Friday, February 23, 2024

سزا ۽ صفائي - امداد ڪانهيو

سزا ۽ صفائي

مختصر ڪهاڻي

امداد ڪانهيو



گهنٽي جي آواز تي دالان ۾ ويٺل قاصد ڇرڪي پيا ۽ واجھائيندڙ اکين سان هڪٻئي ڏي نهارڻ لڳا، پر همٿ ڪنهن به نه ٻَڌي ۽ مخاطب نگاهون هڪ هڪ ٿي جُهڪڻ لڳيون ڇو ته ڪنهن جي به دل نٿي چاهيو، هاڻ وري ننڍي صاحب جي سڏ تي اندر ڪمري ۾ وڃجي.

ننڍي صاحب جي ڪمري ۾ هُنن مان ڪير وڃي ته به آخر ڪيئن وڃي؟ ٿوري دير اڳ ئي ته وڏي صاحب سموري عملي جي سڀن سامهون اُتي ٻاهر چڱي ڀلي بي عزتي ڪئي هُئي ۽ هُو ماتحت هُجڻ ڪري سڀ جا سڀ زهر پي خاموشي سان آفيس جي دالان ۾ پراڻي ڀڳل بئنچ تي رهجي ويا هئا.


اُن مهل حالت ئي اهڙي هُئي. هڪدم الائي ڇا ٿي ويو هو، هڪدم اچانڪ سان سموري آفيس ۾ وٺ پڪڙ شروع ٿي پئي هئي، سڀن جون وايون بتال ٿي پيون هيون، ڪو ڪيڏانهن ڀڳو ٿي ويو، ته ڪو ڪٿي پريشاني ۾ ورتل نظر پئي آيو. اڪبر علي قاصد پنهنجي جونيئر شاھزيب نائب قاصد کان تڏهن پُڇيو هو؛ ”خير ته آهي؟ ڇا ٿيو؟“

پنهنجا ٻئي ڪُلها لوڏي شاھزيب نائب قاصد بي خبري جو اظهار ڪندي چيو؛ ”خبر ناهي. ڪير به ڳالهائي نٿو، ڪلارڪ ۽ صاحب سُس پُس ۾ آهن، ڪو پتو نٿو پوي ڇا ٿيو آهي."

اُن مهل عزيز احمد ڊوڙندو آيو ۽ سموري افراتفري ڏسندي اڪبر علي سينئر قاصد کان پُڇڻ لڳو؛ ”خير ته آهي سڀ پگهريا پيا آهن ڇو؟“

اڪبر علي ڪو مختصر جواب جونيئر نائب قاصد عزيز احمد کي ڏئي ها، تنهن کان اڳ ئي ننڍو صاحب پنهنجي ڪمري مان ٻاهر نڪتو ۽ ذري گهٽ ڊوڙندو وڏي صاحب جي ڪمري ۾ هليو ويو. ٿوري دير گذري ته آفيس جي ٻئي عملي کي به هنن پگهر ۾ ورتل ڏٺو ۽ پوءِ اڃان به ڪُجھ دير ٻي گذري ته هُنن کي خبر پئي، اڄوڪو رٿيل امتحان وڏن صاحبن ملتوي ڪري ڇڏيو آهي ۽ پوءِ وڏي صاحب ٻاهر ايندي سڄي عملي سميت هنن ٽنهي جي سخت بي عزتي ڪئي پر هُو پوءِ به سمجهي نه سگهيا ته معاملو آخر ڇا آهي.

هڪ ڀيرو ٻيهر ننڍي صاحب جي ڪمري مان گهنٽي جو آواز اچڻ لڳو ته اڪبر علي پنهنجي ٻنهي جونئيرن شاھزيب ۽ عزيز احمد کي آسوند اکين سان نهاريو، پر اُهي ٻئي ڇَپ هڻي جهڙو ويهي رهيا هُجن ۽ چُرڻ ڦرڻ کان ڄڻ هلاڪ هُجن. هُنن جو ساڻو سَت نهاري اڪبر علي سوچيو؛ ”هاڻ به جيڪر صاحب ڏي اندر ڪير نه ويو، ته پوءِ هُو تپي باھ ٿي پوندو.“

شاھزيب ۽ عزيز احمد کي اُداس ويٺل ڇڏي اڪبر علي گهنٽي بند ٿيندي ئي ننڍي صاحب جي ڪمري اندر گهڙي آيو. هُن جي داخل ٿيندي صاحب پريان کان ئي رڙ ڪئي؛ ”اچ اچ اڪبر علي هيڏانهن اچ."

”جي صاحب!“

”اڪبر علي ڳالھ ٻُڌ! اڄوڪو پنهنجو رٿيل پرچو آفيس مان ڪنهن ڪميڻي جي حرڪت سبب مقرر وقت کان اڳ پڌرو ٿي ويو آهي ۽ ان ڪري اهو ملتوي ڪرڻو پئجي ويو.“

ننڍي صاحب چوندي قاصد اڪبر علي جي چهري کي نهاريو، جيئن پنهنجي ماتحت جي چهري جا تاثر پڙهڻ چاهيندو هُجي، پر اڪبر علي اڃا به ڪجھ سمجهي نه سگهيو هو ته هُو پنهنجي صاحب اڳيان باادب خاموش بيٺو رهيو.

ننڍي صاحب پنهنجي ڳالھ اڳتي وڌائيندي چيو؛ ”اڪبر علي ان ڪري ئي وڏو صاحب اڄ سموري عملي تي سخت ناراض ٿي پيو آهي، پر جيسين وڃي اهڙي حرڪت ڪرڻ واري جو پتو لڳي، ايسين معاملي کي مُنهن ته ڏيڻو آهي نه؟“

اڪبر علي ننڍي صاحب اڳيان ڪُجھ به ڳالهائي نه سگهيو ۽ ننڍي صاحب وڌيڪ چيو؛ ”اڪبر علي تون گهٻراءِ نه! مان توهان سان گڏ آهيان، توهان اسان جا سينئر وفادار ملازم آهيو، مان وڏي صاحب سان ڳالهائي آيو آهيان ۽ هُن کي سمجهائي ٿڌو ڪري آيو آهيان. بس اداري ۽ اسان جي عزت جي ڪري اوهان ٿوري ذميواري کڻو، منهنجو واعدو آهي اوهان کي اڪيلو نه ڇڏبو.“

اڪبر علي کي اڃان به ڪُجھ سمجھ نٿي آيو ته ننڍو صاحب ڇا چئي رهيو آهي، هُن لاعلمي مان چيو؛ ”حُڪم ڪريو صاحب ڇا ڪرڻو آهي؟“

”ڪرڻو ڪُجھ ڪونهي بس ٿورا ڏينهن خاموشي سان گهر ويهڻو آهي.“ ننڍي صاحب اڪبر علي قاصد جي وفاداري ڏسندي کِلي چيو؛ ”ها بس ماڻهن جو وات بند ڪرڻ لاءِ ڪجھ ڏينھن جي ڳالھ آھي، جيئن معاملو ٿڌو ٿيو وري بحال مان ئي ڪري وٺندس، تون بس ٿورو ساٿ ڏي ۽ پويان جو ڪو اُلڪو نه ڪجان.“

اڪبر علي ٿڪل وکن سان ننڍي صاحب جي آفيس مان جنهن مهل ٻاهر نڪتو، ان مهل شاھزيب ۽ عزيز احمد ٻئي هُن کي ڦري آيا؛ ”ٻُڌاءِ ڇا ٿيو؟“

اڪبر علي خاموشي سان هڪ ڪاڳر هُنن ڏي وڌايو، جنهن تي ٽنهي قاصدن سميت ٻنهي چوڪيدارن جي معطلي جو آرڊر لکيل هو ۽ مُعطلي جي سبب ۾ هُنن جي بدعنواني لکيل هُئي.

 

(ڏھاڙي آجيان شڪارپور ۾ ۲۲ فيبروري ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment