Tuesday, August 14, 2012

هڪ دور جو ماتم - امر جليل


هڪ دور جو ماتم
امر جليل
هڪ نوجوان عورت، ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ دريءَ وٽ اچي بيٺي ۽ هڪ مروڙيل پرس مان پئسا ڪڍڻ لڳي. سندس اڻڀا وار، چڳون ٿي اجرڪ کان ٻاهر لٽڪي رهيا هئا. اکيون اُداس ۽ اُجهاميل هئس. ڀانءِ ته، دل جو ڪنول ڪومائجي ويو هوس. منهن مان بي انتها مايوسي بکي رهي هئس. کيس ٻانهن ۾ پنجن ڇهن مهينن جو ٻار هو. ڏهين ڏهين رپئي جا ٻه نوٽ، ڪائونٽر تي رکندي چيائين؛ ”روهڙي.“


مون کيس روهڙيءَ لاءِ ٿرڊ ڪلاس جي ٽڪيٽ، بچيل ريزگاري ۽ ڪجهه نوٽ موٽائي ڏنا. هن ڳڻڻ بنا، پئسا ڪائونٽر تان کڻي ورتا.
چيم؛ ”پيسا ڳڻي ڇڏ.“
”ٺيڪ هوندا!“ هن وراڻيو.
”تڏهن به!“ مون ڳالهائڻ چاهيو. پر پوءِ منهنجي نگاهه جڏهن سندس اُٻاڻڪي چهري تي پيئي، ته اتي ئي رهجي ويئي. دل سيني جي قيدخاني ۾ ڦٿڪي پيئي. منهنجو شعور ۽ لاشعور، ڌونڌاڙجي هڪ ٻئي سان ملي وري ڌار ٿي ويا. وقت وڌي ويندو آهي، پر پٺيان يادگيرين جا کيرٿر جبل، ڇڏي ويندو آهي. کيس ڏٺم  ته کيرٿر، ٻرندر جبل وانگر ڦاٽي پيو.
هوءَ جيڪڏهن منهنجي مقدر جي ڪاتب نه هجي ها، منهنجي حياتيءَ تي حاوي نه هجي ها، منهنجين يادگيرين جي مالڪ نه جي ها، تڏهن کيس هرگز سڃاڻي نه سگهان ها. اهڙي هيڻي حال ۾ هوءَ ڪنهن اوپري عورت وانگر ٽڪيٽ وٺي، هلي وڃي ها ۽ مان اوپري ڪلارڪ وانگر، نصيب جو فريب کائي ويهان ها. کيس نظر انداز ڪري ڇڏيان ها.
”هوءَ ڪائونٽر تان کنيل پئسا ۽ ٽڪيٽ، پرس ۾ رکي پليٽ فارم ڏانهن هلي ويئي.
روح اتفاق جي بڙڇيءَ سان گهائل ٿي پيو. مون پنهنجي ساٿي ڪلارڪ کي چيو؛ ”مان ٿوريءَ دير لاءِ، ٻاهر ٿو وڃان.“
کلندي پڇيائين؛ ”وري ڪنهن پاڇولي پٺيان پيو وڃين ڇا؟“
مون کيس جواب نه ڏنو. پليٽ فارم ڏانهن هليو ويس.
هوءَ ٽي اسٽال تي بيٺي هئي. چانهه جو ڪوپ، هٿ ۾ هوس. مان پريان بيهي، کيس ڏسڻ لڳس.
ٽن سالن کانپوءِ، کيس ڏٺو هوم.
ٽن سالن ۾ هوءَ، خزان جي علامت ٿي ويئي هئي. هوءَ ڪنهن دردناڪ گيت جي آلاپ وانگر، اُداس ۽ سُر سامونڊيءَ جي وائيءَ وانگر، وياڪل هئي. گهڙي کن سوچيم ته هوءَ شميم نه هئي، ٻي ڪا عورت هئي. پر اکين جي اُلڪي سوچ کي تياڳ ڏنو. مون دل جي خالي ۽ ويران عبادتگاهه ۾، سندس ڇڏيل يادگيرين جي دونهي ڏانهن ڏٺو. عبادتگاهه جي گنبذ مان، مون کي منهنجي ئي هڪ گيت جي صدا ٻڌڻ ۾ آئي؛ ”دل اُجڙي، دنيا اُجڙي، اُجڙيو هي سنسار.“ اجڙيو مان هوس. محبت جي چوٽ مون کاڌي هئي. شميم جي تصور سان، دل جي دنيا مون آباد ڪئي هئي. مان ئي هوس، جنهن پيار جي بازي هارائي، گيتن ۽ ڪويتائن سان اندر جي اوساٽ اجهائڻ جي آس لڳائي هئي. پر ناڪام، ناڪام ۽ هر دفعي منهنجا گيت منهنجي اندر ۾ آڳ لڳائيندا هئا: ”مون باهه برهه جي ٻاري آ، مون دل جي وستي ساڙي آ. مان ڏکن جي ڏيهه جو واسي آهيان. اُداسيون منهنجو مقدر آهن.“
پر شميم کي اُداس ڏسي، اکين تي اعتبار نه آيو. هوءَ ٽي سال اڳ، جڏهن يونيورسٽيءَ ۾ سوشيالاجي ۾ ايم اي ڪري رهي هئي، تڏهن وقت ۽ حالتن تي حاوي هئي. هوءَ آدرشي (Idealist) هوندي هئي. سموري سنڌ يونيورسٽيءَ ۾، ڪنهن ڇوڪري يا ليڪچرار يا پروفيسر تي اک ئي نه ٻڏندي هئس. هوءَ ڳالهائيندي سڀني سان هئي، پر تمام رسمي ۽ رواجي نموني.
هوءَ مون سان، منهنجن گيتن ۽ ڪويتائين تي ڳالهائيندي هئي. ڪڏهن يونيورسٽيءَ جي ڪاريڊارن ۾ بيهي ۽ ڪڏهن کليل ميدانن ۾ وک وک کڻندي. مون کان اڪثر هڪ سوال پڇندي هئي؛ ”تون رومانٽڪ شاعري ڇو ڪندو آهين؟“ مان سندس انهيءَ عجيب سوال کي هميشھ نظر انداز ڪري ڇڏيندو هوس. تخليقي عمل جي باري ۾، ڳالهائڻ کي مان خام خيال سمجهندو آهيان. تخليقي عمل ۾ حالتن سان گڏوگڏ، طبيعت جي لاڙي کي وڏو دخل  هوندو آهي. پر هڪ دفعي مون شميم جي ان سوال تي ته؛ مان رومانوي شاعري ڇو ڪندو آهيان؟ وراڻيو هوم؛ ”شميم! مون هڪ ڇوڪريءَ سان محبت ڪئي آهي. منهنجي محبت جي انتها اها آهي، جو مون کان اڳ تاريخ جي جنهن به دور ۾ ڪنهن مرد ڪنهن عورت سان بي انتها محبت ڪئي آهي، ته اُهو مرد مان هوس. مان محبت جي عظيم روايت کي برقرار رکڻ لاءِ هر دؤر ۾ ايندو رهيو آهيان ۽ هر دفعي هڪ بيوفا عورت جي انڪار جي بڙڇي کائي مرندو رهيو آهيان.“
منهنجي ان مبهم جواب تي، هوءَ منجهي پيئي هئي. مون کان ورجائي ورجائي، ان ڇوڪريءَ جي باري ۾ پڇڻ جي ڪوشش ڪئي هئائين. پر مون کيس اهو چئي چپ ڪرائي ڇڏي هئي ته؛ ”جيڪڏهن اها ڇوڪري منهنجي محبت جي شدت، منهنجي پيار جي سچائي ۽ چاهت جي چريائي محسوس ڪري نٿي سگهي ته پوءِ يا هوءَ پٿر جي ٺهيل آهي يا منهنجين آهُن ۾ اثر ناهي. مان اسڪولي ڇوڪرن وانگر پنهنجي هڪ طرفيءَ محبت جو اظهار نه ڪندس.“
ان کانپوءِ، هڪڙي ڏينهن، جڏهن شميم مون سان آخري دفعو ملي هئي، تڏهن چيو هئائين؛ ”آدرشي اڪثر بدنصيب هوندا آهن، جو کين پنهنجي پسند جو ساٿي نه ملندو آهي. مان خوشنصيب آهيان. مونکي منهنجو آدرشي ساٿي مليو آهي. هو به مون وانگر انقلاب ۽ طبقاتي ڪشمڪش کان آجي معاشري جو حامي آهي. اسين ايندڙ  آچر تي شادي ڪنداسين.“
هوءَ جڏهن مونکي ڇڏي هلي ويئي هئي، تڏهن مون پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکيو هو؛ ”منهنجو معبود، منهنجي اندر جو عبادتگاهه ويران ڪري، مونکان هميشھ لاءِ ڌار ٿي ويو آهي. اڄ کانپوءِ ميران ٻائيءَ جا ڀڄن، منهنجي دل جي ڀڄڻ جي شاهدي ڏيندا. اڄ کانپوءِ جيڪو به دردمند دل وارو انسان، ڪاشيءَ کان ڪالڪان تائين، ميران ٻائيءَ جا ڀڄن ٻڌندو، مون کي ياد ڪندو.“
منهنجو معبود، منهنجي سامهون بيٺو هو.
شميم جي هٿ ۾، چانهه جو ڪوپ هو ۽ هوءَ ڪوپ مان، سپ سپ ڀري رهي هئي.
مان سندس آڏو وڃي بيٺس. هن مون ڏانهن نه ڏٺو. سوچ جي صحرا ۾، ڀٽڪي رهي هئي.
مون آهستي، سندس نالو کنيو؛ ”شميم.“
هن ڪجهه اچرج مان ڪنڌ مٿي کڻي مون ڏانهن ڏٺو. چهرو اهڙو اُداس هوس، جو سندس منهن مان ڪنهن به تاثر جو اندازو لڳائي نه سگهيم. هوءَ اک ڇنڀڻ بنا، مون ڏانهن ڏسندي رهي. مون سندس هٿ مان، چانهه جو ڪوپ وٺي ڪائونٽر تي رکيو.
چيائين؛ ”تو کي پهرين نظر ۾ سڃاڻڻ، مشڪل هو.“
وراڻيم؛  ”۽ مون کان سواءِ تو کي به ڪو سڃاڻي نه سگهندو.“
آهستي چيائين؛ ”وقت گهاڻو آهي.“
چيم؛ ”فقط ڪجهه انسانن لاءِ. مون جهڙن لاءِ. “
”نه.“ وراڻيائين؛ ”دير يا سوير، هر ڪو ان گهاڻي ۾ پيڙجي ويندو آهي.“
”مان تو سان بحث نه ڪندس.“ چيم؛ ”جيڪي سوير ان گهاڻي ۾ پيڙجي وڃن ٿا، سي مون وانگر مايوسيءَ جي علامت ٿي، جيئن ٿا.“
شميم غور سان مون ڏانهن ڏٺو. چيائين؛ ”ٽن سالن ۾ تون ڪيترو نه بدلجي ويو آهين!“
سندس هنج ۾ جهليل ٻار کي، مون پيار وچان ڳل تي ٿڦڪي ڏني. ٻار کلي پيو. پڇيومانس؛ ”پٽ آهي، يا ڌيءَ؟“
ٻار کي پيار ڪندي چيائين؛ ”پٽ.“
پڇيومانس؛ ”نالو  ڇا رکيو اٿيس؟“
ٻار کي مٺي ڏيندي وراڻيائين؛ ”نالو اٿس؛ هيمو ڪالاڻي.“
هڪ مسلمان ڇوڪري، پنهنجي ٻار جو نالو هيمو ڪالاڻي رکي! ايڏي همت، ٻئي ڪنهن مرد يا عورت ۾ نه سنڀران.
چيم؛ ”تون عظيم آهين، شميم.“
وراڻيائين؛ ”مان سنڌو درياهه جو وهڪرو آهيان. وهان پيئي. هڪ ڏينهن غمن جي سمنڊ ۾ گم ٿي وينديس.“
پڇيومانس؛ ”روهڙيءَ ڪنهن ڏانهن پيئي وڃين؟“
ورائي پڇيائين؛ ”تو کي ڪيئن خبر پئي ته روهڙي پيئي وڃان؟“
وراڻيم؛ ”مان حيدرآباد اسٽيشن تي بڪنگ ڪلارڪ آهيان. تو مون کان روهڙيءَ جي ٽڪيٽ ورتي هئي.“
”ته تون تون.“ هوءَ ڪجهه چوندي چوندي هٻڪي پيئي.
چيم؛ ”مان تنهنجي اڳ-ڪٿيءَ جي بلڪل برخلاف سي. ايس. پي آفيسر ٿي نه سگهيو آهيان.“
”مون اهو ڪٿي چيو هو. مون ته چيو هو، چيو هو، ته......“ هوءَ لفظن جي ڄار ۾ ڦاسي پيئي. ڪو جملو ٺاهي نه سگهي.
مون ڪجهه اچرج مان ڏانهس ڏٺو.
ٽي سال اڳ، هوءَ جڏهن يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندي هئي، تڏهن بيحد هوشيار ۽ چالاڪ هئي. ڳالهائڻ جي بلا هوندي هئي. جملا ٺاهي، ماڻهن کي منڊي وجهندي هئي. هڪ ته سانوري سلوڻي، مٿان جو اترادي لهجي ۾ ڳالهائيندي هئي، ڀانءِ ته دل تي راتاهو ڏيئي ڇڏيندي ھئي. کيس ڏسڻ کان پوءِ، مان ائين ڀانئيندو هوس ته؛ جنهن مومل کي اکين ۾ الماس ۽ مجاز جا انبور هئا ۽ جيڪا دل وارن کي ٻڌا ٻاڻ هڻندي هئي، سا مومل شميم کان وڌيڪ حسين ۽ گُهورن سان گهائيندڙ نه هوندي.
هڪ دفعي يونيورسٽي لائبريريءَ ۾، کانئس پڇيو هوم؛ ”لطيف سائينءَ جو سُر مومل راڻو پڙهيو اٿئي؟“
وراڻيو هئائين؛ ”ها پڙهيو اٿم. ڇو؟“
”ان سُر ۾ هڪ جوڳيءَ جو ذڪر آهي.“
”آهي. پوءِ؟“
”تو اهو جوڳي ڏٺو آهي؟“
”ان سُر ۾ مومل جو ذڪر به آهي!“ شميم پڇيو هو؛ ”تو اها مومل ڏٺي آهي؟“
وراڻيو هوم؛ ”ها شميم، مون اُها مومل ڏٺي آهي. ان مومل جو مجاز ڏٺو اٿم، جمال ڏٺو اٿم. مون ڪاڪ ڪنڌيءَ تي ديرو ڪيو آهي. فرق فقط ايترو آهي، جو هيءَ ويهين صدي آهي ۽ مان اُهو جوڳي ناهيان جنهن تي نينهن جو جَڙاءُ ٿيو هو.“
ان ڳالهه کي ٽي سال گذري ويا آهن. ان ڏينهن جڏهن کيس ڏٺم، تڏهن ائين محسوس ڪيم، ڄڻ مومل پنهنجي ماڙيءَ کي ڊاهي، منجهس ماتم-ڪده اڏيو هو. ڄڻ ته تاريخ جو عڪس ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو هو.
چيم؛ ”تو منهنجي باري ۾ هڪ دفعي هڪ رايو ڏنو هو.“
چيائين؛ ”مون تو کي هميشہ عزت جي نگاهه سان ڏٺو آهي.“
چيم؛ ”تنهنجو رايو منهنجي ۽ منهنجي شاعريءَ جي باري ۾ هو.“
وراڻيائين؛ ”مون کي ياد ناهي.“
چيم؛ ”تو چيو هو؛ مان فرار-وادي، يعني Escapism ۾ اختيار رکندڙ هڪ رومانوي شاعر آهيان. تنهنجي فيصلي تي، مون اڄ تائين راءِ زني نه ڪئي آهي.“
هن جواب نه ڏنو. مون کان نظرون بچائڻ لڳي. ڳالهه ٽارڻ لاءِ پڇيائين؛ ”ڪراچي ايڪسپريس جو ارائيول ڇا آهي؟“
”ڪراچي ايڪسپريس اڄ اڌ ڪلاڪ ليٽ آهي.“ چيم؛ ”گاڏي اچڻ ۾ چاليهه منٽ پيا آهن.“
”چاليهه منٽ!“ هن بيچين ٿي پڇيو.
چيم؛ ”منهنجي موجودگي جيڪڏهن تو کي بيزار ڪندي هجي ته پوءِ مان وڃان ٿو.“
مان وڃڻ لاءِ اُتان هٽي ويس.
شميم سڏ ڪيو؛ ”ترس.“
مان بيهي رهيس.
چيائين؛ ”پاڻ مُنجهين، ٻئي کي مُنجهائين! تون ائين ڇو ڪندو آهين!“
وراڻيم؛ ”مان ڪاڪ محل جي طلسم ۾ ڦاسي پيو آهيان.“
پڇيائين؛ ”شاعري ڪندو آهين؟“
”نه.“
”ڇو؟“
”مون کي حصي ۾ محبت جي ناڪامي ملي آهي. مان پنهنجي مايوسي، ٻين جي جهول ۾ وجهڻ نٿو گهران.“
هوءَ خاموش ٿي ويئي.
ڪجهه دير کانپوءِ چيائين؛ ”پاڻ چاليهه منٽ، هتي بيٺا هونداسين؟“
مون وقت ڏٺو. چيم؛ ”هن وقت ٽڪيٽ ڪليڪٽرن جو ڪمرو خالي هوندو. هوءَ پرين بينچ به خالي آهي. جتي مناسب سمجهين اُتي ويهون.“
گهڙي کن سوچڻ کانپوءِ چيائين؛ ”سامهونءَ واري بينچ تي ٿا ويهون.“
مون ٻار سندس هنج مان وٺڻ چاهيو. چيائين؛ ”پيشاپ ڪري، اجايو ڪپڙا خراب ڪري ڇڏيندءِ. تون هيءَ اٽيچي کڻ. “
اسين پليٽ فارم جي آخري حصي ۾، بينچ تي وڃي ويٺاسين. ٻار، هن هنج مان لاهي، سيمنٽ جي بينچ تي ليٽائي ڇڏيو.
ڪجهه دير خاموش ويهڻ کانپوءِ پڇيائين؛ ”شادي ڪيئه؟“
”نه.“
”ڇو؟“
”ڇو جو مان فرار-وادي شاعر آهيان.“
چيائين؛ ”اهو جملو مون ٻه- ٽي سال اڳ چيو هو. مون وساري ڇڏيو. تو کي ياد آهي. مان پنهنجو جملو موٽائي وٺان ٿي.“
وراڻيم؛ ”تنهنجو جملو، مون وٽ، منهنجي سڀ کان عزيز ميراث آهي.“
اها ميراث، مون ٻه ٽي سال اڳ، يونيورسٽيءَ جي فنڪشن مان ميڙي هئي. فنڪشن ۾ سالياني مئگزين ورهائي ويئي هئي. ان ۾ منهنجا ڪجهه شعر شايع ٿيا هئا. شميم منهنجا شعر پڙهڻ کانپوءِ، مون کي هٿ جي اشاري سان، پاڻ ڏانهن سڏ ڪيو هو. پينڊال جي هڪ نويڪلي ڪُنڊ ۾ شميم چيو هو؛ ”تنهنجي شاعري سٺي آهي.“
”مهرباني.“
”پر تنهنجي شاعري مقصد کان خالي آهي!“
”ڪيئن؟“
”تنهنجي شاعري انقلابي ناهي.“
”مون کي اهو ٻڌاءِ ته منهنجي شاعري روايتي آهي، يا جدت واري؟“
”مان فقط ايترو ڄاڻان ٿي ته تنهنجي شاعري انقلابي ناهي.“
پڇيو هومانس؛ ”ادب ۾ انقلاب جي معنيٰ ڄاڻين ٿي؟“
وراڻيو هئائين؛ ”مان ان موضوع تي، ٽي ڪلاڪ لاڳيتو ليڪچر ڏيئي سگهان ٿي؟“
پڇيو هيم؛ ”ته پوءِ منهنجي شاعريءَ کي، فقط رومانوي ڇو ٿي سمجهين؟“
”ڇو جو ان مان محبت جي اپٽار ٿي ٿئي.“
”جڏهن ڪنهن کي دل ڏبي آهي، تڏهن ائين ئي ٿيندو آهي!“ چيو هوم.
”تو ڪنهن کي دل ڏني آهي؟“
”آهي هڪ اپسرا.“
”اپسرا سان، پيار نه ڪبو آهي.“
”اپسرا سان، پيار ٿي وڃي ته پوءِ؟“
کلي پيئي هئي. چيو هئائين؛ ”تون فرار-وادي شاعر آهين.“
شميم جي ان جملي کي، مون هيئين سان هنڍايو هو. ان جملي کي، پنهنجي ذهن جي ميراث سمجهي، ياد جي تھ-خانن ۾ لڪائي ڇڏيو هوم. شميم کي، سالن کانپوءِ ڏٺم ته اهو جملو ذهن تي تري آيو.
شميم کان پڇيم؛ ”مان تنهنجي چوڻ موجب، فرار-وادي شاعر آهيان. مون کي ان جو اعتراف آهي. مون کي ان جو به اعتراف آهي ته؛ مون زندگيءَ کان شڪست کاڌي آهي. تون ته آدرشي اصولن جي هئينءَ. پوءِ تو ڇو زندگيءَ کان شڪست کاڌي آهي.“
هڪدم ڇرڪ ڀري پڇيائين؛ ”تو کي ڪيئن خبر پيئي ته مون شڪست کاڌي آهي؟“
چيم؛ ”مان تنهنجين اکين ۾ ماتم-ڪده ڏسي سگهان ٿو.“
هن جواب نه ڏنو.
شميم گهڻو اڳ پنهنجي آدرشي (Ideal) ساٿيءَ جي باري ۾ ٻڌائيندي چيو هو؛ ”مان اهڙي شخص جي منتظر آهيان، جيڪو انقلاب ۽ طبقاتي ڪشمڪش کان آجي سوسائٽيءَ جو حامي هجي.“ ۽ انهن ئي ڏينهن ۾، شميم ۽ هڪ سياسي ليڊر جي باري ۾، چوٻول هليو هو. هو سياسي جلسن ۽ شاگردن جي ميڙ ۾ تقريرون ڪندو هو. هن وٽ لفظن ۽ جملن جو جادو هو. اسان جڏهن به کيس ڳالهائيندي ٻڌو هو، تڏهن متاثر ٿيڻ کانسواءِ نه رهي سگهيا هئاسين. هو انقلاب ۽ طبقاتي ڪشمڪش کان آجي سوسائٽيءَ جو قائل هو. هن ۾ هر اها خوبي هئي، جيڪا شميم پنهنجي آدرشي ساٿيءَ لاءِ سوچي هئي.
مون شميم کي چيو؛ ”غم ۽ خوشي لڪائڻ، ناممڪن آهن.“
”شايد.“
”تون اُها ناهين، جنهن کان مان ٽي سال اڳ، يونيورسٽيءَ مان جدا ٿيو هوس.“
”مان اُها ئي آهيان.“
”زندگيءَ ۾ عظيم خواهش جي تڪميل کانپوءِ، تو وانگر ڪو به اُداس ۽ ويڳاڻو نظر نه ايندو آهي.“
هوءَ مون کان نظرون بچائڻ لڳي. پري، پولار ۾ نهارڻ لڳي. صبر جو سمنڊ، جو ازلي عذاب جي ايذاءَ کان، ڦٿڪڻ لڳو. مون کان رهيو نه ٿيو. اهو ڄاڻندي به ته؛ عورت جو پيار، هڪ دفعو حاصل نه ڪرڻ کانپوءِ، سموري زندگي ان عورت جو پيار ملي نه سگهندو آهي، مون پڇيو؛ ”مون تو سان محبت ڪري، عيوض ۾ زندگيءَ جي هيڪلائي قبول ڪري ورتي آهي.“
شميم کان ذري گهٽ ڇرڪ نڪري ويو. اچرج وچان مون ڏانهن ڏٺائين. پڇيائين؛ ”تون مون سان محبت ڪندو آهين؟“
”ها.“ وراڻيم؛ ”هڪ محبت اهڙي به هوندي آهي، جنهن جو اظهار نه ڪبو آهي. اُها محبت، عذاب وانگر، اڪيلي سر ڀوڳڻي پوندي آهي.“
”پر...... پر......“
”ڄاڻان ٿو، تون شادي شده عورت آهين. مون کي تو سان اهڙيون اڍنگيون ڳالهيون ڪرڻ نه گهرجن.“
”پر تو  ته...... ڪڏهن به!“
”يونيورسٽيءَ ۾ تو ڪڏهن به مون سان.....“
”محبت جو اظهار نه ڪيو هو؟“
”ها. تو ڪڏهن به پنهنجي محبت جو اظهار نه ڪيو هو.“
”منهنجي شاعريءَ جو مرڪز تون هئينءَ.“ وراڻيم؛ ”مان تنهنجي آرزو، تنهنجي تمنا، تنهنجي حسن ۽ تنهنجي الفت جي شاعري ڪندو هوس. اهو ئي منهنجي اظهار جو نمونو هو. موٽ ۾ مون کي بي انتها محرومي ملي آھي. اڄ شاعريءَ بدران وڇوڙو، منهنجي وجود جو حصو آهي.“
شميم حيرت ۽ پشيمانيءَ وچان، مون ڏانهن ڏسڻ لڳي. چيائين؛ ”تون هڪ دفعو ته پنهنجي اندر جو حال اورين ها. فقط هڪ دفعو!“
”تو کي آدرشي ساٿيءَ جي ڳولا هئي ۽ مان، بقول تنهنجي، فرار-وادي شاعر هوس.“ آهستي، پر چٽي آواز ۾ چيم؛ ”پر اصل ۾ آدرشي مان آهيان. تون منهنجو آدرش هئينءَ. تو کي حاصل ڪري نه سگهيم ته پنهنجي زندگي، اڪيلاين کي نذرانو ڏيئي ڇڏيم. هيئر ٻڌاءِ ته آدرشي ڪير آهي؟ تون، تنهنجو مڙس، يا مان؟“
هن جواب نه ڏنو. اکين مان اڻتڻ ظاهر ٿيڻ لڳس.
”مان طبقاتي ڪشمڪش ۾ تمام هيٺئين طبقي جي نمائندگي ڪندڙ آهيان ۽ پيڙجي رهيو آهيان.“ پڇيومانس؛ ”تون ۽ تنهنجو مڙس ڪڏهن ٿا معاشري کي طبقاتي ڪشمڪش مان آزاد ڪرايو؟“
ڏک وچان پڇيائين؛ ”مون تي ٺٺولي ٿو ڪرين؟“
چيم؛ ”مان آپگهات ڪري سگهان ٿو، پر تو تي ٺٺولي ته پري رهي، تنهنجي باري ۾ هڪ لفظ به، غلط اُچاري نٿو سگهان.“
ڪجهه سوچي، پوءِ ڳالهايائين؛ ”طبقاتي ڪشمڪش کان نجات جي باري ۾، پئي پڇيئه نه!“
کيس جواب نه ڏنم. فقط ڏانهس ڏٺم.
شميم چيو؛ ”اسان جي معاشري ۾، طبقاتي ڪشمڪش ٻئي نمبر جو مسئلو آهي. پهريون مسئلو انفرادي پَرمار آهي، جنهن ۾ هڪ وڌيڪ ذهين انسان، ٻين گهٽ ذهين انسانن کي، پنهنجي ذاتي مقصد ۽ ذاتي غرض لاءِ، بي واجبي نموني استعمال ڪندو آهي.“
شڪ، ٻٻر جي ڪنڊي وانگر، منهنجي دل ۾ چڀي ويو. پڇيومانس؛ ”پنهنجي گهريلو زندگيءَ مان خوش آهين نه؟“
هيٺيون چپ ڪنبڻ لڳس. کاڏيءَ ۾ کُٻ پئجي ويس. پڇيائين؛ ”تون ڪڏهن ٿو شادي ڪرين؟“
”مان ڪنهن به ٻي عورت سان شادي ڪري، ساڻس ۽ پنهنجي پيار سان بيوفائي ڪرڻ نٿو گهران.“ چيم؛ ”مان سڄي عمر شادي نه ڪندس.“
شميم بيچين ٿي پيئي. ٻار کي کڻي هنج ۾ ليٽايائين.
پڇيائين؛ ”گاڏي اچڻ ۾ ڪيتري دير آهي؟“
”پنج منٽ.“
”فقط پنج منٽ!“
”ها.“
”تو پنهنجي باري ۾ ڇا سوچيو آهي؟“
”مون ڪڏهن به پنهنجي باري ۾ نه سوچيو آهي؟“
”منهنجو مطلب آهي......“ هوءَ جملو پورو ڪري نه سگهي.
ورائي کانئس پڇيم؛ ”تنهنجو گهر وارو ڪيئن آهي؟“
جواب ٽارڻ لاءِ چيائين؛ ”اُٿي ته وچ پليٽ فارم وٽ ٿا هلي بيهون.“
چيم؛ ”تو منهنجي سوال جو جواب نه ڏنو، شميم.“
هن منهن ورائي منهنجين اکين ۾ نهاريو. چيائين؛ ”اڳاڻو تو کي ٻڌايو هوم نه، ته انفرادي پرمار اسانجي سوسائٽيءَ جو پهريون مسئلو آهي. جنهن ۾ هڪ وڌيڪ ذهين انسان، ٻين گهٽ ذهين انسانن کي، پنهنجي ذاتي مقصد ۽ غرض لاءِ بي واجبي نموني استعمال ڪندو آهي.“
”مان سمجهان ٿو، تون ......“ جملو پورو ڪري نه سگهيم. بيحد ڏک وچان چيائين؛ ”منهنجي گهر واري هڪ ٻي ڇوڪريءَ کي پاسو ڏيئي، گهر آڻي ويهاريو آهي.“
حيرت وچان پڇيم؛ ”ٻي ڇوڪري!“
”ها.“ شميم وراڻيو؛ ”وٽس وڃڻ کانپوءِ خبر پيم ته مان به پهرين ڇوڪري نه هئس. هو بيحد ذهين آهي. هن هميشه پنهنجي ذهانت جو ڀرپور فائدو کنيو آهي.“
لائوڊ اسپيڪر تي، پنجابي گاڏڙ اڙدوءَ ۾، ريل جي اچڻ جو اعلان ٿيو. اسين پليٽ فارم ڏانهن هليا آياسين.
گاڏيءَ جي دريءَ تي منهن رکندي، پڇيائين؛ ”مون کي اڃا چاهين ٿو؟“
وراڻيم؛ ”مان تنهنجي حڪم تي ريل آڏو ليٽي سگهان ٿو.“
پوءِ هوءَ ٽڪ ٻڌي مون ڏانهن ڏسڻ لڳي. اکين تي پاڻيءَ جو تَهُه چڙهي آيس. اُداس منهن مان، بي انتها مايوسي بکڻ لڳس. پوءِ ٽٽل ڦٿل لهجي ۾ چيائين؛ ”منهنجي آدرشي گهر واري مون کي طلاق ڏني آهي.“
”شميم!“ مون کان آهَه نڪري ويئي.
وسل ٿي. گاڏي چُرڻ لڳي. مان گاڏيءَ سان گڏ هلڻ لڳس.
التجا ڪندي چيم؛ ”شميم! مان تنهنجي زندگيءَ جي خال کي، پنهنجي حياتيءَ سان ڀريندس.“
گاڏيءَ جي رفتار وڌڻ لڳي. مان تيز هلڻ لڳس. چيم؛ ”لهي آءُ شميم!“
شميم جي اکين مان لڙڪ لڙي پيا.
ريل سان گڏ، پليٽ فارم تي ڊوڙندي، چيم؛ ”زنجير ڇڪي، گاڏي بيهار.“
گاڏيءَ جي رفتار وڌي ويئي. مان پوئتي رهجندو ويس. شميم دريءَ مان، پنهنجو هٿ ٻاهر ڪڍيو. مون هٿ وڌائي، سندس هٿ کي جهلڻ چاهيو، پر آڱريون پاڻ ۾ ڇهي، ڌار ٿي ويون.
شميم روئيندي چيو؛ ”مان تو کي وساري نه سگهنديس.“
گاڏي مونکي پليٽ فارم تي ڇڏي، اڳتي هلي ويئي. جيستائين دز جو ڪوهيڙو، اکين آڏو نه آيو، مان شميم ڏانهن ڏسندو رهيس. هوءَ دريءَ مان منهن ڪڍي، مون ڏانهن ڏسي رهي هئي.

No comments:

Post a Comment