Sunday, February 25, 2024

رؤنشي ڪوڏيا ۽ هاڃي هنيا - منظور ڪوھيار

رؤنشي ڪوڏيا ۽ هاڃي هنيا

ننڍڙي ڪھاڻي

منظور ڪوھيار



هوٽل ۾ جتي لکيل هوندو آھي:

”سیاسی گفتگو کرنا منع ہے!“

اتي ماڻھن جو سياسي چرٻٽو لڳو پيو هيو۔ هر ڪو ان بحث ۾ الجھيل هيو ته: ”اليڪشن ٻيهر ٿيڻ گھرجي يا نه ؟..“

ڪن چيو پئي ته: وڏي ڌاڌلي ٿي آھي، ان ڪري ٿيڻ گھرجي۔“


ڪن چيو پئي ته: ڪا ڌاڌلي ٻانڌلي ناھي ٿي!“

مون ڏٺو ته ڪکو خان هڪ ڪنڊ ۾ ويٺي وڏي مزي سان چانھ پئي پيتي۔ مون کي ايندو ڏسي بيري کي هڪدم آرڊر ڏنائين۔ چانھ اڳ ئي ٺھي پئي هئي، بيري ڀريل ڪوپ اچي اڳيان رکيو۔

ڪکو خان جي سامهون ويهندي پڇيم: ”ماڻھن ۾ هيڏي بحثابحثي ٿي رهي آھي، ۽ تون خاموش۔۔۔؟“

ڪکو خان مشڪندي وراڻيو: ”انهن ۾ ڪي رؤنشي ڪوڏيا، ته ڪي هاڃي هنيا هن۔ تون ماٺڙي ڪري چانھ پيءُ ۽ مزو ڏس۔ ٿيندو اهو جيڪو بازيگر چاهيندا !!“

No comments:

Post a Comment