Sunday, August 5, 2012

چنڊ گرهڻ - حسن علي هڪڙو


چنڊ گرهڻ
حسن علي هڪڙو
اوڻويهن تاريخ جو چنڊ اڀري چڪو هو. آسمان تي آواره بادل ساڻس ڇيڙڇاڙ ڪري رهيا هئا، پر چنڊ ڪنواري ڪنيا وانگر شرمائي هنن جي پويان لڪي پئي ويو. ڪمري جي ديوار تي لڳل وال ڪلاڪ هڪ جو الارم وڄايو. پري کان شهر جي رولو ڪتن جي ڀونڪڻ جا آواز اچي رهيا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن بازار جي چوڪيدار جون هڪلون ٻڌڻ ۾ پئي آيون.


اڄ وري مون کي ننڊ ڪانه پئي آئي. مان ماضيءَ جي جهروڪن جي صحرائن ۾ ڀٽڪندو پئي ويس. اهو ماضي جنهن ۾ هر پيار ڪندڙ جون حسين يادون هونديون آهن. گھڻو ڪري ويچارا عاشق انهيءَ ماضيءَ جي سهاري زندگي   گھاريندا آهن يا خود ڪشي ڪري ڇڏيندا آهن.
مان به انهن عاشقن مان هڪ عاشق هيس. مون دل جي گَھِراين سان راڻيءَ سان پيار ڪيو هو. راڻي، جيڪا هڪ وچولي گھراڻي سان تعلق رکندي هئي. هوءَ حد کان زيادهه حسين هئي. قدرت مٿس تمام گھڻي مهربان هئي، جنهن کيس حسن سان گڏوگڏ ذهانت به بخشي هئي، تنهنڪري هوءَ حد کان وڌيڪ احساس بدتري جو شڪار ٿي وئي هئي. هن جو پنهنجو الڳ جهان هو. هوءَ ڪنهن کي به پنهنجو مَٽُ نه سمجهندي هئي. هوءَ مغرور ڇوڪري هئي. ڪنهن به رشتي ناتي جو ڪو به لحاظ ڪونه هيس. هن جي اُڏام اوچي هئي. آسمان جي ڪهڪشائن سان هن کي پيار هو. هن کي بلندين تي پهچڻ جو ارمان هو. کيس آسمان جو هڪ چمڪندڙ ستارو بڻجڻ جو شوق هو. اهڙو ستارو جيڪو ٻين ستارن کي مَڌم ڪري ڇڏي.
راڻيءَ کي خبر هئي ته مان ساڻس پيار ڪيان ٿو. اهو پيار پُوڄا جي حد تائين پهچي چڪو آهي. پر مان هن جي خواهشن ۽ آرزوئن جي تعميل ڪري نه پئي سگھيس، ڇاڪاڻ ته مان هڪ غريب شخص ۽ هيٺئين گريڊ جو ڪلارڪ هيس. جڏهن ته هن جي آرزوئن ۽ تمنائن جو سلسلو اڻکٽ هو. هن کي محلن ۾ رهڻ ۽ وڏين گاڏين ۾ گھمڻ جي تمنا هئي. هن دنيا کي ڏسڻ پئي چاهيو. جيٽ جهازن ۾ چڙهي مختلف ملڪن جو سير ڪرڻ پئي گھريو. وڏن وڏن هوٽلن جي سوٽن ۾ رهڻ پئي چاهيو. هوءَ روس جو ڪوهه ڪاف، فراس جو پيرس، آمريڪا جو نيويارڪ، انگلينڊ جو لنڊن، سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ گھمڻ پئي گھريو. جيڪا شي مان ڪا نه پئي ڪري سگھيس. مون وٽ صرف هڪ محبت ڀري دل هئي، جيڪا هن جون خواهشون پوريون ڪرڻ جھڙي نه هئي.
وقت جو ڦيٿو ڦرندو رهيو. ڏينهن ۽ راتيون مٽجندا رهيا. درياءَ ڀَرجندا ۽ سُڪندا رهيا. پوڙهو سج صدين کان پنهنجو سفر جاري رکندو پئي آيو. جُھڳين جا جاءِ تي محل تعمير ٿي چڪا هئا. ٽانگن ۽ رڪشائن جي جاءِ تي وڏين وڏين ۽ ڊگھين ڪارُن جاءِ والاري هئي.
آخر راڻي پنهنجي جستجوءَ ۾ ڪامياب ٿي وئي. قسمت هن جو ساٿ ڏنو. هوءَ ايئر هوسٽس ٿي وئي. هاڻي هوائن سان کيڏڻ جو هن کي موقعو ملي چڪو هو. دنيا جي ملڪن جو سير ڪرڻ هن لاءِ ڪو مسئلو ڪو نه رهيو هو، ڇاڪاڻ ته هن جي نوڪري ئي اهڙي هئي. هوءَ ملڪان ملڪ گھمندي رهي.
راڻي پنهنجي خاندان سميت اباڻو شهر ڇڏي، ڪراچيءَ ۾ سيٽل ٿي. ڪراچي، جيڪو سمنڊ آهي، جتي ماڻهو گم ٿيو وڃن. ڪنهن جي ڪنهن کي ڪا به خبر ڪا نه ٿي رهي. هر ڪو پاڻ ۾ گم. راڻي پنهنجن پراڻن رشتن ناتن کي ڇني چڪي هئي. هن پوئتي مڙي ڪا به سار سنڀال نه لڌي. سڀ مِٽيون مائٽيون، عزيز قريب، ويڙها، وسنديون، اوڙا پاڙا، ننڍپڻ جون سکيون ساهيڙيون، ٿلها چوٻارا ڳليون، اڱڻ، سڀ هن لاءِ ڊِسپوزيبل ۽ بيڪار شيون هيون.
هوءَ دنيا جي چمڪ ۾ کوئجي وئي. هوءَ پوئتي ڏسڻ بدران اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ۾، ايترو ته اڳتي نڪري وئي، جو ڪڏهن ڪڏهن پاڻ کي به سڃاڻڻ ۾ کيس دِقت محسوس ٿيڻ لڳي. هن جو مقصد صرف پئسو ڪمائڻ هو، صرف پئسو، پوءِ اهو ڪهڙي به نموني ملي، حاصل ڪرڻو آهي. انهن پئسن جي حرص راڻيءَ کي انڌو ڪري ڇڏيو، جو پئسا ڪمائڻ لاءِ هن پاڻ کي به وڪرو ڪرڻ شروع ڪيو. هوءَ مختلف بيڊن جي زينت بڻجندي رهي. هن پنهنجي حُسن ۽ جوانيءَ جو پورو پورو فائدو ورتو. هوءَ کپندي رهي، بينڪ بيلنس وڌندو رهيو، ڊفنس ۾ بنگلو، پجارو گاڏي، نوڪر چاڪر، وڏن وڏن ماڻهن سان دوستيون، اٿيون ويٺيون، هڪ مڪمل برگر فيمليءَ جي ميمبر ٿي وئي هئي. 
ڪڏهن ڪڏهن تنهنجي منهنجي واتان ٻڌندا هئاسون، ته راڻي واقعي آسمان جو چمڪندڙ ستارو بڻجي وئي آهي. سڀ ايئر هوسٽس هن کان حسد ڪنديون هيون. هوءَ جيڏانهن به ويندي هئي ته سندس راهه ۾ سڀ اکيون وڇائيندا هئا. محفل هجي يا ڪو فنڪشن، راڻيءَ کان سواءِ اڌورو هوندو هو. راڻي محفل جي جان هئي، محفل جي شمع هئي، مَئي جي مستي هئي. هن جي سڊول جسم تي يورپين لباس اهڙو ته ٺهندو هو، جو ميڊونا هن جي اڳيان بيڊولي نظر ايندي هئي. هر ڪو هن جي جسم کي بُکئي ڪتي وانگر سِڪايل نظرن سان ڏسندو هو. ڪي اهڙا ته اوباشَ هئا، جيڪي کيس واتئون گھريل رقم ڏئي، سندس بستري تي به نوٽ وڇائي، هن کي سمهاري، جوڀن جوانيءَ جو مزو وٺندا هئا ۽ صبوح جو اهي ڏوڪڙ ٽِپ ۾ ڏئي ڇڏيندا هئا. راڻي دولت ڪمائيندي رهي. ٽجوڙيون ڀرجنديون رهيون. سونا سيٽ الماڙين ۾ سٿجندا رهيا. دروازن تان هڪڙيون گاڏيون وينديون هيون، ته ٻيون اچي بيهنديون هيون. راڻي ڪڏهن لنڊن، ته ڪڏهن سنگاپور، ڪڏهن نيويارڪ، ته ڪڏهن پيرس. مايا جي ديويءَ سان گڏ قسمت جي ديويءَ به سندس ڀرپور ساٿ ڏنو. هوءَ ايڏو ته اڳتي نڪري چڪي هئي، جو پنهنجو پاڻ کان به وڃائجي وئي هئي. هن جو پاڻ تي ڪو به اختيار ڪو نه هو. هوءَ نوٽ ڇاپڻ جي هڪ مشين ٿي وئي هئي. هن اڃا تائين شادي ڪا نه ڪئي هئي.
مان به ننڍڙي ڪلارڪ مان ترقي ڪندي آفيس سپرنٽينڊنٽ بڻجي ويو هئس. شادي ته آخر ڪرڻي هئي، جيڪا مائٽن جي مرضيءَ سان ڪيم. زندگيءَ جو گاڏو گِهِلبو رهيو، پر راڻيءَ جي ياد دل مان مٽائي نه سگھيس.
راڻيءَ جي ايئرهوسٽس هجڻ ڪري مختلف ماڻهن سان واسطو پوندو رهندو هو. انهن ۾ ملڪي، غير ملڪي، آفيسر، زميندار، جاگيردار ۽ سرمائيدار سڀ شامل هئا، جن سان کِلِي ڳالهائڻ سندس ڊيوٽيءَ ۾ شامل هو. هڪ ڀيري هوائي جهاز نيويارڪ ايئرپورٽ تان ڪراچيءَ لاءِ اڏامي چڪو هو ۽ ڌرتيءَ کان ۱۴ هزار فوٽن جي بلنديءَ تي هو. مسافر رليڪس هئا. ٻين ايئرهوسٽسن سان گڏ راڻي به مسافرن جي ميزباني ڪري رهي هئي. انهن مسافرن ۾ هڪ نوجوان، سيٺ باقر جو پٽ، عابد به هو، جيڪو بيحد اوباش ۽ رنگين مزاج ماڻهو هو. هن جڏهن راڻيءَ کي ڏٺو، ته سندس وات ۾ پاڻي اچي ويو.
”هيلو!“ هن راڻيءَ کي چيو.
”هاءِ.“ راڻيءَ وراڻيو.
”توهان جو نالو؟“
”راڻي.“
”اوهه! واقعي راڻي پئي لڳين.“
”مهرباني.“
”نو ٿينڪس...“
”شڪريه، اوهان ڇا پيئڻ پسند ڪندا؟“
”ڪوڪ، يا جيڪو اوهان پسند ڪيو...“
”ڪوڪ ته حاضر آهي.“
اهي هئا تعارفي لفظَ، جن سندن دلين ۾ هڪ طوفان آندو.
عابد واقعي مرداڻي وجاهت جو هڪ سَنبل هو، جنهن لاءِ ڪا به ناري، کيس هڪ ڀيرو ڏسڻ کان پوءِ، ٻيهر ڏسڻ تي مجبور ٿي پوندي هئي.
ڪراچيءَ پهچڻ تي عابد ۽ راڻيءَ هڪ ٻئي کي ايڊريسون ڏنيون، جنهن کان پوءِ ٻنهي جي ملاقاتن جو سلسلو هلندو رهيو. وڇوٽيون ختم ٿينديون رهيون. عابد راڻيءَ جي هر فرمائش پُوري ڪندو هو. وٽس دولت جي کوٽ ڪا نه هئي، پر عابد کي اها خبر ڪا نه هئي ته آمريڪا ۽ يورپ ۾ انيڪ آواره عورتن سان تعلقَ رکڻ سبب سندس جسم ۾ خطرناڪ وائرس گھرِي چڪا آهن، جيڪي وقت سان گڏ پلجندا ۽ طاقتور ٿيندا رهيا آهن. ساڳيائي وائرس عابد کان راڻيءَ جي جسم ۾ داخل ٿي ويا، جيڪي کيس اندر ئي اندر کائيندا رهيا. راڻي بيمار رهڻ لڳي. هن جو جسم ساڻو ۽ بي طاقتو رهڻ لڳو. کيس ڪم ۾ به مزو گھٽ اچڻ لڳو، جنهنڪري سندس دلچسپي گھٽجندي وئي. نيٺ کيس مسلسل بخار رهڻ لڳو. هُن شهر جي مشهور ڊاڪٽرياڻين کي ڏيکاريو، جن ڪجھ ٽيسٽون ڪرايون.
هاءِ ڙي تقدير! تنهنجا به پنهنجا فيصلا هوندا آهن. آسمان جي وسعتن ۾ اڏامندڙ راڻيءَ کي ايڊز ٿي پئي هئي، جنهن جو ڪو علاج ڪو نه هو، سواءِ موت جي. ڪروڙن جي دولت به کيس ڇُٽائي نه پئي سگِهي. سندس بيماريءَ جي خبر سڄي سوسائٽيءَ کي جلد ئي پئجي وئي، جنهنڪري هن کان سمورا ساٿي ڪٽجي ويا، رونقون گھٽجي ويون، محفلون ۽ فنڪشن ٻين جي حوالي ٿي ويا. راڻيءَ جي روشن دنيا تي اونداهي ڇانئجي وئي.
بيماري پنهنجو ڪم تيزيءَ سان ڪري رهي هئي. راڻيءَ کي هاڻي زنده رهڻ ۾ ڪا دلچسپي نه رهي هئي. هوءَ پاڻ ڏانهن وڌندڙ موت کي، نه چاهيندي به، قبول ڪري چڪي هئي.
سياري جو ڏينهن به اهڙو آهي، جو سج اڀريو ناهي ۽ لٿو ناهي. اهڙي هڪ ڏينهن، مان آفيس ۾ گھڻي ڪم سبب دير تائين ويهجي ويس. آفيس جو عملو وڃي چڪو هو. صرف پٽيوالو موجود هو. مون ٿڪاوٽ سبب کيس چانهه آڻڻ لاءِ چيو. هو ويو ته ٿوريءَ دير بعد اوچتو فون جي گھنٽي وڳي. خبر ئي اهڙي هئي، جو مون کي هوش ئي نه رهيو، ته ڪنهن ڳالهايو. ”ڇا! راڻي مري وئي!“
”ها، ٿوري دير اڳ ڪراچيءَ مان ماسي شريفان جي گھر فون آئي ته راڻي مري وئي.“
”نه نه، ايئن ڪيئن ٿيندو! راڻي مري نه ٿي سگھي. هوءَ مرڻ لاءِ پيدا نه ٿي هئي. اڃا اهو موت پيدا ئي ڪو نه ٿيو آهي، جيڪو راڻيءَ کي ماري سگھي. اهڙو اطلاع ڪنهن دشمن ڏنو هوندو.“ مان آپي مان نڪري ويس، پر ڇا ڪيان ها! مجبور هيس. راڻي منهنجو پهريون ۽ آخري پيار هئي.
مان آفيس مان ٻاهر نڪتس. رات ٿي چڪي هئي. مون آسمان ڏي اداس نظرن سان ڏٺو: ان وقت آسمان مان هڪ ستارو ٽٽي هيٺ ڪريو ۽ فضا ۾ گم ٿي ويو!

•••
(۲۰۰۰-۶-۲۱)

No comments:

Post a Comment