Sunday, August 5, 2012

غلط فهمي - حسن علي هڪڙو


غلط فهمي
حسن علي هڪڙو
”باجي! او باجي!“
”هُون، ڇاهي؟“
”تنهنجو عاشق.“
”منهنجو عاشق! ڏِس روشي! مان توکي ڪيترا ڀيرا چيو آهي ته منهنجو ڪو به عاشق واشق ڪو نه آهي.“


”هُو ڏِس، سامهون گئلريءَ ۾ بيٺو آهي.“
”مُئو ماريو، سڄو ڏينهن گئلريءَ ۾ بيٺو آهي، شهتير جي وڻ وانگر اُڀو! نه ڄنگون ٿيون ٿڪجنس، نه چيلهه ۾ سور ٿو پويس.“
”باجي، عشق ڪرڻ سولي ڳالهه ته ناهي ۽ نه ئي وري ٻارن جي راند. آخر ته منهنجي سهڻي باجيءَ جو عاشق آهي، جيڪا لکن ۾ هڪ آهي.“
”مُئي کي نه ڪم آ نه ڪار آ، سڄو ڏينهن ڏسيس ته گئلريءَ ۾ بيٺو آ يا ڪرسيءَ تي ويٺو آ. شڪل ڏسيس، اُڀو منهن، ناسون ڦونڊاريل، نڪ ڦٿل، اکيون چِيدي جيتريون، سي به اندر دٻيل، رنگ تئي جي پُٺِي. هليو آ عشق ڪرڻ.“
”نه، باجي نه. اهڙو بدصورت ته ناهي، ها ٿورو سانورو آهي، باقي نقش ته غضب جا اٿس. منجهس ڪافي اٽرئڪشن آهي جيڪا عورت کي پاڻ ڏانهن ڇِڪي سگھي ٿي.“
”پوءِ تون ڇو نه ٿي هن سان پيار ڪرين! هُو ته سڀني کي ٽِڪَ ٻڌي ڏسندو آهي. هاڻي به ته هُو توکي ٿو ڏسي. توکي هن جو اهڙو خيال آهي ته کڻي چٺي ڏيارينس، باقي مان باهه ڏيانس. ماريي کي ڏس ته نظر ڪا ڪڍي ٿو.“
”باجي، هُو پنهنجي گھر ۾ ويٺو آهي. سندس پنهنجي فليٽ جي گئلري آهي. کيس اتي ويهڻ جو پورو پورو حق آهي. جيڪڏهن توکي اها ڳالهه نه ٿي وڻي ته تون کڻي گئلريءَ ۾ نه ويهه. ڀلا ٻڌاءِ ته سواءِ ڏسڻ جي هن ڪي ٻيا ايڪشن جَهِڙوڪ سلام دعا، وارن ۾ هٿ ڦيري نرڙ تي آڱر رکڻ، هوا ۾ ٻانهون لوڏڻ يا ڪو فلمي عشقيه گانو ڳائڻ ڪيو آهي؟“
”نه نه، اهڙي ڪا به ڳالهه ڪانهي. بس رڳو اکيون ڦاڙيون ڏسندو رهندو آهي.“
”باجي، تنهنجي حسن جي سمنڊ ۾ ايترو ته غرق ٿي ويو آهي جو هن کان سڀ شيون وسري ويون آهن. پر هيءُ ته مرد آهي، جي فرشتا به توکي هڪ دفعو ڏسن ته خدا جي عبادت ڇڏي تنهنجي پوڄا شروع ڪن. اسان انهن مردن جون ڪمزوريون آهيون. اهي اسان جي مصنوعي ڳوڙهن تي سر ڪٽائي ڇڏيندا آهن. اسان جي هڪ مرڪ تي سڄي زندگي گذاريندا آهن.“
”هاڻي بند ڪر پنهنجو ليڪچر، آئي آ مردن جي نانڙي بڻجي وڪالت ڪرڻ. اڙي، اهي اهڙا حرامڙا اٿئي جو هڪ گل تي ٽڪاءُ ئي ڪو نه ڪن. سهڻيون نه هونديونسين ته به اهي مُئا مرد اسان کي حورن ۽ پرينِ سان وڃي ملائيندا. اهڙي وٺي تعريف ڪندا جو عورت پاڻ کي واقعي به حور پريءَ کان گھٽ ڪا نه سمجھندي آهي ۽ دنيا کان بي خبر هڪ خيالي واديءَ ۾ پهچي ويندي آهي، پوءِ پنهنجو سڀ ڪجھ لٽائي هوش ۾ آئي ته ڇا!“
”چڱو چڱو باجي، هاڻي هل ته ڪمري ۾ هلي ويهون، ڏسين نه ٿي ته برسات پئجي رهي آهي ۽ ٿڌ به محسوس ٿئي پئي.“
ٻئي ڀينرون کلندي ڪمري ۾ هليون ويون.
بلاڪ ڊِي جي هڪ فليٽ تي ميلاد جي محفل ملهائي پئي وئي، جنهن ۾ ٻين فليٽن جي عورتن کي به مدعو ڪيو ويو هو. اتي نازِي به پنهنجي ڀيڻ روشي سان گڏ شريڪ ٿيڻ وئي، جتي سندس ملاقات شانِي سان ٿي. ڳالهين ڳالهين ۾ پاڻ ۾ گَهِرائپ ٿي وَين. نازيءَ شانيءَ کي گھر اچڻ جي دعوت ڏني، جيڪا شانيءَ ٻئي ڏينهن تي اچڻ جو وعدو ڪري قبول ڪئي.
جنوريءَ جي هڪ شام هئي. اُتر جون سرد هوائون گُھلِي رهيون هيون. ڪَڻ ڪَڻ پئجي رهي هئي. ڪمري ۾ نازي گرم شال ويڙهي صوفي تي ليٽي پئي هئي، ته در تي هلڪي ٺڪ ٺڪ ٿي. نازيءَ اڌ کليل اکين سان چپن کي ٿوري جنبش ڏئي چيو، ”اچو، دروازو کليل آهي.“
دروازو کليو ته شاني اندر داخل ٿي. نازي کيس ڀاڪر پائي ملي. پوءِ اڻکٽ ڳالهين جو سلسلو شروع ٿي ويو: تنهنجون، منهنجون، پنهنجون، پرايون، اوڙي پاڙي جون خبرون چارون گفتگوءَ جو موضوع بڻيل رهيون. انهيءَ وچ ۾ روشي چانهه سان گڏ خشڪ ميوو ٽيبل تي رکي وئي هئي، جيڪو ڳالهين دوران کائينديون رهيون.
”شاني، اچ ته ٻاهر گئلريءَ مان موسم جو ڪجھ مزو وٺون.“
”اُٿ.“ ٻئي ڄڻيون اچي گئلريءَ ۾ بيٺيون.
هوڏانهن انهيءَ سمي ساڳيو نوجوان هڪ ننڍڙي ڇوڪري جو هٿ جھلي اچي گئلريءَ ۾ پيل خالي ڪرسيءَ تي ويهي رهيو.
جڏهن نازيءَ جي نظر نوجوان تي پئي، ته سندس مُوڊ خراب ٿي ويو. ”مُئي کي خبر پئجي وئي ته اسان هتي بيٺيون آهيون.“ هن چپن ۾ ڀڻڪيو.
”ڪنهن کي ٿي مُئو چئين؟“ شانيءَ کانئس پڇيو.
”اهو مُئو، جيڪو سامهون واري فليٽ جي گئلريءَ ۾ ڪرسيءَ تي ويٺو آهي. مُئو سڄو ڏينهن گئلريءَ ۾ يا ته بيٺو آهي يا ڪرسيءَ تي ويٺو رهندو آ، ڪم ڪار ڪونهيس، بس اکيون ڦاڙيون هڪ ٽڪ ڪيون ويٺو هيڏانهن ڏسندو آهي. پنهنجون مائرون ڀينرون الائي ڪو نه اٿس جو مئو ٻين جي ڀينرن کي تڪيندو ٿو رهي. مان ته هن مان ڏاڍي تنگ ٿي پئي آهيان. هاڻي ته گئلريءَ ۾ ويهڻ به ڇڏي ڏنو اٿم.“
”بس ڪر، نازِي بس ڪر، گھڻو ٿي چڪو. اهو مئو منهنجو ڀاءُ عارف آهي. هُو نابين آهي ۽ نُور جي نعمت کان محروم آهي. هُو هڪ حادثي ۾ پنهنجون اکيون وڃائي چڪو آهي، جنهن جو صدمو اسان سڀني گھر ڀاتين کي آهي. معاف ڪجانءِ، ڀيڻ هُو توکي ڪو نه ڏسندو آهي. هُو ته سڄو ڏينهن خلا ۾ گھوريندو رهندو آهي، جنهن ۾ هڪ ڌنڌلي تصوير کي پنهنجي دل جي اکين سان ڳولڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، جيڪا حادثي وقت موت جو شڪار ٿي وئي ۽ هميشه لاءِ هن کان جدا ٿي وئي. منهنجو ڀاءُ ڏاڍو دکي آهي. هن کي ڪهڙي خبر ته سامهون گئلريءَ ۾ ڪير بيٺو آهي ۽ هُو ڪنهن کي ڏسي رهيو آهي. معاف ڪجانءِ، ادِي، جيڪڏهن توکي هن کان ڪا تڪليف ملي آهي، منهنجي انڌي ڀاءُ کي معاف ڪجانءِ، معاف ڪجانءِ...“ شانيءَ جي اکين ۾ ڳوڙهن جو بند ٽٽي پيو ۽ هوءَ بنا موڪلائڻ جي، سڏڪا ڀريندي، هلي وئي.
هوڏانهن نازيءَ جي ڪنن ۾ پڙاڏا پيدا ٿي رهيا هئا: هُو انڌو آ، هُو انڌو آ، کيس معاف ڪجانءَ، کيس معاف ڪجانءِ...

•••
(۱۹۹۸-۶-۱۲)

No comments:

Post a Comment