Sunday, February 25, 2024

بيهوش راهيءَ جو مدهوش سفر - احسان لغاري

بيهوش راهيءَ جو مدهوش سفر

مختصر ڪھاڻي

احسان لغاري



ائنسر-شيٽ گول مول ئي هئي جو انويجيليٽر اچي ڪاپيءَ ۾ هٿ وڌا. دل چيو ته واپس نه ڏيان ۽ ڦاڙي ڇڏيان. اڃا انهيءَ ڪشمڪش ۾ هئس جو پويان اچي ڪنهن اکين تي هٿ رکيا. ڪاپي مان هٿ ڪڍيم، سوچڻ لڳس ته ڪير ٿي سگهي ٿو. هٿ ڪنهن جا هوندا، هٿ نرم آهن، شايد ڪو نوجوان دوست آهي، هن جي خاموشي مونکي به خاموش رکيو ته جيئن ڪو ڀُڻڪو ٿئي ته کيس سُڃاڻان. حيدرآباد جا ڪيترائي دوست سارڻ لڳس، علي نواز نٿو ٿي سگهي جو هن هاڻ ڪنهن به ٽيسٽ ڏيڻ کان ٺپ انڪار ڪيو آهي، چاهي ٿو ته باقي زندگي جنهن ماحول ۾ آهي گذاري ڇڏي، کيس اهو به ذري جو احساس ناهي ته جتي هو موجود آهي، اتي جي عملداري سندس ڏات سان زنا ڪري کيس سُنڍ بنائي ڇڏيندي. شاهنواز به نٿو ٿي سگهي، جنهن زماني جو ماحول ڏسي پنهنجا خواب سرد خاني ۾ رکي ڇڏيا آهن، ائين ٻيا ڪيترا چهرا اکين آڏو ڦرندا رهيا. پر محسوس نه پئي ٿيو ته انهن مان ڪنهن جا هٿ هجن. سوچيم ته ڪو ضلعي جو دوست هوندو، پر ان سطح جي حجت ڀلا ڪير ڪري سگهي ٿو. مٺو سانگهڙائي ڪري سگهي ٿو، پر هو ڪيئن ٿو ٿي سگهي، سندس هٿ وڏا آهن، هو هوا ۾ اُڏامندڙ جوانيون جهٽي وٺندو آهي، پر هي هٿ ته ننڍا ۽ نرم آهن. ڪير ٿي سگهي ٿو، سوچن جو پکيءَ الائي ڪيترا ڪلوميٽر سيڪنڊن ۾ پار ڪندو رهيو، پر هٿن جي باوجود ڪوشش جي سڃاڻپ نه ڪري سگهيس. اوچتو هٿ ڍرا ٿيا، ڪنڌ ڦيرايم ته پٺيان پري تائين ڪو ماڻهو نه هو. هي ڇا؟! چوڌاري گول ڦري ڏٺم، پر اهڙو ڪو ماڻهو نه ڏسڻ ۾ آيو، جنهن تي شڪ ڪريان ها ته ان اکين تي هٿ رکيا هوندا.


ڪجهه دير ڪرسي تي ويهي رهيس، سوچيم ته شايد چڪر اچي ويو. ڪجهه ساهه پٽيان. ساهه ڇا پٽڻو هو، سوچن جي سمنڊ جي ڇولين ۾ ڪو ڦيرو آيو، اڄوڪو پيپر آئوٽ ٿي ويو، هاڻ الائي ڇا ٿيندو. پبلڪ سروس ڪميشن کي بند ڪندا، ڪيس هلندا، ڪي سال وري نوجوانن کي پنهنجا اڇا وار يا ته ڪٽرائڻا پوندا يا مون وانگر رنگ ڪرائڻو پوندو. ماضيءَ ۾ مختلف سببن ڪري ڪيترو وقت ادارو بند رهيو هو.

انهن ئي سوچن ۾ هئس ته ڪجهه دوست مليا، جن سان پبلڪ اسڪول کان آٽو ڀان روڊ تائين پنڌ ڪري آياسين، انهن کان موڪلائيندي موٽر سائيڪل ڪاهڻ پئي ويس ته پراڻو هڪ پراڻو احمد علي ملي ويو. سالن کان پوءِ ملڻ ڪري ڳالهين جي ڄڻ ڳنڍ کُلي پئي، ائين پيدل هلندي هلندي بجاءِ موٽر سائيڪل ڏي وڃڻ بجاءِ ست نمبر واري پل ڏي کڻي منهن ڪيوسين. ڪي سال اڳ جڏهن هو ايندو هو تڏهن به اسان ائين ڪچهري لاءِ پنڌ کي ترجيح ڏيندا هئاسين. پر اڄ منهنجي اندر ۾ وڏو مانڍاڻ هو، سو هن کي ڄڻ ته ڳالهائڻ ئي نه ڏنم. پڇيائين ته:

“يار تون ته اسسٽنٽ هئين، وري ساڳي پوسٽ لاءِ اپلائي ڇو پيو ڪرين.”

چيم: “يار، ڇا ٻڌايان. لغاري جهڙي ظالم جي ور چڙهياسين، مستقبل کي ئي مروڙي ڇڏيائين، وري وڃي زيرو تي بيهاريائين.

ٻيو ٻڌا يار، تون ڪيئن آهين، ڳوٺ وارا دوست ڪيئن آهن، يار توهان جو ڳوٺ، اتي ٿيل ڪچهريون زندگيءَ جو حسين سرمايو آهن. اهو زمين مان ساڳ پٽڻ ۽ ڪچو ئي کائڻ، وري هو ڦليون، ڳوٺ جي پٺئين پاسي ٻيرون، واٽر تي وهنجڻ، وهنجندي هڪٻئي جي گوڏ سان حرڪت ڪرڻ، يار ڪيڏا شاندار ڏينهن هئا.

اڙي ياد اٿئي، ان رات ڳوٺ جي مسجد جو پيش امام پنهنجي ڪچهريءَ جو وڏو آواز ٻڌي آيو هو، هدايت ڪرڻ لاءِ آيو هو. هن وارن مذهبي ليڪچرن سان جيڪا حالت ڪئي سين.  مون منهن جي پڪائي ڪندي کيس چيو ته 'مولوي ڳوٺ جي ڪجهه دوستن سوير ڳالهه پئي ڪئي ته مولوي صاحب اسان کي پاسي ۾ بيهاري تلاوت ڪرائيندو هو، ۽ اسان جي ٻنڊڻ تي هٿ ڦيريندو هو.' ياد اٿئي نه مولوي سڄو ڳاڙهو ٿي ويو ۽ گهٽ وڌ ڳالهائيندي، بهانو ڪري ڀڄي ويو هو.

يار ڪيڏو مزو هو، انهن ڪچهري ۾، اڙي هو ڳالهه ياد اٿئي. جڏهن ڳوٺ واري ميلي تي هليا هئاسين. سڄي ميلي مان مفت ۾ مٺايون کاڌيوسين، تو وارو فارمولو ڪيڏو ڀلو هو يار. هر دڪاندار کي پيا چئون ته پنج ڪلو وٺنداسين، سو رعايت به ڪر ته چکڻ لاءِ به ڏي، مٺائي چکڻ جي بهاني کائي، اگهه تي نه ٺهي وري ٻئي کي ٻرو ڏيندا هئاسين.

هو هو پوڙهي فنڪار واري ڳالهه ياد اٿئي، جنهن کي ميلي ۾ ڳائڻ دوران ڀتر هڻندا هئاسين. ويچارو راڳ بند ڪري گاريون ڏيندو هو ته ڪهڙي ڀيڻ جي..... ڀتر هنيو آهي.

اڙي هو، کدڙن سان مشڪريون، هاهاهاهاهاهاها. يار تو وارو مائٽ رحيم وڏو استاد هو قسم سان، کدڙن کي ڀاڪر پائي چميون پائي وري چوندو هو، موڊ آهي، پر واپسي ۾ چڪر هڻنداسين. وڏو حرامي هو يار.

اڙي احمد ٻڌ، هي اٿئي محمود گارڊن، اسان جا ڪيترائي دوست هتي پراين شادين جي ماني کائيندا هئا. منهنجو وري هڪ بيرو دوست هو، اهو هر دعوت تي اطلاع ڪندو هو، الائي ڪيترا پراوا ڀت کاڌاسين. نه رڳو ايترو پر جيڪا ڀاڄي رات جو بچندي هئي، اها لڪائي لطيف آباد ۾ ريڙهي واري کي کپائيندا هئاسين.

يار، ڪيڏا شاندار ڏينهن گذري ويا. تون به هاڻي صفا نٿو اچين، کلڻ وارا دوست ئي ڄڻ کٽي ويا آهن. ڪيترائي مرڪندڙ چهرا هاڻي مهذب بڻجي مال پيا ميڙين، سڄو ڏينهن ڪامورن ۽ وڏيرن جي چمچاگيري پيا ڪن، بظاهر مهذب ٿي ويا آهن. انڪري ملن ئي نٿا، ڪٿي ملندا آهن ته اوپرائپ ڏيکاريندا آهن.

اڙي توکي ياد هوندو نه هڪ دفعي پاڻ واري يار شڪيل ڪچي قلعي جي مولوي کي پاڙيوارن سان گڏجي ڇوڪري سان حرڪت جي الزام ۾ ڪٽڪو ڏنو هو. مولوين کي گاريون ڏيندو هو، مولويت جي صفا خلاف هو. هاڻي خبر اٿئي شڪيل پاڻ مولوي ٿي ويو آهي، هڪ دفعي مليو. چيومانس ته ڇورا هاڻي وري مولوي وارا مزا تون ٿو وٺين ڇا، منهن ڳاڙهو ٿي ويس. هاڻي ملندو آهي ته سلام ئي ناهي ڪندو.

يار احمد، ڇا ٿي ويو آهي زماني کي. ماڻهو الائي ڇو مٽبا وڃن، مرڪون ته ڄڻ هنن روڊ تي لتاڙجي رهيون آهن. اسان بظاهر سوئر واري شڪل اختيار ڪندا پيا وڃون.

يار، هي ڏس ست نمبر جي ريلوي واري پُل ڪيڏي شاندار آهي، مٿان ريل، هيٺان روڊ. ڪڏهن دل چوندي آهي هن پُل مٿان ويهي ايندڙ ويندڙ ماڻهن جا چهرا ڏسجن، ڪي حسين ته ڪي پريشان، پر انسان جي روپ ۾ ڪيڏي کوکلائپ پئي اچي، هتي ويهي محسوس ڪرڻ گهرجي. خبر اٿئي هي به پنڌ ڪيل آهن، واڌو واهه ننڍو ئي سهي، پر يار جيڪڏهن هن ۾ صاف پاڻي وهندڙ هجي ته مون سميت کوڙ ماڻهو روز هتي اچي ڪناري سان ويهي پاڻي ۾ پير وجهي زندگيءَ جي پيڙائن ۽ تڪليفن کي لوڙهين. اڪيلائي ۾ ويهي ٻه لڙڪ لاڙي دل جو بار هلڪو ڪن. يار سچ ته هن هيڏي شهر ۾ ڪا اهڙي سڪون واري ڪُنڊ نٿي سُجهي، جتي اچي ماڻهو پاڻ سان ڳالهيون ڪري. خدا سان شڪايتون ڪري، اکين مان لمحي لمحي ڳوڙهو ڪري، اگهي نه سگهجي. نشان بڻجي وڃن. سچ پڇين ته مسجدن ۾ هاڻي ٽڪيٽ واري ڪار آهي، ڀاڙو پورو ٿيو، هلو ٻاهر. خدا جي گهر ۾ رڳو خدا ئي اڪيلو رهي ٿو ماڻهوءَ کي اڪيلائي نٿي ملي جو هن سان ڳالهيون ڪجن.

يار احمد، اڄ به وڏو افسوس ٿيو، پيپر ليڪ ٿيڻ ته شايد سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي معمول ۾ شامل آهي، پر هن طرح مايوسي شاگردن لاءِ وڏو عذاب آهي. ڪيترائي والدين اڳ ئي تعليم ۽ خاص طور ڇوڪرين جي تعليم جي خلاف آهن، انهن کي موقعو ملي ٿو وڃي ته اهي هن سسٽم کي گاريون ڏئي، نياڻين جي تعليم کي روڪي ٿا ڇڏين. اڄ ڏٺئي نه، ڪيتريون وينون ۽ ڪوسٽرون الائي ڪٿان ڪٿان ڀرجي آيون، اهي شاگرد ٻهراڙي مان الائي ڪيئن ۽ ڪيترو خرچ ڪري آيا هئا، ۽ ائين ئي واپس ويا. يقين سان چوان ٿو، ڪيترن جا مائٽ مايوس ٿي هاڻي کين تعليم تي خرچ ڪرڻ نه ڏيندا. ڪيترن نوجوانن جي هن مايوسيءَ کان پوءِ مائٽ شادي ڪرائي ڇڏيندا ته متان ٻار پڙهڻ ۽ ڪنهن انگل لاءِ ضد ڪري. ماڻهن مان اميد ختم نه ٿيڻ گهرجي، ماڻهو ڀور ڀور ٿي ٿو وڃي. غلط هو يا صحيح پر هي سلسلو هلندي لکين ماڻهن جي اميد بڻيل هو. سدائين نوڪريون کپائين ٿا، پر ڪيترائي نوجوان سالن کان ان اميد سان هتي ٽيسٽ ڏيڻ اچن ٿا ته آخرڪار پاس ٿيندا، کين روزگار ملندو. خبر اٿئي هي سسٽم ائين ٺيڪ ٿي ئي نه سگهندو، جيسين اسان وٽ قانون ۽ آئين جي عملداري نه ٿيندي. جيسين چيئرمين ۽ سيڪريٽري پنهنجا سفارشي ڪم بند نه ڪندا، تيسين هيٺيان به ڪو اهو واپار بند نه ڪري سگهندو. جيڪڏهن حقيقت ۾ ڪارروائي ٿئي ته جيڪو اسٽاف ان ڪم ۾ ملوث آهي، انهن جي نوڪري ختم ٿيڻ سميت سڄي ملڪيت ضبط ٿئي ۽ عمر قيد جي سزا ملي ته هي سسٽم سڌري ويندو. پر اهو ڪير ڪري. وڏي انقلاب جي ضرورت آهي.

اڙي يار، هي حيدرآباد جو حسين روڊ ٿڌي سڙڪ، ڪو وقت اڳيهي رستو ڪيڏو يادگار هو. ڦٽاس هوٽل، جتي وڏيرن جا ڪمرا مهينن جا مهينا بڪ هوندا هئا. ڇا ڇا نه ٿيندو هو، ڇا ڇا نه هو. سانگهڙ جي هڪ جهوني وڏيري هڪ ڪچهريءَ ۾ مونکي ٻڌايو هو ته ڦٽاس ۾ اسان يورپ جهڙا مزا ورتا. شراب ۽ شباب پاڪستان سميت ٻاهر جو گهرائيندا هئاسين، جواني هئي، پئسا هئا، وقت هو. اگهه لڳندا هئا، هتي وڏيرن جي پِڙي لڳندي هئي ڄڻ.

احمد، ٿڌي سڙڪ جو هي روڊ، وڏن ٿڌن وڻن جي ڪري ماڻهن جي آماجگاهه بڻيل هوندو هو. منجهند جون ڪيترائي ماڻهو ٽانگن تي چڙهي اچي هنن وڻن هيٺان ننڊ ڪندا هئا. واڌو واهه تي منجهند ٽاڻي تڙ لاءِ ڪيڏا نوجوان ايندا هئا. ڪيڏا حسين منظر هئا.

يار احمد، هي ڏس پبلڪ سروس ڪميشن آڏو شاگردن جو احتجاج، تون هي منهنجو موبائيل وٺ ته آئون به هن جي گيٽ کي ٻه ٽي پٿر هڻان. هنن ظالمن وڏو ظلم ڪيو آهي. “

اڃان ڳالهين ۾ ئي هئس ته موبائيل جي گهنٽي وڳي. کيسي ۾ هٿ هڻي موبائيل ڪڍيم ته احمد جو ئي فون آهي.

“ هلو، يار احسان ڪاڏي هليو وئين. آئون تنهنجي موٽر سائيڪل جي پاسي ۾ ئي بيٺو آهيان. يڪو تنهنجو نمبر ئي نه پيو لڳي....” هن چيو.

“اڙي احمد، تون ته مونسان يڪو گڏ هئين. پاڻ پنڌ پئي آياسين، هي ڳالهيون، هيڏيون ساروڻيون ۽ پبلڪ سروس ڪميشن آڏو گڏ پهتا آهيون، هاڻي هاڻي. وڏو لاه آهين. ڪٿي آهين.” مون چيو.

گول گول ڦري ٿو ڏسان، ويجهو ڪير ئي ناهي.

“اڙي يار سچي ٻڌا ڪٿي آهين.” وراڻيم.

“اڙي يار احسان، اچين ته اچ، نه ته آئون وڃان، مونکي ڳوٺ وڃڻو آهي. دير پئي ٿئي.” احمد چيو.

چيم: ”بيهه جاني اچان ٿو رڪشا ۾. بس پنج منٽ.”

هي ڇا، احمد اتي آهي ته مونسان گڏ ڪير هو. الا هي ڇا پيو ٿئي مونسان.

وڏو ساهه... ٿڌو شوڪارو، اڙي مار پوئي لغاري، دماغ ئي ڦيرائي ڇڏيو اٿئي.

 

(احسان لغاريءَ جي فيسبڪ وال تان ۲۱ فيبروري ۲۰۲۴ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment