Saturday, August 11, 2012

وڏيرو نسيم کرل - عبدالقادر جوڻيجو


وڏيرو نسيم کرل
عبدالقادر جوڻيجو
ھيءَ انهيءَ وقت جي ڳالھ آھي، جڏھن اسان جا ڪٽَ، ڦريل پيا ھئا. جاڳ ۾ گھٽ، ننڊ ۾ گھڻو ھلندا ھئاسين. ڪچڙي گؤنچ جھڙي، ڪچڙي ڪچڙي عمر ھئي. خوابن ۾ سائو ڪچ ڀريل ھو. ڇپرن جي ھيٺان اکين جي ديوارن تي جواڻ جماڻ سھڻن مھانڊن جون تصويرون ٽنگيل ھونديون ھيون ۽ دل جي ديوارن تي پورن جو دونهون Abstract art وانگر ڇانيل ھوندو ھو. اھا خبر ڪا نه پوندي ھئي ته ٻي وک ڪٿي ٿي پوي ۽ پھرين وک ڪٿي ھئي؟ انڌا ٿي ھلندا ھئاسون.


پڙھڻ جا نوان نوان شونق گؤنچ ڪري نڪتا ھئا. نيون دِليون لڳل ھيون. ڪو ڪتاب يا رسالو ور چڙھندو ھوسون ته ڦاٽي جند ڇڏائيندو ھو. جھڙو تهڙو وائڙو شونق ڪو نه ھو.
انهن ڏينهن ۾ سنڌي ادب جي ماءُ ”ابراھيم جويي“ جي پارکو ھٿن مان سنوارجي سينگارجي نڪرندڙ رسالو ”مھراڻ“ سندس ھٿن مان ڇڏائجي روح ۾ رلي ويو. ”روح رھاڻ“ اڃا پيٽ ۾ ستين مھيني ۾ ھئي، آڪي آ، سندس جنم ٿيڻ وارو ھو. مرحوم حفيظ، شيخ اياز، جمال ابڙو ۽ رباني اڀ سان پيا ڳالھيون ڪندا ھئا. ادب جي پڙ ۾ مڙسن جي لانگ پيئي لڳندي ھئي. چوڌاري ”بلي بلي“ پئي پوندي ھئي. ان وقت فقط ”نئين زندگي“ اھڙو رسالو ھو، جنهن ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ ڪا ڀلي ڪھاڻي، ڪو ڀلو شعر ڇپجندو ھو ته ان کي پڙھي اسان خوشبوئن جي ڪڪرن ۾ ويڙھجي ويندا ھئاسين.
انهن ڏينهن ۾ پھريون ڀيرو نسيم جي ڪھاڻي (عنوان ياد نه اٿم) پڙھيم. نه رڳو نالو زنانو ڏٺم، پر ڪھاڻيءَ جي لکڻي به زناني ٿي ڏٺاڻي. ان ڪري پڙھڻ سان پھرين سٽ ساڻس عشق ٿي ويو ۽ اکين جي ديوارن تي نئون اڻ ڄاتل، اڻ سڃاتل، منڌل منڌل مھانڊو تري آيو ۽ ساڻس شادي ڪرڻ جي خواھش پوري زور وشور سان دل ۾ اڀري آئي. مون کي ڪئين فلمون ۽ بادشاھن جون آکاڻيون ياد اچي ويون، جنهن ۾ ناممڪن ممڪن ٿيندي نظر ايندو ھو. ڪئين ھٿ جون ڪھاڻيون جوڙيم، جن جي ھيروئن نسيم ھئي ۽ ان سان ئي شادي ٿي ھئي. سڄو ذھن، ڪھاڻي ڪھاڻي ٿي ويو. اسان کي ڪنهن ٻڌايو به ته اھا ڪا مس نه آھي بلڪ مسٽر آھي. پر اسان کي ڪٿي ٿو اعتبار اچي؟ سندس ڪھاڻيون ئي زنانيون ھيون. ھلڪيون ھلڪيون، مٺيون مٺيون، خوشبوءِدار، جھڙو گلن جو ڇھاءُ.
پر سائين الله ڏاڍو آھي. بندي جي من ۾ ھڪڙي، الله جي من ۾ ٻي. ٿئي نه جو روح رھاڻ جو جشن. مون کي به ٿي کٽي کڻي ۽ وڃان ٿو جشن ۾ ۽ ڏسان نسيم کرل کي ته مھنجيون ھيٺيون ھيٺ ۽ مٿيون مٿي رھجي ويون. ذري گھٽ رڙ نڪتي ھئي. منهنجو ته ڏيھ (ديھ) ڏڪي ويو. ننڍپڻ جي مصيبتن کي ٽارڻ لاءِ ياد ڪيل سڀ دعائون ياد اچي ويم. ڪو وقت ته کيس يڪ ٽڪ ڏسندو رھيس. ”منهنجا موليٰ! پناھ ڏج ھن بلا کان......“ منهنجي خوابن جا شيشا نسيم جي دئوس لتن ھيٺيان اچي ڀور ڀور ٿي ويا. ٽڪر نه گڏيو ٽڪر کي. ٻيھر ائين پر پٺ الله ڪارڻ دل جي دٻن تي لڳي، عشق کان توبنھ ڪئيسين، گيسي ڪئيسين، ڪنن تي ھٿ رکياسين.
انهيءَ دل ڏاريندڙ ملاقات کان پوءِ ڪي سال گذري ويا. نسيم جي ڪھاڻين مان زنانيون نزاڪتون نڪري ويون. جھڙو مڙس پاڻ ڳرو آھي، اھڙيون ڳريون ڳريون، سچائيءَ جي سخت پٿرن سان ڀريل ڪھاڻيون لکڻ لڳو. سندس فن آھستي آھستي وک وک ۾ ڏيئي اوچاين تي چڙھڻ لڳو. اڄڪلھ سندس مٿين ڄاڙي اڀ سان ۽ ھيٺين ڄاڙي زمين سان لڳل آھي. ساڻس منهنجي ٻي ملاقات به ڏاڍي دلچسپ ٿي.
ٻه اڍائي مھينا ٿيا ھوندا جو آءٌ ڪنهن ڪم سانگي ڪراچيءَ ويو ھوس. مشتاق شورو مون سان گڏ ھو. مشتاق ڪا ڪھاڻي لکي ھئي، جيڪا تاج بلوچ کي سوجھري لاءِ ڏيڻي ڪئي ھئي. سو ٻئي ڄڻا گڏجي سوجھري جي آفيس ۾ وياسين. ڇا ٿا ڏسون ته نسيم ھڪڙيءَ ڪرسيءَ تي قبضو ڪريو، سڄي آفيس کي ڏڪايو، ڏاڍي رعب سان ويٺو آھي ۽ تاج کي ست-سريون پيو ٻڌائي. ڄڻ سڄي بلڊنگ سندس ھجي ۽ ٻيا سڀ نوڪر ھجن. اسان گھڙڻ سان ڏڪي وياسين. ٻئي مڙس پاڏا، جي ھلندي ٿا اٽڪن ته ڪير ڇڏائين؟! آءٌ ته دٻ جھلي وڃان، پر مشتاق ويچاري کي ته ڀڄڻ کان سواءِ ٻي ڪا واھ ڪا نه ھئي. اڍائي ھڏيون ته آھن مشتاق جي جسم ۾.
مشتاق ڪھاڻي کڻي، تاج اڳيان رکي ته نسيم ھڪدم ڪھاڻي ٻنهي جي ھٿن مان جھٽ ھڻي ڦري ورتي ۽ زور زور سان اکيون ڇنڀيندي چيائين: ”ھي ڇا آھي؟ ڇا آھي؟“
”ڪھاڻي آھي.“ مشتاق چونچٽ ڪيو ۽ تاج ڪھاڻي وٺڻ لاءِ ھٿ وڌايو.
”ڪھاڻيءَ جا پئسا ھت رک روڪڙا، ڄٽ ڦريا اٿئي؟“
”پر ڪھاڻي ته ڏي.“ تاج چيو.
”ڪھاڻي ٻهاڻي مون وٽ ڪونهي. ھت پئسا رک، نه ته مون کان ٻيو بڇڙو نه ڏسندين.“
تاج گھڻي آنا ڪاني ڪئي، ھيڏانهن ھوڏانهن نٽايائين، جن ڇڏي، ڀوت ڇڏي، نسيم نه ڇڏي. ھونئن به تاج ماشاءَ الله وھڙو لڳو پيو ھو. ٻروچ به آھي، گھڻ-ڳالھائو به آھي، نسيم سان ڏاڍو ھجائتو به آھي. پر سائين نسيم جھڙي بلا سان منهن يا ھٿ اٽڪائي ڪير ٿو پورو پئي. نيٺ پورا پنجاھ رپيا مشتاق کي مليا، تڏھن تاج جي به جان ڇٽي ته مشتاق ۾ به ساھ پيو. بعد ۾ نسيم، اديب جي معاوضي جي حق تي اڌ ڪلاڪ ليڪچر ڏنو. مون اھو محسوس ڪيو ته نسيم حق جي ڳالھ تي مٿو ڦاڙائيندي به ڪو نه گسندو، پر ڪنهن کي ٿي کٽي کڻي جيڪو نسيم جو مٿو ڦاڙي! پري کان ڪو سروٽو اڇلائي ھڻي ته ٻي ڳالھ آھي.
نسيم سان ٽين ملاقات ”سھڻي“ جي آفيس ۾ ٿي. مون کي نسيم تي مضمون لکڻ جو ارادو ھو، سو سوچيم ته طارق کان وڃي پڇان ته ڪجھ وقت ھجي ته آءٌ به ٻه ٽي اکر رھڙي شھيدن جي قطار ۾ شامل ٿي وڃان. اسان کي ويٺي اڃا ٿورو وقت مس گذريو ھوندو ته نسيم اچي ڦھڪو ڪيو. ايندي ساڻ صوفي تي ويھي ٻئي پير جتين سوڌا کڻي سامھون پيل ننڍڙي ٽيبل تي رکيائين. ڪجھ چرڙاٽ ٿيا، پوءِ اھي الائي ٽيبل مان نڪتا يا طارق جي روح مان يا ٻنهين مان، سا ته خبر ڪانه پيم. پر ٽيبل ۽ طارق جي حالت خراب ٿي ويئي. ھڪڙو ته طارق مسڪين ماڻھو پنجاھ سؤ جي چٽي ٿي پيس. ماڪوڙي لاءِ ٽڪ جي ڏنڀ کوڙ. ٻيو وري طارق جي طبيعت اھڙي آھي جو پرائو ھٿ پنهنجي ڪلھي تي ڪو نه سھي ۽ ڪو ماڻھو سندس دادلي ٽيبل تي ھاٿين جي پيرن جھڙا پير جتين سوڌا رکي ويھي ته ڀانيو ٿا ته سندس دل مان ڇا ورندو ھوندو. ڪجھ وقت ويھي آءٌ ته ھليو آيس، پر پويان نسيم الائي ڪيتري دير طارق جي ڇاتيءَ تي مڱ ڏريا ھوندا. الله بچائي نسيم کان.
مڙس ۽ گھوڙي جي پرک ھڪڙيءَ ڀرتو نگاھ جي گھوري آھي، پھرئين تڪ ۾ سڃاپو ٿيو وڃن. مون ته نسيم سان ٽي ملاقاتون ڪيون آھن.
نسيم جتي قد بت جو وڏو آھي، ڪھاڻيڪار وڏو آھي، اتي زميندار به وڏو آھي. جيتوڻيڪ پاڻ پڙھيل ڪيل، رليل گھميل، ٺھيل ٺڪيل، وڏيرو آھي. راڄن جا راڄ، ڪتابن جا ڪتاب اکين مان ڪڍيا اٿس، پر پنهنجي اندر ۾ ويٺل نج ڄٽ ڳوٺاڻي وڏيري کي نه لڪايو اٿس. جھڙو اندران آھي، اھڙو ٻاھران ڏيکاءُ ڏيندو، ٻِه-چپو ماڻھو نه آھي. پڙھيل مھذب ٽائيپ ماڻھن وانگر ڊپلوميسي ۽ ٻين اھڙين حرامپاين مان ڪو نه ڄاڻي. جن جي اندر ۾ ته لُنڊيون پيون وٽ کائينديون، پر ٻاھران منهن تي اھڙو رڪ ٻڌندا، ڄڻ سامھين جا سڳا پٽ ھجن. دليپ ڪمار جي کٽي آھي، جو ساڻن ايڪٽنگ ۾ پڄي. نسيم انهيءَ قسم جي ماڻھن کان قطعي مختلف آھي، بلڪ متضاد آھي. جيڪا ڳالھ دل تان ٿڙي منهن ۾ آيس، سا پڙ تي ڦھڪائيندي ڪو نه گسندو. ڪو يار ڪاوڙجي پئي ته ڀلي ست پچائي وڃي کائي، نسيم جون جيڪي آلوڙيون سوئائون ڪاھراڻيون ھجنس ته وڃي ڪاھرائي، پر نسيم سچ چوڻ کان ڪو نه مڙندو. نسيم خالي پيلي ڦڪو ڦڪو، لوڻ مرچ کان آجو سچ ڪو نه چوي. سچ سان گڏ گار ۽ ڀونڊي جي به رئي پيئي پوندس. وڏيرو ماڻھو آھي. پنهنجي لئه وارو آھي. ڪنهن جي گھران ڪو نه ٿو کائي. اسان وانگر پرائو بزگير ڪونهي، جيڪو چپ سبيو ويٺو ھجي يا ڪنهن جي ڪا غرض ڪڍي.
ھيءَ دنياداري آھي. ھڪڙي جو ٻئي ۾ ڪم پوي ٿو. ڏک سک ۾ ھڪ ٻئي وٽ ڊوڙي وڃڻو پوي ٿو. ھڪ ٻئي سان ڪلھو وھڻو ٿو پوي. پر پڙ تي وھي وڃڻ اڄڪلھ ڏاڍو ڏکيو آھي. ڇا آھي جو اڄڪلھ ماڻھن جو ڦرڪو ڦري ويو آھي. ماڻھن کي لالچون، خود غرضيون ۽ ماٺار کائي ويئي آھي. ھڻ ھڻان لڳي پيئي آھي. ھر ڪو پنهنجيءَ ۾ پورو آھي. ھروڀرو ڪو ڪنهن ڏانهن ڌيان ڪو نه ٿو ڏئي. پر نسيم اھڙو ماڻھو آھي، جيڪو پڙ تي ڪم ايندو آھي. جيڪا به وٽانس پڄندي سا ڪندو. ڊڪندو، ڊوڙندو، پنهنجي ڪم کي پٺيءَ پٺيان اڇلائي به ٻئي جي ڪم ايندو. نسيم ان لحاظ کان بلڪل ڪلاسيڪل سنڌي آھي. اھو مڙس ڪھڙو، جيڪو وقت تي ڪم نه اچي. نسيم کڙھ تي کير پيارڻ وارو ميھار آھي.
گھڻا ماڻھو اھڙا ٿيندا آھن، جو سدائين وٽيا سٽيا پيا ھلندا آھن. ڪٿي ويٺا ته بُت کي اھڙو سڪ جھليندا ڄڻ پٿر ھجن. ڇِڪ ايندين ته يڪدم ڏاڍيءَ نزاڪت سان رومال کيسي مان ڪڍي، منهن تي رکي ھلڪو چيچٽ ڪندا. ذر ذر پيا ڪپڙا ڇنڊيندا ۽ پنهنجو پاڻ ڏانهن نهاريندا ته ڪٿي ڪا ڪنڊ پاسو خراب ته ڪو نه ٿو ٿئي. ڪريز ته خراب ڪا نه ٿي! ڳالھائڻ وقت جاندار لفظن جي بدران تهذيب ۽ ايٽيڪيٽ جي ابن ڏاڏن کان سکيل ريڊي ميڊ بي جان لفظن کان ڪم وٺندا. سندن ڳالھين ۾ روح گھٽ ۽ اسٽائل وڌيڪ ھوندي آھي. پر نسيم انهن وانگر پتلي نه آھي. ڳالھائيندي، اٿندي، ويھندي جيئري ماڻھوءَ جو ڏيکاءُ ھوندو، سندس ڳالھين ۾ بناوٽ بدران روح آھي.
نسيم، بقول ڪرشن چندر جي بصر نه آھي، جنهن جي ھڪ کل لاھ ته ٻي کل ھوندي، ٻي کل لاھبي ته ٽئين ايندي. مطلب ته مڙس کلون ئي کلون ھوندو. کل ھيٺان کل، ٻيو ڪجھ به نظر نه ايندو. نسيم ته بلڪل بيضو آھي، ھڪڙي ٺونگي ساڻ منجھانئس سفيدي ۽ پيلاڻ نڪري ايندي.
نسيم کي، نسيم سندس ڪھاڻين ڪيو آھي. نه ته سنڌ ۾ ھن ڪنڊ کان ھن ڪنڊ تائين، وڏيري وڏيري جي ذات پيئي آھي. پٽڪي جي ور جو ڇيھ ئي ڪونهي.
سنڌ جي ادبي تاريخ ۾، جيڪي به سٺي ۾ سٺيون ڪھاڻيون لکيون ويون آھن، انهن ۾ گھڻو حصو نسيم کرل جو آھي. آءٌ ڀانيان ٿو ته ڪو به پارکو ان ڳالھ کان انڪار ڪو نه ڪندو. ھيءُ ھمراھ ٻين وانگر ھڪدم وڏو ٽپ ڏئي چوٽ تي ڪو نه چڙھيو آھي، پر وک وک ۾ ڏيئي، پنهنجي محنت، لاڳيتي لوچ ٻوچ ۽ سوچ سان پنهنجيءَ موجوده حيثيت تائين پھتو آھي. جيڪي ڄمندي ڄام ھوندا آھن، سي مرڻ ۾ به ڄام ھوندا آھن. دير ئي ڪا نه ٿيندي اٿن. ھيڏانهن اڀريا، ھوڏانهن لٿا. الا الا خير صلا. مطالعو پورو، مشاھدو پورو ۽ مڙس به پورو يعني قبر جي حوالي. نسيم جو فن رچيل ۽ پڪل، رسدار ۽ چوٽيءَ تي پھتل آھي. پال تڪڙ جي پٽيل نه آھي، پر مدي تي ڪڍيل آھي. سندس فن جي ڪا به ڪنڊ پاسو لانئون يا گٿل ڪونهي. اُڻت ۾ ھڪڙي ڳنڍ به ھيڏانهن ھوڏانهن ٿيل نه ھوندي. پلاٽ، ڪردار، لفظن جي چونڊ، Climax مڪالما، جزئيات، مطلب ته ڪھاڻيءَ کي جن به شين جي ضرورت ھوندي آھي، انهن مان ڪنهن جو به ڪو ھڪڙو حصو به وائڙو نه ھوندو آھي. ان ڪري ته شوڪت شوري لکيو آھي ته: ”نسيم جي ڪھاڻين مان ڪو ھڪڙو لفط يا ھڪڙو جملو ڪڍي ڇڏجي ته سڄي ڪھاڻي ختم ٿي ويندي.“ ان ڳالھ ۾ ڪو به شڪ نه آھي. سندس ڪھاڻي بلڪل ھڪ اھڙي ايڪي وانگر آھي، جنهن مان ذرو به ڪڍجي يا وڌائجي ته سڄي ڪھاڻي پرزا پرزا ٿي ويندي. جيئن سندس بدن ماس سان ڳتيل آھي، تيئن سندس ڪھاڻي فني ذرن سان ڳتيل آھي.
جيئن آغا سليم پاڻ جھڙيون خوبصورت ڪھاڻيون لکندو آھي، مشتاق شورو پاڻ جھڙيون منجھيل ڪھاڻيون لکندو آھي يا شمشير الحيدري پاڻ جھڙا جاندار شعر لکندو آھي، تيئن کرل پاڻ جھڙيون ڳريون، رعبدار ۽ سچيون ڪھاڻيون لکندو آھي. جھڙي نموني، کرل جھڙو ٿلھو ۽ مضبوط ماڻھو، پوري زور سان ڪنهن اڀري ۽ سڪل ماڻھوءَ مٿان ڪري پوي ۽ ھٿ پير ھلائڻ جي باوجود به پري ھٽي نه سگھي، تيئن سندس ڪھاڻي به روح مٿان ڪري پوندي آھي. طاقت لڳائڻ جي باوجود پري نه ھٽندي آھي. ڏينهن جا ڏينهن، پيڙا جو احساس رھندو آھي. اھو ئي سبب آھي جو نسيم جي ڪھاڻي، وسارئي نٿي وسري.
اردوءَ جي مشھور نقاد پروفيسر ممتاز حسن ڪنهن ھنڌ لکيو آھي ته: ”سچ کي وڌائي، ان کي وڌيڪ روشنيون بخشي پيش ڪرڻ کي ڪلا چئبو آھي.“ در حقيقت ڪلا، سچ جو تيز ۽ روشن روپ آھي. ڪھاڻيءَ ۾ سچي پچي زندگيءَ جي اٿاھ مان ڪو ٽڪر کڻي، فن ۾ ويڙھي پڙھندڙ اڳيان پيش ڪبو آھي ته جيئن پڙھندڙ ان مان ڪجھ رنگ جھٽي، پنهنجي اندر جي رنگن ۾ ملائي ڇڏي. زندگي جيتري اندر آھي، اوتري ٻاھر به آھي. نسيم وري زندگيءَ جي نس نس ۽ پور پور کان واقف آھي. سندس نگاھ جا تيز ڪرڻا، زندگيءَ جي سخت پٿر کي ٽُڪي عجيب سچايون ڳولھي لھندا آھن. ھو انهن عجيب سچاين کي پوريءَ پوريءَ ايمانداريءَ ۽ رعب سان ڪھاڻيءَ ۾ پيش ڪندو آھي. سندس نگاھ سطحي نه آھي، جيڪا مٿان مٿان ترڪي، وڃي پٽ تي ڪرندي آھي ۽ فقط مٿيون جرڪو جھٽي وٺندي آھي.
نسيم وٽ ٺلھو سچ نه آھي، پر جامع به ڏاڍو آھي، جيڪو سڄيءَ سنڌ کي پني وانگر ويڙھي وٺندو آھي. اھو ئي سبب آھي جو پاڻ جيتوڻيڪ سنڌ جي سيرانديءَ کان ويٺو آھي ۽ آءٌ پيرانديءَ وٽ. پر سندس ڪھاڻين ”پھرين مراد“، ”ڪافر“، ”چوٽيھون در“ ۽ ”گذريل واردات“ جا ڪردار، انهن جو اٿڻ ويھڻ، ڳالھائڻ، واقعن جي اڻت وغيرھ اھڙيون آھن، جو اھي ڪھاڻيون مون کي پنهنجي تر جون ڪھاڻيون لڳنديون آھن. ائين محسوس ٿيندو اٿم ته اھي ڪھاڻيون نسيم نه، پر مامي رمونءَ لکيون آھن، جيڪو ھن تر جي عام زندگيءَ جي نس نس کان واقف آھي. رڳو ’مان‘ ڪڍي ’آءٌ‘ ھڻڻ جي دير آھي.
جذباتي طور تي، مون کي آغا سليم جون ڪھاڻيون گھڻيون وڻنديون آھن. اھو ئي ڪھاڻيڪار آھي، جنهن کي ٻه ٽي ڀيرا پڙھڻ تي دل چوندي آھي. ان ڪري منهنجي ذھن ۾ اھا ڳالھ ويھي رھي ته ڪھاڻي نثر ۾ چيل شعر آھي ۽ گھڻن پارکن جي به اھا راءِ آھي. پر کرل جي ڪھاڻي پڙھڻ کان پوءِ اھو احساس ٿيندو آھي ته ڪھاڻي ھرو ڀرو شعر نه آھي. سندس ڪھاڻين ۾ شعريت نه آھي. سندس ڪنهن به ڪھاڻيءَ کي مٺڙو گيت نٿا چئي سگھون. بلڪ حقيقت جو جاندار ۽ سخت روپ چونداسون. نسيم، ڪھاڻيڪار شاعر نه آھي، پر ڏاڍو سخت قسم جو ڀرپور ڪھاڻيڪار آھي. نگاھن ۾ سچائيءَ جو ِلم ڀريل اٿس. وقتي وقتي کانئس ڊپ به ڏاڍو ٿيندو آھي، سندس جسو ڏسي نه، پر ڪھاڻيون پڙھي. ڇو ته ھو انسان جي ڪمزورين کي منٽن ۾ ڳٿڙ مان جھلي وٺندو آھي. ”گذريل واردات“ ان جو ھڪڙو مثال آھي.
نسيم پنهنجي ھڪ مضمون ۾ امر کي ”جليل“ بدران ”ذليل“ چئي ڇڏيو، تيئن آءٌ کيس ”کرل“ بدران ”کريل“ چوندس. ڇو جو چئن چڱن جي وچ ۾ ويھي، کين منهن تي سچ ڦھڪائي ڏئي ته اھو ”کريل“ نه ٿيو ته ٻيو ڇا ٿيو؟


No comments:

Post a Comment