپڙ ٻاهر اڇلرايا هيائين. مان انھيءَ ڏينھن شاهه گودڙيي ۽ حمل وارن علائقن جو پاڻي چڪاسڻ لاءِ يونيسيف جي نمائندي ھائيڊرو جيالاجسٽ سان ويل ھئس. شاھ علي، خانوءَ سان ڪڇي ڪو نه سگھيو هئو. ڏاڍي جي لٺ کي آھن ٻه مٿا. ھڪ ته خانوءَ جي شڪل به ڏانئڻن وانگر آھي. ٻه نيشون ٿوريون ڊگھيون اٿس. انھن نيشن جي ڀو کي هلڪو ڪرڻ لاءِ پھرين ’ھھ‘ ڪري ڪوڙو ٽھڪ ڏيندو آھي، پوءِ ڪا ڳالھ ڪندو آھي. ان ۾ به مطلب گھٽ، چمچاگيري سرس ھوندي اٿس. جنھن جي ڪري ٻيا به سندس هاسو هيا.

جڏھن رات جو موٽيس ته خبر ملڻ تي ڦڏو ڪيومانس. انجنيئر تائين ڳالھ پھتي.

اسان جو موقف ھيو؛ جيستائين شھر ۾ جاءِ ملي، تيستائين اسان ڪمرو نه ڇڏيون. جڏھن جاءِ ملي، پوءِ ڪمرو ڇڏي وڃون.

انھيءَ ڏاڏر تي سڀئي ڌريون ڍريون ٿيون ۽ مھلت ملي. وقت کي ڌڪو ڏيڻ لا، اسان به ان ۾ راضي ٿياسين. جتي ڪو طرفدار نه ھجي، اتي مھلت به غنيمت.

توھان اديب به رڳو وات هڻي ڄاڻو. لکڻ به ڪم آ، اھو به اوھان کان ڪو نه ٿيندو. اھو به ٻئي ڪنھن جو ھجي ته چورائي پنھنجي نالي تي ڇپرايو ۽ نالو ڪمايو. ڪنھن ڪم لاءِ اصل چئجيوَ به نه. ويھي ويھي اهڙا ڀاڙيا ٿي ويا آھيو جو مانيءَ جو گرهه به ٻيو ڀڃي وجهيو. توھان کي ان جي ڀڃڻ جي به طاقت ڪانھي. باقي شل نه ڪو هيڻو هٿ اچيو. رنن وانگر ھڪڙي گار لاھيوس ته ٻي چاڙهيوس. اٿي ھاڻي ڇڏ انھيءَ پڻھين نجم عباسيءَ کي. اھو پاڻ ته بنگلن ۾ آرامي ھوندو، سر تنھنجو رلائي ڇڏيو اٿئين! ڪتاب هٿ مان کسيندي، پيرن سان منھنجو بوٽ، منھنجي پيرن وٽ سيريندي، چيائين؛ “اٿي پاءِ بوٽ! رجب ڏسي آيو آھي. هتي ڪالونيءَ جي سامھون واري گھٽي ۾ ھڪڙي جاءِ مسواڙ تي ملي ٿي، سا ڏسي اچون!

ڏسڻي ڇا آھي؟ بس جڳھ کپي. ھو ڏئي ٿو. ڪيتري ۾ به ڏئي، في الحال ته وٺڻي آھي؟ تون ئي وڃينس. مان ڇا هلي ڪيان؟ نٽائيندي چيومانس.

بابا جڳھ آھي، نيٺ ڏسي وائسي وٺڻي آھي. رهڻ جي لائق آھي؟ ناھي؟ وھنجڻ جي جاءِ ۽ ڪاڪوس خانو اٿس، نه اٿس. مسواڙ مناسب اٿس، نه اٿس؟

”جڳھ آ، ڪا ڪنوار ناھي جو ھڙ ڏسڻ ھلونس.“ مون مسلسل نٽائيندي چيس؛ ”جڳھ جي خبر تو کي نه پوندي جو مان به هلان؟!“

تو کي رهڻو آھي آ يا ڪو نه اٿئي رهڻو؟ سڌو ٻڌاءِ، هلين ٿو يا نٿو هلين. پارو صفا چڙھي ويس. وڌيڪ بحث ڪرڻ معنى رستا ڇنڻ. وڌيڪ ڪٿڻ کانسواءِ، يڪدم بوٽ پاتم.

سائين ناراض ڇو ٿا ٿيو؟“ بوٽ ڇنڊڻ وقت، غصي کي ٿڌي ڪرڻ لاءِ، مکڻ مکڻ جي ڪوشش ڪندي چيومانس؛ حڪم کپي سائين جن جو. غلامن کي ڪاڏي ھلڻو آ.“

غلام جو سڪو. اسان جي هيڏي پئي ٿي بيعزتي ٿئي. سڀڪو ٿو چئي؛ ڪالونيءَ ۾ ڇڙا ڇانڊ رهيا پيا آھن. هر ڪو اسان مان بيزار. سوير ساجهر هلي ڪو ٿڻ ٿانءِ ٿيون. هيءُ مڙس آ، جو رڳو ننڊون ھجنس يا لکڻ پڙهڻ جو ڪم. باقي ٻئي ڪم کان ٻرو. نڙي گھٽجي وئي ھئس. ڳٽا لال ٿي ويا ھيس. نڪ جي چوٽيءَ مان پاڻيءَ ڦڙو ڪرڻ تي ھيس، چپ ون ون پيا ڪنس ۽ ڪن دونھانٽجي ويا ھئس. ٺريو ته نه، پر پنھنجي منھن چين چين ڪرڻ لڳو.

اڙي ته پوءِ ڇڙا رڳو اسان ٿا رھون ڇا؟ خانو نٿو رهي؟“ ڳالھ جو رخ مٽڻ خاطر چيومانس.

اڙي ته پوءِ اھو چاچو اٿن. تون مان نوان آھيون.“ اندر جو اوٻر، اڃا نڪري پورو نه ٿيو ھيس. باھ ڪڍندي چوڻ لڳو؛ ڀلي ڪنھن سان ڪيتري به چڱائي ڪيون، اسان تي ڪير به اعتبار نه ڪندو.

تو کي ڏيڍ سال ٿيو آھي.“ ڳالھ جو رخ ڦيرڻ واسطي وري چيومانس؛ تون به اڃا نئون آن!“

اڙي بس ڪر ھاڻي بڪواس، چپ ڪري هل.

ڪمري کي تالو هڻي ٻاهر آياسين. رجب چوڪيدار کي، جاءِ ۽ مالڪ ڏيکارڻ لا، اچي بينچ تان اٿاريوسين. مالڪ سان ڳالھائڻ لاءِ علي احمد کي به کنيوسين.

علي احمد، اسان جي آفيس ۾ ڪلارڪ آھي ۽ ڳالھائڻ جو به چڱو ملڪو اٿس. ان کان علاوھ نون ملازمن سان ٿوري گھڻي دلي همدردي به ھوندي اٿس. تنھنڪري کيس کڻڻ لازمي سمجهيوسين.

چار ئي ڄڻا، جاءِ-مالڪ جي گھر واري در تي آياسين. مسواڙ لاءِ خالي پيل جڳهه به، گھر جي ڀرسان ئي هيس. جڳهه کولي ڏيکاريائين. جڳهه ۾ اوڀر-مُنھان ٻه ڪمرا، سي به ننڍڙا، ۽ اڳيان ننڍڙو ويرانڊڙو هئو. اڱڻ ڪو نه ھئس. ڪُڪڙن جي کڏي وانگر ھئي. ھڪ ڪچي، ٻيو نلڪو، باٿ روم ۽ ڪاڪوس خانو به ٺھيل نه ھئس. اچ-وڃ جو دروازو اوڀارين گھٽيءَ ۾ ھئس.

جڳهه جو ھڪڙو ڏاکڻيو در مالڪ جي گھر واري اڱڻ ۾ کليو پئي ۽ ٻيو اترينءَ گھٽيءَ ۾. ان ساڳيءَ گھٽيءَ ۾ ھڪڙي ڪمري ۽ ورانڊي جي پاسي کان دريون هيون. گھٽيءَ واري دروازي ۽ ورانڊي جي وچ ۾ نلڪو ۽ باٿ روم، گھٽي جو اڌ حصو قبضو ڪري، ٺاھي ڏيڻ لاءِ مالڪ پنھنجي رٿا پيش ڪئي. گھٽيءَ وارو دروازو کولي گھٽيءَ جو به سير ڪرايائين ۽ جڳهه جي تعريف ائين جاري رکيائين، ڄڻ ڪاڪ محل جون خوبيون ٻڌائيندو ھجي.

جاءِ ڏسي، منھنجي اکين اڳيان، پردي کڄڻ کان پوءِ واري ڪھاڻيءَ واري حضرت مولانا وارث علي ڪاظمي چشتي قادري مد ظله جي گھر جو نقشو گھمڻ لڳو.

علي احمد ئي مالڪ سان مسواڙ لاءِ ڳالھايو. مالڪ پنج سؤ روپيه چيا ۽ وڌيڪ پنھنجي انھيءَ باغ عدن جي تعريف ڪرڻ لڳو؛ سائين اڄڪلهه جڳهيون ملن ڪو نه ٿيون. اعتبار گھٽ رهيو آھي. مالڪ جاءِ ڏيڻ کانپوءِ ڇڏائي نٿو سگھي. باقي هي ڀائو جن رهڻ چاھين ته هر ھڪ ڪمري ۾ ٻه ٻه، ٽي ٽي ڄڻا ٿي رهي سگھن ٿا ۽ ائين هر ھڪ تي مسواڙ به گھٽ ٿيندي. بورچي به رکي سگھندا، مانيءَ جو خرچ به گھٽ ايندن.

خير! اھي بعد جون ڳالهيون آھن. هي في الحال اڪيلا ئي رھندا. ھنن جي شودر قسم جي ماڻھن سان ڪا نه لڳي، سو ٻئي ڪنھن کي ساڻُ ڪو نه رھائيندا. باقي پنج سؤ ۽ هي جاءِ! .... ٿورو توھان به سوچيو ۽ اسان به سوچيون. ھا! باقي رهي ضمانت جي ڳالھ، سو توھان جنھن لا چوندئو، اسان ان کي ضامن ڪري وٺي اينداسين.

ھنن پاڻ ۾ ڳالھايو پئي ته ھڪڙو اڇي چاپئين ڏاڙهيءَ سان قداور همراھ، گوڏ پھراڻ پاتل، ڀاڀڙ ڪندو اچي مٿان بيٺو؛ ادا جڳھ وٺو ٿا ته ڀلي وٺو. پر هي دريون ڪڏھن نه کوليندؤ! اترين درين ڏانھن، جيڪي سندس گھٽيءَ ۾ کليون پئي، اشارو ڪندي گوڙِ ڏنائين.

هراسجي وياسين. منھنجي دل ۾ آيو؛ هي وري ڪٿان ڇنائي آيو. ڇا ٿيس؟ هيکلي وڻ هيٺان ته نه لنگھي آيو. اڃا جڳھ ورتي ئي ناھي ته جهيڙو ٿو ڪري. رھنداسين ته پوءِ الائي ڇا ڪندو.

ادا انسان آھن، گرميءَ کان دري ته کوليندا. باقي توھان ڏي ڏسن ته پوءِ توھان چئو! جڳھ جي مالڪ، موٽ ۾ چيس ۽ اندران اندران اسان کي شرافت جو سرٽيفڪيٽ پڻ ڏئي ويو.

ھُن همراھ کي، الائي ڇو اسان تي اعتبار نه آيو جو چوڻ لڳو؛ نه سائين! اسان جون مايون در تي چار ئي پھر بيٺيون ھڪٻئي سان ڳالھائين. ڪم ڪار پيا ھڪ ٻئي ۾ چوويھه ئي ڪلاڪ پون. هي جي دريون کوليندا ته پوءِ ڇا لاءِ کوليندا.

سائين هي، هي ائين کڻي سمجھو ته ڄڻ عورتون آھن. اسان ھنن کي سڃاڻون نه! توھان سان ڪجهه ٿئي ته اسان ذميوار آھيون. رجب چوڪيدار، اسان جو طرفدار ٿيندي، وت آهر وڪالت ڪئي.

نه بابا ڪير به ھجي. اسان دريون کولڻ نه ڏينداسين. هتي ڪوس ٿيندا. بندوقون هلنديون. عزت کان مٿي جان لٿي آھي ڇا؟ اسان جي پاڙي ۾ رھندا ته دري نه کلندي. جڳھ ڀلي وٺو. پر اسان جو اھو ھڪڙو شرط آھي. هينئر به اسان جون عورتون بيٺيون ھڪٻئي سان ڳالھائين. توھان جي ڪري پنھنجا ڪم ڪاريون ڇڏي ڏينداسين ڇا؟“

ڪنڌ کڻي ڏٺم ته سندن عورتون، پاڙيوارين عورتن سان در تي، ڪچھرو لايو بيٺيون هيون. جڳهه ٺپ ڪو نه وڻي ھئي. ڳاٽي ڀڳي مسواڙ واري گھر ۾ رھڻ کان فٽ پاٿ تي رهڻ ڀلو. ويتر جو بھشت ۾ خچر پيو ته ارواح ئي کڄي ويو. يڪدم چيومانس؛ سائين اسان جڳھ ئي ڪو نه ٿا وٺون. اسان بس ڪئي. اسان کي هيءَ جڳھ وڻي ئي ڪا نه.

ڊُڪي اچي منھنجي ٻانھن کان سڪ جھليائين ۽ ڇڪي گھٽي ڏانھن آڻي چيائين؛ ڏس! هيءُ تنھنجي سامھون بيٺيون آھن، ڳالھائين ٿيون پيون نه! پنھنجيءَ ڳالھ کي وزن وٺائڻ لاءِ، اکين ڏٺو ثبوت پيش ڪيائين.

سندس رڙين تي ماڻھو به گھڻا مڙيا هئا.

ادا، ھا! خدا جي نالي منھنجي ٻانھن ته ڇڏ!“ کانئس هٿ ڇڏائيندي، علي احمد کي، جيڪو خود توائي کائي سگريٽ جا سبيل سوٽا ھڻي غم غلط ڪري رھيو ھيو، چيم؛ خدا جي نالي واپس هلو! ڍنڍ ۾ پئي اھا جاءِ!

انھيءَ اوچتي آيل همراھ جي رويي تي مالڪ به پريشان ۽ پشيمان ٿيو ۽ زور زور سان سمجھائڻ لڳس. نتيجي ۾ ھو به کيس رڙيون ڪوڪون ڪري سمجھائڻ لڳو. ھڪٻئي کي سمجھائڻ ڇا لڳا؟ بس گار جي ريھه پئي پين. اھو ڏسي اسان ته وھايا جَوَ، ڄڻ ڪتيءَ ڪن وڍايا.

پيتهءِ ڍءُ، ٻڌءِ پڳ! ساھي اچي ڪمري تي پٽيسين ۽ شاھ علي مان باھ ڪڍندي چيم.

ھا! ڏٺم تنھنجي به دل! گھر ۾ آھيو، ڄڻ ڪنھن ڪتو ڇوڙي ڇڏيو. باقي ٻاهر ٿا نڪرو ته پوءِ ڄڻ ڪڪڙ تي مينھن پئجي ويو. وات ۾ مڱ پيل هيئي ڇا جو نه پئي ڳالھائسي! ٻانھن کان وٺي پيو ڏيکارئي ته به ٻانھن ڇڏائي ڀڄي آئين!

ڇا ڳالھايانس ھا؟ صحيح ته چيائين پئي! جڏھن گھر ۾ رعب نه ھلندو آھي ته پوءِ پنھنجن پراون کي دڙڪا ڏئي پاڻ کي باغيرت چوائبو آھي. پنھنجي صفائي پيش ڪندي چيومانس.

غيرت وري ڌوڙ جي! اھا رنن کي هٿ سان موڪلڙي ھوندن ته گھمنديون وتن.علي احمد قصي تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندي، درياھ کي ڪوزي ۾ بند ڪرڻ واري راءِ ڏيندي چيو؛ جيڪو پنھنجين کي ڌت نه ڪري ۽ ٻين تي رعب ڪري، اھو به ھونئن سمجهه.

ھڪڙا گھر ۾ گھڻو وات هڻن، ٻاهر ٻڙڪ نه ڪڇن. ٻيا گھر ۾ ڪڇن ئي نه ۽ ٻاهر باڦيندا وتن. رجب چوڪيدار، قصي جو اختصار پيش ڪندي چيو؛ بس قصو سمجهه ۾ ئي نٿو اچي.

معنى ته ھڪڙا اديب ۽ ٻيا ان جو ضد اڻ اديب. شاھ عليءَ، مون تي چٿر ڪرڻ خاطر، رجب جي ڳالھ جو نچوڙ پيش ڪيو. جنھن تي مون کان پاڻمرادو ٽھڪ نڪري ويو. جيڪو ساري ڪارروائيءَ جو تات-پُرج هئو.

No comments:

Post a Comment