Thursday, February 22, 2024

جي وڻ چنئي وات - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

جي وڻ چنئي وات

مختصر ڪھاڻي

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ابا اھا سڪرات آھي!!“ چاچي حميد، کٽ تي پيل چاچي شاھنواز ڏانھن، هٿ جو هلڪو اشارو ڪندي سرٻاٽ ۾ سمجھائيندي چيو.

ڇهه مھينا به ڪا سڪرات هلندي آھي ڇا؟ سندس ڳالهه اعتبار ۾ نه اچڻ واري انداز ۾ چاچي حميد کان ساڳئي لھجي ۾ ورجائي پڇيم.

بابا! ڇو نه هلندي آھي. ڏس نه! ھڪڙي ماڻھوءَ جي عمر نوي سالن کان به چڙهي هلي آ، سندس پٽ به پوٽن ڏهٽن وارا اچي ٿيا آھن، ھاڻي انھيءَ جي هلڻ جا ڏينھن ناھن ته ڇا اڃا موجن ماڻڻ جا اٿس. چاچي حميد، ھڪ همدرد جي حيثيت سان، پاسي تي ڪري سمجھائيندي چيو.


چاچا هلڻ لاءِ ته ڪا عمر مقرر ناھي، پر ايڏو وقت هلڻ!...! ......! اھا ڳالهه مڙيئي سمجهه کان مٿي آھي. عجب ۽ بي حوصلائيءَ مان پڇيومانس.

بابا اھا ڳالهه تنھنجي سمجهه کان گھڻي چڙهيل آھي. ڏس نه دنيا ۾ ھڪڙيون ڳالھيون عقل جي خلاف ھونديون آھن جن کي اسان ماڻھو ناممڪن چوندا آھيون ۽ ٻيون عادت جي خلاف ھونديون آھن. جيڪي اڳ ۾ ته نه ٿيون هجن، پر عقل، انھن جي ٿيڻ کي تسليم ڪري. اسان ماڻھو انھيءَ کي ممڪن چوندا آھيون. سڪرات، پيري ۽ پيريءَ ۾ دنيا ڇڏڻ ته هر بني بشر تي لازم آھي.

ائين ته آھي.

پوءِ سمجهه ۾ نه اچڻ جي ڪھڙي ڳالهه آھي. بس، سمجھ ته ٽپڙ پورا آھن.

نه منھنجي چوڻ جو مطلب آھي ته بيماري اهڙي قسم جي آھي جو رڳو غشيءَ جا دورا ٿا پونس. غشي به اهڙي جو ڪلاڪن جا ڪلاڪ گم. وري جڏھن دورو لھيس ٿو ته پوءِ سڃاڻي ٿو. پاڻي گھري ٿو، هيٺ پيشاب لاءِ لاهڻ لاءِ چوي ٿو. ۽ اھا حرڪت لاڳيتو ڇھن مھينن کان اٿس. ان کي سڪرات ڪيئن چئجي.

اڙي بابا! جاويد پٽ! تون ڳالهه کي ٿورو سمجهه، ھوش ۾ اچڻ کانپوءِ جيڪي ڳالھيون ڪري ٿو، سي ھن دنيا جون آھن؟ مون ڏي سواليه نگاھن سان ڏسندي چيائين ۽ اھي لفظ ٻڌي مان به سڪتي ۾ هليو ويم. چُپِ ۾ ڏسندي، چيائين؛ پوءِ ڪيئن ٿو چوين ته سڪرات ناھي؟ ۽ رڳو ڊاڪٽرن جي دوائن جي ڀرمار لائي ڏني اٿئي. ڪو ڊاڪٽر نه ڇڏيو اٿئي.

چاچا! ڇا ڪجي ڀلا!؟. تندرست ھجي ته کائي اَنُّ، بيمار ته کائي ڌنُ. ضرور ڪنھن جي حياتيءَ کان ڏوڪڙ ته مٿي ناھن نه.

ابا علاج ٿيندو آھي رت کي، کاڌي تي. پيريءَ کي ڪھڙو رت آھي. رڳو هڏن جو پڃرو آ، هڏن جو به ڪو علاج ٿيندو آھي.

بھرحال چاچا! ھر ڪو ٿو چوي ته ڄام شوري جي اسپتال ۾ ھڪ دفعو ضرور کڻائي وڃجي.

ڇو ٿو ھاڻي وري ماڻھن جي چوڻ تي، دِسين جا پنڌ لتاڙي ڄام شوري ۾ وڃي هڏ رلائينس. حياتيءَ جا باقي دم آھن، سي ويندا ائين ئي پورا ٿي. هروڀرو خفيف ڇو ٿو ٿين. ھونئن به انھن وڏين اسپتالن ۾ علاج ڪرائيندي ڪرائيندي ماڻھو مري ويندا آھن.

چڱو ڀلا! توھان جي ڳالهه کي به ڏسون ٿا.” بحث کي وڌيڪ اينگھ وٺائڻ ۽ جان ڇڏائڻ کان چيومانس.

چاچي حميد کي ٻاهرئين در تي ڇڏي، وري اچي چاچي شاھنواز جي کٽ جي مٿان بيٺم.

جيڪو به ماڻھو پڇڻ اچي ٿو، گھر ۾ ٻار پاسي ڪرائي، کيس اندر وٺي اچڻ ۽ بيمار پرسيءَ لاءِ چيل سندس لفظن کي ٻڌڻ ۽ جواب ڏيڻ لاءِ منھن مونکي ٿو ڏيڻو پوي. ڇو جو چاچو شاھنواز آھي صفا بيھوش. نه جيئرن ۾، نه مئن ۾. جيئرن ۾ ان لاءِ نه؛ جو، نه ڳالھائي ٿو، نه ٻولھائي ٿو. نه پاڻھئي اٿي ٿو، نه پاڻھئي کائي ٿو. وري مئن ۾ ان لاءِ نه؛ جو، قبر ۾ لوڙهه لٽيل نه اٿس. چاچو ھن وقت ڏھن ڪلاڪن کان مسلسل بيھوش آھي. وري جيڏيءَ مھل ھوش ۾ اچي ٿو، تيڏيءَ مھل به اھي ڳالھيون ٿو ڪري، جيڪي غشيءَ جي حالت ۾ خواب اندر ڏسي ٿو. ڪيڏيءَ مھل ته گھر جي نالي به چوي ٿو؛ هتي ڪاٿي آيا آھيون؟ هلو پنھنجي گھر. اھا حالت لاڳيتي ڇھن مھينن کان اٿس. جڏھن کان کٽ ورتي اٿئين تڏھن کان، علاج ڪرائي ڪرائي ٿڪا آھيون، ويجهي تر ۾ او سکر تائين به ڪو چڱو ڀلو ڊاڪٽر نه ڇڏيو اٿسين.

گھر ۾ ھڪڙيون ضاعفون ٿيڻ اچن ٿيون، ٻيون وڃن ٿيون. ڳوٺ جا مرد به ائين ھڪ ھڪ ٿي اچن ٿا وري مٿان بيھي هليا وڃن ٿا. هر ڪو پنھنجي پنھنجي ڳالھ ڪري ٿو ۽ هليو ٿو وڃي. ماڻھن جا مختلف رايا ٻڌي ٻڌي، مونکي ته چڙ ان لاءِ ٿي اچي جو مان چوويھه ئي ڪلاڪ چاچي جي لاءِ ھڪيو حاضر بيٺو آھيان، پوءِ به ڪرڙ خان يا ڪانڊيرو خان، زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو پنجن منٽن لاءِ پڇڻ جي دوران سڄيءَ دنيا جي نصيحت اچي مون کي ٿو ڪري. ڄڻ مان وڏو نافرمان هجان.

ڇھه مھينا ھڪڙو ماڻھو لاڳيتو گھر ۾ پيو آھي، ڪرايا ڀاڙا ڪري ڊاڪٽر وٺي ٿو اچان، پر ڪنھن به ڊاڪٽر جي دوا لڳيس ئي نه ٿي ته پوءِ ڀلا ان ۾ منھنجو ڪھڙو قصور. هروڀرو پنھنجو مٿو ته ويھي نه ڦاڙيندس. ماڻھن جي نظرن ۾ الائي ڇو مان ڄڻ مجرم ٿي پيو آھيان. سندس پٽن مان ڪو نواب ڪاٿي ٿو گھوم ڪندو وتي ته ڪو ڪاٿي ٿو، ڪڪڙن جون ميلون ڪرائيندو وتي. ڪو ڪاٿي ڪنھن رن جي چڪر ۾ آھي، ڪو ڪاٿي ڪتي-بڇ ۾ پورو آھي. گھر ته ڄڻ ھنن جي فطري رهڻ جي جاءِ ئي ناھي. عورتن مان به ڪير هٿ وجهڻ لاءِ تيار ڪونھيس. منھنجو به هر هر، اندر ٻاهر ڪرڻ ۽ پيشاب وغيره لاءِ لاھ-چاڙهه ۾ ئي بنڊ نڪري ويو آھي. پر تڏھن به جيڪو ٿو گھر کان واندو ٿئي ته اچي ٿو پڇڻ لاءِ. چاچو ته پيو آھي بيھوش. ھاڻي جڳ کي ڪيئن خبر پوي ته رئيس ڪرڙ خان ۽ کبڙ خان به شاھنواز خان کان پڇڻ آيا. سو گھڙي مٿان بيھي، بيزار ٿيندي، اوچتو ڇت ڦاڙ رڙ ڪندا؛ او! شاھنواز خان وو! شاھنواز خان قبر ۾ ٽنگون لڙڪايو، ٻنھي جھانن کان بينياز لڳو ويٺو آھي. ورندي ڪير ڏئي؟ ۽ رڙ ڪرڻ واري کي قبر ۾ پيل جي ورنديءَ جي به خواهش پوري ٿيڻ گھرجي، سو وري ٻيھر ھنيانءَ ڦاڙ رڙ ڪندو. نيٺ ٿڪجي، مون کي ئي ڪڇڻو پوندو. پوءِ نصيحت ۽ راءِ زنيءَ جو نشانو مان بڻبس. هڻي بيوقوف بنائي ڇڏيندا. رات جو به ننڊ اڌ گيدي مس ٿي اچي ته وري ڪو پٽي ٿو اٿاري ته پيشاب لاءِ لاھينس. يا هيئن ڪرينس.

خير اهڙي وقت ۾ بيمار ماڻھو، گھڻي تڪليف ۾ ھوندو آھي. ان جي تيمارداري چڱيءَ طرح ٿئي ته سٺو. ان ڪرڻ سان خدا جي رضا حاصل ٿئي ٿي. ان ڪري مان به وس آهر خدمت ۾ لڳو پيو آھيانس. پر خلق ۾ ته پوءِ به مڃوتائي ڪانھي، نه ڪنھن جي ھنئيءَ ۾ راضي ۽ نه ڪنھن جي کنئيءَ ۾ راضي. خير! مان ته انسان آھيان، مون ۾ هزارين عيب ھوندا، پر هيءَ ساري مخلوق، جڏھن ته پنھنجي پالڻھار مان ئي راضي ناھي ته پوءِ منھنجي چڱائيءَ ڪرڻ تي ڇو راضي ٿيندي؟

چاچو شاھنواز، منھنجي پيءُ جو به سؤٽ ته ماءُ جو به سؤٽ. پر وري منھنجي ماءُ جو ٻيو مڙس به آھي. مان پنھنجي ماءُ جي پيٽ ۾ ستون مھينو هيم جو منھنجو پيءُ علي نواز گم ٿي ويو. گھڻي ڳولھا ڦولھا ٿي. سندس ڪٿي پتو کرو نه مليو. نيٺ اسان جي ڳوٺ کان اڍائي ميلن جي فاصلي تي جھنگ ۾ سندس ڪو بوٽ، ڪو پوتڙو وغيره هٿ آيو ۽ ڀرسان بيٺل گھاٽن سرن کي تازي ڏنل باهه لڳل نظر آئي. انھيءَ مان اندازو لاتو ويو ته کيس ڪنھن ماري ۽ ساڙي ڦٽو ڪيو آھي.

ان وقت، ڳوٺ جا ڇا پر خاندان ۾ به جيڪي هيا تن ۾ هلندي سرندي چاچي شاھنواز جي گھڻي ھئي. ڊڪ ڊوڙ ڪري ڪيس ڪرايائين، ڪي ٻه ٽي ماڻھو شڪ ۾ جھليا، ڇو جو انھن جو اسان جي خاندان وارن ڏي خون جو پلاند رهيل هئو ۽ ست سال ٽيپ اچي وين. پر جهڙي چاچي علي نواز جي هلندي پڄندي ھئي، تھڙو ته ڦاسي کائي وڃن ھا، پر جيئن ته واقعي جو ڪو عيني شاهد اوگاه نه هئو، تنھن ڪري اھي جيئن ڇٽي آيا تيئن، چاچو شاھنواز خان عڪس پئجي وين. دُڻيئون پاڻيئون ٻاهر ڪڍرائي ڇڏيائين. اھي هئا به اسان جي قوم وارا، پر راتو رات لڏو پٽي الائي ڪيڏانھن هليا ويا.

جڏھن منھنجي ڄمڻ سان، منھنجي ماءُ جي عدت پوري ٿي ته هلي، ٻار جي سنڀال ۽ منھنجي ماءُ جي ٻي شاديءَ جي ڳالهه. ٻي شاديءَ ڪرڻ جي ته اسان جي خاندان کي پِٽَ پيل آھي. سو شروعات ٿي وڏي کان ته ڪير پرڻجي. چاچي شاھنواز چيو؛ علينواز خان اسان جي ھڪڙي چاچي جو پٽ ته ھوءَ اسان جي ٻئي چاچي جي ڌيءَ. اسان جو ننگ آھي، ڪاڏي ڪبو؟ انھيءَ تي پھريون اسان جو حق آھي. منھنجي ماءُ ٻيءَ شاديءَ لاءِ گھڻو ئي انڪار ڪيو هئو، پر نھه نھه ڪري به ڪرڻي پئجي وئي هيس. ڇو جو ھڪ ته خانداني روايت ھئي ۽ ٻيو ته ماڻھن ڀڳي ڪاٺ به ڀڄي پون. هيءَ ته آخرڪار عورت ذات ھئي، سو ڪيترو ضد ڪري ھا. چاچي شاھواز کي اڳ ۾ منھنجي پڦي ھئي ۽ ھاڻي منھنجي ماءُ. ٻيئي سؤٽيون. اڳينءَ زال مان به کيس اولاد هئو.

..... پر انھيءَ ھوندي به منھنجو ڏاڍو خيال ڪندو هئو، ايترو جو مونکي جيترو سانڀر آھي ته مان سمجهه سان ٿيس جو ٻين ماڻھن مونکي ٻڌايو ته شاھنواز، منھنجو چاچو آھي. نه ته مان کيس سڳو پيءُ ئي سمجھندو ھئس ۽ اڃا به ساڻس اھا ئي هلت هلان ٿو. ڇو جو پيءُ جي مرڻ کانپوءِ مٿس ئي هٿ کتا هئا ۽ پاڻ به موٽ ۾ سٺي عزت ڪئي هئائين. منھنجي ماءُ کي به ڪڏھن اهڙي لکا نه ڏني هئائين جو اھا به محسوس ڪري ته سندس پھريون مڙس مري ويو آھي ۽ کيس سھاري ڏيڻ لاءِ ئي هيءُ نڪاح وجهرائي قربانيءَ جو ٻڪرو بنيو آھي.

مون کي پنھنجي پٽن جي ڀيٽ ۾ سٺو گھريائين. پڙهڻ لاءِ به اڻ ميو خرچ ڏنائين. اھا ٻي ڳالهه آھي جو مان بِي اي ۽ ايم اي ڪري، نوڪري ڪرڻ بجاءِ، اچي ڳوٺ ۾ اٽي جي چڪيءَ تي ويھي رهيم. پڙهڻ جي زماني ۾ شھرن ۾ رهي پئسن جي مڳيءَ ۾ خوب خراب ٿيم ۽ خراب سنگت ۾ رهي، ڊگرين ھوندي به بي علم رهيس. پر چاچي وات سان به ائين نه چيو ته؛ ابا! اھو ڇا ڪيئي؟. يا هيترو پڙهڻ مان ڇا حاصل ڪيئي؟ اصل نه! اھا شابس اٿس. ڪير ٿو ائين ڪري. پنھنجو سڳو پيءُ به ائين نٿو ڪري.

سو اهڙي ماڻھوءَ لاءِ ههڙي وقت ۾، سندس پٽن وانگر لنوائڻ ۽ گسائڻ، مونکان نٿو پڄي. ڇھن مھينن کان اھا اٽي جي چڪي، اتي ڌوڙ ٿي پائي، ته زمين هتي پئي ٿي رلي. ھاري ڇا ٿا ڪن؟ نوڪر ڇا ٿا ڪن؟ ڪا خبر ناھي. جيڏاھن تيڏاھن بيزار ٿي آخر اھو ئي فيصلو ڪيم ته هتان جي جنجل ۾ رهڻ کان اسپتال جي آزار ۾ رھجي ته بھتر آھي. اسپتالون آھن ته واقعي انود ڪاسائيءَ واري کڏ، پر گھٽ ۾ گھٽ ماڻھن جون هي بي مکتيون تقريرون ته نه ٻڌڻيون پوندم. ٻي ڳالهه ته پيشاب به زورين مسين ٿو اچيس. سو به جڏھن ٻه ٽي دفعا ٿو هيٺ لاھي ويھارجيس. ان جو به علاج ٿي ويندو. ٽين ڳالهه ته پيشاب لاءِ نلي وجهي ڇڏيندس، سو جيئن پيو ٺھندو، تيئن پيو ڳڙي ڳڙي وھندو. هر هر جي لاھ-چاڙهه کان بچي پئبو.

نيٺ سوچي سوچي اھو ئي فيصلو ڪيم ۽ ٽئڪسي ڪرائي آيم. پاڻ سان ننڍي ڀاءُ زاهد کي به کنيم. زاهد منھنجي ماءُ مان، چاچي شاھنواز جو پٽ آھي. صبح جو گھر جا نڪتل، سج لھي بس ٿيو جو اچي ڄام شوري جي اسپتال ۾ پھتاسين. داخلا ورتيسين. علاج شروع ٿيو. اچڻ سان ئي نلڪيءَ رستي ڏيڍ ڏينھن جو رڪيل پيشاب ڪڍيائونس. جيڪا نافت ھئي سا جھڪي ٿي. ور نه ته انھيءَ وقت تائين، وڦليل پئي ڳالھايائين. ھاڻي سا فرحت اچي ويس.

چاچو ٻئي ڏينھن ھوش ۾ آيو. مون کان پڇيائين؛ ابا ڪٿي آھيون؟

چاچا اسپتال ۾؟

ڪھڙي؟

ڄام شوري واري سرڪاري.

ابا ڇا لاءِ ٿو رلائين پيو؟ چچريل لفظ پئي ڳالھايائين، جيڪي اهڙي نموني سان نڪتس پئي جو اڌ گيدا ۽ سمجهه ۾ مشڪل سان پئي آيا. جڏھن ته Dexoline جي چوٿين ٿيلھي هليس پئي. وري ڍڪر اچي ويس.

زاهد کي پنھنجي کائڻ لاءِ چيم؛ ڪجهه وٺي آءُ، ته کائون. اھو ماني ٽڪر وٺڻ ويو. وري چاچي کي انھيءَ دوران ھوش اچي ويو.

ابا! جاويد! ڪاٿي آھين؟

چاچا، اجھو بيٺو آھيان. ٻانھن مان جھلي، پاڻ ڏانھن متوجهه ڪيومانس.

بابا! موت نه ايندو ڇا؟!! بي حوصلائيءَ مان زبان مان نڪتس.

چاچا اهڙيون ڳالھيون نه سوچيو، الله خير ڪندو.

پٽ هر ڪنھن کي هلڻو آھي. پر خدا هلنديءَ هلائي.

وري چپ ٿي وئي. رکي رکي وري هٿ جي اشاري سان ويجھو ٿيڻ لاءِ چيائين. جڏھن ويجھو ٿيومانس تڏھن چيائين؛ ”مون کي موت ڪونه ايندو!!

چپ ٿي وئي. مان حيرت مان کيس تڪڻ لڳس ته چوي ڇا ٿو.

ڇو؟ منھنجي جواب نه ملڻ ڪري، پاڻ ئي سوال ڪيائين.

ساهه ۾ سختي هيس. سھڪي وري ٻه لفظ پئي چيائين. وري سھڪڻ جي ڪري ڳالهه بند ٿي پئي ويس. بھرحال سندس ڳالھائڻ جو تت هيءُ هيو.

هيءَ ڳالهه ٻڌ! جھان ۾ عشق به ٿيندو آھي. مان به جنت کي دل ڏئي ويٺو هئم. پر شادي علي نواز سان ٿي ھئس. مون پنھنجي لاءِ گھڻو چيو، پر ڪنھن نه مڃي. ڇو جو ننڍي ھوندي جون ڳالھيون ٿيل هيون، سو بابي ۽ چاچي وارن پنھنجي ڪيل زبان کي پاڻي ڏيڻ خاطر ائين ئي ڪيو. ھاڻي مون کي جنت ڪيئن ملي؟ ان لاءِ علي نواز خان کي وچ مان ڪڍڻو هئو، سو ان کي مارائي ۽ ساڙائي ڇڏيم. ان سان گڏ اھو ڪارنھن جو ٺڪر جان محمد وارن تي ڏياريو هئم. ڇو جو جان محمد جي ڀاءُ علي محمد کي به مون خون ڪرايو هئو، ته جيئن علي نواز جو ٿيندڙ خون مٿن آسانيءَ سان مڙهي سگھجي. انھيءَ ڳالهه کي اڄ تائين ڳجھ ۾ رکي آيم. ڪنھن کي به خبر ناھي. ان ڪري مون کي موت نٿو اچي. ڇو جو اھا شيءِ دنيا ۾ ڳجھي رهڻي ئي ناھي.

سندس اھا ڳالهه ٻڌي مان تپرس ۾ اچي ويس. سندس چھرو به زردي ڇڏي خوف، هراس ۽ ڪاراڻ ڏانھن مائل ٿيندي نظر آيم. مان به ڄڻ ٽٻيءَ ۾ پئجي ويم. سوچ ۾ ٻڏل ئي ھئس جو نرس ڊوڙندي آئي.

هيءَ ٿيلھي ڇو بند ڪئي اٿوس. توھان ڄٽن مان ته اسان اچي ڦاٿا آھيون. ڏاڙهيندي آئي ۽ اچڻ سان ٿيلھيءَ جي ڪنٽرولَ ۽ نيڊل کي سور پور ڪرڻ لڳي. ٿيلھي ته پنھنجي جاءِ تي چالو ھئي، پر اڳيان جسم قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هئو. تنھنڪري بند ٿي وئي ھئي. ايتري ۾ زاهد به آيو. ڇَڙِھ ھڻي بيھي رهيو، ڇو جو قصو پورو ٿي چڪو هئو.

ٿڏي تي ايمبولينس جو بندوبست ٿي ويو. منھن-انڌاري اچي ڳوٺ نڪتاسين. لاش لاٿوسين، پر سورن سان. سڄو سُڄي ٿوٿرجي ويو هئو. منھن ڏسڻ جھڙو ئي نه ھئس. ڌپ پئي آئي، ڪنھن کي منھن به نه ڏيکاريوسين. رات جي پيٽ ۾ دفنرائي ڇڏيوسين. پر الائي ڇو سندس موت واري ڌپ، شڪل ۽ وحشت اڄ به نـٿي وسري.

No comments:

Post a Comment