Sunday, August 5, 2012

خاموش جوڙو - مبارڪ علي لاشاري


خاموش جوڙو
ترجمو: مبارڪ علي لاشاري
هڪڙي دفعي جي ڳالهه آهي ته هڪڙو نئون شادي شده جوڙو هو جيڪو اڃا لانئن واري وڳي ۾ هو، اهي لانئن کانپوءِ پنهنجي نئين گهر ۾ پهچي چڪا هئا ۽ دم پٽي رهيا هئا ايستائين جو شادي جي شادمانن تي آيل آخري مهمان وٽان نه هليو ويو.
”پيارا، گهوٽ سائين“ نئين نويلي ڪنوار چوڻ لڳي، ”مهرباني ڪري وڃي گهٽي وارو دروازو ته بند ڪري اچ، جيڪو بند ڪرڻ کان رهجي ويو آهي.“


”مان بند ڪيان؟“ گهوٽ چيو. ”ههڙي شاندار ويس وڳي ۾، جنهن وٽ بي بها دستانه، هٿن ۾ شاندار خنجر جيڪو هيرن جواهرن سان مڙهيل آهي؟ مون کان اها توقع ڪيئن رکي سگهجي ٿي ته مان اهڙو ڪم ڪيان؟ تون پنهنجي حواسن ۾ نه هوندينءَ. وڃي پاڻ بند ڪري اچ.“
”ايئن!“ ڪنوار رڙ ڪندي چيو. ”تون مون کي پنهنجو غلام سمجهين ٿو: اهڙي مون جهڙي خوبصورت، نفيس ۽ نازڪ جيو، جنهن کي شاندار ريشم جا ڪپڙا پهريل آهن ۽ مان پنهنجي نڪاح واري ڏينهن اٿي دروازو بند ڪيان جيڪو اچ وڃ واري گهٽي ڏانهن کلندو هجي؟ ناممڪن!“
ڪجهه دير تائين ٻئي خاموش رهيا، ۽ پوءِ ڪنوار هڪڙي تجويز ڏني ته اهو مسئلو شرط تحت حل ڪيو وڃي، ته جيڪو سڀ کان پهرين ڳالهائيندو يا اٿندو اهو ئي وڃي دروازو بند ڪندو، ٻئي ان ڳالهه تي متفق ٿيا.
ان ڪمري ۾ ٻه صوفا سيٽ پيل هئا ۽ انهي جوڙي فيصلو ڪيو ته ٻئي هڪٻئي جي سامهون واري صوفي تي ويهندا، خاموشيءَ سان هڪٻئي تي نظر رکندا.
ٻه ٽي ڪلاڪ ٻئي ايئن ئي ويٺا هڪٻئي کي گهوريندا رهيا، جڏهن ڪجهه چور اتي آيا ۽ انهن انهيءَ ڳالهه جو جائزو ورتو ته ڇا صورتحال آهي جو گهٽي وارو دروازو رات دير تائين کليل آهي. چور آرام سان انهي گهر ۾ داخل ٿيا جيڪو ايئن ٿي لڳو ڄڻ ڪير به نه رهندو هجي، ۽ جيڪا به شيءِ کڻڻ جهڙي هئي تنهن جي چورائڻ ۾ لڳي ويا.
نئين شادي شده جوڙي انهن جي اچڻ جو ٻڌي ورتو پر ٻئي انهيءَ آسري ۾ هئا ته ڪو ٻيوئي ڳالهائڻ جي شروعات ڪري. پر ٻنهي نه ته ڪجهه ڳالهايو نه ئي چريا پريا جو متان هو هارائي وڃي، ۽ چور آرام سان هڪ کان ٻئي ڪمري ڏانهن ويا ٿي ۽ شيون ٿي چورايون، ايستائين جو اهي چور انهي ڪمري ۾ آيا جتي اهو جوڙو ويٺو هو پر انهن کي اهو احساس ئي نه ٿي ٿيو ته ڪو ڪمري ۾ اهو بي حرڪت جوڙو به ويٺو هو!
انهي سڀ ڪجهه جي باوجود به اهو جوڙو ايئن ئي بي حرڪت ۽ خاموش ويٺو رهيو جڏهن ته چور سمورو قيمتي سامان ميڙڻ لڳا ۽ ايتريقدر جو انهن جي پيرن وٽ پيل قالين کي به ويڙهي کڻڻ لڳا. اهي چور انهن جي بيوقوفاڻي ضد کي سمجهي ويا ۽ ڪنوار جا ڳهه به لاهڻ شروع ٿي ويا پر انهي جوڙي مان ڪنهن به ڪجهه نه ڪڇيو.
چور آخر ڪار پنهنجو ڪم ڪري کسڪي ويا هليا ۽ اهو جوڙو ايئن ئي سڄي رات انهي صوفا تي خاموش ويٺو رهيو. ڪنهن به هارائڻ نه ٿي چاهيو.
جڏهن صبح جو سج اڀريو، ته اتان پوليس گذري رهي هئي ته انهن اهو گهٽي ڏانهن کلندڙ دروازو کليل ڏٺو. پوليس حوالدار هڪ ڪمري کان ٻئي ڪمري جو چڪر لڳائي آخر انهي ڪمري ۾ پهتو جتي نئون شادي شده جوڙو ويٺو هو ۽ پوليس وارو انهن کان پڇڻ لڳو ته ڇا ٿي رهيو آهي. نڪي گهوٽ نه ڪنوار ڳالهايو.
پوليس وارو پڇي پڇي آخر تنگ ٿيو ۽ انهيءَ عمل کي انهن طرفان ڄاڻي واڻي عمل سمجهڻ لڳو ۽ انهي بي معنيٰ خاموشي سبب سندس صبر جو پئمانو لبريز ٿي ويو ۽ هو انهيءَ عمل کي پنهنجي بي عزتي سمجهڻ لڳو. حوالدار آخرڪار انتهائي تيش ۾ اچي ويو ۽ هڪڙي سپاهيءَ کي سڏي چيائين ته، ”انهيءَ همراهه کي ٻه ٽي اهڙا چکاءِ جو سندس عقل جاءِ تي اچي وڃي.“
جڏهن سپاهي ايئن ڪرڻ لڳو ته ڪنوار پاڻ کي روڪي نه سگهي؛ ”مهربان آفيسر“ هو زور سان چوڻ لڳي؛ ”هن کي نه ماريو، هي منهنجو مڙس آهي!“
”مان کٽي ويس!“ انهي بيوقوف يڪدم رڙ ڪئي؛ ”هاڻ تو کي ئي دروازو بند ڪرڻو پوندو!“

No comments:

Post a Comment