Sunday, August 5, 2012

رسمن مارِي مارئي - حسن علي هڪڙو


رسمن مارِي مارئي
حسن علي هڪڙو
ڊسمبر جي هڪ سرد شام هئي. پوڙهو سج سڄي ڏينهن جو پنڌ ڪري، ٿڪجي ڪنهن جبل جي پاسي ۾ رات گذارڻ لاءِ ديرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
ڳوٺ علي آباد جي رڌڻي مان دونهون نڪري رهيو هو. چُلهين تي ڪُنيون چڙهيون پيون هيون. ڪنهن ۾ ساڳ پلِي هئي، ته ڪنهن ۾ دال. هوڏانهن واڙي ۾ مامي قلندر جي رڍن جو ڌڻ به پهچي ويو هو. گھٽڙا پنهنجن مائرن کي ڳولي رهيا هئا.


رات جي راڻي ڪاري چادر سِر تي وجھي ٻاهر نڪري چڪي هئي. ماڪ جا ڦڙا هن جي ڳلن کي چُمِي رهيا هئا. سرديءَ جي ڪري پوڙها پڪا، جوان توڻي ٻارڙا چلهه تي هٿ سيڪي رهيا هئا.
مائي ڀاڳل چلهه تي ماني پچائي ٻارن کي کارائي رهي هئي، ته جيئن وڃي سمهن. پوڙهو ڪمال ڪچي ڪوٺيءَ اندر هڪ کٽ تي آهليو، ڪنهن گَهِري سوچ ۾ گم هو. ايتري ۾ تاجل جو آواز ٻڌڻ ۾ آيس، جيڪو پنهنجيءَ ماءُ ڀاڳل کان پڇي رهيو هو ته بابو اڃا گھر ڪو نه آيو آهي ڇا! ماڻس جواب ڏنو ته اندر سمهيو پيو آهي.
”ڇو ڀلا، خوش ته آهي نه؟ ماني کاڌي اٿائين.“ هن کانئس پڇيو.
”نه، ماني ڪو نه کاڌي اٿائين، لڱن ۾ سور جي دانهن پيو ڪري. چوي پيو ته بخار به آهي، سو اندر بستري ۾ سمهيو پيو آهي.“
ايتري ۾ ڪمال کي ڀاڳل سڏي چيو، ”تاجل جا پيءُ! ماني پڪي آهي، چلهه تي اچي کائيندين يا اندر کڻي اچانءِ؟“
”نه نه، چلهه تي اچان ٿو.“ ڪمال ايئن چئي ٻاهر نڪري آيو ۽ تڏي تي گھر واريءَ جي ڀرسان اچي ويٺو.
”بابا، طبيعت ته ٺيڪ اٿوَ نه؟“ تاجل کانئس پڇيو.
”ها ابا، ٿورو لڱن ۾ سور محسوس پيو ڪيان،“ ڪمال کيس چيو، ”ڏي خبر، ڳاهه پورو ٿيو، ڌڙو ڪري آئين؟“
”ها بابا، اڄ ڳاهه پورو ٿيو. سڀاڻي جي هوا گھلِي، ته ٻارِ اڇي ٿي ويندي. اللھ برڪت وجھندو، ته گنج ٿي پوندو.“ تاجل وراڻيو.
ڪمال ۽ جمال ٻئي پاڻ ۾ سڳا ڀائر ٿين. ڪمالُ جمالَ کان وڏو هو. پاڻ ۾ ڏاڍي محبت هُين. ڳوٺ وارا سندن محبت ۽ ايڪي جا مثال ڏيندا هئا. ڪنهن زماني ۾ ته ڇا، هاڻي به ايئن ٿيندو آهي، ته پيٽن ۾ رشتا طَي ٿي ويندا آهن. اهڙيءَ طرح جڏهن جمال کي مارئي ڄائي ته هن پنهنجي ڀاءُ ڪمال جي جھوليءَ ۾ وڌِي هئي ته ادا هيءَ تنهنجي نُنهن ۽ تاجل جي مڱ آهي. جڏهن ٻئي وڏا ٿيندا ته سندن شادي وڏي ڌام ڌوم سان ڪرائينداسون. ڪمال به مارئيءَ کي هنج ۾ وٺي چمي ڏني ۽ ڀاءُ کي ڀاڪر پائي چيو، ”اسان جي مرڻ کان پوءِ هي رت جا رشتا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. انشاء اللھ اسان جون اميدون پوريون ٿينديون.“
وقت جو پکي پر کولي اڏامندو رهيو. جمال جو اولاد تعليم جي زيور سان سينگارجندو ويو ۽ يونيورسٽيءَ جي تعليم تائين وڃي پهتو. پر جمال جو اولاد مڊل کان مٿي چڙهي نه سگھيو. تاجل به رڳو پنج درجا پڙهي ٻني ٻاري جي ڪرت سان لڳو. هوڏانهن مارئي بِي اي جي آخري سال ۾ پهچي وئي. کيس پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هو. هن کي سندس ڀائر به اعليٰ تعليم پرائڻ لاءِ همٿائي رهيا هئا. ڪمال جا خيال ڪجھ ترقي پسند ٿيا هئا. هُو دقيانوسي ڳالهين کان پري هو. هُو پنهنجي اولاد جي ها ۾ ها ملائيندو هو ۽ علم حاصل ڪرڻ ۾ سندن رهنمائي ڪندو هو.
هڪ ڏينهن تاجل پنهنجي پيءُ ڪمال کي چيو، ”بابا، توهان کي خبر آهي ته اڄ مارئي شهر مان ڳوٺ پهچي وئي آهي. کيس موڪلون ملي ويون آهن. هاڻي توهان چاچا جمال سان ڳالهايو ته مارئيءَ کي ايڏي تعليم جي ڪهڙي ضرورت آهي. کيس ڀلا ڪا نوڪري ٿوروئي ڪرڻي آهي. بس بِي اي جي امتحان کان پوءِ گھر ۾ ويهاريوس ۽ شاديءَ جي ڳالهه ڪري ڇڏيوس ته سانوڻيءَ جي مند کان اڳ شادي ٿي وڃي، ته بهتر آهي.“
”ها، پٽ!“ ڪمال کيس چيو، ”مان سڀاڻي جمال سان ان معاملي تي ڳالهائيندس.“
ٻنهي ڀائرن جا گھر گڏ هئا. رات جي ماني کائي ڪمال پنهنجي زال ڀاڳل سان گڏ جمال جي گھر پهچي ويو. ڀاءُ کي ايندو ڏسي، جمال کٽ تان اُٿي سندس آجيان ڪئي ۽ کيس پنهنجيءَ ڀر ۾ ويهاريو. هوڏانهن مارئيءَ جي ماءُ جنت به ڀاڳل کي ڀاڪر پائي ملي. سندن سڀئي ٻار به ڪمال ۽ ڀاڳل سان ملي پنهنجن پنهنجن ڪمرن ڏانهن هليا ويا. ڀائرن  ۾ ڳالهيون زماني جي وهنوار ۽ پوکي راهيءَ کان شروع ٿي آخر حاصل مقصد تي پهچي ويون. ڪمال ڀاءُ کي چيو، ”ادا، مارئي ۽ تاجل ٻئي جوان ٿي چڪا آهن. مارئي به تعليم پوري ڪرڻ تي آهي. هاڻي هن کي وڌيڪ تعليم جي ڪهڙي ضرورت آهي! نوڪري ٿوروئي ڪرڻي اٿس. تاجل به پنهنجي ٻني ٻاريءَ جو ڪم سنڀالي چڪو آهي. اللھ جا گھر ۾ گنج آهن. هاڻي چڱو ايئن ٿيندو ته ٻنهي جي شادي ڪرائجي، ته انهيءَ ۾ چڱائي آهي. اسان پنهنجيءَ حياتيءَ ۾ اهو فرض پرو ڪري ڇڏيون، ته بهتر آهي. حياتيءَ تي ڪو ڀروسو ڪونهي.“
جمال سڀ ڳالهيون ڌيان سان ٻڌي رهيو هو. آخر کيس چيائين، ”ادا، ڪجھ ڏينهن مهلت ڏي، ته مان به گھر وارن سان صلاح مشورو ڪري، پوءِ توکي جواب ڏيندس.“
سج ٻه ٽي ڪانا مٿي چڙهي چڪو هو. مائي ڀاڳل اڱڻ تي ٿانوَ ڌوئي رهي هئي، ته آچر کي گھر ۾ ايندو ڏسي کيڪاريائينس، ”ابا، آچر ڀلي ڪري آئين، ڪيئن ڀلجي پيو آهين.“
”مامي! خير آهي، دل گھريو ته هليو آيس.“ آچر ڪمال ۽ جمال جو ڀاڻيجو هو. هر ڪو پنهنجن ڪمن ڪارين ۾ اهڙو سوگھو ٿي ويو هو، جو ڪنهن کي ايتري فرصت ئي ڪا نه هئي جو ڪي گھڙيون وڃي پنهنجن وٽان گھمي اچن.
ايئن ڪندي ڪمال به اچي ويو. هن آچر کي ڏسي خوشيءَ مان چيو، ”ابا، اڄ ته وڏا وَڙ ڪيا اٿئي، جو اسان غريبن جي گھر آيو آهين. خوش ته آهين؟ پڻهين خوش آهي؟“
”ها ماما، سڀ خوش آهيون.“ آچر وراڻيو.
ڪمال به ساڳئي کٽ تي آچر سان گڏ ويٺو ۽ حال احوال وٺڻ لڳو. آچر کيس چيو، ”ماما، ٻيو خير، ڪالهه مامي جمال مون کي گھرايو هو ۽ توهان جي ڳالهه ڪيائين، ته مارئي جو سڱ گھرڻ لاءِ ويا هيئوس، سو پنهنجي گھر ڀاتين سان صلاح ڪري ورنديءَ لاءِ اوهان کي چيائين. پر جيئن ته سندس اولاد انهيءَ مائٽيءَ تي راضي ناهي، تنهنڪري مارئيءَ جي شادي تاجل سان نه ٿي سگھندي. ادي ڪامل کي منهنجي طرفان وڃي جواب ڏي، ته مان مجبور آهيان، مون کي معاف ڪري، مون کي ايڏي همٿ ڪو نه آهي، جو روبرو جواب ڏئي سگھان. انهيءَ ڪري مان توهان وٽ مامي جمال جو نياپو کڻي آيو آهيان، ته توهان تاجل جي مائٽي ڪنهن ٻئي هنڌ ڪرايو ته بهتر آهي.“
اها خبر ٻڌي ڪمال سامت ۾ اچي ويو. گھڻيءَ دير کان پوءِ آچر کي چيائين، ”ابا، تمام بُرو ٿيو. اها ڳالهه تاجل ٻڌندو ته برداشت ڪري نه سگھندو، ته سندس مڱ ڪو ٻيو پَرڻي. مون کي ته خوف آهي ته ڪٿي جذبات ۾ اچي تاجل ڪو غلط قدم نه کڻي وجھي.“
آخر اها ڳالهه تاجل جي ڪنن تي پهتي. هُو ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿي ويو. ان رات بيحد اونداهي هئي. رات جا ٻه پيا ٿين. پري کان رولو ڪتن جي ڀونڪڻ جا آواز اچي رهيا هئا. تڏن جي آواز ماحول کي ويتر خوفناڪ بڻائي ڇڏيو هو. تاجل پنهنجي دوست صادق سان اوطاق ۾ ويٺو، انهيءَ گھڙيءَ جو انتظار ڪري رهيو هو. نيٺ اها بد نصيب گھڙي پهچي وئي، جنهن جو خدشو هو. بندوق جا ٽي فائر ٿيا ته فائرنگ جو آواز تاريڪيءَ ۽ ماٺ کي چيريندو پري پري تائين پکڙجي ويو. ڪمال به ننڊ مان شرڪ ڀري جاڳيو ۽ هاءِ گھوڙا ڪري کٽ تي ويهي رهيو، ”اڙي تاجل! خدا توکي فنا ڪري، تو هي ڇا ڪري ڇڏيو، پنهنجي خاندان جي تباهي آڻي ڇڏيئي.“
هوڏانهن مارئي ويچاري جاهل رسمن جو شڪار ٿي وئي. کيس شاديءَ جي ڳاڙهي وڳي بدران ڳاڙهو ڪفن پارايو ويو هو. هن کي رت جي ميندي هنئي وئي هئي.

•••
(۲۰۰۱-۱۲-۳۱)

No comments:

Post a Comment