Sunday, August 19, 2012

گهات - شوڪت لوهار


گهات
شوڪت لوهار
ڪيمپس کان واپسي جو وقت هو، سڀني شاگردن سان گڏ اسان به واپس ٿي رهيا هئاسين. واپسي ۾ ايڪسيوب وٽ ڪجهه ضروري فوٽو ڪاپيون ڪرائڻيون هيون سو ڪرايوسين، جتي ڪافي سارا شاگرد ۽ شاگردياڻيون موجود هيون. ايڪسيوب جي ڀر ۾ ئي ڪمند جو جوس هو، گرمي گهڻي هئي جوس پيتوسين. منهنجي ڪلاس فيلوز طاهر، ظفر ۽ زاهد سان گڏ هڪ ٻيو دوست به موجود هو. ڪڻڪ رنگو سنهڙو سيپڪڙو جيڪو زاهد سان گڏ هو، زاهد سندس تعارف ڪرايو.


”هي گوتم آهي“ هن اکين سان قبوليو، هِن هڪ لفظ به نه ڳالهايو.
هاسٽل تي پهچي حسب معمول هر ڪو ئي منجهند کي رات بڻائي ننڊ جي آغوش ۾ هليو ويو.
رات جو ميس تي وري ملاقات ٿي. منهنجي دوست زاهد سان گڏ اِهو نئون دوست گوتم به هو. ماني کائيندي ڪافي ڪچهري ٿي پر گوتم هڪ لفظ به ڪو نه اُڪليو بس زاهد ئي ان بابت ٻڌايو ته هن هتان ڪئميسٽري ۾ ماسٽرز ڪئي آهي ۽ هاڻ هي ڪراچي ۾ ڪٿي جاب ڪري ٿو. سڀني دوستن گوتم جي انهي ورتاءُ کي نارمل ورتو. رات جو دير سان مونکي خبر ناهي ڇو اورا کورا اچي لڳي مونکي گوتم جي اٿاهه مها ساگر جيڏي خاموشي بيچين ڪري ڇڏيو. آئون ان وقت هيمنگوي جي ناول فيئر ويل ٽو آرمس جي هيروئن ڪيٿرين بارڪلي جي قرباني تي پريزنٽيشن ٺاهي رهيو هئس، جيڪا صبح جو ڪلاس ۾ ڏيڻي هئي.
ڪجهه دير کان پوءِ زاهد آيو.
”ڇا پيو ٿئي“
”پريزنٽيشن ٺاهيان پيو“
”چئبو ته سڀاڻي تنهنجو ۽ رٺائي مينا جو ٺاڪرو آهي...!!“
”نه نه ڪو ئي مقابلو نه آهي. ڇوڪرين سان ڪهڙو مقابلو، هُو ته پيدا ئي جيت لاءِ ٿيون آهن. اسان جي هار ۾ اسان جي جيت آهي، آئون ته بس ميڊم جي ڏنل ڪاروائي پيو سميٽيان.“ مون چيو
”زبردست“ زاهد چيو
”يار اٿي ته سي- سي تي هلون تو ڏانهن منهنجي چانهن رهي ٿي اُٿ اُٿ..“
”نه بابا نه هي پريزنٽيشن ڪير ٺاهيندو...؟؟
”جيڪو به ٺاهي مونکي ڪا خبر ناهي.“
”چانهن پيارين ٿو يا نه...؟“
”او ڪي بابا! هل تون چچڙ آن ڪٿي ڇڏيندين.“ پوءِ اسين سي- سي سينٽرل ڪينٽين جي سائي ڇٻر تي ويٺا هئاسين. مٿان چنڊ چمڪي رهيو هو. ڄامشوري جي هوا ۾ اڄ وڏو شور برپا هو.
”ٻه چانهيون! صفا مڌ مست“ زاهد ڪينٽين واري ڇوڪري کي چيو، جيڪو پاڻي کڻي آيو هو؛ ”۽ ها هڪ گولڊليف!“
”اڙي يار ڪر خبر انهي پنهنجي دوست جي ڪهڙي فلسفي کي آندو اٿئي جيڪو صفا ڳالهائي به نٿو.“ مون يڪ ساهي زاهد کان سوال پڇيو.
”صفا موڳو مٽر آهي، ڀلا ايڏي چپ به ڪبي آهي ڇا..؟ انگريزي ۾ چئبو آهي ته؛ "Unreasonable silence is folly"
”نه نه بنا سبب ناهي“ زاهد وراڻيو. ”هن وٽ سبب آهن پر ڇڏ ڪنهن ٻئي دفعي ٻڌائيندوسانءِ. ها وري انهي تي توکي چانهه به پيارڻي پوندي..؟؟
”هاڻي ڇڏ حرامپائي ۽ ٻڌاءِ.“
”يار هُن جو اصل نالو عامر آهي، گوتم ته ان تي ٻه سال اڳ نالو پيو هو. هو هڪ تمام سٺو شاگرد هو.“ زاهد ڳالهه جي ڳنڍ کوليندي چيو؛ ”هُو هڪ زبردست ڊبيٽر رهي چڪو آهي، انٽر ۽ انٽرا يونيورسٽيز جا ڪيترا ئي وڏا وڏا ڊبيٽس هن پنهنجي نالي ڪيا آهن.“
”پوءِ هاڻي گونگو ڇو ٿي ويو آهي؟“ مون زاهد ڏانهن وڌيڪ توجه ڏيندي چيو.
”بس يار زندگي چند حادثن جو نالو آهي.“
”سو ته آهي“
”گوتم انگن اکرن واري ڊپارٽمينٽ ۾ پڙهندڙ ڇوڪري حنا سان تمام گهڻي محبت ڪندو هو. حنا به هِن سان اوتري ئي محبت ڪندي هئي.“ زاھد وڌيڪ ٻڌائيندي چيو؛ ”هُوءَ ڏاڍي سهڻي سنهڙي سيپڪڙي ۽ چنچل ڇوڪري هئي.“
”پوءِ ڇا ٿيو؟ ڪنهن ٻئي سان سيٽ ٿي وئي، گوتم کي ڇڏي ڪري....؟!“ مون حيرت مان ڀڻڪيو.
”نه بابا نه..“
”باقي ڇا ٿيو؟ مون سمجهيو جيڪو هتِي ۹۰ سيڪڙو ٿيندو آهي، اهو ئي هِن سان ڀي ٿيو هوندو. بيوفائي به هڪ وائرس آهي جيڪو هڪ کانپوءِ ٻئي انسان کي ڪرپٽ ڪريو ڇڏي..“
”نه يار هو هڪ ٻئي کي ڏاڍو چاهيندا هئا. گوتم حسب معمول شام جو هاسٽل تي حاضري ڀرڻ ويندو هو ۽ پنهنجي محبوبه سان مٺيون ساعتون گهاري واپس ورندو هو. گوتم حنا سان جيون گهارڻ جا سڀئي ڪانٽريڪٽ سائن ڪري ڇڏيا هئا. حنا هن کي پنهنجي مائٽن سان ملائڻ لاءِ چيو هو. پوءِ گوتم هڪ دفعي پنهنجي وڏي ڀاءُ کي ڄامشوري آندو. ڇو ته هن جي پيءُ جي ڊيٿ ٿي چڪي هئي. گهر ۾ پوڙهي ماءُ ۽ سندس ڀاءُ هو. هن جو ڀاءُ پي آءِ اي ۾ نوڪري ڪندو هو.“ زاهد گولڊ ليف جا وڏا ڪش هڻندي ٻڌايو ته؛ ”هڪ ڏينهن شام جو گوتم ڏاڍو خوش هو، هُو تمام سٺي طريقي سان تيار ٿيو هو، هن جو ڀاءُ به اتي آيل هو. هُو پنهنجي ڀاءُ کي حنا سان ملائڻ لاءِ شام جو مارئي هاسٽل وٺي ويو. مارئي هاسٽل جي لان تي هُو ٽيئي ويٺل هئا، گوتم حنا کي ٻڌايو ته هي سندس وڏو ڀاءُ احسن آهي ۽ پنهنجي رشتي جون ڳالهيون هي ئي طئه ڪندو ڇاڪاڻ ته بابا هن دنيا ۾ ناهن رهيا تنهنڪري هاڻ سندس ڀاءُ به هي آهي ۽ پيءُ به.“ زاھد، قصو اڳتي وڌائيندي ٻڌايو؛ ”گوتم، حنا ۽ احسن کي اڪيلو ڇڏي سوسائٽي مان کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجهه وٺڻ ويو هو. ان ڏينهن گوتم ڏاڍو خوش هو، جو هو سوچي رهيو هو ته هن جيڪو سوچيو اهو ئي ٿي رهيو آهي. اهڙيءَ طرح هُو مسلسل هڪ هفتي تائين پنهنجي ڀاءُ کي روزانو شام جو هاسٽل وٺي ويندو هو ۽ حنا سان ملائيندو هو. ڪجهه ڏينهن گذريا هئا جو گوتم، حنا کي ڪال ڪئي هئي ۽ هن رسيو ڪو نه ڪئي هئي. هڪٻئي پٺيان ڪيئي دفعا ڪال ڪئي هئائين پر حنا اٽينڊ نه ڪئي.“
”هڪ ٻئي پٺيان سوين SMS...“ مون حيرانگيءَ مان پڇيس؛ ”پوءِ وري نمبر بند!؟!؟!“
”گوتم تمام گهڻو اتاولو ۽ پريشان ٿي ويو هو. حنا جي سهيلين کان جانچ ڪرائڻ تي معلوم ٿيو هئس ته هُوءَ پنهنجي ڳوٺ هلي وئي آهي. مٿان امتحان هئا. گوتم، حنا جي ايڏي محبت ۽ هاڻ ڳالهه شادي تائين پهچڻ تي دل ۾ ڪجهه مطئمن ته هو پر هي اوچتو بدلاءُ ۽ وري ٻڌائڻ کانسواءِ ڳوٺ هليو وڃڻ، هِن کي ڏاڍو اوکو لڳو هو.گوتم امتحان ڏيئي حنا جي گهڻي ڳولها ڪئي هئي پر ڪو پتو نه پيو هوس. نيٺ هُو گرمين جي موڪلن ۾ پنهنجي ڳوٺ هليو ويو هو.“ زاھد قصي کي کٽائيندي چوڻ شروع ڪيو؛ ”جيئن ئي گهر جي چائنٺ ٽپي هئائين، هِن جي پيرن هيٺيان زمين نڪري وئي هئي، اهو ڏسي هن جي سامهون حنا بيٺي هئي، جنهن جي هٿن تي ميندي لڳل هئي، جيڪا هُن جي بيوفائي جيSymbol  بڻجي ظاهر ٿي رهي هئي...!!!“
زاھد، حنا جي بيوفائيءَ تي تبصرو ڪندي چوڻ لڳو؛ ”حنا، گوتم جي پٺيءَ ۾ ڇرو هنيو هو ۽ هِن صديءَ جي بروٽس ٿي هئي. هن گوتم جي ڀاءُ سان شادي ڪري ڇڏي هئي. ..!“
”ٻه ٻيا ڪَٽ گرما گرم“ زاهد، قصو اتي پورو ڪندي يڪدم ماحول ۾ موٽندي، رڙ ڪري چانهه واري ڇوڪري کي ٻي چانهه آڻڻ لاءِ چيو.
مون گوتم جي اکين ۾ سيمينٽ بڻجي ويل ڳوڙهن تي سوچيندي، هيمنگوي جي ڪيٿرين جي ڏنل قرباني تي لکيل پريزنٽيشن جي پنن کي ٻه اڌ ڪري، هوا ۾ اڇلائي ڇڏيو هو..

No comments:

Post a Comment