Tuesday, August 14, 2012

چونڊيندي چور - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

چونڊيندي چور

مختصر ڪھاڻي

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



(۱)

جڳ ۾ جيڪا به تباهي ۽ ترقي ٿئي پئي، سا ماڻھن جي پرڪارن جي ڪري ٿئي پئي. ڪن جي تباهي، پنھنجي پرڪارن ۽ ڪڌن ڪرتوتن جي ڪري آهي ته ڪي وري ڪن جو ڪيتو پيا لوڙين. مان يارهن سالن جو آهيان جو اچي هارپ سان لڳو آهيان. ان ۾ منھنجو گهٽ پر منھنجي استادن جي بداعماليءَ جو عمل دخل وڌيڪ آهي.


جڏهن پنجون درجو پڙهندو هئس ته ڪلاس جو ننڍو مانيٽر هئس. هڪ ڏينھن اسان جي ڪلاس ۾ چرٻروٽ لڳو پيو هئو. شاگردن کي ڪلاس ۾ موٽئي، ڳچ وقت ٿي چڪو هئو. اسان جو استاد، ٻئي استاد سان سندس ڪلاس اندر، ڪچھريءَ ۾ گم لڳو پيو ھيو. سڄي اسڪول ۾ هئا ئي ٻه ڪمرا. ان گوڙ سبب، نه رڳو اسان جو ڪلاس پر سڄو اسڪول، مڇي مارڪيٽ لڳو پيو هو. انھيءَ ڌماچوڪڙيءَ جو به خاص سبب هو. وڏيرو الھداد، ڊگهيءَ بيماريءَ مان اٿيو هو. مري ٻيھر جيئڻ ۽ نؤبنو ٿيڻ جي خوشيءَ ۾، خدا واسطي پئسا ورهايا هئائين. نوٽ ڀڃائي، ريزو ڪرائي، اٺ اٺ آنا معصوم ٻارن ۾ ورهايا هئائين.

اهڙيءَ سخاوت مان بھره-ور ٿيڻ لاءِ، سندس خاص ماڻھو، اسڪول ۾ آيو هو. سڀني شاگردن جي، گهڙيءَ سوا لاءِ موڪل ورتي هئائين. جنھن جا به ٻه ڪارڻ هئا. هڪ ته وڏيري جي اوطاق تي هلون. ٻيو ته روبرو کانئس پئسا وٺي، کيس وڌيڪ صحتمند ٿيڻ لاءِ دعا ڪريون.

اهڙن موقعن تي هر ڪو کائڻ جي شيءِ ورهائيندو آهي. جھڙوڪ؛ پتاشا، ريوڙيون، ڪتل يا کنڊ ڀڳڙا وغيره ورهائڻ. ڪي وري چانورن، ڪڻڪ يا جوئر جو ڀت رڌي کارائيندا آھن. وڏيري کي ائين ڪرڻ سان شايد دلي سڪون نه مليو. تنھنڪري راهِ خدا ۾، سڌي سنئين دنيا ڇٽيائين.

جيڪڏهن کائڻ جي شيءِ هجي ها ته هر ڪو کائي کپائي، اچي اسڪول کان نڪري ها. هتي ته چمڪندڙ بربلا ٽڪا هئا. جن جي کپائڻ لاءِ، هر ڪو مرضيءَ وارو هئو. وڻيس ته قلم وٺي يا پينسل، ڪاپي وٺي يا کائڻ جي شيءِ. هونئن به شيءِ کائڻ ۾ ايترو مزو نه هوندو آهي، جيترو خريداريءَ ۾ هوندو آهي.

اٻھرو، ڳوٺ جي دوڪان تي پئسا کپائڻ، ڪنھن کي به نه وڻيو. سڀڪو پئسا کيسي ۾ رکي اچي اسڪول ۾ نڪتو. هر ڪو انھيءَ اميد ۾ هو ته موڪل کان پوءِ سوچي سمجهي خريداري ڪندو. هونئن به اٻھرائپ ۾ خريد ڪيل شيءِ، تڪڙي ئي بيڪار ٿي ويندي آهي. جڏهن ته سوچي سمجهي ورتل شيءِ، گهڙي سوا ضرور هلندي آهي.

مسڪين ٻارن، پئسا جو ڏٺا ته رڳو ٺينگ ٽپا هئن. ڪن شاگردن ته خوشيءَ ۾ اکر ڀوريءَ، پنج پئسي داءُ، راند شروع ڪري ڏني. اٺين آني ۾ به ڏهه پنج پيسيون ٿين ٿيون. رڳو هارائي ته به ڏهه داءَ کيڏي سگهيو پئي. پئسا مليا هئا بنا محنت جي. تنھنڪري ڪنھن کي به قدر نه هو. بھرحال کيسي ۾ آيل پئسو، اکر-ڀوريءَ ۾ ڏيڻ مھل به چڱن جا هٿ پئي ڏڪيا.

استاد جي نه هجڻ جو فائدو وٺندي، اڌ کان مٿي شاگرد، انھيءَ ڪرت ۾ لڳل هئا. دل چيو ته کين روڪيان. استاد جي غير موجودگيءَ ۾، وڏي مانيٽر جي جوابداري هئي ته ڪلاس ۾ ڪا غلط حرڪت ٿيڻ نه ڏئي. ٻنھي جي غير موجودگيءَ ۾ منھنجو فرض هو ته ڪا غلط حرڪت ٿيڻ نه ڏيان. ان وقت ٻئي موجود نه هئا. تيستائين اکر-ڀوريءَ بجاءِ، راند اڪيءَ ٻڌيءَ واري ٿي ويئي.

حوس به حوس آهي. چڱن کي چريو ڪري ڇڏي. کَٽڻ جي لالچ ۾، مان به ميدان ۾ ڪُڏي پيس. عقل ۽ طاقت ڀلي ڪيڏا به وڏا ڇو نه هجن، پر لالچ جي ڪـَرَ کڻڻ سان ٻئي گم ٿي ويندا آهن.

کيڏندي کيڏندي، اڍائي روپيا کن کٽي چڪو هئس. هر ڪو مون سان کيڏڻ لاءِ تيار هو. هر ڪنھن آڏو ٻه لوڀ هئا. هڪ ته مانيٽر سان فري ٿيڻ، ٻيو گهڻن پئسن واري کان، گهڻا پئسا، جهٽ ۾ کٽڻ.

جوئا مان کٽيل پئسا، هڪ ڌڪ ۾ کٽڻ لاءِ، هر ڪو واجهه وجهي رهيو هو. منھنجي ذھن تي به ان وقت اهو ڀوت سوار هيو ته سمورن شاگردن جا سمورا پئسا، جلد منھنجي کيسي ۾ اچي وڃن. انھيءَ جنون ۾ ايڏو ته گم هئس جو استاد جي اچڻ جي به خبر نه پئي.

اڙي اڪبر! هيڏي آءُ!

انھن لفظن تي ڇرڪ نڪري ويو. بينچ ڇڏي ميز وٽ آيم. مُٺيون پئسن سان ڀريل هيون.

ڇا پئي ڪيئي؟ هٿن ۾ ڇا اٿئي؟ هٿ کول! ميز تي رول جو ٺڪاءُ ڪندي استاد چوڻ لڳو؛ تون مانيٽر ٿي ڪري، پيو ٿو اهي ڪم ڪرين؟! پوءِ ٻيا ته اڃا غلط ڪم ڪندا!

آواز ۾ ڏاڍي سختي هئس.

سائين! ..... راند پيا ڪيون! ڀڪوڙيل مٺيون، ميز تي کوليندي، ڀؤ مان کيس چيم.

ميز تي رکيل پئسن ڏسڻ سان ٿڌو ٿي ويو. مارَ جو ڀؤ لھندو محسوس ٿيم. پئسي جي ڪرامت، ان ڏينھن اکين سان ڏٺم.

سڀ پئسا قبضي ۾ ڪري چوڻ لڳو؛ هل! پنھنجيءَ جاءِ تي هلي ويھه! سڄي ڪلاس ڏانھن نھاري چوڻ لڳو: ٻيو ڪير پيو کيڏي؟!

سڄو ڪلاس ڇڙهه هنيو ويٺو هو. ڄڻ سڀني نماز پئي پڙهي ۽ مون ئي شراب پئي پيتو.

جيڪو به کيڏي رهيو هو ۽ پئسا کٽيا اٿائين، سو هيڏي اچي! دڙڪي سان ٻين شاگردن کي سڏيائين. سڀ پنڊ پھڻ. ڄڻ دل ۾ چوندا هجن؛ واه! الله ڏئي، الاهڙي نه سھي. پئسا ملن خيرات ۾، کٽون جوئا ۾، ڏيئون دڙڪي ۾. الائي ڪيئن ٿا ڏيون!

جڏهن ڪير به ٻاهر نه آيو ۽ ٻيا کٽيل پئسا جمع نه ٿيا ته استاد سڀني جي منسا کي سمجهي ويو.

اڙي اڪبر! هيڏي آ! کڻ پنھنجا پئسا! رول جي اشاري سان مون کي سڏيائين.

ٻنھي هٿن سان، ميز تان ڏوڪڙ ريڙهي گيدي ۾ وڌم. ڏوڪڙن گيدي ۾ پوڻ سان، پنھنجو چمڪو ڏيکاريو. استاد جي نيت ڦري وئي.

اڙي! تون اڪيءَ ٻاڪ ۾ ايڏو تکو آهين ڇا؟

نه سائين! مڙيئي قسمت سان کٽيا اٿم! ٽيڏيءَ اک سان ڏسندي ۽ ڏڪندي جواب ڏنومانس.

تکي هجڻ تي ناز هجئي ته مون سان قسمت آزماءِ! لالچائي وڌائين. انڌو گهري هڪڙي اک، کيس ٻئي ملن ته باقي ڇا کپيس. اسان شاگردن، پاڻ ۾ کيڏڻ جي، آزادي پئي طلبي. ھتي ته استاد پاڻ کيڏڻ لاءِ پئي ميدان ۾ لٿو. منھنجو ته ستارو اڳ ئي چڙهيل هو. ويتر استاد سان فري ٿيڻ جو موقعو به پئي مليو. باقي ڇا کپي؟ دهل وڄي، دوسو نه نچي!؟! پوءِ ته حيف آھي دوسوءَ کي.

هارائڻ واري جو اڌ منھن ڪارو ته کٽڻ واري جو سڄو منھن ڪارو. نه سوچيم نه سمجهيم، ائين ئي کڻي ها ڪيم.

گهڙيءَ ۾ گهڙيال ٿي ويو. جيڏيءَ تيزيءَ سان کٽيا هيم، تيڏيءَ تيزي سان تيل ٿي ويا. منھنجيءَ جاءِ تي استاد جو راضپو حاصل ڪرڻ لاءِ، ٻيا اچي چڪا هئا.

مان ڀيلو ٻوٿ ڪيو، بينچ تان اکيون مِرڪائي کين ڏسي رهيو هئس. سوچي رهيو هئس: سائين جيڪر اچڻ سان ٻه ٽي سوٽا هڻي ها. اهو چڱو هو، پر پئسا نه کٽي ها! ڪا مھل ته ڪَن ڳاڙها لڳا پيا هئا. ايتري ۾ سمورو ڪلاس، استاد جو قرب حاصل ڪري چڪو هو. استاد سمورن شاگردن کي زمرق چاڙھي، ڏند ٽيڙي رهيو هو. جڏهن سمورا سڃا ٿي سيٽن تي ويٺا، تڏهن مون ڏانھن مخاطب ٿيندي استاد چيو؛ اڪبر! تو کي اڃا کيڏڻ جو شوق آهي؟!

سائين! ڏوڪڙ ئي ڪونھن! سڪل چپن تي، سڪل زبان ڦيرائيندي، گُهٽيل نـڙيءَ کي اڃا گُهٽيندي، پنبڻين جي تُنرن تان ڪرندڙ ڳوڙها، اکين ۾ پيئندي، کيس ورندي ڏنم.

الائي يار! متان چئين ته کٽي ميدان مان ڀڄي ويو! کجڪار ڪندي چيائين.

نه! سائين نه! گھوگھريل نڙيءَ سان چيومانس.

سڀاڻي ميار نه ڏجانءِ ته پئسا کٽي صلاح نه ڪيائين! مُرڪندي چيائين. پوءِ سڄي ڪلاس ڏانھن متوجہ ٿيندي فاتحانه انداز ۾ چوڻ لڳو؛ توهان کي مار ڏيان ها ته ڏئي پئي سگهيم. پر پوءِ به توهان جوئا کان نه مڙو ها. هاڻي نه رهيو بانس، نه وڄندي بانسري. پئسا ئي ڪو نه اٿو ته جوئا ڪٿان کيڏندؤ. هاڻي ماٺڙي ڪري سليٽون ڪڍو ۽ سبق لکي ڏيکاريو.

سڀڪو ڳوٿرين مان سليٽون ۽ ڪتاب ڪڍڻ ۾ لڳي ويو. پاڻ کٽيل پئسا ميز تي ٽيڙي ڳڻڻ لڳو. ائين ڳڻڻ ۾ ڀلجي پيو. پوءِ آڌيون آڌين سان، پائليون پائلين سان، ڏهه پيسيون ڏهه پئسين سان ۽ پنج پيسيون پنج پئسين سان گڏي، چار ڍڳريون ٺاهيائين. پوءِ هر ڍڳري الڳ الڳ ڳڻي، مُرڪڻ لڳو. اسان جي به منجهس ئي نظر کتل هئي. لکڻ لاءِ ڪنھن جي به دل نه پئي گهريو. جوئا بند ڪرائڻ واري اها ترڪيب، سڀني جي ذهنن ۾ ڀون ڀون ڪرڻ لڳي. سليٽ کڻون ته سليٽ نه کڄي. قلم ڪڍون ته قلم نه نڪري.

ڇورا! سبق لکي ڏيکاريو! سائينءَ دڙڪي سان چيو. پوءِ ريزگاري رومال ۾ ٻڌي، ٻئي ڪلاس جي استاد سان ڪچھري ڪرڻ لاءِ هليو ويو.

(۲)

نوڙي ته سڙي وئي پر وڪڙ نه ويو. پئسا ته کسجي ويا، پر جوئا نه وئي. چونڊيندي چور وڃي ککڙين تي پيا. پئسا نه هئا ته ڇا ٿي پيو. مڙيئي ٿي اڪي ٻڌي راند ڪرڻي. ٻئي ڏينھن ڀڳل چوڙين جي ٽڪرن سان جوئا جاري هئي.

سائين به ساڳي ترڪيب وڙهيو. ان ڏينھن چوڙين جي ٽڪرن سان رومال ڀري ويو. پوءِ روز اهڙي ڳنڍ ٻڌي ڳوٺ کڻي ويندو هو. وڻ به ويا ته واهيرا به ويا. ڇا جو سبق ڇا جي صورتخطي. ڇا جا حساب، ڇا جي جاگرافي. ڇا جي سائنس، ڇا جي دينيات؟ سڄو ڏينھن ڪلاس ۾ ساڳيو ڌمچر. ڪا جهل نه پل، ڪير جهلي؟ جهلڻ وارو پاڻ پيو کيڏي ته ان کي جوئا ڪير چوي؟ پھير ٿئي چور ته واهي وهي ڪيترو؟!

ڳوٺ مان چوڙين جا ٽوٽا ٻُھارجي ويا. ڪن دادلن ته مائن ڀينرن جون ٻانھون ٻُسيون ڪرائي ڇڏيون. جڏهن اهي به کُٽيون ته پوءِ آيو ڪوڏين جو وارو. اهي به نيٺ کٽيون. هاڻي قلمن جي ٽڪرن کي وارو آيو. ڳوٺ ۾ ڪارن قلمن جو ڪال پئجي ويو. مائٽ خوش ته ڇورا سڀئي قلم گسائي کپائي ٿا اچن. استاد ڪو ڏاڍو ڀلو آيو آهي. ايترو ٿو لکائي جو قلم کُٽي ويا آهن. نيٺ فالتو قلم به کٽا. سڃي ڳوٺ جي، سڃن گهرن جي معمولي ٽپڙن، ان جي جاءِ والاري. استاد وٽ موجود قلمن تي معمولي ٽپڙ مٽائي، انھن سان انھيءَ ڪرت کي زنده رکيو پئي ويو. نيٺ اهي به کٽا. مٿان آيو امتحان.

امتحان ڇا سر تي آيو، ڄڻ قيامت مٿان آئي. اڳيون مھربان بيٽ آفيسر به بدلي ٿي چڪو هو. ان جي جاءِ تي ڪڙڪ ۽ بي رحم بيٽ آفيسر بدلي ٿي آيو هو. کيس ڳاڙهي ٻوڙ جي به رک هئي. صورتخطي لکائيندي، سائينءَ اسان کي ڏَسڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي. سور ته سُجهيس پئي. اهڙي وقت ۾ اهڙي مدد ڪرڻ، سندس فرض به هو ته ضرورت پڻ.

ٿيو به ائين. پنجين ۾ ڏهن مان ٻه پاس. مان ۽ مانيٽر. تن مان به مان چڙهي پاس ٿيس. اسان جي ڪمري ۾ ٻيون ۽ ٽيون درجو پڻ هو. تن سان به ساڳيو حشر ٿيو. پنجاهه کن شاگردن مان مورڳو ڇھه ست پاس ٿياسين.

(۳)

مونکي مائٽن انگريزي اسڪول ۾ ويھاريو. اتي ته هلي ئي نه سگهيس. گيسيون ڏئي، ڀڄي نڪتس. سڌو اچي هارپ کي لڳم. هن وقت تائين ڏهه ٻارنھن فصل کڻي چڪو آهيان.

هڪ دفعي ڳوٺ واري اسڪول ۾ سائينءَ سان ملڻ ويس. ماحول ڪجهه مٽيل هئو. ڌڪ کائي سکيو هو. پوءِ به پڙهائيءَ ڏانھن ڌيان گهٽ هئس. مون سان چڱي نموني مليو ۽ حالن احوالن ۾ انگريزي اسڪول مان ڀڄڻ جو سبب به پڇيائين. کيس ٻڌايم: انگريزي اسڪول ۾، پھرئين ڏينھن کان مون کي خبر ئي نه پئي ته اسان جو استاد آھي ڪھڙو؟ هڪڙا اچن پيا، ٻيا وڃن پيا. هاڻي هڪڙو بيٺو هو. هاڻي ٻيو اچي بيٺو آھي. هاڻي انگريزي پئي سکياسين، هاڻي حساب پيا هلن. تاريخ پوري سمجهه ۾ نه آئي آهي ته هاڻي سائنس سيکارڻ لاءِ ماستر اچي ڪڙڪيو. انھيءَ ماحول ۾ ته ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي؟

ڇورا! تڏهن ته چوندو هئومانوَ ته پرائمري تعليم، بنياد اٿو! سڄي ڪلاس ڏانھن منھن ڪري، نصيحت واري انداز ۾ وڌيڪ چوڻ لڳو: جيڪي ڦاڙها مارڻا اٿوَ، سي هتي ماريو. نه ته انگريزي پڙهڻ ۾ ڏکيائي ٿيندوَ. توهان منھنجي ڳالهه ئي نه مڃي. هاڻي تڪليف به توهان کي آئي نه!

زبان سان اها نصيحت ڪري رهيو هو. پر اکيون لڄائي رهيون هيس. ضمير کيس اندران کائي رهيو هو. سندس اکين ۽ پيشانيءَ مان ظاهر هو: ڃاصل جک ته مون ماري. لالچ ۾ اچي ڪِن کي ڪِن سان ڌوئڻ جي ڪوشش ڪيم. پنھنجي کنيل کڏ ۾ پاڻ به ڪريس ته ٻين کي به ڪيرايم. ائين نه ڪيان ها ته ڪيڏو نه چڱو ٿئي ها. علاج اهڙو ڪيم جو مرض هٿائين وڌي ويو. پاڻيءَ کي زور منڍ کان ٿيندو آهي. ٻُنڊي وٽان آهندو ٻڌبو ته پاڻي نه جهلبو. گهاري پوڻ کان پوءِ کڻي بند ٻڌجن، پر پاڻي جهلجي نه جهلبو. برائيءَ کي بر-وقت موچڙو نه هڻبو ته ويندي جهنگ جي سرن، ڪانڊيرن ۽ گند گاهه وانگر وڌندي ۽ پکڙجندي. ائين جوئا کي پھرئين ڏينھن پادر هڻجي ها ته اڄ ايڏي پشيماني نه ٿئي ها.

جهار فصل کائي وڃي، پوءِ پيھو ٻڌڻ مان ڪھڙو فائدو؟ سائينءَ جي ٽيڪا-ٽپڻيءَ تي ورندي ڏنم.

بلڪل! ڇرڪ ڀريندي چوڻ لڳو: تون سورنھن آنا سچ ٿو چوين! منھن، ڪارو-ڳاڙو، پگهر ۾ ڇَل ٿي چڪو هئس. نڙي خشڪ، نڪ جي چوٽي گوگائي مرچ وانگر، اکين مان اوٻر پئي نڪتس. سندس چھري تي هيئن لکيل هو: اڪبر! تون بلڪل صحيح آهين. جڏهن تعليم جي ٻيڙي ٻوڙڻ جي تاريخ لکبي، ان ۾ منھنجو نالو به سونھري اکرن ۾ لکيل هوندو. کيس انھيءَ لکت جي سحر ۽ سچائيءَ ۾ لڙهيل ڏسي، پاڻ کي هلڪو هلڪو محسوس ڪندو، اسڪول مان نڪري آيو هئم.

No comments:

Post a Comment