Sunday, August 5, 2012

کنوڻ ڪِرِي هڪ گھر مٿان - حسن علي هڪڙو


کنوڻ ڪِرِي هڪ گھر مٿان
حسن علي هڪڙو
راحب، جندو ۽ شاني، ڪل ٽن گھر ڀاتين تي ٻڌل هيءُ ڪٽنب ڳوٺ گھنور آباد ۾ رهندو هو. راحب وڏيري خير محمد جي زمين تي ڪڙمت ڪندو هو. انهيءَ سان گڏ لنب جي سنهين ڪاٺين مان کارا به ٺاهيندو هو. کارا ٺاهڻ ۾ سندس زال جندو ۽ ڌيءَ شاني به هن جي مدد ڪنديون هيون. ڳچ کارا ٺاهي، بيل گاڏيءَ ۾ وجھي، شهر ۾ وڪرو ڪري ايندو هو، جنهن مان کيس ڪافي آمدني پڻ ٿيندي هئي. هن جي گھر جو چرخو انهيءَ آمدني مان پورو ٿي ويندو هو، باقي فصل مان جيڪا اُپت ٿيندي هئي، اها بچائي رکندو هو. نِيت پَتِ وارو هو، اجايو سجايو خرچ ڪو نه ڪندو هو. هن کي صرف هڪ ڌيءَ شاني هئي، جنهن کي هن وڏي لاڏ ۽ پيار سان پاليو هو.


شاني اڄ ننڍي سڀاڻ وڏي، نياڻي جو ٻار هونءَ به جلد جوان ٿيندو آ، سو شاني به اچي جوان ٿي. هُئي ته غريباڻو ٻار، پر قدرت فياضيءَ کان ڪم وٺي هن کي حُسن جي خزاني سان مالا مال ڪري ڇڏيو. هوءَ ڳوٺ جي جوانن جي دل جي ڌڙڪن بڻجي چڪي هئي. شاني جڏهن به ڪمين ڪارين گھران ٻاهر نڪرندي هئي ته هڪ قيامت اچي ويندي هئي. سڀني جون نظرون هن جي چهري ۽ جسم تي ڄمي وينديون هيون، نوجوان هن کي ڏسي ٿڌا ساهه ڀريندا هئا. هوڏانهن شاني هنن کي بيوقوف بڻائڻ خاطر هڪ دلربا مرڪ چپن تي آڻي هنن جي اڳيان جڏهن گذرندي هئي، ته عاشق ويچارا ٿڌا شوڪارا ڀري، دل کي پڪڙي هائي، هائي، ڪندا رهجي ويندا هئا.
ڌيءُ جوان ٿيندي آهي ته ماءُ پيءُ کي اچي لڳندي آهي ته ڪنهن شينهن ڪلهي تي چاڙهي وڃي، سو هڪڙي ڏينهن جندوءَ راحب کي چيو، ”ميان! نياڻي اچي جوان ٿي آ، اڄ کان هن جي شاديءَ لاءِ سوچڻ کپي. شاني اسان جي هڪڙي ته اولاد آهي. جي منهنجي صلاح وٺين، ته جيڪي پئسا فصل مان بچائي رکيا اٿئون، انهن مان سونا زيور گَھڙائي اچ. آهستي آهستي شانيءَ لاءِ سامان گڏ ڪندا وڃون. امير ته ڪو نه آهيون جو هڪ هنڌ ڏاج وٺي سگھنداسون.“
”هائو، شانيءَ جي ماءُ! چوين سچ ٿي. واقعي اسان کي هاڻي کان ئي شانيءَ لاءِ سوچڻو آ. جيڪو ڪجھ سان وٽ آ، اهو سڀ شانيءَ جو ئي ته آهي. اسان جي کٽي ڪمائي، ميڙي چونڊيءَ جي هوءَ ئي ته هڪ مالڪياڻي آهي. الله سائين کيس روح جبل جيڏي  حياتي ڏئي ۽ سندس پردو رکي. اسان ٻئي ڄڻا جڏهن زور ڪراڙا ٿينداسون، ته شاني ئي ته هوندي جيڪا اسان جي سار سنڀال لهندي ۽ خدمت ڪندي. اسان به ته هن کي پٽ ڪري پاليو آهي.“
”چڱو چڱو، اهي سڀ تنهنجون ڳالهيون چڱيون. الله کيس اهڙو نيڪ ڪندو جو ماءُ پيءُ جي عزت ۽ خدمت ڪندي. هاڻي اُٿِي ته هلي کارا ڳڻي رکون. سڀاڻي توکي شهر وڃڻو آ.“ جندوءَ راحب کي اٿاريندي چيو.
پَڪِيءَ ٻير کي هر ڪو پيو ڇاپڙون هڻندو، سو شانيءَ لاءِ به مائٽيون اچڻ شروع ٿي ويون. پنهنجن پراون جا مائٽيءَ لاءِ پيغام راحب وٽ پهچڻ لڳا. انهن ۾ هڪ رشتو بادل جو به هو. بادلُ راحب جي ماسات عرس جو پُٽ هو. عرس وارا پنهنجي مڇيءَ مانيءَ لائق هئا. ٻه چار ٻارا زمين جا هنن کي پنهنجا هئا. ٻيو مالوند، سو سندن وقت چڱو پيو گذري. راحب پنهنجي زال جندو سان آيل رشتن بابت صلاحون ڪرڻ لڳو ته نياڻي آخر اُٿارڻي آهي. تون به صلاح ڏي، ڇاڪاڻ ته تون شانيءَ جي ماءُ آهين. گھڻي غور ويچار کان پوءِ بادل جو رشتو منظور ڪيو ويو. هڪ عزيزائپ، ٻيو گھر چڱو، ٽيون بادل به هڪ سٺو ڇوڪرو هو. جڏهن اها خبر بادل جي گھر پهتي ته شانيءَ لاءِ هن جو رشتو منظور ڪيو ويو آهي، ته سڄو گھر خوشيءَ ۾ نه پئي ماپيو. بادل جي ماءُ ۽ ڀينرون خوشيءَ ۾ سَهرا ۽ جھمريون پائڻ لڳيون ۽ هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏيڻ لڳيون. ٿورن ڏينهن بعد بادل ۽ شانيءَ جو مڱڻو ٿي ويو.
ڳوٺ جي پرائمري اسڪول جو جھونو استاد سائين غلام صديق ريٽائرڊ ٿي ويو. سندس جاءِ تي شهر مان نئون ماستر عنايت علي مقرر ٿي آيو. هُو نوجوان، شڪل شبيهه جو موچارو، لَٽين ڪَپڙين ٺيڪ ٺاڪ، پاڻ کي هميشه اڇو اجرو رکندو هو. سندس ڳالهائڻ ۾ اهڙو مٺاس هو، جو هڪ دفعو ڪنهن هن سان ملاقات ۽ گفتگو ڪئي ته ڄڻ هن جو ٿي ويندو. اسڪول ڳوٺ جي ڏاکڻي طرف شاخ جي ڀرسان هو. شاخ ٻارهن ئي مهينا وهندي هئي. ڳوٺ جو جر کارو هئڻ سبب ڳوٺ وارا پاڻي شاخ مان ڀريندا هئا. ٻهراڙيءَ ۾ خاص ڪري عورتون پاڻي ڀرڻ لاءِ وينديون آهن، سو ڳوٺ جون عورتون، جن ۾ شاني به شامل هئي، پاڻي ڀرڻ لاءِ شاخ تي وينديون هيون. شاخ تي وڃڻ لاءِ رستو اسڪول ڀرسان لنگھندو هو. شاني طبيعتاً چِلوِلي هئي. هوءَ دل لڳيءَ خاطر ٻين کي بيوقوف بڻائي، پاڻ مزو وٺندي هئي، سو جڏهن به شاني شاخ تان پاڻي ڀرڻ يا ڪپڙا ڌوئڻ ويندي هئي، ته هن جو ماستر کي ڏسڻ وائسڻ پئي ٿيندو هو. شاني شرارتاً ماستر کي ڏسي کلي ڏيندي هئي. ماستر جڏهن هن سُهڻيءَ مَن مُهڻيءَ صورت کي ڏٺو ته چريو ٿي پيو ۽ شانيءَ مٿان شڪن ٿي پيو. ٻنهي جي پيار ۾ اک ٻوٽ شروع ٿي وئي. شروع شروع ۾ شاني ماستر کي بي وقوف بڻائڻ جي پئي ڪئي، پر ماستر جا به شهر جا پڪوڙا کاڌل هئا. هن شانيءَ کي پنهنجي ڄار ۾ اهڙو ڦاسائي ڇڏيو، جو هن جيئن ڇڏائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي، تيئن وڃي پئي ڦاسندي. جِنڻ هاڻي شيشي ۾ بند ٿي چڪي هئي. ڪم هجي نه هجي، هوءَ ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان يا لِڪي ڇُپي ماستر سان ملڻ ضرور ويندي هئي. موڪل واري ڏينهن ماستر اسڪول نه ايندو هو، ته اهو ڏينهن شانيءَ لاءِ قيامت کان گھٽ نه هوندو هو. سڄو ڏينهن اونڌي منجي ڪيون کٽ تي ڪري پئي هوندي هئي. ماستر جي عشق جو ڀوت شانيءَ تي سوار ٿي چڪو هو. هن کي ماستر کان سواءِ ٻيو ڪجھ به نظر نه پئي آيو. کانئس سڀ رشتا وسري چڪا هئا. هن لاءِ سڀ ڪجھ ماستر هو. هوءَ ماستر خاطر سڄيءَ دنيا سان ٽڪر کائڻ لاءِ تيار ٿي وئي. ايتري قدر جو سڀ رشتا ناتا ٽوڙڻ لاءِ به تيار هئي. ماستر ڏٺو ته مڇي ڄار ۾ ڦاسي چڪي آهي، صرف پڪڙڻ جي دير آهي، تڏهن به هو ڪنهن مناسب وقت جو انتظار ڪرڻ لڳو، ته جيئن هُو هن سونهري مڇيءَ کي کڻي اڏامي وڃي.
ماءُ کان ڌيءَ جي ڪا به ڳالهه يا ڪو به راز لڪي ڪو نه سگھندو آهي. جندوءَ محسوس ڪيو ته شاني جنهن گھوڙي تي سوار آهي، اهو سرڪش آهي، جڏهن ته شاني اڻ ڄاڻ آهي. هوءَ گھوڙي کي قابو ڪري نه سگھندي ۽ گھوڙو هن کي اهڙو پٺيءَ تان ڪيرائي ڌڪو ڏيندو، جو سندس بچڻ جي اميد ڪا نه رهندي. پوءِ ڇو نه شانيءَ کي پهرين بچائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.
اوڏڪي ڀتين جو ٺهيل هڪ ڪچو ڪوٺو، جنهن جي ڇت تي هڪ منجو ٺهيل هو ۽ ڀرسان هڪ کٽ رکيل هئي. منجي تي راحب حُقو ويٺي پيتو ۽ جندو ڀرسان سمهي پئي هئي ۽ کٽ تي شاني ستي پئي هئي. ڏسڻ ۾ ته شاني ننڊ ۾ هئي، پر ننڊ هن کان ڪيترائي ڪوهه پري هئي. هاڻي شانيءَ کي ننڊ جلدي ڪيئن ايندي! جاڳندي، سمهندي، اٿندي، ويهندي هن وٽ ماستر جو تصور هو، جيڪو سندس دل ۽ دماغ تي اسٽيڪر وانگر چنبڙي چڪو هو. راحب حقو ڇڪي بس ڪئي، دلي منجھان وٽي ۾ پاڻي اوتي پيتو ۽ اچي منجيءَ تي سمهيو. ڏٺائين ته جندو جاڳي پئي.
”ڇو ڀلا، توکي ننڊ ڪا نه ٿي اچي؟“ راحب پاسو ورائي، جندوءَ ڏي منهن ڪري کانئس پڇيو.
”جنهن گھر ۾ جوان ڌيءُ ويٺي هجي، ته ماءُ کي ننڊ ڪٿان ايندي.“
”اڙِي چري! شاني اسان جو پُٽ آ، ڪير ٿو چوي ته هوءَ ڌيءَ آ. هونئن به توهان زال زائفون شو شميڪي جون شوقينڙيون هونديون آهيو. باقي ٿورن ڏينهن جي ڳالهه وڃي بچي آ. فصل به کڻون ۽ مندون به سٺيون اچن، ته شانيءَ جي شادي ڪنداسون. ڪالهه ادو عرس ٻنيءَ تي گڏ هو. ڳالهين ڳالهين ۾ شانيءَ ۽ بادل جي شاديءَ جو ذڪر نڪتو. مان هن کي به اها ئي ڳالهه چئي.“ راحب کيس چيو.
اها سموري گفتگو شانيءَ پئي ٻڌي، ته هن جي شادي آخر بادل سان ٿيڻي آهي. پر سندس دل جو راڻو ته ماستر هو. ڀلا هوءَ ٻي جي ڪيئن پئي ٿي سگھي! هن کي موت ته منظور هو، پر ماستر کان جدا ٿيڻ جو سوچي به نه پئي سگھي.
ٻئي ڏينهن تي شاني دلو مٿي تي کڻي پاڻيءَ جي بهاني ماستر سان ملڻ لاءِ وئي. ماستر کي راتوڪو سمورو احوال ڏنائين ۽ کيس چيائين، ”تو کان جدا ٿيڻ جو مان سوچي به نه ٿي سگھان. جي تو ڪجھ به نه ڪيو ته مان پاڻ کي ماري ڇڏيندس.“ شاني جذبات ۾ اچي وئي ۽ اکين مان ڳوڙها سياري جي برسات وانگر بس ئي ڪو نه پيا ڪن. هوءَ روئندي روئندي ساڻِي ٿي وئي. ماستر شانيءَ کي ڪنڌ ۾ ڀاڪر وجھي پنهنجي سيني سان لائيندي، کيس دلداري ڏني، ”چري! دل ننڍي نه ڪر. همٿ کان ڪم وٺ. ڇا تون ايئن ٿي سمجھين ته منهنجو تو سان پيار ڪونهي. پر تون ٻڌي ڇڏ، مرنداسون به ٻئي گڏ ۽ جيئنداسون به ٻئي گڏ. دنيا جي ڪا به طاقت اسان کي جدا ڪري نه ٿي سگھي.“
شانيءَ ماستر جي سيني ۾ منهن لڪائيندي سڏڪا ڀريندي، هن کان پڇيو، ”تنهنجو فيصلو آخر ڪهڙو آهي؟“
ماستر هن کي ڀاڪر ۾ سوڙهو ڪندي چيو، ”شاني! هڪ رستو آ. آهي ڪنڊن سان ڀريل، جي توکي منظور آ، ته مان تيار آهيان.“
شانيءَ نماڻيون ۽ ڀنل اکيون کڻي ماستر ڏي ڏٺو ۽ چيائين، ”ٻڌاءِ، ڪهڙو رستو آ؟ تو لاءِ جي مون کي جانِ به ڏيڻي پوي ته به سودو سستو آ.“
”ته پوءِ ٻُڌ، شاني! اهو رستو هي آ، ته تون مون سان ڀَڄِي هل. شهر هلي ڪورٽ جي اجازت سان شادي ڪنداسين.“
اهو ٻڌي شاني هيڪاري ڏڪي وئي. هوءَ دل ئي دل ۾ سوچڻ لڳي ته ايئن ڪرڻ سان منهنجي پيءُ جي عزت ڪا نه رهندي. هو برباد ٿي ويندو. ڪنهن کي به منهن ڏيکارڻ جي قابل نه رهندو، هي صدمو سهي نه سگھندو ۽ مري ويندو.
پر محبت انڌي هوندي آهي ۽ شانيءَ به پنهنجي محبوب جي حق ۾ فيصلو ڏئي ڇڏيو.
39
 
تحفو
 
اڌ رات جو وقت هو. پورب کان کِنوِڻ تجلا ڏيندي پاڻ سان ڪڪرن جو ڪٽڪ ڪاهيون پئي آئي. هن خوفناڪ رات ۾ به ماستر پروگرام موجب انهيءَ هنڌ پهچي ويو، جتي شانيءَ کي اچڻو هو. هوڏانهن شاني انهيءَ رات پڄي وڃڻ جي مڪمل تياري ڪئي. هن لاءِ پيءُ جيڪي سونا زيور گھڙائي آيو هو، اهي، ڪجھ روڪ رقم ۽ ڪپڙا، سڀ هڪ ڳنڍ ۾ ٻڌي تيار ڪيائين. شاني کٽ تي سمهي پئي هئي. ڀرسان منجيءَ تي هن جا پيءُ ماءُ ستا پيا هئا. هو ٻئي گھري ننڊ ۾ هئا. هنن کي ڪا به خبر ڪا نه هئي، ته ڇا ٿيڻ وارو آهي. شانيءَ کي ننڊ ڪٿان ايندي! هن جي زندگيءَ ۽ موت جو سوال هو. جي محبوب کي ٿي ڇڏي ته به مري ٿي، جي والدين جي عزت کي نيلام پئي ڪري ته به بچي ڪو نه پئي. ٻئي ڳالهيون هن لاءِ تمام ڏکيون ٿي پيون. هوءَ وڏيءَ مشڪل ۾ اچي ڦاٿي. جيئن جيئن وقت گذرندو پئي ويو، تيئن تيئن شانيءَ جي پريشاني وڌندي پئي وئي. هوءَ ڪري ته ڇا ڪري! هن کي سمجھ ۾ ڪجھ به نه پئي آيو. رکي رکي ڪراڙي پيءُ جي اڇي سونهاري ۽ اڇي پڳ جو ئي خيال پئي آيس، ته سڄي سُسي پئي وئي. ’ڇا منهنجي ڀڄي وڃڻ جو صدمو منهنجو پيءُ سهي سگھندو؟ هو مري ته نه ويندو؟ واقعي هو مري ويندو، ڀلا جيئرو رهي، ڪهڙو منهن وٺي ڳوٺ ۾ گھمندو، ڪهڙو ڪنڌ کڻي هلندو. پوءِ ڀلا منهنجي ماءُ جو ڇا ٿيندو، هن جو ٻيو ڪو به سهارو ڪو نه آهي. هوءَ ڪاڏي ويندي؟ ڪنهن وٽ ويندي؟ هوءَ چري ته نه ٿي پوندي؟ نه، نه، مون کي محبت جي قرباني ڏيڻ کپي. مان ماءُ پيءُ جي عزت سَرِ عام نيلام ٿيڻ نه ڏيندس.‘ وري دل جي ڪنهن ڪنڊ مان آواز آيس ته بي وفا ٿي ٿئين، محبوب ڇا چوندءِ، ڇا سوچيندو. ڀلا ٻڌاءِ، تون ماستر کان سواءِ زندهه رهي سگھندينءَ؟ پڳلي! محبت ڪرڻ وارا اهي ڳالهيون ڪو نه سوچيندا آهن. بزدل ٿي ٿِئين؟ ڇا توکي اها پهريائين خبر ڪا نه هئي، ته پيار جي راهن ۾ ڪنڊا هوندا آهن، ۽ قرباني به ڏيڻي پوندي آهي؟ ڇا تو کان اڳ اهڙا ٻيا واقعا ڪو نه ٿيا آهن؟ ڇا ڪوٽ ۽ حويليون ڪو نه ڀڳيون آهن؟ ڇا انهن جا والدين ڪو نه هئا؟ يا انهن جي عزت ڪا نه هئي؟ ڪجھ به نه ٿيندو. ٿورن ڏينهن بعد سڀ ڪجھ ٺيڪ ٿي ويندو. وقت زخمن جو مرهم آهي. هر ڪو نامل ٿي ويندو. تون ڪنهن کي ياد به نه رهندينءَ ۽ قصو پراڻو ٿي ويندو. تنهنجو پيءُ ماءُ به رب جي رضا سمجھي قبول ڪري وٺندا. اٿ، تنهنجو محبوب تنهنجي انتظار ۾ بيٺو هوندو ۽ تنهنجي راهه تڪيندو هوندو. وري اندر مان آواز آيس: ’ڇا انهيءَ ڏينهن لاءِ تو کي ماءُ پيءُ پالي جوان ڪيو هو ته هنن جي پڳ لاهي کين سڄي ڳوٺ ۾ خوار ڪندينءَ ۽ سڀني ننڍن وڏن جي زبان تي اها ڳالهه هوندي ته راحب جي ڌيءَ ڀڄي وئي. ڇو ته بد بڻياد هئي. ڪهڙي خبر هن جي ناني، پڙ ناني ڀڄي وئي هجي، جو کڻي هن کي به ڇڪيو اٿائين. ماءُ پيءُ ته ٺهيو پر ست پيڙهيون ئي پُنائين. ڏاهي ٿيءُ. اهو غلط قدم نه کڻ، جنهن ۾ صرف بدنامي ئي بدنامي آ. نه، نه، محبت ۽ جنگ ۾ هر شيءِ جائز آ. محبت ڪرڻ ڪو گناهه ته ڪونهي، پر هو تو سان شادي ٿو ڪرڻ گھري. توکي ڇا خبر، ماستر جون به ڪي مجبوريون هجن. هن جا والدين به هن شاديءَ لاءِ راضي نه هجن يا ماستر به تو وانگر پنهنجن ۾ مڱيل هجي. پر هو سڀ رشتا ناتا ٽوڙي صرف تو لاءِ قرباني ٿو ڏئي. ڇا لاءِ ته هن جي تو سان سچي محبت آ. هو تو سان پيار ڪري ٿو. جي تو هن کي ٿڏي ڇڏيو ته هو به مري ويندو. پوءِ هن جي موت جي ذميوار صرف تون هوندينءَ. نه، نه، مان ويندس، ضرور ويندس. هو منهنجي انتظار ۾ هوندو. منهنجي اچڻ جي راهه پيو تڪيندو هوندو. نه ويندس ته ڇا سمجھندو. اڳتي ڪو به مردُ عورت جي وفا تي، هن جي واعدي تي يقين نه ڪندو. مان اچان ٿي، منهنجا محبوب! مان اچان ٿي.‘ شاني، جيڪا کٽ تي سمهي پئي هئي، اٿي بستري تي ويهي رهي. اندر مان وري آواز آيس: ’تون وڃين ٿي. پر ٻڌي ڇڏ، تنهنجو ۽ تنهنجي اولاد جو ڪو به مستقبل نه ٿيندو. هُو تنهنجي اولاد کي جيئڻ ڪو نه ڏيندا ۽ طعنن ۾ ماري ڇڏيندا، ته ڀاڄوڪڙ جي اولاد آهين، تنهنجي ماءُ ڀڄي وڃي مڙس ڪيو هو. خاص ڪري تنهنجي ڌيئرن کي اهڙا مهڻا ۽ طعنا سهڻا پوندا. اٿندي ويهندي پيا لوئيندا، ته ڀاڄوڪڙ جون ڌيئرون آهن. ماڻهس مان ڪا چڱائي پڳي هئي جو هي کڻي چڱيون ٿينديون. جنهن جو بڻياد بد، تنهنجو ميوو ڪيئن مٺو ٿيندو! چڱو اٿئي ته انهيءَ ڳالهه تان لهي وڃ.‘ شانيءَ جي ڪنن ۾ سيٽيون وڄڻ لڳيون. سندس دماغ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو. اندر ۾ هڪ ماڌاڻ هئس. هاڻي شاني ڪري ته ڇا ڪري! هن لاءِ ٻئي ڳالهيون ڳوريون ٿي پيون. سندس اکين مان بي اختيار نار وهي هليا. هوءَ اهڙي چوواٽي تي اچي بيٺي هئي، جنهن جو هر رستو هن جي تباهيءَ ۽ برباديءَ ڏانهن پئي ويو. هوءَ انهيءَ ٻڌي ڇوڙي ۾ هئي، ته هڪ خيال بجلي جو ڪرنٽ بڻجي، هن جي دماغ ۾ اچي لڳو ته ”خودڪشي.“ خودڪشيءَ کان سواءِ ٻي ڪا واٽ تو لاءِ ڪونهي. تون پاڻ کي ماري ڇڏ. مري ويندينءَ ته سڀ مامرا ختم ٿي ويندا. خاندان جي عزت به رهجي ويندي ۽ پيار جو ڀرم به قائم رهندو. تنهنجي نجات انهيءَ ۾ آهي ته پاڻ کي ماري ڇڏ. اُٿ جلدي ڪر. سوچڻ ڇڏي ڏي. وقت ٿورو وڃي بچيو آ. دير نه ڪر. شانيءَ ۾ هڪ قوت اچي وئي. هوءَ هڪدم کٽ تان لٿي. ’ها مون کي مرڻ کپي، مان مرندس. انهيءَ ۾ منهنجو ڇوٽڪارو آ.‘ هن هڪ دفعو وري پنهنجي ماءُ پيءُ کي ڏٺو، جيڪي سُتا پيا هئي. هوءَ آهستي آهستي ڪوٺي تان هيٺ لٿي، گھر جو ٻاهريون دروازو کولي، سڌو شاخ ڏي رخ رکيائين. تڪڙا تڪڙا قدم کڻندي شاخ جي ڀڪ تي اچي پهتي. اونهاري جي موسم هئي، شاخ ڀرپور وهي پئي. شانيءَ آخري ڀيرو پنهنجي محبوب جو نالو چپن تي آڻي شاخ ۾ ٽپو ڏنو. لهرن شانيءَ کي پنهنجن ٻانهن ۾ وٺي، تکيون مٺيون لوليون ڏئي، هميشه لاءِ سُڪون جي ننڊ سمهاري ڇڏيو. عين ان وقت ڪڪرن جي قافلي جو لنگھ اتان ٿيو. گاج جو هڪ زوردار ٺڪاءُ ٿيو. کنوڻ کِلي، جنهن هڪ گھر سڃاڻي ورتو. هڪ باهه جو گولو هڪ غريب هاريءَ ۽ پورهيت جي گھر مٿان ڪريو، جنهن سان سڄو گھر سڙي خاڪ ٿي ويو.

•••
(۱۹۹۲-۱۲-۱۱)

No comments:

Post a Comment