Monday, August 20, 2012

اديب، اڻ اديب - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

اديب، اڻ اديب
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
“اڙي يار! اديب صاحب! اٿندين به يا سڄو ڏينھن ڪتابن جي مٿان ڏوڙو لڳو پيو هوندين”. شاهه بخش نيٺ بيزار ٿيندي رڙ ڪئي.
“ڇا هي؟” نجم عباسيءَ جو ترجمو ڪيل ڪھاڻين واري ڪتاب، اڪيلا نه آهيون مان منھن ڪڍي، اکيون ڇنڀيندي کانئس پڇيم.
عجيب نموني سان مون کي گهورڻ لڳو. ڄڻ چوندو هجي؛ “خبر نه اٿئي ته ڪاڏي هلڻو آهي”.
مان به سندس مطلب سمجهي ويس. پر هروڀرو اڻڄاڻ ٿي پڇيومانس؛ “هان، ڪاڏي هلڻو آهي؟ منھنجو مطلب آهي ته هي سرما، سينڌيون ۽ پائوڊر ڪاڏي هلڻ جي تياريءَ ۾ ٿيا آهن؟”


شدت واري ڪاوڙ، جيڪا سندس منھن مان بکي پئي، منھنجن انھن لفظن سان ٿڌي ٿي وئي. مون وارو تير نشاني تي لڳو هئو. ڪاڏي به هلندو آهي ته ٺاھ ٺُوھ کانسواءِ نه هلندو آهي. پوءِ ڀلي گاڏي نڪري وڃي، پر هيءُ مڙس سنبت جون هڙئي رسمون پوريون ضرور ڪندو آهي.
ڪمري ۾ اسان ٻه ڄڻا ئي هئاسين.
اسان وارو ڪوارٽر ڊبل روم ڪوارٽر آهي. اسان پاسي واري ڪمري (Annexie) ۾ رهندا آهيون. هن ڪمري ۾ باٿ ۽ ليٽرن اٽيچ هئڻ واري سھوليت پڻ آهي.
ڪمري ۾ ته ڇڪي مسي چار کٽون پونديون آهن. جڏهن چوٿين کٽ وجهندا آهيون تڏهن لنگهڻ جي جاءِ نه ٿيندي آهي. رات جو سمھڻ وقت چار ئي وجهندا آهيون ۽ صبح جو چوٿين کٽ، جيڪا هلڪي ۽ ننڍي آهي، سا اڀي ڪري ڇڏيندا آهيون. ڪرسي يا ٽيبل رکڻ جو ته اسان جي ڪمري ۾ سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي.
ڪوارٽر دارصل سرويئر يار محمد ڄامڙي جي نالي تي آهي، جيڪو انھيءَ جي هڪڙي ڪمري ۾ ڇڙو رهندو آهي ۽ هيءُ ڪمرو جنھن۾ اسان رهون ٿا، انور ٺيڪيدار کي اڌ مسواڙ تي ڏنل اٿس. انور مھربانيءَ طور اسان ٻنھي کي هن ڪمري ۾ رهايو آهي، ڇو جو اسان جي ڪالونيءَ ۾ لوڪل چوڪيدار ۽ پٽيوالن لاءِ ته ڪوارٽر آهن، پر پرديسي سرويئر ڀلي ڌڪا جهليندو وتي، ان لاءِ ڪمرو به نه آهي. اهو به ٺيڪيدار کي شرم آيو آهي جو بنا معاوضي ۽ لالچ جي، تڪليف هوندي به، ساڻ رهايو اٿائين. جڏھن ته ساڳيو ڪمرو، اسان کي مفت ۾ ته ٺھيو، ساڳين پئسن ۾ به نه ملي ها.
شاهه بخش ۽ مان به هڪ ئي سب ڊويزن جا سرويئر آهيون. اسان جون سائيڊون تمام پري آهن. ڇو جو اسان نوان آهيون ۽ اچڻ سان ڏيٺ ويٺ نه هئڻ ڪري اسان کي ٻاهر اڇلائي ڦٽو ڪيو اٿائون. شاهه بخش کي ته نوڪريءَ ۾ آئي سال کان مٿي عرصو ٿيو آهي. مون کي چار مھينا مس ٿيا آهن. هيءُ مون کان چار پنج سال ننڍو آهي. فرق اهو آهي جو هو ڊپلوما ڪري اچي سرويئر ٿيو آهي ۽ مان گريجوئيشن کان پوءِ. پگهار ماشاءَالله مون کان گهڻي اٿس. هڪ سال جي ۳۵ روپيا انڪريمينٽ لڳي اٿس. پر آهيون ٻئي سڃا. چنڊو چنڊي کي سؤ ڪوهه تي ڳولھي لھي.
“توهان اديبن جو ته سدائين مٿو خراب هوندو آهي. سڄو ڏينھن سيڪس جا ڪتاب پڙهندا آهيو ۽ عشق جا افسانا ۽ ڪھاڻيون لکندا آهيون. اڙي آهيوَ ڪو ٻيو به ڪم دنيا ۾؟” هن اڪيلا نه آهيون ڪتاب جي ٽائيٽل ۽ نالي مان فائدو وٺندي، اندر جي باهه ڪڍي.
“ڀلا انھيءَ کانسواءِ ٻيو ڪھڙو مزيدار ۽ آزاديءَ وارو موضوع آهي. جنھن کي پڙهجي يا جنھن تي لکجي ته دل کي فرحت اچي؟” مون ڳالهه کي اينگهائڻ خاطر جواب ڏنس.
“اڙي! تون اديب آن؟ توکي اها به خبر ناهي ته دنيا ۾ لکڻ لاءِ ڪيترا ۽ ڪھڙا ڪھڙا نه موضوع پيا آهن. رڳو اهو موضوع آهي؟ جيڪو سولو ۽ آسان ٿو لڳيوَ، سو سڀئي اديب کنيو بيٺا آهيو. جيڪو ٿو گهر کان رُسي سو عشق تي ڪھاڻي ٿو لکي. عشق توهان اديبن ايترو سستو لڌو آهي ڇا؟ خواهه مخواهه عشق کي اوهان اديبن ايڏو ته بدنام ڪيو آهي جو هاڻي اسان جھڙن کي عشق ڪرڻ کان به شرم ٿو اچي”. هن مون واري جواب تي ديناداستيءَ جرح ڪئي. ڇو جو مان سندس تيار ٿيڻ کان پوءِ، بجاءِ ساڻس يڪدم اٿي هلڻ جي، ڪتاب تي ئي ڪريو پيو هئس.
“عشق ۾ تو کي شرم انھيءَ لاءِ ٿو اچي، جو تنھنجي عمر اڃا ڪچڙي آهي. تون اڃا انھيءَ مخمصي ۾ ڦاٿل آن ته عشق تون ٿو ڪرين يا تو سان ٿو ڪيو وڃي. جيڪڏهن تون اديب هجين ها ته تو کي نسيم گل ۽ فھيم گل وارن وانگر اڄ، عشق تي فخر هجي ها. تون شرم محسوس نه ڪرين ها”.
“اڙي! وري چاچنھن واري بڪواس شروع ڪيئي! منھنجي سامھون انھيءَ عشق جي ڳالهه نه ڪندو ڪر! جيڪو رڳو لکيو ويندو آهي، پر ڪرڻ لاءِ ڪيو نه ويندو آهي. توهان اديب لکڻ لاءِ ته محبت جي باري ۾ ئي لکندا آهيو، باقي جي ڪو چڱو ڇورو هٿ اچي وڃيو ته مائٽن کي بج به نصيب نه ٿئيس. اديب ۽ مھا ليکڪ بنائڻ جا ڏٽا ڏئي پيا گهمايوس ڦيرايوس ۽ ان جي صدقي دوستن، يارن جون چانھيون ۽ بوتلون ڏوڪيو”.
“اڙي! بابا! ساريءَ دنيا ۾ آهي ته انھن ٽن شين جي ضرورت. هڪ ڪو سھڻو ڀر ۾ هجي، ٻيو چار چڱا سلام ڪن، ٽيون مفت ۾ چانھه پاڻي پيو نڪري. جنھن کي اهي ٽي شيون ملن، ان کي باقي مولا کان ڇا کپي؟”
“ڌوڙ اَٿو منھن ۾، اُٿي! هاڻي اُٿي ته هلون. رجب کي ڏسون. هو يار محمد به هر هر ٿو دڙڪا ڏئي ته؛ ڪمرو ڇڏيو، مان سپرنٽينڊنٽ کي رهائيندس”.
“انھيءَ شاهه دولي جي ڪئي کي چؤ ته وڃي رهائيس پاڻ واري ڪمري ۾. اسان کي ڪو پاڻ رهايو اٿئين ڇا؟ چئينس وڃي انور سان ڳالھائي. ڪمرو ان کي ڏنو اٿئين ڪو اسان کي ڏنو اٿائين ڇا جو تو کي ٿو چوي ته؛ ڪمرو ڇڏيو. ڀلا ڪمرو ڪو چاچھنس جو آهي ڇا؟ جو اسان ڇڏي وڃون”.
ياروءَ جو نالو ٻڌي منھنجي سامھون شاهه دولي جو ڪئو ڪھاڻيءَ جو سين ڦرڻ لڳو. شاهه دولي جو ڪئو جيڪو ٻين لاءِ ڪرتب ڪندو وتي ۽ پاڻ کان سنگهه پئي وهيس ته خبر ئي نه پئيس. هيءُ به ان وانگر آ. بقول رشيد ڪٽپر جي؛ “فِت فِت! هِت بيٺو آهي، فِت فِت! هُت بيٺو آهي. هڪ هنڌ ٽڪاءُ ئي ڪونھيس. ييس مين آهي. اڄڪلهه جي آفيسرن کي به ييس مين کپي. هوشيار ماڻھوءَ جو ڪو قدر ڪونھي. ڇو جو آفيس جا ڪم ته پاڻھي پيا هلندا آهن”.
پنج ڏينھن اڳ ۾، اسان جي ڪمري جي ٻنھي درن وارا تالا ڀڃي، ٽپڙ ٻاهر اڇلايا هئائين. مان انھيءَ ڏينھن شاهه گودڙيي ۽ حمل وارن علائقن جو پاڻي چڪاسڻ لاءِ يونيسيف جي نمائندي هائيڊرو جيلاجسٽ سان ويل هئس. شاهه بخش، ياروءَ سان ڪڇي ڪو نه سگهيو هئو. ڏاڍي جي لٺ کي آهن ٻه مٿا. هڪ ته ياروءَ جي شڪل به ڏانئڻن وانگر آهي. ٻه نيشون ٿوريون ڊگهيون اٿس. انھن نيشن جي ڀو کي هلڪو ڪرڻ لاءِ پھرين ههه ڪري ڪوڙو ٽھڪ ڏيندو آهي، پوءِ ڪا ڳالهه ڪندو آهي. ان ۾ به چمچاگيري سرس ۽ مطلب گهٽ هوندو اٿس. انھن ڳالھين جي ڪري ٻيا به ساڻس ڇانڀ هئا.
جڏهن رات جو موٽيس ته خبر ملڻ تي ڦڏو ڪيومانس. انجنيئر تائين ڳالهه پھتي.
اسان جو چوڻ ھيو؛ “اسان کي رهڻ لاءِ ايتري مھلت ملي جو جيستائين اسان کي شھر ۾ جاءِ ملي، تيستائين اسان هتي هن ڪمري ۾ رهون، ۽ پوءِ ڇڏي وڃون.”
مون واري ڪوڙيءَ ڏاڏر تي سڀئي چڱا مٺا، پڙهيل ڳڙهيل به ڍرا ٿي ويا هئا. جنھنڪري اها مھلت ملي هئي. اسان به وقت کي ڌڪو ڏيڻ لا انھيءَ ۾ راضي ٿيا هئاسين. جتي ٻيو ڪو طرفدار نه ھجي، اتي ٻيو نه رڳو ايتري مھلت به غنيمت.
“توهان اديب به رڳو وات هڻي ڄاڻو. يا لکڻ جو ڪم هجيو. باقي ٻئي ڪنھن ڪم لاءِ اصل نه چئجيوَ. ويھي ويھي اهڙا ڀاڙيا ٿي ويا آهيو جو مانيءَ جو گرهه به ٻيو ڀڃي وجهيو. توهان کي ان جي کڻڻ جي به طاقت ڪانھي. باقي شل نه ڪو هيڻو هٿ اچيو. رنن وانگر هڪڙي گار لاهيوس ته ٻي چاڙهيوس. اٿي هاڻي ڇڏ انھيءَ پڻھين نجم عباسيءَ کي. اهو پاڻ ته بنگلن ۾ آرامي هوندو، سر تنھنجو رلائي ڇڏيو اٿئين!” ڪتاب هٿ مان کسيندي، پيرن سان منھنجو بوٽ، منھنجي پيرن وٽ سيريندي چيائين؛ “اٿي پاءِ بوٽ، رجب ڏسي آيو آهي. هتي ڪالونيءَ جي سامھون واري گهٽي ۾ هڪ جاءِ مسواڙ تي ملي ٿي، سا ڏسي اچون!”
“ڏسڻي ڇا آهي؟ بس جڳھه کپي. هو ڏئي ٿو، ڪيتري ۾ به ڏئي في الحال ته وٺڻي آهي؟ تون ئي وڃينس. مان ڇا هلي ڪيان؟” نٽائيندي چيومانس.
“بابا جڳھه آهي، نيٺ ڏسي وائسي وٺڻي آهي. رهڻ جي لائق آهي؟ ناهي؟ وهنجڻ جي جاءِ ۽ ڪاڪوس خانو اٿس، نه اٿس. مسواڙ مناسب اٿس، نه اٿس؟”
“انھن ڳالھين جي خبر تو کي نٿي پوي ڇا جو مان هلان”.
“تو کي رهڻو آهي آ يا ڪو نه اٿئي رهڻو؟ سڌو ٻڌاءِ، هلين ٿو يا نٿو هلين”. غصي ۾ صفا تيڪ ٿي ويو هئو. وڌيڪ بحث ڪرڻ معنى پادر گهري وٺڻ. تنھنڪري يڪدم بوٽ پاتم.
“سائين ناراض ڇو ٿا ٿيو؟ حڪم کپي سائين جن جو. اسان سائين جن جا غلام”. غصي کي ٿڌي ڪرڻ لاءِ مکڻ مکيومانس.
“غلام جو سڪو. اسان جي هيڏي پئي ٿي بيعزتي ٿئي. سڀڪو ٿو چئي؛ ڪالونيءَ ۾ ڇڙا ڇانڊ رهيا پيا آهن. هر ڪو اسان مان بيزار. سوير ساجهر هلي ڪو ٿڻ ٿانءِ ٿجي. هي مڙس ته رڳو ننڊ هجيس يا لکڻ پڙهڻ جو ڪم. باقي ٻئي ڪم کان ٻرو”. نڙي گهُٽجي وئي هئس. منھن لال ۽ ڪن دونھانٽجي ويا هئس. ٺريو ته نه پر پنھنجي منھن چين چين ڪرڻ لڳو.
“اڙي ته پوءِ ڇڙا رڳو اسان ٿا رهون ڇا؟ يارو نٿو رهي؟”
“اڙي ته پوءِ اهو چاچو اٿن. تون مان نوان آهيون. ڀلي ڪنھن سان ڪيتري به چڱائي ڪيون پر اسان تي ڪير به اعتبار نه ڪندو”.
“تو کي ڏيڍ سال ٿيو آهي. تون به اڃا نئون آن”.
“اڙي بس ڪر هاڻي بڪواس، چپ ڪري هل”.
ڪمري کي تالو هڻي ٻاهر آياسين. رجب چوڪيدار کي، اها جڳھه ۽ مالڪ ڏيکارڻ لا، اچي بينچ تان اٿاريوسين. مالڪ سان ڳالھائڻ لاءِ احمد عليءَ کي به کنيوسين.
احمد علي مگسي، اسان جي آفيس ۾ ڪلارڪ آهي ۽ ڳالھائڻ جو به چڱو ملڪو اٿس. ان کان علاوھ اسان سان ٿوري گھڻي دلي همدردي به اٿس. تنھنڪري کيس کڻڻ لازمي سمجهيوسين.
چار ئي ڄڻا، جڳهه جي مالڪ جي گھر جي در تي آياسين. مسواڙ لاءِ خالي جڳهه به گهر جي ڀرسان ئي هيس. جڳهه کولي ڏيکاريائين. جڳهه ۾ اوڀر-مُنھان ٻه ڪمرا، سي به ننڍڙا، ۽ اڳيان ننڍڙو ويرانڊڙو هئو. اڱڻ ڪو نه هئس. ڪُڪڙن جي کڏي وانگر هئي. هڪ ڪچي، ٻيو نلڪو، باٿ روم ۽ ڪاڪوس خانو به ٺھيل نه هئس. اچ-وڃ جو دروازو اوڀارين گھٽيءَ ۾ ھئس.
جڳهه جو هڪڙو ڏاکڻيو در مالڪ جي گهر واري اڱڻ ۾ کليو پئي ۽ ٻيو اترين گهٽيءَ ۾. ان ساڳيءَ گهٽيءَ ۾ هڪڙي ڪمري ۽ ورانڊي جي پاسي کان دريون هيون. گهٽيءَ واري دروازي ۽ ورانڊي جي وچ ۾ نلڪو ۽ باٿ روم، گهٽي جو اڌ حصو قبضو ڪري، ٺاهي ڏيڻ لاءِ مالڪ پنھنجي رٿا پيش ڪئي. گهٽيءَ وارو دروازو کولي گهٽيءَ جو به سير ڪرايائين ۽ جڳهه جي تعريف ائين جاري رکيائين، ڄڻ ڪاڪ محل جون خوبيون ٻڌائيندو هجي.
جڳهه ڏسي، منھنجي اکين اڳيان، پردي کڄڻ کان پوءِ واري ڪھاڻيءَ واري حضرت مولانا وارث علي ڪاظمي چشتي قادري مد ظله جي گهر جو نقشو گهمڻ لڳو.
احمد عليءَ ئي مالڪ سان مسواڙ لاءِ ڳالھايو. مالڪ جڳهه لاءِ پنج سؤ روپيه چيا ۽ وڌيڪ پنھنجي انھيءَ باغ عدن جي تعريف ڪرڻ لڳو؛ “سائين اڄڪلهه جڳهيون ملن ڪو نه ٿيون. اعتبار گهٽ رهيو آهي. مالڪ جڳهه ڏيڻ کانپوءِ ڇڏائي نٿو سگهي. باقي هي ڀائو جن رهڻ چاهين ته هر هڪ ڪمري ۾ ٻه ٻه، ٽي ٽي ڄڻا ٿي رهي سگهن ٿا ۽ ائين هر هڪ تي مسواڙ به گهٽ ٿيندي. بورچي به رکي سگهندا، مانيءَ جو خرچ به گهٽ ايندن”.
“خير اهي بعد جون ڳالهيون آهن. هي في الحال اڪيلا ئي رهندا. هنن جي شودر قسم جي ماڻھن سان ڪا نه لڳي، سو ٻئي ڪنھن کي ساڻُ ڪو نه رهائيندا. باقي پنج سؤ ۽ هي جڳهه! .... ٿورو توهان به سوچيو ۽ اسان به سوچيون. ها! باقي رهي ضمانت جي ڳالهه، سو توهان جنھن لا چوندئو، اسان ان کي ضامن ڪري وٺي اينداسين”.
هنن پاڻ ۾ ڳالھايو پئي ته هڪڙو اڇي چاپئين ڏاڙهيءَ سان قداور همراھ، گوڏ پھراڻ پاتل، ڀاڀڙ ڪندو اچي مٿان بيٺو؛ “ادا جڳھه وٺو ٿا ته ڀلي وٺو. پر هي دريون ڪڏهن نه کوليندؤ!” اترين گهٽيءَ وارين درين ڏانھن اشارو ڪندي گوڙِ ڏنائين.
اسان هراسجي وياسين ته؛ “هي ڪٿان آيو. ڇا ٿيس؟ ڇنائي آيو آهي يا ڪنھن هيکلي وڻ هيٺان لنگهي آيو. اڃا جڳھه ورتي ئي ناهي ته جهيڙو ٿو ڪري. رهنداسين ته پوءِ الائي ڇا ڪندو.”
“ادا انسان آهن، گرميءَ کان دري ته کوليندا. باقي توهان ڏي ڏسن ته پوءِ توھان چئو!” جڳھه جي مالڪ، موٽ ۾ چيس ۽ اندران اندران اسان کي شرافت جو سرٽيفڪيٽ پڻ ڏئي ويو.
ھُن همراهه کي، الائي ڇو اسان تي اعتبار نه آيو جو چوڻ لڳو؛ “نه سائين! اسان جون مايون در تي چار ئي پھر بيٺيون هڪٻئي سان ڳالھائين. ڪم ڪار پيا هڪ ٻئي ۾ چوويھه ئي ڪلاڪ پون. هي جي دريون کوليندا ته پوءِ ڇا لاءِ کوليندا”.
“سائين هي، هي ائين کڻي سمجهو ته ڄڻ عورتون آهن. اسان هنن کي سڃاڻون نه! توهان سان ڪجهه ٿئي ته اسان ذميوار آهيون”. رجب چوڪيدار، اسان طرفان وت آهر وڪالت ڪئي.
“نه بابا ڪير به ھجي. اسان دريون کولڻ نه ڏينداسين. هتي ڪوس ٿيندا. بندوقون هلنديون. عزت کان مٿي جان لٿي آهي ڇا؟ اسان جي پاڙي ۾ رهندا ته دري نه کلندي. جڳھه ڀلي وٺو. پر اسان جو اهو هڪڙو شرط آهي. هينئر به اسان جون عورتون بيٺيون هڪٻئي سان ڳالھائين. پوءِ اسان توهان جي ڪري پنھنجا ڪم ڪاريون ڇڏي ڏينداسين”.
ڪنڌ کڻي ڏٺم ته سندن عورتون، پاڙيوارين عورتن سان در تي بيٺي، ڪچھرو لائيون بيٺيون هيون. مونکي ته جڳهه ٺپ ڪو نه وڻي هئي. ان کان فٽ پاٿ تي رهڻ فائديمند هئو. وري مٿان مسواڙ به ڳاٽي ڀڳي هئس. ويتر جو بھشت ۾ خچر پيو ته ارواح ئي کڄي ويو. يڪدم چيومانس؛ “سائين اسان جڳهه ئي ڪو نه ٿا وٺون. اسان بس ڪئي. اسان کي هيءَ جڳهه ڪا نه کپي”.
ڊُڪي اچي منھنجي ٻانھن کان سڪ جهليائين ۽ ڇڪي گھٽي ڏانھن آڻي چيائين؛ “ڏس! هيءُ تنھنجي سامھون بيٺيون آهن، ڳالھائين ٿيون پيون نه!” پنھنجيءَ ڳالهه کي وزن وٺائڻ لاءِ اکين ڏٺو ثبوت پيش ڪيائين.
سندس رڙين تي ماڻھو به گهڻا مڙيا هئا. هٿ ڇڏائيندي چيومانس؛ “ادا، ها! خدا جي نالي منھنجي ٻانھن ته ڇڏ!”
ٻانھن ڇڏائي احمد عليءَ وارن کي چيم؛ “خدا جي نالي واپس هلو! ڍنڍ ۾ پئي اها جاءِ!” 
انھيءَ اوچتي آيل همراھ جي رويي تي مالڪ به پشيمان ٿيو ۽ زور زور سان سمجهائڻ لڳس. نتيجي ۾ هو به کيس سمجهائڻ ۾ لڳي ويو. ھڪٻئي کي سمجهائڻ ڇا لڳا؟ بس گار جي ريھه پئي پين. اسان ته وهايا جَوَ. ائين ڀڳاسين ڄڻ ڪتيءَ ڪن وڍايا.
“پيتهءِ  ڍءُ، ٻڌءِ پڳ!” ڪمري تي پھچي، شاهه بخش مان باھ ڪڍيم.
“ها! ڏٺم تنھنجي به دل! گهر ۾ آهيو، ڄڻ ڪنھن ڪتو ڇوڙي ڇڏيو. باقي ٻاهر ڄڻ ڪڪڙ تي مينھن پئجي ٿو وڃي. وات ۾ مڱ پيل هيئي ڇا جو نه پئي ڳالھائيسي! ٻانھن کان وٺي پيو ڏيکارئي ته به ٻانھن ڇڏائي ڀڄي آئينس!”
“ڇا ڳالھايانس ها؟ صحيح ته چيائين پئي! جڏهن گهر ۾ رعب نه هلندو آهي ته پوءِ پاڙيوارن ۽ پرديسين کي دڙڪا ڏئي پاڻ کي باغيرت چوائبو آهي”. مون پنھنجي صفائي پيش ڪئي.
“غيرت وري ڌوڙ جي! اها رنن کي هٿ سان موڪلڙي هوندن ته گهمنديون وتن. جيڪو پنھنجين کي ڌت نه ڪري ۽ ٻين تي رعب ڪري، اهو به هونئن سمجهه.” احمد عليءَ سڄي قصي تي ائين ٽيڪا ٽپڻي ڪئي ڄڻ، درياھ کي ڪوزي ۾ بند ڪري ڇڏيائين.
“هڪڙا گهر ۾ گهڻو وات هڻن، ٻاهر ٻڙڪ نه ڪڇن. ٻيا گهر ۾ ڪڇن ئي نه ۽ ٻاهر باڦيندا وتن. بس قصو سمجهه ۾ ئي نٿو اچي”. رجب چوڪيدار، قصي جو اختصار پيش ڪيو.
“معنى ته هڪڙا اديب ۽ ٻيا ان جو ضد اڻ اديب”. شاهه بخش مون تي چٿر ڪرڻ خاطر، رجب جي ڳالهه جو نچوڙ پيش ڪيو ۽ مون کان الائي ڇو پاڻمرادو ٽھڪ نڪري ويو. جيڪو حقيقت ۾ انھيءَ سڄي ڪارروائيءَ جو تات-پُرج هئو.



No comments:

Post a Comment