Saturday, February 24, 2024

ھٿرادو چھرو - انتون چيخوف - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

ھٿرادو چھرو

(روسي ڪھاڻي)

ڪھاڻيڪار: انتون چيخوف

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



’ايڪس‘ سوشل ڪلب ۾ امدادي ڪمن جي لاءِ فينسي ڊريس رقص يا جيئن وڏ-گهراڻيون عورتون ان کي چوڻ پسند ڪنديون آھن ’بال ناچ‘ ھلي رھيو ھيو.

اڌ رات گذري چڪي ھئي. ناچ سان دلچسپي نه رکندڙ دانش ور، جن ھٿرادو چھرا نه پاتا ھيا، تن جو ڳاڻيٽو پنج ھيو. پڙھڻ واري ڪمري اندر وڏي ميز جي چؤڌاري ويھي پنھنجا نڪ ۽ چھرا، اخبارن جي پنن منجھ لڪائي، پڙهي رھيا ھيا، اوٻاسيون به ڏئي رھيا ھيا. بلڪ ماسڪو ۽ پيٽرس برگ جي اخبارن جي انتھائي آزاد خيال خصوصي رپورٽرن چواڻي؛ ’خيالن ۾ گم ھيا‘.



بال روم منجهان چئن جوڙن جي ھڪ ئي وقت ناچ واري موسيقيءَ جون لھرون اندر اچي رھيون ھيون. دروازي جي اڳيئون، ويٽر پليٽن کي کڙڪائيندا، ورائي ورائي تڪڙا تڪڙا لنگهيا پئي. ليڪن پڙھڻ واري ڪمري جي اندر صفا ماٺ ڇانيل ھئي.

ھڪڙي ھلڪڙي دٻيل دٻيل آواز، جيڪو چمنيءَ جي اندرئون نڪرندڙ پئي لڳو، تنھن ان ماٺ کي ٽوڙي ڇڏيو.

”مون کي لڳي ٿو، ھتي اسان کي گهڻو سڪون ملي سگهندو! اچو ھيڏانھن اچو! اوھان سڀ جا سڀ.“

دروازو کليو ۽ مور جي کنڀن سان سينگاريل ھيٽ ۽ ڪوچوان جي وردي پاتل، ويڪرن ڪلھن ۽ ڳتيل بت وارو ھڪڙو شخص، جنھن کي ھٿرادو چھرو پاتل ھيو، پڙھڻ واري ڪمري ۾ داخل ٿيو. ھٿرادو چھرو پاتل ٻه عورتون ۽ ٽري سنڀاليون ھڪڙو ويٽر به سندن ڪڍ ڪڍ اندر آيا. ٽري تي ھڪڙي ننڍي پر ويڪري بوتل تيز شراب جي، ٽي بوتلون ڳاڙهي ھلڪي شراب جون ۽ ڳچ گلاس رکيل ھيا.

”ھائو! ھتي ٿورو ٿڌڪارُ ھوندو.“ مرد چيو؛ ”ٻڌ! ٽري، ميز تي رک!... مادموزيل! اوھان سڀ ويھو نه! .... ۽ اوھان معتبرو! ھيءُ ھنڌ خالي ڪيو.. خواھ مخواھ سيڙايو ويٺا آھيو ۽ ڀت ۾ ڪٻر ٿيڻ جي ڪا ضرورت ناھي..“

ھو ٿورو ٿاٻڙيو ۽ ھٿ ھڻي، ميز تان ڪيترا ئي رسالا، ھيٺ ڪيرائي وڌائين.

”ھتي رکينس! ۽ اوھان پڙھڻ جا شوقينڙئو! ھتان ٽرو! ھيءُ اخبارن پڙھڻ ۽ سياست کيڏڻ جو وقت ٿورو ئي آھي... اڇليونِ به!..“

”ٿورو سڪون وارو رويو اختيار ڪر!“ دانش ورن منجهان، ھڪڙي پنھنجي عينڪ جي اشاري سان، ھٿرادو چھرو پاتل مرد جو جائزو وٺندي چيو؛ ”ھيءُ پڙھڻ جو ڪمرو آھي، بار ناھي.... ھيءُ نشي ڪرڻ جو ھنڌ ناھي.“

”ڇو ناھي؟ ھيءَ ميز مضبوط ناھي يا ھيءَ ڇت اسان جي مٿان ڦاٽي پوندي؟ عجيب ڳالھ آھي! بھرحال... مون وٽ اجايو بحث ڪرڻ جو وقت ناھي. اخبارون رکو... پڙھي ڍءُ ڪيَوَ ۽ اوھان کي ايتري تي ئي قناعت ڪرڻ گهرجي. ھونئن به اوھان ماڻھن جي قابليت جو ته اٿو مٿو آھي ڪو نه. گهڻو پڙھي اکيون انڌيون ڪري ڇڏيندئو! ۽ سڀ کان اھم ڳالھ ھيءَ آھي ته مان ان کان وڌيڪ برداشت نه ٿو ڪري سگهان. اھو آھي سڄو قصو.“

ويٽر، ٽري ميز تي رکي ڇڏي ۽ ٻانھن تي نيپڪن رکي، دروازي وٽ بيھي رھيو. نوجوان عورتون ته ٿڏي تي ڳاڙهي شراب تي ٽٽي پيون.

”سوچڻ جي ڳالھ آھي، اھڙا به قابل ماڻھو اڃا آھن جيڪي اخبارن کي ھن قسم جي شراب جي ڀيٽ ۾ ترجيح ڏين ٿا.“ مور جي کنڀن واري ھمراھ پنھنجي لاءِ تيز شراب نائيندي چيو؛ ”مون کي پڪ آ، سائين منھنجا اوھان کي جيڪو اخبارن سان عشق آھي نه سو ان ڪري آھي جو مڌ پيئڻ لاءِ اوھان جي کيسي ۾ پيسو ڪونھي. صحيح پيو چوان نه؟! ھا! ھا! ٿورو ھنن ھمراھن کي مطالعو ڪندي ڏسو ته! ... ۽ اوھان جي انھن اخبارن ۾ لکيل به ڇا آھي؟ اڙي اڙي او عينڪي! مان تو سان پيو ڳالهايان. اسان کي به ٿورو ٻڌاءِ نه! ھاڻ بند به ڪر نه اھو سلسلو. اھو ڪوڙ بدوڙ جو شان مان ٻئي ڪنھن کي وڃي ڏيکارجانءِ! ھان! ان کان ته ڀلو اٿئي ته جامُ کڻي وٺ!“

اھو چئي، مور جي کنڀن واري، عينڪ واري دانش ور کان، ھٿن مان اخبار کسي ورتي. دانش ور جو ٻوٿ پھرين ڳاڙهو، پوءِ پيلو ٿي ويو ۽ انتھائي حيرت منجهئون ٻين دانش ورن ڏانھن نھاريائين، جيڪي موٽ ۾ ڏانھنس ڏسڻ لڳا.

”اوھان، آپي کان ٻاھر نڪتا پيا وڃو! منھنجا سائين!“ ھو رڙيون ڪرڻ لڳو؛ ”اوھان پڙھڻ جي ڪمري کي ڪريل شراب خاني ۾ بدلائڻ پيا چاھيو. اوھان گوڙ گهمسان کي ۽ ماڻھن جي ھٿن مان اخبارن ڦرڻ کي، شائسته حرڪت پيا تصور ڪيو. مان ان کي برداشت نه ٿو ڪري سگهان! اوھان کي ڄاڻ ئي ناھي ته اوھان ڪنھن سان پيا ڳالهايو. جناب منھنجا! مان بئنڪ جو مينيجر زيستياڪوف آھيان....“

”مون کي ڌوڙ جي به پرواھ ناھي جو تون زيستياڪوف آھين... ۽ جيستائين تو وارين اخبارن جو تعلق آھي، تن جي منھنجي نظر ۾ ڪيتري وقعت آھي، ان جو اندازو تو کي ھن مان ٿي ويندو...“ اھو چئي ھن اخبار، چيڙهون چيڙهون ڪري ڇڏي.

”آخر انھيءَ سڄي ماجرا جو مطلب ڪھڙو آھي، شريف انسانو!“ زيستياڪوف، انتھائي ڪاوڙ منجهئون لڳ ڀڳ بدحواس ٿيندي ڀڻڪيو؛ ”اھا حد کان وڌيڪ عجيب ۽ غريب ڳالھ آھي. ھيءَ.... ھيءَ ته ڊيڄارڻ واري صورتحال آھي...“

”او ھو ھو! ھن کي به ڪاوڙ اچي وئي آھي.“ اھو ھمراھ کلڻ لڳو؛ ”ھاءِ ھاءِ ڀَوَ مان ته منھنجو ساھ ئي نڪري ويو ھيو. ڏسو نه! منھنجا گوڏا ڪيئن پيا ٿڙڪن. خير عزتدار مھمانو! ٿورو منھنجي ڳالھ ٻڌو! منھنجي، اوھان ماڻھن سان ڳالھائڻ تي، دل ئي نه ٿي چوي... مان ھنن نوجوان عورتن سان اڪيلائيءَ ۾ ويھڻ ٿو چاھيان. مزا ماڻڻ ٿو چاھيان. ان ڪري مھرباني ڪري ڪو جهيڙو جهٽو نه جوٽيو، بلڪ شرافت سان ھتان ٽَري وڃو.... ھو اٿو دروازو. اڙي بيلي بوخين! ٻاھر نڪري وڃ! آخر اھو منھن ۾ سونڊ وجهي، ڌوڙ لاءِ ٿو تڪين ويٺو؟ مان ٿو چوانءِ ته ھليو وڃ! ته ھليو وڃ! تڪڙ ۾ کسڪُ! جي نه ته کڻي ٻاھر اڇلارائي ڇڏيندوسانءِ!“

”ڇا چيئي!“ يتيمن جي ڪورٽ جي خزانچيءَ بيلي بوخين جو ٻوٿ ٽامڻي ھڻي ويو. ڪلھن کي جهٽڪو ڏيندي پڇيائينس؛ ”مون کي سمجھ ۾ نه پيو اچي ته، ھڪڙو بدتميز شخص ڪمري ۾ گهڙيو ٿو اچي ۽ جيڪو ٿو وات ۾ اچيس سو وائي توائي پيو بڪي.“

”ڇا چيو تو؟ بدتميز شخص!؟“ مور جي کنڀن واري ھمراھ، سڙي ڪوڪلا ٿيندي، ميز تي ايڏو ته زور سان مڪ وھائي ڪڍي جو ٽري ۾ رکيل گلاس به ٽپا کائڻ لڳا؛ ”ڪا ڄاڻ ڀي اٿئي ته تون ڪنھن سان پيو ڳالهائين؟ تون اھو سمجهندي ته محض ان بنياد تي ته مون ھٿرادو چھرو پاتو آھي، جيڪو وڻئي سو مون کي چوندو رھندين؟ ڪيڏو نه تکي مزاج جو آھين تون؟ مان تو کي جيڪو چوان پيو، ان جو مطلب آھي ته ٻاھر نڪري وڃ! مان نه ٿو چاھيان ته ھڪڙو به بدمعاش ڪمري ۾ باقي ويٺو ھجي. ٽري وڃو!“

”اھو ته اسان ھاڻي ئي ڏسي ٿا وٺون!“ زيستياڪوف چيو، جنھن جي عينڪ به، لڳي پيو، گهٻراھٽ ۾ پگهرجي وئي ھئي؛ ”مان تو کي مزڙو چکائي ڇڏيندس. اڙي ٻڌ! ٿورو رسيپشن مينيجر کي ته وٺي اچينس!“

جهٽ گهڙيءَ ۾ ڳاڙھن وارن وارو، ھڪڙي ننڍي قد سان، رسيپشن مينيجر جنھن جي ڪوٽ جي ڳلي واري ڳوٽ ۾ نيري پٽي جو ھڪڙو ٽڪرو لڳل ھيو، نچي نچي ٿڪجڻ سبب، سھڪندو پڙھڻ واري ڪمري ۾ گهڙيو.

”مھرباني ڪري ھن ڪمري مان نڪري وڃ!“ ان چوڻ شروع ڪيو؛ ”ھيءُ پيئڻ جو ھنڌ ناھي. مھرباني ڪري ناشتي ڪرڻ واري ڪمري ڏانھن ھليو وڃ!“

”۽ ھيءُ تون ڪٿان اچي ٽپڪو ڏيئي بيٺو آھين؟“ ھٿرادو چھرو پاتل ھمراھ پڇيس؛ ”مون ته تو کي ڪو نه سڏايو ھيو، سڏايو ھيومانءِ ڇا؟“

”مھرباني ڪري بدتميزي به نه ڪر! ۽ ھتئون ھليو به وڃ!“

”پوءِ ٻڌ! چڱا ماڻھو! ... مان تو کي فقط ھڪڙي منٽ جو وقفو ٿو ڏيان... تون رسيپشن مئنيجر آھين، ھتي چڱي خاصي اھميت به رکين ٿو، تنھن ڪري ھنن مشڪرن کي ڪڍي ٻاھر اماڻ. ھي ميري مادموزيل ماڻھو آھن نه، تن کي ايرن غيرن، نٿو خيرن جي موجودگي گهڻي نه وڻندي آھي... ويچاريون ڏاڍيون لڄاريون آھن ۽ مون کي ايترو ته کين حاصل ڪرڻ جي لوري لڳل آھي جيترو مٿن خرچ ڪيو آھي. کين سندن ڄمڻ واري حالت ۾ ڏسڻ ٿو چاھيان..“

”لڳي ٿو ھيءُ ڄٽوڙ قسم جو ھمراھ ايترو به نه ٿو سمجهي ته ھو ڪنھن مال گدام ۾ ناھي.“ زيستياڪوف ڪاوڙ منجهان رنڀيو؛ ”يفسرات اسپيدونچ کي سڏي وٺو!“

”يفسرات اسپيدونچ!“ سڄي ڪلب ۾ آواز وڄڻ لڳو.

”يفسرات اسپيدونچ، ڪاٿي آھي؟“ پوليس وارو يونيفارم پاتل ھمراھ يفسرات اسپيدونچ، اتي پھچڻ ۾ ويرم ئي نه لاتي.

”مھرباني ڪري، ھن ڪمري مان ھليو وڃ!“ ھن ترش لھجي ۾ چيس. سندس وڏا وڏا ڀوائتا دوڏا ٻاھر نڪتا پئي آيا. ۽ رڱيل مڇن جون چوٽيون به پئي ڦڙڪيس.

”اڙي! تو ته مون کي مورڳو ڊيڄاري ڇڏيو ھيو.“ ھن ھمراھ وڏي ترناوَ سان کلندي چيس؛ ”خدا جو قسم! تو مون کي بڇڙي نموني سان ڏڪائي وڌو ھيو. ڪھڙي نه کِلَ جھڙي شڪل اٿئي! خدا مون کي موت ڏئي ڇڏي! ٻليءَ مھانڊي مُڇون اٿئي! دوڏا اٿئي جو ٻاھر پيا ڪِرني! ھا! ھا! ھا!“

”بحث جي ڪا ضروت ناھي.“ يفسرات اسپيدونچ، ڪاوڙ جي شدت کئون رڦندي داھوڙ ڪيس؛ ”ھليو وڃ! نه ته ڌڪا ڏئي ٻاھر اڇليو ويندين!“

پڙھڻ واري ڪمري ۾ قيامت جو شور ٿي ويو. يفسرات اسپيدونچ پنھنجي ڳاڙھي ڀڀڙ جھڙي ٻوٿ سان چيخندي ڌرتيءَ تي لتون ھڻي رھيو ھيو. زيستياڪوف، رڙيون ڪري رھيو. بيلي بوخين رڙيون ڪري رھيو ھيو. سمورا دانش ور رڙيون ڪري رھيا ھيا. ليڪن انھن مڙني جا آواز، ھٿرادو چھري پاتل ھمراھ جي گهُٽيل نڙيءَ مان نڪتل ھيانءُ ڦاڙ رڙين جي ھيٺان، ٻڏي پئي ويا. انھيءَ ھنبڙ دنبڙ جي فضا ۾، ناچ بند ٿي ويو ۽ مھمان بال روم مان نڪري، پڙھڻ واري ڪمري ۾ ڪٺا ٿي ويا ھيا.

يفسرات اسپيدونچ، ٿورو رعب وجهڻ لاءِ ڪلب ۾ ان وقت موجود ٻين پوليس وارن کي به اتي سڏائي ورتو ۽ پاڻ رپورٽ لکڻ لاءِ ويھي رھيو.

”لک! بلڪل لک!“ ھٿرادو چھرو پاتل ھمراھ پنھنجي آڱر، قلم جي ھيٺان رکندي چيس؛ ”ھاڻ مون بدقسمت جو انجام ڇا ٿيندو؟ ھاءِ ھاءِ! ويچارو منھنجو سِرُ! آخر اوھان ھڪڙي بي يار و مددگار يتيم کي برباد ڪرڻ تي ڇو ضد ٻڌيو بيٺا آھيو؟ ھا!.... ھا! سٺي ڳالھ آھي. لک! رپورٽ تيار ٿي وئي؟ سڀني صحيون ڪري ڇڏيون؟ ھاڻ ھيءُ به ڏس! ھڪ! ٻه! ٽي!“

ھو اٿي، سڌو ٿي بيٺو ۽ پنھنجو ھٿرادو چھرو لاٿائين. ھن پنھنجي نشي ۾ ڌت چھري کي اگهاڙو ڪرڻ ۽ منجهانئس پيدا ٿيڻ واري ردعمل مان مزو ماڻڻ لاءِ ماڻھن جي ٻوٿن کي تڪيو ۽ پوءِ پنھنجي ڪرسيءَ تي لڳ ڀڳ ڪرندي وڏو ڀيانڪ ٽھڪ ڏنو. ۽ ردعمل واقعي ڏسڻ وٽان ھيو. دانش ورن انتھائي بي حوصلائپ مان ھڪٻئي کي تڪيو. سندن ٻوٿ ون ون ڪرڻ لڳا ۽ منجهانئن ڪي ته ڪياڙي کنھڻ ۾ پورا ھيا. يفسرات اسپيدونچ کنڪر ڪري، اھڙي ماڻھوءَ وانگر پنھنجي نڙي صاف ڪئي، جنھن کان اڻڄاڻائيءَ ۾ ڪو ڀيانڪ ڏوھ ٿي ويو ھجي.

اھو سڄو ھنگامو جنھن اٿاريو ھيو، تنھن کي سڀئي سڃاڻي ويا. اھو ھيو خانداني رئيس ۽ ان علائقي جو لک پتي ڪارخانيدار پياتي گوروف، جيڪو پنھنجي جهيڙن، انساني ھمدردين، ۽ جھڙي نموني لوڪل اخبارون ڏھاڙي ڍنڍورو پيون ڏينديون ھيون، ته تعليم جي احترام جي بڻياد تي شھرت رکندڙ ھيو.

”چڱو! ته پوءِ اوھان سڀ وڃو ٿا يا نه؟“ پياتي گوروف، جهٽ سوا جي ماٺ کان پوءِ پڇيو.

دانش ور ويچارا واتئون بنا ٻڻڪ ڪڍڻ جي پٻن تي کسڪندا، پڙھڻ وارو ڪمرو خالي ڪري ويا ۽ پياتي گوروف دروازي کي اندران تالو ڏئي ڇڏيو.

”تو کي خبر ھئي ته ھيءُ پياتي گوروف آھي!“ ٿوري جهٽ پڄاڻان يفسرات اسپيدونچ، پڙھڻ واري ڪمري ڏانھن شراب کڻي ويندڙ ويٽر کي ڪلھن کان جهلي، لوڏا ڏيندي، سرٻاٽ ۾ چڙ منجهئون چيو؛ ”تو به ڪجھ نه ٻڌايو؟“

”مون کي نه ٻڌائڻ لاءِ چيو ويو ھيو.“

”نه ٻڌائڻ لاءِ چيو ويو ھيو!... بيھ ته بدمعاش! تو کي مھيني کن لاءِ جيل ٿو پھچايان ۽ تو کي تڏھن ان ’نه ٻڌائڻ لاءِ چيو ويو ھيو‘ جو مطلب باقاعدي سمجھ ۾ اچي ويندو. ٻاھر نڪري وڃ! ۽ اوھان ماڻھن جو ته ڪو علاج ئي ناھي. صاحبو!“ ھن دانش ورن ڏانھن مڙندي، پنھنجي ڳالھ روان رکي؛ ”خوامخواھ ھنگامو ڪرايَوَ! ڄڻ اوھان پڙھڻ واري ڪمري مان پنجن منٽن لاءِ به پري نه ٿا ٿي سگهو. اھا واھيات صورتحال اوھان جي پيدا ڪيل آھي. ھاڻ ان مان پاڻ ئي جان ڇڏائجو! اڙي صاحبو! او صاحبو! اوھان جا طور طريقا مون کي ڏٺي به نه ٿا وڻن، خدا جو قسم! ذرو به نه ٿا وڻن.“

دانش ور اداس، پريشان ۽ شرمسار ٿي ڪلب ۾ ھيڏي ھوڏي اچ وڃ ڪرڻ ۽ انھن ماڻھن وانگر سرٻاٽن ۾ ڳالھائڻ لڳا جن کي ڄاڻ ھوندي آھي ته آفت مٿئون اجها ڪڙڪي... سندن زالون ۽ ڌيئرون، اھو ٻڌي ته پياتي گوروف جي ”خواري“ ٿي آھي، ڪاوڙجي پنھنجن پنھنجن گهرن ڏانھن ھليون ويون. ناچ، بند ٿي ويو.

ٻين بجي رات جو، پياتي گوروف پڙھڻ واري ڪمري مان نشي ۾ لڏندو لمندو ۽ ٿيڙ کائيندو ٻاھر نڪتو. بال رام ۾ پھچي، بينڊ وارن وٽ وڃي ويھي رھيو. موسيقيءَ جي آواز تي اوٻاسيون ڏيڻ لڳو ۽ جهٽ گهڙيءَ ۾ ڪنڌ لاڙي کونگهرا ھڻڻ لڳو.

”بند ڪيو! بند ڪيو!“ مجلس جا آداب رکڻ وارا سڀئي چڱا مڙس، موسيقارن ڏانھن ھٿ لوڏي چوڻ لڳا؛ ”چپ! يگور بيلچ جي اک لڳي وئي آھي...“

”يگور بيلچ! ڇا اوھان پسند ڪندئو ته ھيءُ خادم اوھان کي اوھان جي رھائش گاھ تائين پڄائي اچي.“ بيلي بوخين جُهڪي، لک پتيءَ جي ڪن ويجهو وات رکي پڇيو.

پياتي گوروف پنھنجا چپ چونا ڪيا، ڄڻ ڳٽي تان مک کي تڙڻ جي ڪوشش ڪندو ھجي.

”ڇا اوھان پسند ڪندئو ته ھيءُ خادم اوھان کي اوھان جي رھائش گاھ تائين پڄائي اچي.“ بيلي بوخين ھڪ دفعو ٻيھر پڇيس.

”يا مان ماڻھن کي اوھان لاءِ ٻگهي آڻڻ جو چوان؟“

”ھون! ھان! ڇا؟ ھا! ته اھو تون آن..... ڇا ڳالھ آھي؟“

”اوھان کي گهر پڄائڻ ٿو چاھيان.... اوھان جي آرام جو وقت ٿي ويو آھي.“

”گهر! ھان! مان گهر وڃڻ ٿو چاھيان.... مون کي گهر وٺي ھل!“

بيلي بوخين جو ٻوٿ خوشيءَ ۽ اطمينان سان ٽڙي پيو ۽ ٽيڪ ڏئي پياتي گوروف کي اٿارڻ لڳو. ٻيا دانش ور پڻ پنھنجن ٻوٿن تي مرڪن جا ڪنول ٽِڙائي، ڀڄندا ڀڄندا پھتا. انھن سڀني گڏجي، انھيءَ خانداني رئيس کي سندس پيرن تي اٿاري بيھاريو ۽ انتھائي وڏي ادب ۽ احتياط سان ٽيڪ ڏئي، کيس ٻگهيءَ تائين وٺي آيا.

”فقط ڪو آرٽسٽ، يا ڪو وڏي صلاحيت وارو شخص ئي محفل جي محفل کي ئي اھڙيءَ طرح بيوقوف بڻائي پئي سگهيو.“ زيستياڪوف، لک پتيءَ کي ٻگهيءَ ۾ ويھاريندي، وڏي ٽڙندڙ انداز سان چيو؛ ”منھنجي حيرت جي ته ڳالھ ئي نه پڇ يگور بيلچ! مون کان اڃا تائين کل بيھي ئي نه ٿي. ھا! ھا! ... ۽ اسان سڀ ڪيڏو نه مڇرجي پيا ھياسين! ڪھڙا ڪھڙا نه ڦونگارا ڏنا ھياسين! سچ پڇو ته مان ڪڏھن ٿئيٽر ۾ ايڏو در دل نه کليو ھوندس.... ڪيڏي نه گھرائي ۽ وسعت ھئي اوھان واري مذاق ۾! ھيءَ اڻ وسرندڙ شام، مون کي ياعمر ياد رھندي!“

پياتي گوروف کي روانو ڪرڻ کان پوءِ، دانش ورن جي پيٽ ۾ ساھ پيو ۽ ٿورو ماڻھپي ۾ آيا.

”اڙي منھنجا سائين! يار! ھن ته ويندي ويندي مون سان ھٿ به ملايو!“ زيستياڪوف، وڏي فخر منجهئون ڊاڙ ھڻندي چيو؛ ”ان جو مطلب آ ته سڀ ڪجھ خير آ! ھو ڪاوڙيو ڪونھي...“

”اسان کي اميد ته اھا ئي ڪرڻ گهرجي.“ يفسرات اسپريدونچ، ٿڌو شوڪارو ڀريندي چيو؛ ”آھي ته بدمعاش ۽ ڪريل ماڻھو پر ڇا ڪجي! اسان تي ٿورا ٿڦيل اٿس..... ان کان ٿورو سنڀالي رھجي.

 

(سمبارا مئگزين، پاڪستان آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻو ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment