Thursday, August 23, 2012

محرم علي - امر جليل


محرم علي
امر جليل
مان ڪجهه دير سان گهر پهتس، ٿڪل هوس. منهنجي زال مون کي در مان داخل ٿيڻ شرط چيو؛ ”هو ٻُچيءَ ڏاڙهيءَ وارو پساري آهي نه- ڇا نالو اٿس؟“
” محرم علي.“ کيس پساريءَ جو نالو ياد ڏياريم.
”ها. مئو محرم علي.“ منهنجيءَ زال چيو؛ ”هن تو کي سڏايو آهي. چوايو اٿائين، جيئن ئي ماستر صاحب گهر پهچي، کيس هڪدم مون ڏانهن موڪلجو.“
”وري هوندس ڪا درخواست لکائڻي!“ بيزار ٿيندي چيم؛ ”مان ان پوڙهي سيهڙ مان اچي ڦاٿو آهيان.“


محرم علي اسان جي پاڙي ۾ رهندو هو. گهر جي مُهڙ ۾ پسارڪو دڪان هوس، پر وڪڻندو کٽمٺڙا ۽ ڀڳل بسڪوٽن جي ڀور هو. پوڙهو، ٺوڙهو، منهن سڪل، جهڙو ڇوهارو! ڄاڙين تان وار غائب هئس. اٺ- ڏهه چٻا ٽنڊا، گهنڊيدار وار، کاڏيءَ تان لٽڪندا رهندا هئس. ان عجيب اوسر کي سڏيندو هو سونهاري! ماڻهو سادو هو، جهڙي موري. هر ڪو هضم ڪري ڇڏيندو هوس. ٻڌو هئائين ته ماڻهو ٽي ويلا ماني کائيندا آهن. پر محرم علي ۽ سندس ڪٽنب، ٻه ويلا ماني کائيندا هئا.
محرم علي، منهنجو مٿو به کائيندو هو. مان سندس پاڙيسري هوس. مون کان، ذري گهٽ هڪ درخواست، روزانو سرڪار کي لکائيندو هو. ڪراچيءَ کان ٽيهه- چاليهه ميل پري، پپري-ڌاٻيجيءَ وٽ اباڻي زمين هئس، جنهن جي ايراضيءَ جي کيس ڪا به خبر نه هئي. ان زمين ۾، عرصي کان نانگ بلائون رهندا هئا. پر پوءِ، جڏهن ڪراچيءَ جو شهر، آباديءَ سان ڇلڪڻ لڳو ۽ هر طرف کان فيڪٽرين ۽ ڪارخانن جي گهيري ۾ وٺجي ويو، تڏهن ماڻهن محرم عليءَ جي اباڻيءَ زمين تان نانگ بلائڻ کي لوڌي ڪڍيو ۽ زمين تي قبضو ڪري ورتو. زمين جو ملهه وڃي آسمان سان لڳو. سرڪار سڳوريءَ اٿندي ئي اها زمين اتان جي غير قانوني رهاڪن ۾ ورهائي ڇڏي. تڏهن وڃي محرم عليءَ کي به هوش آيو. دستگير جي ڳنڍ ٻڌي ويهي رهيو. چيائين؛ ”پنهنجي موروثي زمين اٿم. ضرور هٿ ڪندس. عوامي دور آيو آهي- ضرور عرض اگهبو.“
بس سائين، زمين محرم عليءَ جي، قلم منهنجو ۽ ٻولي انگريز جي! مهينن جا مهينا لنگهي ويا، پر محرم عليءَ جي درخواست تي نه ٿي ڦوٽ، نه ڪا ٻوٽ! هڪڙي ڏينهن محرم عليءَ کي سمجهائيندي چيو هوم؛ ”يار محرم علي! نانگ بلائن کان زمين جو قبضو ڇڏائڻ سولو آهي، پر ماڻهن کان ڦٻايل زمين جو قبضو موٽائي وٺڻ ناممڪن آهي.“ پر محرم علي نه مڙيو. مڙس اميد جي ٻٻر کي چنبڙي پيو هو، سو ٻيرن جي آس تان ساهه کڻي ئي نه. اسان جي اک ۾ شرم، انڪار پڄي ئي نه! نيٺ هڪڙي ڏينهن، جڏهن محرم عليءَ جي اميد ٽٽڻ لڳي، تڏهن سرڪار سڳوريءَ جي ڪنهن ڪاموري جو محرم عليءَ جي نالي خط آيو، جنهن ۾ لکيل هو ته؛ ”پپري-ڌاٻيجيءَ جي ڏاکڻي طرف سروي نمبر فلاڻي مطابق جيڪا زمين آهي، سا برابر محرم عليءَ جي ملڪيت آهي، پر اها زمين سرڪار غريبن ۾ ورهائي ڇڏي آهي. تنهن ڪري محرم عليءَ کي زمين جي قبضي بدران ڪو مناسب معاوضو ڏنو ويندو.“
ان خط اچڻ کان پوءِ، محرم عليءَ جي درخواستن جي نوعيت بدلجي ويئي. اڳ زمين جي قبضي بابت سرڪار کي درخواستون لکارائيندو هو، پوءِ معاوضي جي ترت وصوليءَ لاءِ سرڪار کي درخواستون لکائڻ لڳو.
جنهن ڏينهن جي ڳالهه مان اوهان کي ٻڌائي رهيو آهيان، تنهن ڏينهن مان درخواست وغيره لکڻ جي موڊ ۾ نه هوس. مون پنهنجي زال کي چيو؛ ”الهه بچائي، اڄ مان محرم عليءَ کي ڪا به درخواست لکي نه ڏيندس. اڄ مان بيحد ٿڪجي پيو آهيان.“
”ڇو!“ الهه بچائي، يعني منهنجيءَ زال پنهنجو هٿ منهنجي نرڙ تي رکيو، جنهن مان ٿوم جي ڌپ نڪري رهي هئي. پڇيائين، ”دشمنن جي طبيعت ته ٺيڪ آهي نه؟“
”خدا ڪري ته دشمنن جي طبيعت ڪڏهن به ٺيڪ نه هجي!“ کٽ تي ويهندي چيم؛ ”الله بخش، خدا بخش، قادر بخش ۽ مولا بخش لاءِ خيراتي اسپتال مان دوا وٺڻ ويو هوس. پيهه ايڏي ڄڻ خدا جو سمورو ملڪ بيمار هجي. پيهه جي ٿيلهن ۽ ڌڪ ڌڪان ۾ جهڄي پيو آهيان.“
الله بخش منهنجي وڏي پٽ جو نالو آهي ۽ خدا بخش ٻئي نمبر پٽ جو. منهنجي ٽئين نمبر پٽ جو نالو قادر بخش آهي ۽ چوٿين نمبر پٽ جو نالو آهي مولا بخش. ڪهاڻيءَ ۾ جيئن ته منهنجن پٽن جو ذڪر آيو آهي، تنهنڪري مان پنهنجو ذڪر پڻ ضرور ڪندس. منهنجو نالو علي بخش آهي. مان پاڪستان جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچيءَ جي سڀ کان وڏي علائقي، نيو ڪراچيءَ جي سڀ کان ننڍي اسڪول ۾ ماستر آهيان. منهنجي چئني پٽن کي دائمي کنگهه لڳل آهي. مان کنگهڻ کي عام رواجي بيماري نه سمجهندو آهيان. جيڪو شخص زندگيءَ ۾ کنگهندو آهي، سو ڪڏهن به ترقي ڪري نه سگهندو آهي ۽، جيڪو شخص زندگيءَ ۾ ڪنهن تي به نه کنگهندو آهي، سو شخص ترقيءَ جون منزلون طي ڪري ڪاميابين جي مٿئين سطح تي وڃي پهچندو آهي. جيڪو شخص هر ڪنهن تي کنگهندو آهي ۽ هر ڪنهن کي ڪٿ ۾ آڻيندو آهي، سو شخص زندگيءَ جي پاتار ۾ لهي ويندو آهي. زندگيءَ ۾ ڪنهن تي کنگهڻ ۽ ڪنهن تي نه کنگهڻ جي عادت، انسان کي ٻاراڻي وهيءَ ۾ پوندي آهي. مان نه ٿو چاهيان ته منهنجا چار ئي پٽ، کنگهڻ جي مرض ۾ مبتلا ٿين. پوءِ وڏي هوندي هر ڪنهن تي کنگهڻ جي مشق جاري رکن. پوءِ هڪڙي ڏينهن زندگيءَ جي پاتار ۾ لهي وڃن! مان تنهن ڪري پنهنجي پٽن جي کنگهه جو لاڳيتو علاج ڪرائيندو آهيان. پر، علاج جي باوجود، نه کنگهه منهنجن ٻارن کي ڇڏيو آهي ۽ نه ئي منهنجن ٻارن کنگهه کي ڇڏيو آهي.
مون دوائن جون شيشيون ميز تي رکي ڇڏيون.
منهنجي زال چيو؛ ”ٻچي ڏاڙهيءَ واري پساريءَ جو ٽيون نمبر پٽ، تو کي ٽي دفعا سڏڻ آيو هو.“
ان وقت در کڙڪيو. الهه بچائيءَ وڃي در کوليو. محرم عليءَ جو چوٿون نمبر پٽ اندر آيو. هو شاهراهه پاڪستان جي چوواٽي تي، سائيڪلن جا پنڪچر ڳنڍيندو هو. هن چيو؛ ”چاچا، تو کي ني بابا سڏايو آهي.“
مون دل ۾ پاڻ کي، محرم عليءَ جي چوٿين نمبر پٽ کي ۽ محرم عليءَ کي پاراتا ڏنا. پوءِ، بي-دليو محرم عليءَ جي گهر هليو ويس.
محرم عليءَ کي ڏسي، مون کان ڇرڪ نڪري ويو. هو وائڙو وائڙو پئي لڳو- ڄڻ ڪنهن سخت پريشانيءَ ۾ مبتلا هيو. مون کي ڏسي، اُٿي بيٺو. مئل ڏنڀري جي اکين جهڙين اکين ۾ زندگي موٽي آيس. ڪنبندڙ آواز ۾ چيائين؛ ”ڪٿي آهين يار علي بخش! اصل ماري وڌو اٿئي.“
”خير ته آهي نه، محرم علي؟“ مون کانئس پڇيو.
”ها، هونئن ته مڙيئي خير آهي.“ هن پنهنجي چوٿين پٽ کي ڇڙٻ ڪڍندي چيو؛ ”اڙي تون اڃا تائين ڇو بيٺو آهي! هل هتان، هل.“
محرم عليءَ جو چوٿون نمبر پٽ هليو ويو. ڪوٺيءَ ۾ مان ۽ محرم علي اڪيلا رهجي وياسين.
محرم عليءَ، هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي، خبرداريءَ سان پنهنجي سٿڻ جي اُبداڻي مان هڪ ڪاغذ ڪڍي مون کي ڏنو. چيائين؛ ”هيءُ خط، منهنجي وڏي پٽ ڏسي ورتو آهي. بدبخت انگريزيءَ جا ٻه چار اکر پڙهي ڄاڻي. چيائين ته معاوضي جي رقم بابت ڪا ڳالهه آهي.“
مون ڪاغذ پڙهي ڏٺو. عقل چرخ ٿي ويو. محرم عليءَ کي ڪلهن کان وٺي ڌونڌاڙيندي چيم؛ ”محرم علي، تنهنجا ته وارا نيارا ٿي ويا آهن. سرڪار سڳوريءَ، تو کي چئن لکن رپين جي معاوضي جي آڇ ڪئي آهي.“
”آهستي!“ محرم عليءَ، منهنجي وات تي پنهنجو هڏائون هٿ رکي ڇڏيو. چيائين؛ ”آهستي ڳالهاءِ، علي بخش. منهنجي زال، پٽ ۽ ڌيئون پيسن جي ڳالهه نه ٻڌي وٺن.“
ڏسندي ئي ڏسندي، محرم عليءَ کي ڪنبڻي وٺي ويئي. مون کيس پاڻيءَ جو گلاس ڀري، آڻي ڏنو. هو يڪ-ساهيءَ، پاڻيءَ جو گلاس پي ويو. هو ڪجهه ڪجهه سامت ۾ آيو. چيائين؛ ”منهنجو وڏو پٽ چور آهي. هن هيءُ ڪاغذ ڏسي ورتو آهي.“
”تنهنجو وڏو پٽ ته ڏاڍو نيڪ آهي، محرم علي.“ چيم؛ ”هو ويچارو خالي دٻا ۽ بوتلون وڪڻي، پنهنجو خرچ پکو ڪڍندو آهي- تو تي بار ته نه آهي.“
”تو کي خبر ڪونهي، علي بخش.“ محرم عليءَ چيو؛ ”دولت، بڇڙي بلا آهي.“
محرم علي، ٻئي هٿ مٿي تي رکي، کٽ تي ويهي رهيو ۽ سوچ ۾ گم ٿي ويو. ڪجهه دير کانپوءِ پڇيائين؛ ”پڪ اٿئي نه، مون کي پيسا ملندا؟“
”ها محرم علي.“ چيم؛ ”تون عنقريب لکاپتي ٿي ويندين.“
محرم عليءَ ڪنڌ مٿي ڪري، پنهنجي گهر جي ڪچي ڇت ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ ڀتين ڏانهن ڏٺو. پڇيائين؛ ”هن ڪچي گهر مان چور ۽ ڌاڙيل، منهنجا چار لک رپيا چورائي ته نه ويندا؟“
وراڻيم؛ ”چار لک رپيا وصول ڪرڻ کانپوءِ تون هن ڪچي گهر ۾ ڇو رهندين!“
پڇيائين؛ ”ته پوءِ ڪيڏانهن ويندس؟“
”ڪنهن سٺي، سهڻي ۽ ٺاهوڪي بنگلي ۾.“
”ته ڇا، هيءُ اباڻو اجهو مونکي ڇڏڻو پوندو؟“
”ها محرم علي.“ چيم؛ ”دولت ملڻ کانپوءِ، ماڻهو سمورا پراڻا رشتا ٽوڙي، نوان رشتا جوڙيندو آهي.“
ان وقت محرم عليءَ جو وڏو پٽ، جيڪو خالي دٻا ۽ بوتلون وڪڻندو هو، اندر آيو. مون کان پڇيائين؛ ”چاچا، ڪاغذ ۾ پيسن جي ڳالهه لکيل آهي نه؟“
”اڙي هل هتان.“ محرم عليءَ کيس ڇڙٻ ڪڍندي چيو؛ ”تنهنجو ڪهڙو ڪم ته ڪاغذ ۾ ڇا لکيل آهي!“
هو ويچارو، خالي دٻي جهڙو منهن کڻي، هليو ويو. محرم علي، کٽ تي ويٺو رهيو ۽ سوچيندو رهيو. پوءِ هٿن جون تريون مهٽيندي مون کان پڇيائين؛ ”يار علي بخش! چار لک رپيا مان ڪيڏانهن ڪندس؟“
”سوال اهو ناهي محرم علي ته چار لک رپيا تون ڪيڏانهن ڪندين.“ چيم؛ ”ڏسڻو اِهو آهي ته، اِهي چار لک رپيا تو کي ڪيڏانهن ٿا ڪن.“
محرم علي وڌيڪ پريشان ٿي ويو. پڇيائين؛ “يار، مان ڪيڏانهن گم ٿي ويندس ڇا؟“
”ممڪن آهي.“ چيم؛ ”پر، في الحال ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي.“
محرم عليءَ کي جڏهن ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو، تڏهن پڇيائين؛ ”تون ئي ڪا صلاح ڏي. مان ته آهيان ڪورو ڄٽ. مون کي سمجهاءِ ته مان چئن لکن کي ڪيڏانهن ڪريان.“
”چار لک نه.“ چيم؛ ”ٽن لکن جي ڳالهه ڪر محرم علي.“
محرم عليءَ ڪجهه ڪجهه حيران ٿيندي چيو؛ ”رقم ته چار لک رپيا ڏيڻي ڪئي اٿائون نه!“
”ها.“
”پوءِ سڄو سمورو هڪ لک ڪيڏانهن ويندو؟“
”هنود قاصائيءَ جي کڏ ۾.“
”هان!“ وات ڦاٽي ويس.
”خط ۾ تو کي چار لک رپيا ڏيڻ جي آڇ ڪئي اٿائون. تو کي چئن لکن جو چيڪ نه موڪليو اٿائون.“ محرم عليءَ کي ڪامورڪي لڏي جو سرشتو سمجهائيندي چيم؛ ”تون جڏهن چئن لکن جو چيڪ وٺڻ ويندين، تڏهن گهٽ ۾ گهٽ ۲۵ سيڪڙو رقم صاحبن ۽ صاحبن جي چمچن کي نذر نياز ۾ ڏيئي ايندين.“
پڇيائين؛ ”۽ جيڪڏهن نه ڏيان ته پوءِ؟“
”ته پوءِ اها رقم تنهنجن پڙ پوٽن کي به نه ملندي.“
”سو وري ڇو؟“
”اهو ڪامورا شاهيءَ جو اڻ لکيل دستور آهي.“
محرم علي ڊڄي ويو. منهن جا گهنج، وڌيڪ چٽا ٿي پيس. نرڙ ۾ گُنڊ پئجي ويس. پوءِ، هو کٽ تان اٿيو. ٻئي هٿ ڪڇن ۾ ڏيئي، ڄڻ سيءُ ٿيندو هجيس، هو ڪوٺيءَ جي ڪنڊ ۾ وڃي بيٺو.
محرم عليءَ جي حال تي، مون کي رحم آيو. مون وڌي وڃي سندس ڪلهي تي هٿ رکيو. پڇيومانس؛ ”ڇا پيو سوچين، محرم علي؟“
هن، منهن ورائي، مون ڏانهن ڏٺو. پوءِ مظلوماڻي لهجي ۾ چيائين؛ ”تون ئي ڪا صلاح ڏي، علي بخش. مان ڇا ڪريان.“
مان سوچ ۾ پئجي ويس. ڪا صلاح سمجهه ۾ نه آئي.
”ڪجهه ته ڳالهاءِ.“ محرم عليءَ التجا ڪندي چيو؛  ”يار، ڪا ته صلاح ڏي.“
”مان ڪهڙي صلاح ڏيانءِ، محرم علي.“ چيم؛ ”مان پاڻ مولائي مڙس آهيان. مون کي ڪهڙي خبر ته ايڏن پيسن مان ڇا ڪري سگهجي ٿو!“
”ڳالهه ته ٺيڪ پيو ڪرين، يار.“ محرم عليءَ چيو؛ ”تون اخبار پڙهندو آهين. ووٽن ۽ چونڊن جون ڳالهيون ڪندو آهين. تون ڪا نه ڪا چڱيرڙي صلاح  ڏيئي سگهين ٿو!“
گهڻي سوچ ويچار کانپوءِ به مون کي ڪا صلاح سمجهه ۾ نه آئي. محرم عليءَ کي چيم؛ ”هيئن ڪر محرم علي، سموري رقم الله جي نالي تي، مسڪينن ۽ محتاجن ۾ ورهائي ڇڏ.“
محرم عليءَ اکيون چنجهيون ڪري مون ڏانهن ڏٺو- ڄڻ، منهنجي صلاح نه وڻي هجيس. پوءِ، ڪياڙي کنهندي چيائين؛ ”يار، مون مسڪين کي الله سائينءَ جيڪا رقم ڏني آهي، سا رقم ٻين مسڪينن ۾ وري ڪيئن ورهائي ڇڏيان! اها ته الله سان ٺڳي ٿيندي.“
”ته پوءِ يتيم خانو هلاءِ.“
”يتيم خانو هلايان؟!“
”ها. ثواب جو ثواب، نيڪيءَ جي نيڪي، ۽ فائدي جو  فائدو.“
”فائدو وري ڇا جو؟“
”اول ته يتيمن کي ڪو سودمند ڌنڌو سکارجانءِ، جهڙوڪ: گلم غاليچا ٺاهڻ، پيتيون ٺاهڻ، خيرات گهرڻ، چوريون ڪرڻ، کيسا ڪترڻ وغيره. پوءِ، ويٺو لکين رپيا ڪمائجانءِ.“ محرم عليءَ کي زماني سازيءَ جو درس ڏيندي چيم؛ ”۽ ٻيو ته، ان ڪم مان ناماچار ٿيندو. انسان دوست ۽ غريبن جو هڏ ڏوکي سڏبين. هر سال، سرڪار کان يتيم خاني لاءِ هزارين رپين جا فنڊ ويٺو وصول ڪندين.“
محرم عليءَ، عجب وچان مون ڏانهن ڏٺو. پڇيائين؛ ”علي بخش ڀنگ ته نه پيتي اٿئي ڇا؟“
”ڀنگ اسان جي معاشري پي ڇڏي آهي“ چيم؛ ”جيڪي زماني ۾ ڏٺو اٿم، سو ئي ويٺو ٻڌايانءِ.“
”يار زماني جي ڳالهه کي باهه ڏي.“ محرم عليءَ چيو؛ ”ڪو مفيد ڌنڌو ٻڌاءِ، جنهن ۾ سموري  رقم لڳائي ڇڏيان.“
الاءِ ڪيئن، ذهن ۾ هڪدم هڪ خيال اُڀري آيو. چيم؛ ”پنهنجي ڪٽنب سميت، بلڪ مائٽن مٽن ۽ اوڙي پاڙي سميت، عمري ڪرڻ جو ڌنڌو شروع ڪر.“
مون کي اک ڏيکاريندي پڇيائين؛ ”اڙي علي بخش، عمرو ڌنڌو آهي؟“
”اڳين وقتن جي مون کي ڪا خبر ڪونهي. باقي ويهين صديءَ جي پوياڙيءَ ۾، عمرو ڌنڌو ٿي پيو آهي.“ مون کي پنهنجو لهجو زهريلو محسوس ٿيو ۽ بنهه نه وڻيو. چيم؛ ”تون پنهنجي ڪٽنب ۽ آڪهه سميت، هر سال عمرو ڪجانءِ ۽ اتان واچون، ريديا، ٽيپ رڪارڊر، ولايتي ڪپڙو ۽ سون آڻي پنجوڻي، بلڪ ڏهوڻي قيمت ۾، ويٺو وڪڻجانءِ ۽ موج ڪجانءِ.“
”نه بابا، نه.“ محرم عليءَ چيو؛ ”مون کان ڦڏي جو ڪم نه ٿيندو.“
”تون عمري کي ڦڏو ٿو سمجهين!“ مون محرم عليءَ کي چيو؛ ”تون ڪفر ٿو بڪين.“
هڪدم چيائين؛ ”حج ۽ عمرو ڪندس، پر اهو ڪم نه ڪندس.“
مان کليس- محرم عليءَ جي سادگيءَ تي. چيم؛ ”تون اهڙا اهڙا ڪم ڪندين، جو خود حيران ٿي ويندين.“
ڊڄي ويو. پڇيائين؛ ”ڪهڙا ڪم ڪندس؟“
”تون ادبي مذاڪرن، سنگيت جي محفلن ۽ مشاعرن جي صدارت ڪندين.“
”مان!“
”ها، تون.“ چيم؛ ”تون پينٽنگس جي نمائش جو به افتتاح ڪندين.“
هو منجهي پيو. چيائين؛ ”پر مان ڪورو ڄٽ آهيان.“
مون کي محرم عليءَ تي کل آئي. چيم؛ ”دولت اچڻ کانپوءِ، ماڻهو سڀ ڪجهه ڪري سگهندو آهي.“
”يار!“ چيائين،؛ ”ٻيو ڪو ڌنڌو ٻڌاءِ- ڪم جو هجي.“
”مڇي مارڻ جون ٻه لانچون خريد ڪر.“
”مهاڻو ٿيان؟“
”نه. سمگلر ٿجانءِ.“
”سمگلر؟“
”مڇي مارڻ جي بهاني جهاز ۾، چرس ۽ آفيم پيو کڻي وڃجانءِ ۽ موٽ ۾ سون ۽ واچون پيو کڻي اچجانءِ!“
”يار تون ته ابتيون صلاحون پيو ڏئين.“ محرم عليءَ چيو؛ ”ڪا سنئين سڌي صلاح ڏي.“
”ته پوءِ غور سان ٻڌ.“ چيم؛ ”سياست ۾ ڪاهي پئه.“
”سياست ۾ ڪاهي پوان! مان؟“
”ها، تون.“
”پر مان ته ٻه درجا به پڙهيل نه آهيان.“
”ان لاءِ علم جي ضرورت نه هوندي آهي.“ چيم؛ ”سچ پڇين ته محرم علي، تو جهڙا ماڻهو سياست ۾ ڏاڍا ڪامياب ٿيندا آهن.“
”ڀوڳ نه ڪر، يار.“
”ڀوڳ نه ٿو ڪريان.“ چيم؛ ”تون ڇوٽ ۾ ڪنهن سياسي پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏ.“
محرم علي سوچ ۾ پئجي ويو.
مون چيو؛ ”پر پارٽي مضبوظ ۽ طاقتور هئڻ گهرجن. ٻڏندڙ ٻيڙيءَ ۾، پير رکڻ نه گهرجي.“
محرم عليءَ مون ڏانهن ڏٺو.
مون چيو؛ ”۽ پوءِ تو کي قومي يا صوبائي اسيمبليءَ جي سيٽ لاءِ، چونڊ لڙڻ جي تياري ڪرڻ گهرجي.“
محرم عليءَ هٻڪندي هٻڪندي پڇيو؛ ”مون ٻڌو آهي، چونڊن جي چڪر ۾ قارون جا خزانا به ختم ٿي ويندا آهن؟“
”ها، ائين برابر آهي.“ چيم؛ ”تون سياست ۾ اچڻ کانپوءِ جڏهن ماڻهو نه رهندين ۽ ليڊر ٿي پوندين، تڏهن ٻه-چار بنگلا ته تڙي کڙي ٺاهرائي سگهندين ۽ ٻه-چار موٽرون به در تي بيهاري سگهندين.“
ان وقت محرم عليءَ جو ٽيون نمبر پٽ اندر آيو ۽ پيءُ کان هريڙ گهرڻ لڳو. پيٽ ۾ گڙبڙ هئس. پڻهس ڇڙٻ ڏيئي ڀڄائي ڪڍيس. هو هليو ويو.
محرم عليءَ چيو؛ ”ته تنهنجي صلاح  آهي ته مان سياست ۾ بهرو وٺان؟“
”ها.“ چيم؛ ”ملڪ کي، تو جهڙن قابل ماڻهن جي سخت ضرورت آهي.“
محرم علي، قائل ٿيڻ لڳو. پڇيائين؛ ”ته پوءِ شروعات ڪيئن ڪجي؟“
”ڪنهن وڏيءَ هوٽل ۾ پريس ڪانفرنس سڏائي، ڪنهن مضبوط سياسي پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏ.“ چيم؛ ”پر اعلان ڪرڻ کان اڳ، هڪ ڳالهه جو خيال ضرور رکجانءِ، ته جنهن پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪرين، تنهن پارٽيءَ جي ۱۹۷۶ع وارين چونڊن ۾ ڪاميابي يقيني هجي. ان باري ۾ اول خوب سوچبو.“
اندران محرم عليءَ جي زال جو آواز آيو. چيائين؛ ”اڪبر ڏنڊو هڻي، جهانگير جو مٿو ڦاڙي وڌو آهي. هينئر شاهجهان ٻنهي ڀائرن کي مار ڏيڻ لاءِ تيار بيٺو آهي.“
”اورنگزيب کي چئي. ٽنهي کي ڪڪڙ ڪرائي ڇڏ.“ محرم عليءَ جواب ڏيندي چيو؛ ”مان هن وقت سخت مصروف آهيان. علي بخش کان سرڪار سڳوريءَ کي درخواست لکائي رهيو آهيان.“
پڇيومانس؛ ”ته پوءِ ڪهڙو فيصلو ڪيو اٿئي. سياست ۾ بهرو وٺندين يا سمگلر ٿيندين؟“
”مان سمجهان ٿو، ملڪ کي منهنجي ضرورت آهي.“ محرم عليءَ گنڀير ٿيندي چيو؛ ”مان سياست ۾ بهرو وٺندس، علي بخش.“
مون محرم عليءَ کي چيو؛ ”تو کي ٻي شادي به ڪرڻي پوندي.“
”ٻي شادي!“ محرم عليءَ کان ڇرڪ نڪري ويو. پڇيائين؛ ”ڇو؟“
”تنهنجي زال، معاف ڪجانءِ، پڙهيل ناهي ۽ نه ئي وري ڪا سهڻي آهي.“ محرم عليءَ کي سمجهائيندي چيم؛ ”تو کي ڪا اهڙي زال ڪرڻي پوندي، جيڪا عورتن جي فلاح ۽ بهبوديءَ تي تقريرون ڪري سگهي ۽ ميلاد جي محفلن جي صدارت ڪري سگهي.“
”نه بابا.“ محرم عليءَ چيو؛ ”مان ٻي شادي هرگز نه ڪندس.“
چيم؛ ”ته پوءِ سياست ۾ بهرو وٺڻ جو خيال دل مان ڪڍي ڇڏ.“
پڇيائين؛ ”ڇو ڪڍي ڇڏيان؟“
وراڻيم؛ ”ڇو جو گهڻي پڙهيل ۽ چالاڪ، سهڻي ۽ فيشني زال کان سواءِ، اڄڪلهه جي سياست اڻپوري سمجهي ويندي آهي.“
محرم علي، ڪشمڪش ۾ پئجي ويو. ڪجهه دير کانپوءِ چيائين؛ ”مان اڌ اکري، جيڪڏهن چونڊجي ويس ته اسيمبليءَ ۾ وڃي، ملڪ لاءِ ڇا ڪندس؟“
”ملڪ جو گاڏو پيو گيهلجي.“ چيم؛ ”تون رڳو پنهنجو فڪر ڪر، محرم علي.“
مان اڳتي توهان کي ڪجهه نه ٻڌائيندس ته اڄڪلهه محرم علي ڪٿي آهي، ڪيئن آهي ۽ ڇا ڪندو آهي! مان توهان کي فقط ايترو ٻڌائيندس ته هو اڄڪلهه نهايت اهم شخص آهي. اک جي اشاري سان ڪنهن جا به لاهه ڪڍائي سگهندو آهي.

No comments:

Post a Comment