Wednesday, August 1, 2012

هڪ آسمان جا ٻه ستارا - عزيز گوپانگ


هڪ آسمان جا ٻه ستارا
عزيز گوپانگ
هو ٻه ڀائر ئي نه، پنهنجي اڪيلي آسمان جا ٻه ستارا پڻ هئا. اهڙا ستارا جن کي پنهنجي روشنيءَ ۾ پنهنجون پاليل ٻڪريون ۽ انهن کي تڙڻ وارو لڪڻ ئي نظر ايندو هو. هڪ کان وٺي سؤ تائين کوڙا نه اچڻ جو فائدو کين اهو ٿيو جي هو نه ڪنهن جي هڪ ۾ هئا ۽ نه ٻن ۾. پنهنجي ڇيڙي نبيري پاڻ ئي سرانجام ڏنائون. ٻڪريون ڇوڙڻ کان وٺي چارڻ ۽ وري شام جو ڪاهي واڙيءَ ۾ واڙڻ جو ڪم کانئن وڌيڪ ٻيو ڪير نه ڪري سگهيو. هو ڄاوا ئي انهيءَ ڪري هئا ته مال، خاص ڪري ٻڪريون پالڻ ۽ چارڻ جا نوان قدر جوڙين ۽ انهن ٻنهي ڀائرن اهو ڪري ڏيکاريو!


نُور محمد ۽ لُطف علي جو سڱ سياپو پنهنجن ٻڪرين کانپوءِ وري به ٻڪرين سان هو. ڪنهن جي لٿي، ڪنهن جي اُڀري! انهيءَ سان سندن ڪو به سروڪار ڪو نه هوندو هو. سندن وار ئي اڻڀا نه هئا پر هُو ماني به اڻڀي کائيندا هئا، لسيءَ جو وٽو ڪنهن ڏنو ته ٺيڪ آ پر چئبو ڪنهن کي نه. سٽ ڏئي ڪا بري يا ڪاموري ٻڪري جهلي ٻه ٽي گُوها کير جا ڪڍي، ڏيڍ ماني پيٽ اندر لاهي وري الهه توهار! جهنگ ۾ پنهنجين ٻڪرين سميت الوپ ٿي ويندا هئا ۽ وري نظر تڏهن ايندا هئا جڏهن سج لهڻ وقت، سڀني جي نظر گهٽجي ويندي هئي!
صبح سوير گهران نڪري وڃڻ ۽ سانجهيءَ ويل گهر موٽڻ واري معمول ۽ ٻڪرين کان پري هو ڪڏهن ڪو نه رهيا. وچ ۾ هڪڙو وقت اهڙو به آيو جڏهن نور محمد پنهنجي پڦاٽ محمد صالح گوپانگ جي دوستي جي ڪِلي سان پاڻ کي ٻڌو ۽ آخر تائين ٻڌل رهيو. محمد صالح گوپانگ (منهنجو والد صاحب) جيڪو پنهنجن مائٽن جو ايترو ته پنهنجو هو جيترا هو پنهنجا به ڪو نه هئا، سو نور محمد کي پاڻ سان وٺي جڏهن سانگهڙ هليو ويو ته پويان لطف بانسريءَ جيان اڌ مان ئي ٽٽي پيو. کيس لڳو ته هاڻي سندس ٻڪريون به وڃائجي وينديون، ۽ هُو به! پر وقت کيس ٻڪرين جي ڳچيءَ ۾ مينڍ جيان مڙهي ڇڏيو هو سو ڪٿان ٿو انهن کان الڳ ٿئي. ڳوٺ حاجي خان گوپانگ سان لڳو لڳ جهنگ جنهن کي ننڍا وڏا سڀ ”ڀانڊو“ جي نالي سان ياد ڪندا هئا، اهو هو ۽ لطف هو، جيڪي گڏجي ٻڪريون چاريندا رهيا ۽ سندن اها دوستي آخري بچي ويل ٻڪريءَ تائين قائم رهي.
پوءِ هڪ وقت اهڙو به آيو جڏهن محمد صالح گوپانگ (بابا سائين) الله جي اَمُر اڳيان سربسجود ٿيا ۽ پنهنجن اباڻن جي پويان پاڻ پلاڻيا، تڏهن نُور محمد ائين اڪيلو ٿيو جيئن عاشق جي دل اڪيلي هوندي آهي، سدا کان ۽ سدا تائين! پنهنجي پڦاٽ ۽ محبوب دوست جي وڇوڙي سندس اندر کي اندر تائين سنڌا سنڌا ڪري ڇڏيو. هو چپ ٿي ويو، هن کان دوست نه، لڳو ته دنيا ڇڏائجي وئي! بلڪل ائين جيئن ساهه ڇڏيندي ڪنهن کان دنيا ڇڏائجندي آهي! پوءِ مون کي ياد آهي ته اسان جڏهن به ڳوٺ ويندا هئاسين ته هو پاڻ کي ريڙهي سيڙهي اچي اسان جي ڀر ۾ ڇڏيندو هو ۽ جُوهه وجهي اسان مان بابا جون سِڪون لاهيندو هو! ۽ ٻئي پاسي لطف هو، جيڪو سٺ سال ساندهه ٻڪريون چاري چاري پاڻ ٻڪرين جي اُڃ بڻجي چڪو هو! کيس ڏسي لڳندو هو ته هن ماني ئي نه، سالن کان پاڻيءَ جو ڍُڪ به نه پيتو آهي، اُڃارو، تاسارو ۽ هيکلو! هيکلو به ايترو جو سندس ويجهو ايندي هيکلائيءَ کي به ڊپ ٿئي، سو ماڻهو ڪٿي پئي سندس ويجهو آيا. آهستي آهستي هو پنهنجي کٽ ۽ ٻڪريون ڳوٺ کان پري کسڪائيندو ويو ۽ ڪجهه عرصي کانپوءِ ته ڪنهن کي ياد به ڪو نه رهيو ته لطف نالي هن ڳوٺ جو ڪو اهڙو ماڻهو به هو جيڪو ساهه به پنهنجي حصي کان گهٽ کڻندو هو! سو ڪيڏانهن ويو. ها! البته ايترو ضرور هو ته ايندي ويندي کي ڪنهن گس گام تي گڏجندي مٿس نگاهه جو چوٿون حصو وجهندو ضرور هو، تڏهن ائين لڳندو هو ته هو پنهنجي اڃا جيئري هجڻ جي تصديق ڪندو هُجي! ۽ سج لٿي وري جڏهن ٻڪريون ڪاهي واڙيءَ جي ڌوڙ ۾ ڌوپجي پنهنجي ڀاءُ نور محمد جي ڀر ۾ ويهندو هو ته کيس ائين لڳندو هو ڄڻ سندس ٿڪ کير جي ٿري وانگر ڪنهن ڇڪي سندس بدن جي وٽي مان هيٺ ڪيرائي ڇڏيو آهي. سڄي حياتي جهنگ ۾ گُذاري، پنهنجي مزاج ۾ به هو هڪ جهنگ ئي ٿي ويو هو. جنهن ۾ هڪ ساندهه خاموشي ۽ لاتعلقي ڀرجي وئي هُئس. هن کي ڪنهن سان ڪو به سروڪار ڪو نه رهيو هو. هن وٽ زندگيءَ جا ٻه مقصد رهجي ويا هئا؛ هڪ اهو ته ٻڪريون چارجن ۽ ٻيو اهو ته ٻڪريون چاري زندگيءَ جا ڏينهن پورا ڪجن. سو هو پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيو. ٻڪريون ڇڏي هن مينهن ڪڏهن ڪو نه چاري ۽ اهو ڪم هن مري وڃڻ کان هڪ ڏينهن اڳ تائين ڪيو ۽ ان ۾ پنهنجو مثال نه ڇڏيائين! هن ٻڪريون ئي نه چاريون، هن رمزون به چاريون، اڪيلايون به چاريون، مٽن مائٽن جون رکايون به چاريون، اڃ به چاري، بک به چاري ۽ جڏهن موت سندس اڳيان آيو ته هن پاڻ کي پيش ڪري موت کي به چاريو! مان اڪثر سوچيندو آهيان ته هي ٻئي ڀائر، نور محمد ۽ لطف علي گوپانگ ڪهڙي مٽيءَ مان ٺهيل هئا؟ ڇا اُها مٽي هئي ئي ايتري جنهن مان سندن بدن کان وڌيڪ هڪ تولي جيترو ڪو ٻيو ٿانو به ٺهي نه پئي سگهيو! اگر ڪو زندگيءَ کي ماڻهوءَ کان ٻاهر ڏسڻ چاهي ته کين ڏسي اندازو لڳائي سگهجي پيو ته زندگي پنهنجي مڪمل سرشت ۽ هيئيت ۾ ڪيئن ٿيندي آهي، لڪڻ جيان سڌي، ڏسڻ ۽ ٽٽڻ، ٻنهيءَ ۾!!!
مان آخري ڀيرو جڏهن ساڻن سيڙجي ملڻ ويو هئس ته هو ٻن اڪيلن ۽ ويڳاڻن وڻن وانگر هڪ ٻئي کي ٽيڪ ڏيو ويٺا هئا، مون کي ائين لڳو هو ته هڪ وڻ ڪريو ته ٻيو پاڻهي ئي ڪري پوندو، عجيب خيال هو جيڪو ذهن ۾ آيو ۽ پوءِ ڪجهه ئي ڏينهن کان بعد خبر پئي ته ٻئي گذاري ويا! بنا ڪنهن بيماري ۽ سبب جي! ۽ پويان رهجي وئي کٽ جي پائي سان ٻڌل سندن اڪيلي ٻڪري ۽ ان جي اکين ۾ اڪيلو جهنگ!!!.
هي ٻئي ڀائر لطيف جي ياد رهجي ويل ڪنهن اڪيلي سٽ جيان زندگيءَ جي زبان تي ٻُرندا رهيا ۽ هاڻ جڏهن سندن قبرون سندن بدن جي ڀاڪر ۾ ڀريل آهن تڏهن مان سوچيان ٿو ته سندن قبرون به سندن ئي ذات وانگي هڪ ئي بيت جون ٻه سٽون آهن، جن کي جهنگ اڃا به جهونگاري ٿو.

No comments:

Post a Comment