سنڌيار ناول
اعلى تخيل، شاندار تخليق ۽ سرمد عباسي
نياز مسرور بدوي
تخيل به معصوم ٻار جيان هوندو
آهي، بي پرواهه، مست، چلولو، چتر، چالاڪ، جلد رسڻ وارو، پل ۾ پرچڻ وارو. راضي رهي
ته پيار جي اها پالوٽ ڪندو آهي، جو تر، ترايون، ڍنڍون ڍورا سڀ تارو تار ڪري ڇڏيندو
آهي. اهو ڪڏهن وڄ جيان وراڪا ڪندو، اکين جي ڪئميرا ۾ جهٽڻ کان ئي گم ٿي ويندو آهي،
ته وري ڪڏهن شبنم جيان پاڻ کي فنا ڪري، ذهن کي پنھنجي زندگي ارپي، حياتي بخشيندو
آهي ۽ گل جيان ٽڙي پنھنجي خوشبو پکيڙي ڇڏيندو آهي ۽ واس سان واسي ڇڏيندو آهي. تخيل
جيڪو ذهن جي زرخيز زمين ۾ مٽيءَ ۾ جنم وٺندو آهي ۽ هڪ پويتر اڻ جهل احساس جي
نَميءَ سان پيو ڳاهبو آهي ۽ نرم ٿيندو رهندو آهي. جڏهن اهو خيال مَلائِي مکڻ ٿيڻ لڳندو
آهي ته ان منجهان ڪجهه اڻ چٽيون تصويرون پنھنجي جيئدان جي لاءِ لڇڻ لڳنديون آهن ۽
اها لوڇ خيالن جي رڻ کي هڪ هنڌ مرڪوز ڪري، تخليق جو روپ اختيار ڪندي آهي.
فنڪار، انھيءَ تخليق ۾ پنھنجي
احساس جا نقش اڀاريندو آهي ۽ سندس سونھن کي سلالو ڪرڻ لاءِ ان ۾ جاذب نظر رنگ ڀريندو
آهي، جو اهو نقش زندهه جاويد بڻجي، فنڪار جي ڏات تي اعلى ۽ شاندار جي مُھر ثبت ڪري،
ڪلاڪار جي قسمت جو فيصلو ڪندو آهي. مستقل جدوجھد ۽ نواڻ ئي سندس ڪلا جي، عمر
درازيءَ جو فيصلو ڪندي آهي.
اديب جي شخصيت به هڪ ڪلاڪار
واري هوندي آهي، هو پنھنجي تخيل جي روشنيءَ ۾ جيڪو ادب سرجيندو آهي، اهو کيس ادب
جي سرزمين جو سلطان بڻائيندو آهي. اهڙيون سلطاني شخصيتون ادب جي دنيا ۾ ڪيئي آهن،
جن جون تخليقون هن وقت به ادب جي بادشاهت ۾ سڪه رائج الوقت آهن.
سرمد عباسي به هڪ اهڙو ليکڪ
آهي، جنھن پنھنجي تخيل جا سونا سڪا، تخليق جي سندرتا ۾ پلٽائي، پنھنجي لفظن سان ڪنھن
صراف جيان انھن کي گهڙيو آهي ۽ هڪ وينجهر جيان ان ۾ لفظن جا موتي پوئيا آهن.
پنھنجي تخليق کي سون ورنو بڻايو آهي ۽ ان سونھن کي آشڪار ڪرائڻ لاءِ 'سنڌيار' جو
روپ ڏنو آهي ۽ ان جي نمائش جو سھرو 'مھراڻ اڪيڊمي، شڪارپور' جي سر سونھين ٿو، جن
ان حسن جي ميناڪاري ڪري، ان کي پرکڻ جي لاءِ پاڙهڪن جي آڏو پيش ڪيو آهي، ته جيئن
اهي ان جي ملاحت واري انداز سان پنھنجي روح کي راحت بخشين. اها عمل خود 'مھراڻ اڪيڊمي
شڪارپور' جي لاءِ پڻ هڪ اعزاز کان گهٽ نه آهي ته اداري هڪ اهڙي موضوع تي ڪتاب شايع
ڪيو آهي، جيڪو سنڌ دوستيءَ ۽ آبي جيوت تي مدار رکي ٿو.
سرمد عباسي جو 'سنڌ يار' ناول
محبت جي سرزمين سنڌ جو داستان آهي، جنھن ۾ سنڌ جي تاريخ جو هڪ طلسماتي بيان آهي،
سنڌو دريا جي موج مستيءَ، گجگوڙ ۽ دهشت جي سرگزشت آهي، جيڪا هن وقت، گروهي مفادن
جي ويڙهه ۾ هڪ افساني جي صورت اختيار ڪندي پئي وڃي. آبي جيوت سان پيش ايندڙ مسئلن
جي نشان دهي ڪرڻ سان گڏ انھن جي بچاءَ جا اپاءَ پڻ پيش ڪيا آهن. جستجوءَ، جھد، نيڪيءَ
جو پرچار آهي، همت، جرئت ۽ بھادريءَ جي روئداد آهي. انساني ڪيفيتن جو نفيساتي ڇيد
آهي، تيز مشاهدي ۽ ذهانت جو اظھار آهي. علم، عمل ۽ ايثار جو اعلان آهي. مطلب ته
'سنڌ يار' ناول هڪ اهڙي جيون ڪھاڻي آهي، جنھن جا اسين پنھنجي زندگيءَ جي سبق واري ڪتاب
مان ان جا ورق ڦاڙي اڇلائي ڇڏيا آهن، جن ۾ اهي سبق درج ٿيل هئا. جڏهن ته انسانيت
جي احساس سان زندهه قومون پنھنجي هر نشان سان محبت ڪنديون آهن، تڏهن ئي اهي قومون
سڌريل ۽ سماج سيوڪ سڏجن ٿيون.
'سنڌ يار' هڪ اهڙو ناول آهي،
جنھن ۾ انيڪ خوبيون آهن، جيڪو درسي ڪتاب طور پاڙهڻ جي قابل آهي، پر اسان جا تعليمي
ادارا ان اصلاحي ۽ حقيقي سوچ جا ڪوهين ڏور آهن. ان سان گڏ افسوس جوڳو عمل اهو به
آهي ته خود اسان جا اڪثر والدين ان سڀاويڪ عمل کي اجايو ۽ بي فائدو سمجهن ٿا ۽ ٻارن
کي ان غير رسمي درسي عمل کان، جيڪو سندن ٻارن جي ذهني واڌ ويجهه کي ۽ تخيل کي بلند
مقام ادا ڪرڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪندو آهي، ان جي معنويت کان اڻ واقف آهن يا وري
شعوري طور تي اهو چاهين ٿا ته سندن اولاد درسي ڪتاب پڙهي، لڪير جو فقير بڻجي رهن.
سرمد عباسي جي هن سرجيل ناول
'سنڌيار' تمام گهڻوگڻائتو آهي، هن پنھنجي دل جون ڳالهيون اوري، زندگيءَ کي هڪ مقصد
ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي ان کي ڪارائتو بڻائڻ جي راهه ڏسي آهي.
هي ناول بنيادي طور جي سنڌو
دريا جي انڌي ٻلھڻ تي آڌاريل آهي. ڪھاڻيءَ جو تاڃي پيٽو ان جي چوگرد ڦري ٿو. ٻلھڻ
جي ڪميابيءَ ان کي هڪ سونو وکر بڻائي ڇڏيو آهي. ان سوني وکر کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڏواهاري
ماڻهو ڪھڙيون ڪارروايون ڪن ٿا ۽ انھن جي ڪاشي ۽ سنڌ يار ڪھڙي طريقي سان ناڪام بڻائين
ٿا، سي نھايت ئي دلچسپ انداز ۾ بيان ڪيا ويا آهن.
'سنڌيار' ناول ۾ ڪيتريون خوبيون
آهن، جن جو نھايت مختصر نموني ورجاءُ ڪجي ٿو.
۱. هن ناول ۾ سنڌو درياءَ جي سڀيتا
بيان ڪئي وئي آهي، سنڌو دريا جنھن هنڌان نڪري ٿو ۽ هڪ ڊگهو سفر طئي ڪري، جنھن هنڌ ڇوڙ
ڪري ٿو، تنھن کي ٻڌائڻ سان گڏوگڏ سنڌو دريا کي جن علائقن ۾ جن نالن سان سڏيو وڃي ٿو،
اهي نالا ۽ انھن جي معنى پڻ لکي ڪري پڻ لاجواب ڪم ڪيو آهي. ان کان سنڌو دريا جي
تاريخ، جاگرافيءَ ۽ ان مان نڪرندڙ واهن جو ذڪر ڪرڻ سان گڏ هن وقت سنڌو دريا جي جيڪا
موجدوه حالت آهي، ان تي پنھنجا ويچار ونڊي، سنڌو جي درد سان پنھنجو درد رلائي، ساڃھه
وندن کي سَکني نعري بازي کان نڪري ڪري عملي جدوجھد ڪرڻ جي ضرورت ڏانھن ڌيان ڇڪائڻ
جي ڪوشش ڪئي آهي.
۲. هن ناول ۾ ٻارن جي عام
معلومات کي نھايت سادي پيرايي ۾ بيان ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن ٻار ان کي ڌيان سان پڙهندا
ته ان مان ڪافي لاڀ پرائيندا. جهڙوڪ : هن ناول ۾ سرمد عباسي واڳون يعني ايليگيٽر
جي جسماني ساخت تي بحث ڪري پنھنجي مشاهدي ۽ ڄاڻ ۾ پڻ پڙهندڙن کي شامل ڪيو آهي،
انھن ڳالهين پڙهڻ سان پڻ ٻارن جي مشاهدي واري اک تيز ٿيندي.۽ جيڪو ڊپ ان جانور کي ڏسي
محسوس ٿيندو آهي، ان ۾ پڻ ڪمي ايندي. ان کان علاوه کين اهو به احساس ٿيندو ته اها
مخلوق خونخوار هئڻ جي باوجود رحم جي حقدار آهي ۽ کين اهڙن محفوظ هنڌن جي ضرورت
آهي، جتي سندن آبي جيوت کي تحفظ ملي.
۳. سرمد عباسيءَ هن ناول ۾
ماحولياتي گدلاڻ کي موضوع بڻايو آهي، ان جي ڪارڻن کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي۽
ان گدلاڻ جي ڇوٽڪاري جو گس به ٻڌايو آهي.
۴. هي ناول علم دوستيءَ ڏانھن ٻارن
کي اتساهي ٿو ۽ هن ناول ۾ اڀياس جا اهي فائدا ٻڌايا آهن، جن کي پنھنجو ڪرڻ سان
اسان جي سماج مان نااهلي، جاهلپڻو، سستي، ڪاهلي ۽ نڪمائي جھڙا جِيوَ، جيڪي انساني
عقل کي اڏوهيءَ جيان کوکلو ڪري رهيا آهن، تن کي علم جي دارون سان ماري ناس ڪري سگهڻ
جا ڏس ڏنل آهن.
۵. هن ناول ۾ سنڌ جي هٿ جي هنرن
جو نھايت سھڻي نموني سان لفظن سان نماءُ ڪيو ويو آهي.
هن ناول ۾ دلچسپي سان گڏ، سنسني
خيزي به آهي، ڪردارن جي ڪردار نگاري بھترين انداز ۾ ڪئي وئي آهي. ٻولي جي روانيءَ،
پھاڪن ۽ اصطلاحن ۽ شعرن سان مزين ڪري، هن ٻاراڻي لکاري هڪ تجربو ڪيو آهي، جنھن
سرمد عباسي سو سيڪڙو ڪامياب ٿيو آهي جنھن ڪري ناول کي مڪمل طور تي پڙهڻ لاءِ قاري
مجبور ٿيو پوي.
الف ليله دبستان جيان هن ناول ۾
هڪ ڪھاڻيءَ جي پڄاڻيءَ سان ئي ان مان ٻي ڪھاڻي جنم وٺندي نظر اچي پئي. هن ناول کي
ننڍن ننڍن عنوانن ۾ ورهائي، ناول جي تسلسل کي برقرار رکيو ويو آهي. ڪٿي به ڪا ڪمي
محسوس نه پئي ٿئي.
سچ اهو آهي ته سرمد عباسي
پنھنجي هن پھرين ڪتاب سان ئي ادب جي ميدان ۾ هڪ اهڙو ڇڪو هنيوآهي، جيڪو ادب جي
ميدان کان وڃي ٻاهر نڪري ويو آهي ۽ پڙهندڙن جي هٿن ۾ پھچي ڪري، کين حيران ڪري رهيو
آهي.
(نياز مسرور بدوي جي فيسبڪ پوسٽ
۷ فيبروري ۲۰۲۴ع تي رکيل/ کنيل)
سنڌو درياهه ۽ ٻلھڻ سان محبت واري ناول ”سنڌيار“ بابت
گل ڪونڌر
”سنڌيار“ ناولَ جو سِرجَڻهار
سرمد عباسي، خانواهڻ شهر سان تعلق رکي ٿو، هُو سرڪاري نوڪريءَ جَي لحاظ کان،
پرائمري استاد آهي، والد صاحب جِي پوسٽنگ سکر ۾ هئڻ ڪري، سندس جنم ۷ جنوري ۱۹۷۲ع
تي سکر ۾ ٿيو، ان ڪري ٻاروتڻ سکر ۾ گُذريُس، هُنَ جِي پرائمري، سيڪنڊري ۽ هاير سيڪنڊري
تعليم، سکر شهر جي مختلف اسڪولن ۽ ڪاليجن مان ورتل آهي. سکر ۾ رهڻ ڪري سندس ڳالهائڻ
۽ لکڻ ۾، سکر وارو لَهجَو ۽ اَسلُوب نمايان نظر اچي ٿو. سنڌ ۾ عباسي ذاتِ جَي ماڻهن
جِي اڪثريت ”ڪلهوڙو“ مان بَدلِيَل آهي، پر سرمد عباسيءَ جو تعلق، جنهن عباسي گھراڻي
سان آهي، اُنَ کي ڪجھ ڏهاڪا اڳ ”کَنڀڙا“ سڏيو ويندو هو. اُڻويهه سؤ سٺ وارَي ڏهاڪي
کان، خانواهڻ شهر ۽ ڀر پاسي ۾ وَسندڙ ڪُجهه ذاتِيُن جَي ماڻهن، اُنَ ئِي ذاتِ جَي
مٿئين درجَي سان، پاڻ کي مَنسُوب ڪرڻ شروع ڪيو، نتيجي ۾ ماڇِي/ سولنگي، ميربحر/
ملاح، موچي/ چنا، ڪورِي/ ڀٽي، مڱڻهار/ سما، رانوَ/ سيال، دايا/ جوکيا، سونارا/
پيرزادا، ڊکڻ/ سومرا، کَٽِي/ سومرا، وَنڊيَرَ/ سهتا، پُنان/ ابڙا، لوهرَ/ مغل،
حجم/ منگي، تنيا/ قريشي، قاضي/ قريشي، ڪنڀر/ گِلالَ، ڪونڌر/عباسي، ڪلهوڙا عباسي ۽
کَنڀڙا/ عباسي سڏجڻ لڳا. ذاتين جَي اِنَ بدلاءَ ۾ سرمد عباسي جو خاندانُ، ”کنَڀڙا“
مان ”عباسي“ سڏجڻ لڳو.
سرمد عباسي ۱۹۹۵ع ۾ سنڌ زرعي
يونيورسٽي ٽنڊو ڄام مان، انجنيئرنگ ۾ گريجوئيشن ڪئي، پر سندس لاڙو ننڍپڻ کان علم،
ادب ۽ تحرير ڏانهن هُيو، هن ننڍڙائيءَ ۾ ئِي گھڻا ادبي ڪتاب پڙهِي ورتا، ان جو خاص
سَببُ ناموَر ڪهاڻيڪارَ، ڊاڪٽر نجم عباسيءَ جو سندس مامو هُئڻُ، ۽ والد صاحب ۽ ڀائرن
جو ادب سان لڳاءُ هُيو. ادبي ڪتاب پڙهڻ ڪري، هُنَ ننڍي عمر کان لکڻ شروع ڪيو، سندس
پهرين شايع ٿيل اردو ڪهاڻي ”منصوبه“ آهي، جيڪا ۱۹۸۷ع ۾ اخبار جهان جَي، ٻارن وارَي
صفحي ۾ شايع ٿِي، پر اُنَ وقت کيس، وڌيڪ اشاعت جا موقعا نه ملڻ سبب، هُو مايوسيءَ
جو شِڪارُ رهيو. سرمد عباسي ٻاراڻي ادب لکڻ جِي، باقاعده شروعات ۱۹۹۴ع کان ڪَئِي،
هِنَ وقت تائين سندس ڪيتريون ئِي ڪهاڻيون، اهم اخبارن، رسالن ۽ مخزنن ۾ شايع ٿِي
چُڪيون آهن.
آئون ٻاراڻَي ادب جو لِکاري نه
رهيو آهيان، جيترو ٻالڪ ادبُ پڙهڻ گُھربو هُيو، اوترو پڙهيو به ناهي، ان جا ڪيترا
ئِي سبب آهن، جن جو تفصيل هتي مقصود نه آهي، اهو اقرار ئِي ڪافي آهي. حقيقت ۾ ايئن
هئڻ نه گھرجي، ڇو ته اِنَ سان ٻاروتڻ جِي عمر ۾، ادب نه پڙهندڙ ٻالَڪُ، ٻاراڻو ادب
پڙهندڙَ ٻارَ کان، ذهني اَوسَرِ ۾ پوئتي رهجي وڃي ٿو. هِتَي هِنَ تمهيد ٻَڌڻَ مان
مراد اِها آهي ته، سرمد عباسيءَ جو معاملو، مون جيان نه آهي، هُنَ ننڍائيءَ کان ٻاراڻي
ادب سان ناتو جَوڙيو آهي، ۽ اُن کي اڄ تائين قائم رکيو آهي.
سرمد عباسيءَ هِي ناولُ، ڪهڙي
عمر جَي ٻارن لاءِ لکيو آهي، ناول نگِارَ جو اهو موقف، ”ليکڪ پاران“ وارِي
تَحرِيرَ، ڪتابَ ۾ شامل نه هئڻ سبب واضح نه آهي، پر جيئن ته ناولَ جا اهم ڪردار،
”سنڌيار“ ۽ ”ڪاشِي“، انٽرميڊيئيٽ ڪاليج ۾ پڙهندڙ ڏيکاريا ويا آهن، ان ڪري چئي سگھجي
ٿو، ته ”سنڌيار“ تيرهن کان ارڙهن سال (Teen
Agers) جي عمر وارن، ٻارن لاءِ لِکيَل آهي. ناولَ
جِي ساختَ ۽ لفظن جو (پنجٽيهه هزارن جَي لڳ ڀڳ) ڳاڻيٽو به، سنڌيار ناولَ کي، يَنگ
اَيڊَلٽ (Young Adult) وارَي
نَمُونَي ۾ بِيهارَي ٿو. اِهَو ئِي سبب آهي جو هِنَ ناول ۾، اُهَي سڀ لوازمات
موجود آهن، جيڪي پُختِي عمر جَي پڙهندڙَ کي، گُھربَل هوندا آهن. ايئن کڻي چئجي ته
سنڌيار ناول ۾، اها خاصيت موجود آهي، ته هِنَ کي هر عمر جو ماڻهو پَڙهِي، لُطف ماڻَي
سگھي ٿو.
سنڌيار ناولُ سرمد عباسيءَ جِي
بهترين ڪاوش آهي، جنهن کي نه ساراهڻ، حقيقت کان مُنهن موڙڻ جَي برابر آهي. سنڌ، سنڌو
درياهه ۽ مَيمِل مَڇِي ٻُلهڻ سان، بَي انتها محبت وارَي هِنَ ناول جِي ڪهاڻِي،
پيارَ محبت کان اڳتي، عشق جِي منزل تي پهتل، سَچَي عاشق جِي ڪَٿا آهي، جيڪو ”ڊولفيءَ“
جَي موههَ ۾، ان ڪري وڌيڪ گرفتار آهي، جو سنڌوءَ درياهه جَي آبِي جِيوَتَ ۾ ”اَنڌِي
ٻُلهڻ“ (Blind Dolfin)جَي ناپَيد
نَسلَ کي، ختم ٿِي وڃڻ جو خطرو لاحق آهي. هِي اُهو ئِي عشق آهي، جنهن جَي اثر ۾ ٿَرَ
جا ماڻهو، مَورَ پَکِيءَ جَي مارڻ کي، وڏو پاپُ سمجھن ٿا. هِنَ ناولَ جَي مُک ڪردارن
سنڌيار، ڪاشِيءَ ۽ چاچَي مختيار جو ٻُلهڻ جَي ٻَچَي ”ڊولفيءَ“ سان پيارُ، ناولَ
جَي پلاٽَ، خِيالَ ۽ سِٽاءَ کي، رَومانٽِڪ ڪهاڻيءَ جِي چاشَ جِيان، پڙهندڙَ کي
ناولَ سان جَوڙَي رکي ٿو.
سنڌيار ناولَ جِي ڪهاڻي شروع
کان آخر تائين، مرڪزي خيال وارِي لَڪِيرَ سان، برابريءَ وارَي گِرافَ جِيان، سَلهاڙيَل
رهِي آهي، لَيکڪَ جَي فِڪرِي ۽ فَنِي سِٽاءَ ۾، ڪو جَھولُ محسوس نه ٿو ٿئي. ناول
نِگارَ پڙهندڙَ کي، ڪهاڻِيءَ سان جَوڙَي رکڻ لاءِ اهڙيون تَرڪِيبون رکيون آهن، جيڪي
وقفي وقفي سان، ناول جَي ٻِيَنِ پَهلُوئَنِ، جاسُوسِي، مِيڊيائِي رَسَدَ ۽ سائنس
فِڪشن جَي مَنظرَن مان، ڊولفيءَ بابت ”مُهمَ“ تي موٽائينديون رهن ٿيون. اهڙي طرح
مثبت ڪردارن جِي چُر پُر، واقع نِگارِي، وائلڊ لائيف بابت معلومات جِي فراهمي، ۽ ”ڊولفيءَ“
جَي دشمنن جون سازشون، فِلمَ جَي منظرن جِيان، ناولَ ۾ نئون مَزو اَوتِيندِيُون
رَهن ٿِيون، نتيجي ۾ پڙهندڙ جِي دلچسپي، شروع کان آخر تائين برقرار رهي ٿِي. سنڌيار
ناول کي پنجويهن بابَن ۾ ورهايو ويو آهي، سرمد عباسيءَ جِي اها تَرڪِيبَ، بيحد وڻندڙ
۽ پڙهندڙَ کي، يَڪسانِيَتَ جَي احساسَ کان پَرَي ڪندڙ آهي، اِنَ سان مطالعو ڪندڙُ،
ناولَ جِي ڊگھي ڪهاڻيءَ مان، بيزار نه ٿو ٿئي.
ڪنهن به لکڻيءَ جِي گَهرائيءَ ۾
وڃڻَ، ۽ هَر پَهلُوءَ کي جانچڻ سان، اُنَ جا سڀ رنگ نِروار ٿِي پَوَنِ ٿا، سنڌيار
کي غورَ سان پڙهو ته هِنَ ۾، ناول نِگارَ جو اُڻيَلُ، گھڻ رُخو تاڃِي پَيٽَو نظر
اچي ٿو، جنهن ۾ ناولَ جَي مرڪزي خيال سان گڏ، مُهم جُوئِي، جاسُوسِي ۽ ڄاڻ جَي
جوهرَ کي ڏيکاريو ويو آهي. سرمد عباسي اَنڌِي ٻُلَهڻ جَي نسل کي بچائڻ وارِي مُهمَ
۾، سنڌو درياهه، راڄَ ڀاڳَ ۽ عام ماڻهوءَ جِي ماڳَ مَڪانَ سان، محبت کي اِيئَن چِٽيَو
آهي، جيئن ڪو رَنگرَيزُ، هر گُلَ کي اُنَ جَي، فِطرِي رنگ سان رَڱِيندو آهي. سرمد
عباسي جيئن طبيعت ۾ سادو آهي، ايئن ئِي سندس لکڻِي به، سادگيءَ جِي سُونهن سان
سِينگاريَل آهي، سندس ناولَ ۾ اُها ئِي ٻَولِي ڪَتَبِ آندَل آهي، جيڪا هُو
رَوزمَرهه جَي معمول ۾ ڳالهائي ٿو.
سنڌيار ناولَ ۾ سرمد عباسيءَ،
سنڌو درياهه جَي ڪِنارَنِ تي آباد ڳوٺن، ملاحن/ مُهاڻن، ٻَيڙيُنِ ۽ بَتَيلن ذريعي
مَڇِي مارڻ، ماڻهن کي درياءُ پار ڪرائڻ ۽ دريائي سَيرَ تَفرِيحَ سميت، ڀر پاسي جَي
ماحول بابت مڪمل ڄاڻ ڏنِي آهي. ان مان خبر پوي ٿي، ته درياهه جَي ويجھو رهندڙ ماڻهن
جِي زندگي، ڪيئن ٿي گذري ۽ انهن جي روزيءَ جا ڪهڙا ذريعا آهن. هِي وايَومَنڊَل ۽
مَنظرنامو، عامَ جَي آڏو آڻڻ جِي وڏي اهميت آهي، نه ته صرف درياهه جَي ڀر پاسي
رهندڙ ماڻهو ئِي، اُتَي جَي حالتن بابت ڄاڻ رکن ٿا، باقي مُعاشرَي جَي فردن جِي وڏِي
اڪثريت، اِنَ رَهڻِي ڪَهڻِيءَ کان بَي خبر آهي.
سرمد عباسي ناولَ جِي شروعات
وارَي خوبصورت ڏَيکَ، جنهن ۾ چاچَي مُختيار ملاح سَميت سڀ ٻَيڙياتا، منجهند وَيلَ
بَتَيلَنِ تي ويهِي ڪچهري ڪري رهيا آهن ۽ سَورَهن سالن جو سنڌيار ملاح، سنڌو
درياهه کي واهُڙَ جيان وَهندو ڏِسِي، اُنَ بابت سوچن ۾ گُم هجڻ کان وَٺِي، واڳُونءَ
سان وَيڙِهه، ”ڊولفيءَ“ سان دوستِي، اَڇَي بَنگلَي جِي ڪهاڻي، وَيرِيُن هٿان ڊولفيءَ
جي اغوا ۽ آزاديءَ تائين وارَن مَنظرَن ۾، جنهن رَبطَ کي قائم رکيو آهي، اُنَ جِي
مڃتا لاءِ چوڻو پوي ٿو، ته سرمد عباسي ”سنڌيار“ جِي تخليق تي جَسُ لَهڻَي.
(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد جي ڪاوش
دنيا ۾ ۴ آگسٽ ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)