Sunday, August 5, 2012

حُوران - حسن علي هڪڙو



حُوران
حسن علي هڪڙو
جيئن مان گھران نڪتس، ته گھٽيءَ ۾ مامِي ساران ملي وئي.
”مامي، ڇا حال آهي؟ خوش باش آهيو؟“
”ها، ابا! دعائون آهن. ابا، اللھ سائين توهان جوانن ۽ مردن کي حياتي ڏيندو. اسان پوڙهيون توهان تان گھور وڃون.“ مامِي ساران دعائون ڏيڻ لڳي.


”مامِي، مامي نظرَ جو ڇا حال آهي؟“ مون کانئس پڇيو.
”ابا، هُو به خوش آهي، پوڙهو مڙس آهي، هاڻي ٻاهر مڙوئي گھٽ ٿو نڪري.“
”مامِي، رمضانُ ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي، شهر ويو آهي ڇا؟“
”ها ابا، شهر ويو آهي، ڀيڻ حُوران سان ملڻ ۽ خبرچار لهڻ، ڇو ته هفتو کن ٿيندو ته منهنجو ڀاڻيجو بنگل شهر ويو هو ۽ حوران جي گھر به ويو هو، جنهن اچي ٻڌايو ته حوران چاڪ نه ٿي رهي، هن کي بخار ۽ کنگھ به آهي. انهيءَ ڪري رمضان کي چيم، ته وڃي ڀيڻ جي سار لهي اچ، جي طبيعت گھڻي خراب اٿس، ته هيڏي ڳوٺ وٺي اچيس.“
”مامِي، اللھ سائين رحم ڪندو.“
”ها ابا، دشمنن جا به ٻچا جڙيا رهن!“
مان مامِيءَ کان موڪلائي زمين جو ڀيرو ڪرڻ لاءِ هليو ويس.
مامو نظر اسان جي ڳوٺ جي رونق هو. هن جي ڪوشش ۽ دلچسپيءَ جي ڪري ڳوٺاڻن کي وندرون ملنديون هيون، پوءِ ڇو نه اُهي ڏاندن جون گوئيون هجن، ميلا ملاکڙا هجن يا ڪوڏي ڪوڏي جي راند، مامو سڀني جي اڳيان هوندو هو.
مامو نظر ننڍن وڏن، پڪن پوڙهن، جوانن، سڀني جو مامو هو. ڳوٺ وارا ته ٺهيو، پر جڳ جهان جو مامو هو، انهيءَ ڪري مامي جي نالي سان مشهور هو. جڏهن به مامو نظر ڳوٺ ۾ ميلا ملاکڙا يا گوئيون ڪرائيندو هو، ته تر جا ماڻهو ته ٺهيو، پر پري پري کان به شوقين ايندا هئا. ڪن جون ڪاريون چاپئيون ڏاڙهيون، ڪي ٻُچِي، ڪي کُسرا، ته ڪن کي رڳو شهپر، ڪن جون سفيد ڪپهه جهڙيون ڏاڙهيون، ته ڪي وري صفا ڏاڙهي مڇ چٽ، ۽ وري ڪي اڇن وارن کي لڪائڻ لاءِ ڏاڙهيءَ ۽ شهپرن کي ڪارو خضاب هڻي، جوان بڻجي اچي دل وندرائن. پري پري کان ماڻهو پنهنجين پنهنجين سوارين تي اچن: ڪي گھوڙن تي سوار ٿي وڏي کلي وارو پٽڪو ٻڌِي وڏي شان سان اچن، ته ڪي بيل گاڏين تي، ته ڪي پنڌ اچن. ان ڏينهن تي ڳوٺ ۾ وڏِي گَھِماگهمي نظر ايندي هئي. هر ڪنهن جي چهري تي خوشي ٻهڪندي هئي. ڳوٺ جا جوان، پوڙها، ننڍا، وڏا، سڀ ٺاهه ٺوهه ۾ هوندا هئا ۽ آيل مهمانن جو آڌرڀاءُ پيا ڪندا هئا. اهو ڏينهن ڄڻ عيد جو ڏينهن هوندو هو، هر ڪو پنهنجن دوستن ۽ واقفن لاءِ چانهه پاڻيءَ جو بندوبست ڪندو هو، پر مامي نظر وٽ پنهنجا توڻي پراوا سڀ هڪ هئا. سندس لانڍي ۾ ماڻهن جي رش وڌيڪ هوندي هئي. مامو نظر مڇيءَ مانيءَ لائق هو، ٻه چار ٻارا زمين جا ۽ پنج ست مينهون در تي هيس، پر مڙس دل جو سخي هو. هوڏانهن ماسي ساران به پنهنجو مَٽُ پاڻ هئي. رب سائينءَ جوڙي سٺي ملائي هئي. ڳوٺ ۾ لڱائي چڱائي ٿئي ته مامِي ساران اُتي پهچي ويندي. ٻين جي غمن کي پنهنجو غم ۽ خوشيءَ کي پنهنجي خوشي سمجهندي. شاديءَ مراديءَ ۾ خاص ڪري ڳوٺ جون عورتون کيس وڏڙِي ڪري وٺي وينديون. ٻيو ته ٺهيو، ٻُڪِيءَ جي مٺائي به مامِي ساران ورهائيندي. ڪاج جي ڏينهن زنانِ خاني ۾ سڄو بندوبست مامِي ساران جي هٿ ۾ هوندو. گھوٽيتا هجن يا ڪنواريتا، ٻنهي پاسن تي سندس هڪ نظر هوندي آهي. مامي نظر ۽ مامِي ساران کي اولاد ۾ هڪ پٽ رمضان ۽ هڪ ڌيءَ حوران آهن. حوران، جنهن کي قدرت واندڪائيءَ ۾ پنهنجن هٿن سان ٺاهيو، چنڊ کان سهڻي، گلن کان وڌيڪ نازڪ. هوءَ هڪ مصوّر جو جيئرو جاڳندڙ شاهڪار، جنهنڪري پنهنجي همعصر جوانڙين ۾ به نمايان هئي. سندس سونهن تي ڳوٺ جا ڪيترائي ڇوڪرا عاشق هئا. ڇوڪرا ته ٺهيو، پر ڪيتريون ئي ڇوڪريون پڻ مٿس موهت هيون ۽ حوران سان سنگت ۽ ساهيڙپ رکڻ ۾ فخر محسوس ڪنديون هيون، ڪي ڇوڪريون ورِي مٿس سڙنديون به هيون، پر حوران جو پيار ۽ ورتاءُ سڀني سان هڪ جهڙو هو. حوران چنڊ جي چانڊوڪي هئي. جي کِلندِي هئي، ته موتي پوئيندي هئي.
آخر ڪيترو وقت حوران پنهنجي ماءُ پيءُ جي گھر رهندِي! ڌيئرون ته پرائو ڌن آهن. هڪ نه هڪ ڏينهن کين پنهنجي گھر وڃڻو آهي. ڏسندا نه آهيو ته ننڍڙيون ڇوڪريون گُڏي گُڏِيءَ جي راند ڪنديون آهن، ننڍڙا مٽيءَ جا گھر ٺاهينديون آهن، جن ۾ گڏي گڏيءَ جي شادي ڪرائي، انهن کي گھرن ۾ رهائينديون آهن. اصل ۾ اهو سندن پنهنجو ئي تصور هوندو آهي. جڏهن هُو جوان ٿينديون آهن، ته سندن والدين هنن جون شاديون ڪرائڻ جي ڳڻتيءَ ۾ رهندا آهن، سو حوران جي جوان ٿيڻ تي سندس پيءُ ماءُ کي ڳڻتي اچي لڳي ته حوران جي شادي ڪرائي وڃي. سندن صلاح بيٺي ته نياڻي اُتي پرڻائي وڃي جتي ڪوسو لولو پچائي کائي، سندس وَرَ کي ڪا سرڪاري نوڪري يا سٺو روزگار هجي، جيئن نياڻي سک جو ساهه کڻي. سو مامي نظر ۽ مامِي ساران جي نظر وڃي ملوڪ تي پئي، جيڪو مامِي ساران جِي سوٽِ جو پٽ هو ۽ گھڻي عرصي کان وٺي شهر ۾ رهندو هو. ملوڪ جو پيءُ رسول بخش ڳوٺ مان لڏي شهر ويو هو. هُو جايُن ٺاهڻ جو ڪاريگر هو. روزگار ٻهراڙيءَ ۾ نه پئي ٿيس، انهيءَ ڪري شهر ۾ رهائش اختيار ڪيائين. هن ملوڪ کي تعليم ڏياري. ملوڪ جڏهن مئٽرڪ پاس ڪئي ته سندس پيءُ رسول بخش گذاري ويو. ملوڪ جي هڪ وڏِي ڀيڻ مريم به هئي، جنهن جي شادي ٿيل هئي ۽ پنهنجي گھر ۾ خوش هئي. پنهنجي گھر ۾ ملوڪ ۽ سندس ماءُ حرمت رهندا هئا. ملوڪ کي مئٽرڪ پاس هئڻ سبب، جلد صحت کاتي ۾ ويڪسينيٽر جي نوڪري ملي وئي. سندس مالي حالت سٺي هئي، خرچ گھٽ هئڻ ڪري چار ڏوڪڙ بچت ۾ هئس. مامي نظر مامِي ساران کي چيو ته هُوءَ وڃي پنهنجِي سوٽ سان ڳالهائي ۽ خيال پڇي اچي، پر سڌيءَ طرح کيس نه چوي ته ڪا مائٽي ڪرڻ آئي آهي. ڳالهين ئي ڳالهين ۾ حوران جو ذڪر ڪڍي، سندس اونت ڪڍي، ته کيس مائٽي ڪرڻ جو شوق آهي يا نه؟ نه ته ڍَڪِي ڀلِي.
نيٺ هڪ ڏينهن مامي ساران سنبري رمضان سان گڏجي شهر وئي. حرمتِ پنهنجِي سوٽِ مامِي ساران کي ايندو ڏسِي اٿي. ٻئي سوٽون ڀاڪرين پئجي ويون ۽ ڏکن ڏوراپن ۾ لڳي ويون، جو گھڻي وقت کان پوءِ هڪ ٻئي سان مليون هيون. حرمتِ رمضان کي به چار چميون ڏنيون. رمضان به پنهنجي ماسيءَ کي ڀاڪر پائي مليو.
ڳالهين ئي ڳالهين ۾ حرمتِ مامي ساران کان مامي نظرَ ۽ حوران جو پڇيو: ”ادو نظر ڪيئن آهي؟ منهنجي سونَ جهڙي ٻچڙي خوش آهي؟“
ائين ڪندي ملوڪ به گھر اچي ويو. هُو مامي ساران کي پيرين پئي مليو، پوءِ رمضان سان به مليو. هن رمضان کي چيو: ”ڀائو رمضان، حال احوال رات ڪنداسون، گھڙي کن آرام ڪيو، ٿڪجي آيا آهيو، مان ٿورو شهر مان ٿي ٿو اچان.“
ايئن چئي، ملوڪ ڇلِي کڻي مارڪيٽ ويو ۽ ٿوريءَ دير بعد ٻوڙ جي ڇلي ڀرائي کڻي آيو. ماءُ کي چيائين: ”امان، اٿي رڌ پچاءُ ڪر، ماسي وارن کي بک لڳي هوندي.“
”نه ابا، اهڙي بک ته ڪا نه لڳي آهي.“ مامِي ساران کيس چيو.
سج لٿو ته ملوڪُ رمضان کي شهر گھمائڻ وٺي ويو. هن رمضان جي وڏِي خدمت ڪئي. رات دير سان ٻئي ماسات گھر موٽيا. ماني ٽڪيءَ کان پوءِ رمضان کي ملوڪ پنهنجي ڪمري ۾ وٺي ويو، جتي رمضان جي سمهڻ جو بندوبست ڪيو ويو هو. هوڏانهن ٻئي سوٽون به ٻئي ڪمري ۾ وڃي سمهيون، گھڻي عرصي کان پوءِ مليون هيون، اچي احوالن ۾ پيون. حرمت حوران جو پڇيو، ”ٻچڙي ته جوان ٿي وئي هوندي. ڀلا هن جو ڪو رشتو ڪيو اٿئي يا نه؟ يا ڪنهن کي ڪو دلاسو ته ڪو نه ڏنو اٿوَ؟ ڪنهن سان ڳالهه ٻول ته ڪا نه هلي رهي آهي؟“
”نه ڀيڻ، اڃا ته ڪا ڳالهه ٻول ڪا نه ٿي آهي، باقي سندس فڪر گھڻو آهي. اللھ سائين ڪو چڱو نصيب ڪريس.“
”هائي هائي ادِي، منهنجي سونَ جھڙي ڌيءَ، لکن ۾ هڪ آهي، انهيءَ لاءِ رشتا کوڙ. ادِي، مان به گھڻي وقت کان وٺي توهان ڏي اچڻ پئي گھريو، پر ملوڪ کي موڪل ڪا نه پئي ملي. توهان اچي مهرباني ڪئي آهي. ڀيڻ ساران، ننڍو منهن وڏي ڳالهه، جي اجازت هجي ته کڻي چوان.“
”ها ڀيڻ، چئه، اجازت وري ڪهڙي، ڀلا اسان ڪي غير آهيون.“
”ته پوءِ ڀيڻ،“ حرمت کيس چيو، ”منهنجي جھولي تنهنجي اڳيان آهي. حوران منهنجيءَ جھوليءَ ۾ وجھ، ملوڪ کي پنهنجو پٽ بڻائيندينءَ، ته اسان جا ڀاڳ کُلِي پوندا.“
مامي ساران ڏٺو ته حرمتِ هن جي مشڪل آسان ڪري ڇڏي ۽ سندس منهن جي ڳالهه ڇني ورتي، سو چيائين، ”ڀيڻ انڌيءَ کي گھرجي هڪ اک، مون کي ته ٻه ٿيون ملن. ملوڪ منهنجو ٻچو آهي. کانئس وڌيڪ ٻيو مون کي ڪير آهي. مون کي اهو رشتو منظور آهي، پر توکي ۽ ملوڪ کي اسان جي گھر اچڻو پوندو. حوران جي پيءُ کي به راضي ڪرڻو آهي. هن کان توهان کي سڱ گھرڻو پوندو. مان سمجھان ٿي ته کيس هن مائٽيءَ تي اعتراض نه ٿيندو.“
ٻه ڏينهن ترسڻ کان پوءِ مامي ساران ڳوٺ موٽي. ڪجھ ڏينهنِ کان پوءِ ملوڪُ ماءُ سميت ڳوٺ آيو. رشتو طي ٿي ويو ۽ ملوڪ ۽ حوران جو مڱڻو ٿي ويو. آخر هڪ ڏينهن شاديءَ جي تاريخ ٻڌي وئي. ان ڏينهن ملوڪ وارا ڄڃ ڪري ڳوٺ پهتا. ڀلا ان وقت ڳوٺ وارا ڪيئن گھٽ ڪن ها! شاديءَ ۽ ڪاڄ جو سمورو انتظام ڳوٺ وارن پنهنجي ذمي کنيو هو، ڇو ته مامي نظر جي پهرين خوشي هئي، سو گھٽ ڪيئن ٿئي ها! حوران جون سهيليون دهل تي سهرا ۽ جھمريون پائي خوشيءَ جو اظهار ڪري رهيون هيون. دل موهيندڙ منظر هو، ڄڻ چنڊ ستارن سميت حوران جي گھر لهي آيو هو. حوران به جنّت جي حور پئي لڳي. انسان ته ڇا، فرشتا به حوران کي ڏسن ها، ته پنهنجو ايمان وڃائي ويهن ها.
هوڏانهن مردن به گھٽ ڪا نه ڪئي هئي، راڳ رنگ جي محفل مچائي وئي. ملوڪ جي دوستن شهر مان ڪڃريون گھرايون هيون، جن مٿان نوٽن جو وسڪارو هو. اڌ رات تائين ڌماچوڪڙي هلي. اسر جو وقت ٿيو ته لانئن جون تياري شروع ٿي وئي. گھوٽ کي ڪنواريتن جي گھر آندو ويو. ملوڪ کي لانئون اچي ويون. انمول هيرو اڄ ملوڪ جي منڊيءَ جي ٽِڪَ ٿي ويو. ملوڪ حوران جو سرتاج بڻجي ويو. ٻه دليون پاڻ ۾ مليون، حجاب جا پردا کڄي ويا، ۽ ڪمري ۾ ٻرندڙ لالٽين جو شيشو ڀَڄي پيو!
صبوح ٿيو. دستور موجب گھوٽ اوطاق ڏي ويو. هوڏانهن حوران جون ساهيڙيون ڪمري ۾ پهچي ويون، جن حوران سان ڀوڳ چرچا شروع ڪري ڏنا. ويچاري حوران ڪنڌ جھڪائي گھونگھٽ ۾ شرمائي رهي هئي. پر انهن چرچن ۾ هڪ مزو هو، هڪ ڪسڪ هئي، جنهنڪري حوران جي انگ انگ ۾ سرور هو ۽ سندس اکيون خمار سان ڀريون پيون هيون. حوران کي وهنجاريو ويو. ساهيڙين هن کي سورنهن سينگار ڪرايا. ”اف خدايا! هيءَ ته نُور جو ٽڪرو آهي.“ سڀني جي واتان هڪدم نڪري ويو. اڄ حوران مُکڙِيءَ مان گل ٿي وئي هئي، پر گل به اهڙو، جنهن مکڙيءَ کي به مات ڏئي ڇڏي هئي. هن جو سفيد رنگ سونَ جي رنگ ۾ بدلجي ويو. سينگار پورو ٿيو ته گھوٽ کي ٻاهران گھرايو ويو. مُوڙي جي رسم ادا ڪئي وئي. وقت جي خبر ڪا نه پئي، جو ڄڃ جي وڃڻ جو وقت ٿي ويو. ڄاڃي سنبت ۾ لڳي ويا. گھوٽ ڪنوار کي ڪمري مان ٻاهر آندو ويو. گھوٽ جي سهاري ڪنوار هوري هوري اچي پئي. جنهن وقت حوران ماءُ، پيءُ، ڀاءُ ۽ ساهيڙين ۽ عزيزن کان موڪلائڻ لڳي ته سڀني جي اکين مان هڪ نه ختم ٿيندڙ سيلاب شروع ٿي ويو. مامِي ساران ته بي حال هئي. حوران به روئي روئي ساڻي ٿي پئي. هوءَ پنهنجي اباڻي گھر کي الوداع چئي پئي. سڀني کيس سدائين خوش رهڻ ۽ راڻي بڻجي راڄ ڪرڻ جون دعائون ڏنيون پئي. نيٺ ڄڃ پنهنجي منزل طرف رواني ٿي وئي، ۽ ڳوٺ مٿان ماٺ ڇانئجي وئي.
وقت پَر هڻي اُڏامندو رهيو. ڪنوارا شاديون ڪري ٻارن ٻچن وارا ٿي ويا. هر هڪ پنهنجي پنهنجي غرطان ۾ غرق. تنهنجي واتان، منهنجي واتان پيون خبرون ملن ته حوران پنهنجي گھر ۾ خوش آهي. سندس سَسُ حرمت به گذاري وئي. ملوڪ ۽ حوران جي زندگيءَ جي گاڏي روان دوان آهي، پر هڪ خلش اٿن، جو ڪافي عرصو گذرڻ بعد به سندن اڱڻ تي اڃا گل ناهن ٽڙيا، اهي اولاد جهڙي نعمت کان محروم آهن. هنن پِيرن، فقيرن ۽ درگاهن تي ڪافي حاضريون ڀريون، سکائون باسيون، ڊاڪٽرن ۽ طبيبن کي ڏيکاريو، پر حوران جي جھولي خالي رهي. اهو ٻڌي ڏک ته ٿئي پيو پر دعائن کان سواءِ ڇا ٿو ڪري سگھجي!
مان به پنهنجن ٻارن ٻچن سان خوش. ڪڙمي ماڻهو، سڄو ڏينهن ٻنيءَ تي ڪم ڪار ۾ رُڌل. مان وارِي مولائڻ ”نازُو“، منهنجي حال تي هلڻ واري زال، هوند اڻهوند ۾ شڪر ڪرڻ واري، سڄو ڏينهن کل مک ۽ خوش طبع. گھر جي سڄي منڊل کي منهن ڏئي بيٺي هئي. ٻار ٻچي جي اُٿي ويٺي ۽ ڍور ڍڳي جي ڇوڙِي ٻڌي به نازو جي بِلي. مطلب ته گھر جو سڄو ڪم نازو جي ذمي. منهنجي امڙ ويچاري پوڙهي، سڄو ڏينهن ”اللھ هُو، اللھ هُو“ ۾ پُوري، مصلو، تسبيح، کٽ ۽ امان.
سياري جي هڪڙي شام ٻنيءَ جو لاب لاهيون، ڏاند گاڏيءَ تي گاهه جون ٻه چار ڀريون وجھي گھر ڏانهن پئي آيس، ته رستي تي مامو نظر ملي ويو، جنهن سان حڪيم ثناءُ اللھ به ساڻ هو.
”ماما، خير ته آهي؟ حڪيم صاحب کي وٺيون پيا وڃو.“ مون کانئس پڇيو.
”ها ابا، خير آهي، پر حوران ڏاڍي بيمار آهي.“ ماما نظر چيو.
”ماما، حوران آئي آهي ڇا؟“ ڄڻ مون کي بجليءَ جي شاڪ لڳي وئي.
”ها ابا، ڪالهه رمضان وٺي آيو اٿس.“ ائين چئي مامو نظر حڪيم صاحب کي گھر ڏانهن وٺي ويو.
مان به گاڏي ڪاهي گھر پهتس. ڏاند ڇوڙي ٿانن تي ٻڌِي، گاهه جو ڀاڪر گاڏيءَ تان لاهي منهه ۾ رکيم. لانڍيءَ ۾ امان کٽ تي تسبيح پڙهي رهي هئي ۽ نازو کٽ ڀرسان هيٺ منجليءَ تي پلِي سوئي رهي هئي. مان اچي امان جي کٽ تي پيرانديءَ کان ويٺم ۽ ڄاڻي واڻي رڙ ڪري نازوءَ کي پاڻي آڻڻ لاءِ چيم، ته نازوءَ چيو، ”اڙي مُئا، ٿي وئين شروع. اڇي ڏاڙهي اچي ٿي اٿئه، ته به ڪو نه سڌرين.“
نازوءَ مون کي پاڻي آڻي ڏنو. امان به تسبيح پوري ڪري منهنجي مٿان شوڪاري دم ڪيو ۽ ٻنيءَ جا احوال وٺڻ لڳي. مون کين ٻڌايو ته حوران ڏاڍي بيمار آهي. مامو نظر حڪيم کي وٺيون پئي ويو، سو اهي وڃي حوران کان پڇي اچن، ڪيئن مامِي ساران پاڻ اسان وٽ ايندي آهي.
ٻئي ڏينهن صبح جو نازو حوران کان پڇڻ وئي ۽ مان دستور موجب ٻنيءَ تي ويس. شام جو گھر موٽيس. ڪم ڪار کان واندو ٿي، چلهه تي نازو جي ڀر ۾ وڃي ويٺس ۽ هٿ پير سيڪڻ لڳس. ماني ٽڪي کائي وڃي کٽ تي ليٽيس. نازوءَ جو روز جو معمول آهي ته رات جو مون کي زور ڏيندي آهي، ته جيئن منهنجو ٿڪ لهي ۽ ٻئي ڏينهن نوبنو ٿي ٻچن لاءِ روزي ڪمائي سگهان. سو دستور موجب مون کي زور ڏيڻ لڳي. مون کانئس حوران کان طبيعت پڇي اچڻ بابت پڇيو.
”حوران ڪا نه بچندِي، گدوءَ جا پيءُ.“ هن مون کي سڏڪي چيو، ”مان جيڪا حوران ڏسي آئي آهيان، اها اسان جي حوران ڪٿي آهي! هيءَ ته هڪ لاش آهي، جيڪا ڪجھ گھڙيون مس جيئندي. حوران سان وڏا ظلم ٿيا آهن. هنن حوران سان ڪيس ڪيا آهن. ڀلا اولاد جي نه ٿيڻ ۾ حوران جو ڪهڙو ڏوهه. سڀ ته اللھ سائينءَ جي هٿ ۾ آهي.“ نازوءَ جي اکين مان ڳوڙها وهي هليا. ”واهه منهنجا مولا! حوران کي سونهن ته ڏنئه، پر اولاد جھڙي نعمت کان محروم ڪري ڇڏيئه. ان کان ته کيس بدصورت ڪري، اولاد ڏين ها.“ نازو وڌيڪ چيو، ”ملوڪ جو ورتاءُ حوران سان ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندو ويو. هُو اُٿندي ويهندي حوران کي طعنا طنقا ڏيڻ لڳو، ته تون سنڍ آهين، ڏائڻ آهين، اولاد ڄڻڻ لائق ناهين، اهو الائي ڪهڙو نڀاڳو ڏينهن هو جو مون تو سان شادي ڪئي. هن حوران ۾ دلچسپي وٺڻ ڇڏي ڏني، گھر ۾ دير سان اچڻ لڳو، سنئين منهن حوران سان ڳالهائڻ به ڇڏي ڏنائين. حوران وڏا وس ڪيا، پر ملوڪ حوران جي هٿن جو پاڻي پيئڻ لاءِ به راضي نه هو. حوران سندس کٽ تي ويهندي هئي ته هُو کيس اٿاري ڇڏيندو هو ۽ چوندو هو ته پنهنجي منحوس شڪل پري ڪر. اهي لفظ تير بڻجي حوران تي وسڻ لڳا. ملوڪ حوران کي ڇڏي، پاڻ سان گڏ ڪم ڪندڙ هڪ ٻيءَ عورت سان پيار ڪرڻ لڳو. شهر جون چالاڪ عورتون مردن کي جلد قابو ڪري ٿيون وٺن، سو ملوڪ به هن عورت سان ڦاسي پيو. اها خبر جڏهن حوران کي پئي ته وِڄ بڻجي مٿس اهڙي ڪِري جو هن وڃي کٽ ورتي. ويچاري اڪيلي، پاڙي ۾ مِٽُ نه مائٽ، عزيز نه قريب، جو سندس سار سنڀال لهي ۽ دلجوئي ڪري. ملوڪ کي حوران جي ڪا پرواهه نه هئي. هُو ته چاهي پيو ته جيترو جلد ٿئي، حوران مان جانِ ڇُٽي، تنهنڪري هاسيڪار به حوران کي چوڻ لڳو ته مان ٻي شادي ٿو ڪريان، جيڪا تو کان وڌيڪ سهڻي آهي، عقلمند ۽ پڙهيل آهي. تون ته ڪوري ڄٽ آهين. حوران بيمار رهڻ لڳي. تپ ۽ کنگھ هن جا ساٿي بڻجي ويا. نه دوا نه درمل، بيماري زور وٺڻ لڳي. هوڏانهن ملوڪ ان ليڊيءَ کي پاڻ سان گڏ گھر آڻڻ لڳو. اهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بند ڪمري ۾ سمهيا پيا هوندا هئا، ٻاهر ورانڊي ۾ ويچاري حوران تپ ۾ پئي ٻَرندي هئي. ڪيترائي ڀيرا پاڻي پيئڻ لاءِ اُٿي ته ڪِري به پئي. نيٺ وات مان رت به اچڻ لڳس. اڪيلي جندڙي ۽ سَوَ سور، جيڪي حوران ويٺي سَٺا. آخر اهو ڏينهن به ٿيو، جو ملوڪَ نڀاڳي، ٻي شادي ڪئي. هو نئين زال کي گھر وٺي آيو. هيءُ صدمو حوران جي سهپ کان ٻاهر هو. هوءَ اهڙي کٽ تي ڪرِي، جو اٿڻ کان ئي وئي. کنگھ جا دورا پوڻ لڳس. ڦڦڙن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنس، ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي پئي ٿيس. ٽِي بِي جي بيماري آخري درجي تي وڃي پهتس. منهنجي هوندي ئي رت جون کوڙ الٽيون ڪيائين. سندس سونَ جَهِڙو رنگ زرد ٿي ويو آهي. هن اهي ڳالهيون به هوري هوري ٻڌايون. منهنجن هٿن کي چمي به پئي ۽ اکين تي به رکي پئي. چئي پئي ته ادِي، معاف ڪجو، جي ڪا گستاخي ٿي هجي. ايئن چوڻ سان اسان سڀ جُهري پياسون. تُنهنجو به پڇيائين ته خوش آهي ۽ ڏک به ڪڍيائين ته پڇڻ به ڪو نه آيو آهي. هاڻي مان مهمان آهيان، مري ويندس، پوءِ پنهنجي منهن رُنو ته ڇا ٿي پيو. نه نه، گدوءَ جا پيءُ! حوران کي مرڻ نه کپي. هن جو صدمو سندس ماءُ پيءُ سهي ڪو نه سگھندا، اهي به حوران سان گڏ مري ويندا. هن کي ڏسي مامي ساران ۽ مامو نظر به روئن پيا. مامي نظر جي اڇي سونهارِي ڳوڙهن سان ڀِڄي وئي. ٻين کي کلائڻ وارو پاڻ روئي پيو، پر ڪو کيس کلائڻ وارو ڪو نه هو. مامِي ساران جو ڪهڙو حال ٻڌايانءِ! هوءَ ته چرين وانگر هر هڪ کي گھوري ڏسي پئي، ڄڻ حوران هن کان کسڻ آيا هجن. کيس نه کائڻ جي خبر، نه پيئڻ جي. حوران کان اڳ ئي مامي ساران جو دم نه نڪري وڃي. رمضان ته ڀيڻ مٿان قربان پئي ٿيو. کٽ جي چوڌاري صدقو پئي ٿيو. ڪڏهن پيءُ کي دلاسا پئي ڏنائين، ڪنهن مهل ماءُ جي دلجوئي پئي ڪيائين، ته ڪنهن مهل وري ڀيڻ مٿان ٿي آيو ته ادِي تون دلگير نه ٿيءُ، مان تنهنجو وڏي ڊاڪٽر کان علاج ڪرائيندس. ڀيڻ توکي مرڻ نه ڏيندس، عزرائيل سان وڙهندس. مان هر ان ماڻهوءَ سان وڙهندس جنهن منهنجيءَ ڀيڻ حوران کي ستايو آهي، عذاب ڏنا آهن. مان ڪنهن کي به معاف نه ڪندس...“ نازو مون سان ڳالهائي رهي هئي، پر منهنجو روح اتي ڪو نه هو. اهو آسمان ڏي ميڙ کڻي ويو هو. ڏاڍا ايلاز ڪيائينس ته تو وٽ ڪيترا ستارا آهن، انهن مان هڪ ستارو ڏي، ته حوران جي قسمت ۾ هڻي، هن جا نصيب بدلائي ڇڏيان. پر آسمان چيو ته هاڻي دير ٿي چڪي آهي. هاڻي حوران خود اسان وٽ اچڻ واري آهي، جيڪا ستارن جي راڻي بڻجي ٻين جون قسمتون ٺاهيندي.
مون نازو کي چيو، ”مان سڀاڻي حوران کان ضرور پڇڻ ويندس. هن جي دم نڪرڻ کان اڳ قيامت جو وڇوڙو نه وجھبو.“ منهنجي اکين مان به ڳوڙها وهي پيا، جن کي مون لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر نازوءَ ڏسي ورتا.
هن چيو، ”تون به روئين ٿو نه، گدوءَ جا پيءُ! تون به اڄ دل کولي روء. هوءَ تنهنجي به خوابن جي راڻي هئي. اڄ اسان سڀني کان جدا ٿي رهي آهي. کيس ڪير به روڪي نه ٿو سگھي...“
”نازو هاڻ سمهي پئه،“ مون کيس چيو، ”رات گھڻي گذري چڪي آهي. مان ٿورو ٻاهران مال جو گھمرو ڪري اچان ٿو.“
مان ٻاهر نڪتس ته روئڻ جو آواز ڪَن تي پيو، جيڪو مامِي ساران جو هو. هوءَ پار ڪڍي روئي رهي هئي ۽ ”حوران حوران“ چئي رڙيون ڪري رهي هئي. مون کان ڇرڪ نڪري ويو. مان آسمان ڏي ڏٺو، ته چنڊ به پنهنجو سفر پورو ڪري چڪو هو، ستارن جي روشني گھٽجي وئي هئي. آسمان به شبنم جي صورت ۾ حوران جي موت تي ڳوڙها ڳاڙي رهيو هو. پکي به پنهنجين ٻولين ۾ هن جوان موت تي ماتم ڪري رهيا هئا. حوران اڄ ٻيو دفعو اسان سڀني کي هميشه لاءِ الوداع ڪري وئي.
”الوداع، الوداع، اي جنّت جِي حُور، الوداع.“

•••
(۱۹۹۲-۷-۲۸)

No comments:

Post a Comment