Sunday, August 5, 2012

’ڪارِي‘ - حسن علي هڪڙو


’ڪارِي‘
حسن علي هڪڙو
شوڪت منهنجو ننڍپڻ کان وٺي دوست آهي. اسان پرائمري تعليم کان مئٽرڪ تائين هڪ ڪلاس ۽ هڪ بينچ تي گڏ ويهي پڙهيا آهيون. اسان جي پاڻ ۾ تمام گھڻي گَهِرائپ آهي. اڄ ڪلهه هُو اسپتال ۾ ڪمپائونڊر جي حيثيت سان ڪم ڪري پيو. تمام قابل ۽ هوشيار هئڻ ڪري ڊاڪٽر صاحبَ سندس گھڻو خيال رکندا آهن. شوڪت به پنهنجن بالا آفيسرن جي عزت ڪندو آهي، انهيءَ ڪري هن کي اسپتال ۾ هڪ خاص مقام حاصل آهي.


اڄ وري منهنجيءَ دل گھريو ته شوڪت وٽ وڃي چانهه پيئان ۽ کيس پنهنجو لکيل نئون غزل ٻڌايان، ڇاڪاڻ ته ڪو به خالق پنهنجي تخليق کان پوءِ ان تخليق جي تعريف ٻڌڻ چاهيندو آهي. خاص ڪري شاعر کي داد گھرجي. اها ڄڻ شاعر کي پنهنجيءَ تخليق جي قيمت وصول ٿي ٿِئي. انسان ته ڇا، پر حقيقي خالق به پنهنجي تخليق لاءِ مخلوق کان واکاڻ ٿو ڪرائي، ايتري قدر جو سڀ تعريفون پنهنجي لاءِ مخصوص ٿو ڪري. مان ته پوءِ به انسان آهيان ۽ انهيءَ خالق جو خلقيل آهيان. تعريف ٻڌڻ منهنجي به فطرت ۾ شامل آهي، پوءِ به مان سندس ئي مخلوق کان تعريف ٿو ٻڌان. مان ڪو پنهنجيءَ تخليق جي واتان ته تعريف ڪو نه ٿو ٻڌان. سو ڳالهه پيو ڪريان شوڪت وٽ چانهه پيئڻ جي ۽ کيس نئون غزل ٻڌائڻ جي. نيٺ گھران نڪتم ۽ اسپتال جو رخ ڪيم. ٿوريءَ دير بعد اسپتال پهچي شوڪت سان مليم. دستور موجب وڏي پيار سان شوڪت مليو. شوڪت پڇيو، ”ها، حَسن! ڪر خبر، ڪيئن ٿي هلي اڄڪلهه تنهنجي شاعري واعري؟ ڪو نئون گيت، غزل ٺاهيو اٿئي؟“
”ها، شوڪت! گيت به آهي ته غزل به. پر پهريائين چانهه پيئار، چانهه جو موڊ آهي.“
شوڪت چانهه چوڻ لاءِ ٻاهر نڪتو، پر انهيءَ پير تي واپس موٽي آيو ۽ چيائين، ”مان پٽيوالي کي چانهه چئي آ. مون کي ڊاڪٽر صاحب گھرايو آهي، جو هڪ مَرڊر آيو آهي. مان ٿِي اچان، پوءِ ٿا ڪچهري ڪيون.“
ايئن چئي شوڪت ڪمري مان نڪري ويو. شوڪت جي وڃڻ کان پوءِ مان به ڪمري مان ٻاهر نڪتس، ڇاڪاڻ ته منهنجو ڌيان به قتل ڏانهن ڇڪجي ويو هو. ٿورو اڳتي وڌيس ته ورانڊي ۾ هڪ کٽ تي رت ۾ ٻڏل هڪ لاش ڏٺم. اتي ڪجھ ماڻهو به هئا. انهن مان هڪ پوڙهو ٻين کان وڌيڪ روئي رهيو هو. مان ان جي ڀرسان وڃي بيٺم ۽ کيس دلداري ڏيڻ لڳم. پوڙهي مون کي چيو، ”ابا، منهنجي ته سڄا ڪائنات لٽجي وئي. مون بد نصيب کي هڪڙي ئي ڌيءَ هئي، جيڪا ظالمن کسي ورتي.“
اهو ٻڌي منهنجو تجسس وڌيو. مون پوڙهي کان وڌيڪ احوال ٻڌڻ لاءِ کيس چوريو.
19
 
تحفو
 
پوڙهي چيو، ”ابا، هيءَ منهنجي ڌيءَ نصيبان آهي. مان ته سندس ڄمڻ تي سٺو نالو سمجھي نصيبان رکيو، پر ايئن نه ٿيو. نصيبان ننڍي هئي جو سندس ماءُ مري وئي. مون کيس پيءُ سميت ماءُ جو پيار ڏئي پاليو. نياڻيءَ جو ٻار جلد جوان ٿيندو آهي. مون سندس شادي پنهنجي هڪ پري واري رشتي جي ڀيڻ جي پٽ قادن سان ڪرائي. سندن ڳوٺ پنج ڇهه ڪوهه ٿيندو. هُو مڇيءَ مانيءَ لائق هئا، جنهنڪري مون اهو رشتو منظور ڪيو. زال مڙس جو پاڻ ۾ ڏاڍو پيار هو، جا ڳالهه نصيبان جي نڻانن کي نه وڻي. سندس سَسُ به پنهنجين ڌيئرن جو پاسو ورتو، جنهنڪري نصيبان تي گھر ۾ هر وقت ٽوڪن ۽ طعنن جا مينهن وسڻ لڳا. نصيبان جي گھر لڳ هڪ گھر ۾ نيڪ عورت مائي فاطمه پنهنجي جوان پٽ نواز سان گڏ رهندي هئي، جيڪو پڻ شريف ماڻهو آهي. نصيبان ڪڏهن ڪڏهن مائي فاطمه جي گھر ويندي هئي. هن کيس ايڏو پيار ڏنو جو نصيبان کيس ماءُ سمجھڻ لڳي. هوڏانهن نواز به نصيبان کي ڀيڻ سمجھي سِڪ سان پيش ايندو هو. انهيءَ ڪري نصيبان سندن گھر کي پنهنجو گھر سمجھي، روز اوڏانهن ويندي هئي، پر سندس اهي خوشيون عارضي ثابت ٿيون. نصيبان جي مڙس قادن کي سندس ماءُ ۽ ڀينرون ڀڙڪائينديون رهنديون هيون. پهريائين ته قادن انهن ڳالهين تي ڪو ڌيان نه ڏنو، پر جڏهن هنن الزام هنيو ته نصيبان جا نواز سان ناجائز تعلق آهن، ته قادن به پٽڙيءَ تان لهي ويو. هُو نصيبان کي شڪ جي نظر سان ڏسڻ لڳو. فطري طور انسان ڪنن جو ڪچو هوندو آهي ۽ خاص ڪري غيرت جي معاملي ۾ ۽ اها به جيڪڏهن زال جي باري ۾ هجي ته چڱا ڀلا هوش وڃائي ويهندا آهن. قادن ته هڪ ڄَٽ هو. هُو نصيبان کي گار گند ڪرڻ لڳو ۽ ڌڪَ به هڻڻ لڳو. هن مٿس فاطمه جي گھر وڃڻ تي به روڪ وجھي ڇڏي. روڪ کان پوءِ نصيبان جي دل ۾ بيچيني پيدا ٿي، ڇاڪاڻ ته هوءِ پوتر ۽ پاڪ هئي. آخر هڪ ڏينهن نصيبان جي سَس ۽ نڻانون ڪنهن عزيز جي شاديءَ تي، ڳوٺ کان ٻاهر ويل هيون. قادن ٻنيءَ تي هو، سو نصيبان مائي فاطمه جي گھر هلي وئي. نواز به گھر ۾ هو. هن کيس سربستي ڳالهه ٻڌائي. نواز ڀيڻ کي دلاسو ڏنو. مائي فاطمه نصيبان کي چيو ته امڙ سچُ سچ ٿيندو ۽ ڪوڙ ڌوڙ پائيندو. اللھ سائين دشمنن جو منهن ڪارو ڪندو. هوڏانهن قادن ٻنيءَ جو ڀيرو ڪري گھر پهتو. اتي نصيبان کي نه ڏسي، هن پنهنجي شڪ کي پڪ سمجهيو ته نصيبان جا نواز سان ناجائز تعلق آهن. ان وقت نصيبان به پنهنجي گھر پهتي. قادن کي ڏسي سندس بدن مان ساهه ڇڏائجي ويو، ويتر قادن جي اکين ۾ رت ۽ هٿن ۾ ڪهاڙي ڏسي ڏڪڻي وٺي ويس. قادن کيس وارن کان پڪڙي کڻي دَسيو ۽ مٿس ڪهاڙين جا ڪيترائي وار ڪيا، جنهنڪري منهنجي معصوم نصيبان پنهنجي بد بختيءَ جو شڪار ٿي، ڦٿڪي ڦٿڪي ساهه ڌڻيءَ حوالي ڪيو. قتل ڪرڻ کان پوءِ قادن ڪهاڙيءَ سميت ٿاڻي تي ويو، جتي اقرار ڪيائين ته هن پنهنجيءَ زال کي غيرت ۾ اچي، ڪارِي ڪري ماريو آهي، پر ڪارو ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. جنهن بعد پوليس اهڙو فرياد داخل ڪيو ۽ لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال آندو آهي.“
پوڙهو واقعو ٻڌائيندي روئندو به رهيو ۽ حسرت منجھان پنهنجي ڌيءُ نصيبان جي لاش کي ڏسندو به رهيو.
مون تي سڪتو طاري ٿي ويو. مان بنا چانهه پيئڻ ۽ شوڪت کان موڪلائڻ جي اسپتال مان نڪري آيم. مون کي محسوس ٿيو ته منهنجي اندر ۾ به هڪ قادن ويٺو آهي، جيڪو قاتل آهي هر معصوم سنڌي ناريءَ جو.

•••
(۱۹۹۲-۷-۳)

No comments:

Post a Comment