Friday, March 1, 2024

مشڪرو - جُوزي بنٽُو مونتيارو لُوباتو - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

مشڪرو

(برزايلي ڪھاڻي)

ڪھاڻيڪار: جُوزي بنٽُو مونتيارو لُوباتو

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



(۱)

پيڊرو لوڪس، حياتيءَ جا ٻٽيھ کن بھارَ ماڻڻ پڄاڻان، سنجيدگيءَ سان ڪجھ ڪرڻ جو سوچي رھيو ھيو. ھو پنھنجي فطرت ۾، ھڪڙو مشڪرو ھيو. ھيل تائين ته، ڏاتار جي ڏنل انھيءَ ڏات ذريعي، پنھنجو گذر سفر ڪندو پئي آيو. وٽس رھڻ لاءِ ھڪڙو آرامدھ گھر ۽ اُوچو لباس مطلب ته ھر سھوليت ھڪي حاضر ھئي. انھن مڙني جا خرچا پکا، ھو پنھنجي فن جي ڪمائيءَ مان ڪندو ھيو. ڪڏھن مزاحيه شڪليون ٺاھيائين، ڪڏھن لطيفا ٻڌايائين، ته وري ڪڏھن انگريزن تي ڊونگل اڇلايائين. پيڊرو اصل ۾، ھڪڙو نفسيات جو ماھر ھيو ۽ اڳلي جي نفسيات آھر، ڪھاڻيون گھڙي وٺندو ھيو.



’مزاح جو انسائيڪلوپيڊيا‘ نالي ڪتاب ته پوري جو پورو رٽيل ھيس. الائي ته ڪھڙو جادو ھيس جو ڪيڏي به ڇسي ڪھاڻي ڇو نه ھجي، جڏھن ھيءُ ٻڌائڻ لڳي ته ٽھڪار پئجيو وڃن ۽ ٻڌندڙ کلي کلي اونڌا ٿيو پون. کيس ماڻھن ۽ جانورن جي اھل ڪرڻ جو وڏو ڏانءُ ھيو. ڪتا، ڪھڙن موقعن تي ڪھڙا ڪؤنڪاٽ ڪندا آھن. جھنگلي مِرونءَ جا کيکراٽ ۽ بگھڙ جي اوناڙ ائين ڪڍندو ھيو جو ڪتن کي به منجھائي وجھندو ھيو ۽ شايد چنڊ کي به. ڪڪڙِ وانگر ڪُڙ ڪُڙ ڪرڻ، ڏيڏر وانگر ٽران ٽران ڪرڻ، ڪنھن ڪراڙي عورت وانگر پٽون پاراتا ڏيڻ، تازي ڄاول ٻار وانگر روئڻ ۽ آواز ڳؤرو ڪري، ڪنھن ميڙ آڏو تقرير ڪرڻ جو ماھر ھيو. ڪھڙي شيءِ ھئي، جنھن ۾ کيس مھارت حاصل نه ھئي؟

پيڊروءَ اھا مھارت، ائين حاصل ڪا نه ڪئي ھئي. ھُنَ وڏي محنت سان، باقاعدي کوڙ ڪتاب پڙھيا ھيا. سندس فن جو عروج، اھو کيل ھيو، جنھن ۾ ھو تماشبينن کي پٿر جي دور ۾ وٺي ويندو ھيو. جانورن جون اوناڙيون، مختلف اوزارن جا آواز ۽ انسانن جي اشارن ۾ ھڪٻئي سان ڳالھ ٻولھ، مطلب ته سندس اھا اداڪاري محض اداڪاري نه بلڪ تاريخ جو ھڪڙو سبق ھوندي ھئي.

 

 

واٽ ويندي ٻه چار ڇوڪرا واندا ڏسندو، بيھي ساڻن ڪچھري ڪندو. وري ھڪڙي ڇوڪري جي اھل ڪندو ۽ باقي ٻيا کل ۾ ويڙھيا پيا ھوندا. جتي بيھي، اتي جھُمُّ ٿي وڃي. سندس ٽھڪ ڏيڻ جو به ڍنگ ئي پنھنجو ھيو. ٽھڪ ڏيڻ ويل اھڙي شڪل ٺاھيندو ھيو جو ڏسندڙ، ھٿن مان نڪتا وڃن. ان ڳالھ ۾ ڪو وڌاءُ ڪونھي ته ماڻھو کيس ڏسي ئي کل ۾ ٻُٽجي ويندا ھيا. مشڪري ڪندي ڪندي، اوچتو اھڙو سنجيده ٿي وڃي جو ماڻھو ان ادا تي به ھوڪريا ڪن. اٿڻ ويھڻ، کائڻ پيئڻ جو طريقو، مطالعي جو طريقو، مطلب ته ھر شيءِ فن سان ايڏي ٽٻٽار ھيس جو ماڻھن لاءِ ڄڻ گھمندڙ ڦرندڙ ٿئيٽر ھيو.

سندس جوھر ڏسي، ٻڌندڙ شروع ٿي ويندا ھيا؛ ”اڄ ته اسان کلي کلي کيرا ٿي پونداسين.“

”سندس کائڻ جو طريقو ڏسي، اڄ ته مان ايترو کليس جو مون وارو بيلٽ ئي ڇڄي پيو.“

۽ ھيءُ وري معصوم شڪل ٺاھي چوندن؛ ”مون ڇا ڪيو آ، مون ته لفظ به ڪو نه ڳالھايو آ.“

ان تي ته ماڻھو ايترو کلندا ھيا جو اکين مان ڳوڙھا ڳڙي پوندا ھين. سندس نالو ئي مرڪڻ جي ضمانت ھيو. اھڙيءَ طرح ھن حياتيءَ جا ٻٽيھ بھار چوڙيا ماڻيا ھيا.  

ھڪ ڏينھن پيڊرو، ھڪڙي واپاريءَ کي (جنھن جو قرضي ھيو) اھڙيءَ طرح ڪجھ ٻڌائي رھيو ھيو جنھن تي ھُن وڏو ٽھڪ ڏئي چيس؛ ”خدا جو قسم! تون به وڏي مزي جي شيءِ آھين! ان ميجر پائولي کان گھڻو ڀلو آھين، جيڪو قرض ته ڪو نه ٿو موٽائي، ھٿئون منھن ۾ سُونڊ وجھيون ٿو ھلي.“

اھو گفتو، ظاھري طور تي ته سندس ساراھ ۾ چيل ھيو، پر پيڊرو اوچتو سنجيده ٿي ويو. ايندڙ ڏينھن ۾ کيس ڪيترا ئي گھمرا، اھو گفتو پنھنجي مغز ۾ گونجندو ٻڌڻ ۾ آيو. ھيءُ اھو سوچڻ تي مجبور ٿي ويو ته ائين ڪيستائين ھلندو؟ جيتوڻيڪ ھو اڃا تائين ساڳئي واپاريءَ جو قرضي به ھيو ۽ ھن به کلندي کلندي اھو وار پاڻ تي سَٺو ھيو، مگر اندرئون ئي اندرئون اھو طعنو اڏوھيءَ وانگر کيس کائڻ لڳو ھيو. ھاڻ ھو سنجيده رھندو ھيو. واٽ ويندي ڪنھن سان به ڪو نه ڳالھائيندو ھيو. مگر ماڻھن کي ڇا ڪجي؟ اھي کيس ڏسڻ شرط کل ۾ ويڙھجي ويندا ھيا.

(۲)

ماڻھن، سندس سنجيدگيءَ ۾ به مزاح جو پاسو ڳولي لڌو ۽ پيڊرو اھو سوچڻ تي مجبور ٿي ويو ته ڇا ھو ڪڏھن به ٻيو ڪجھ ڪري نه سگھندو؟ کلائيندڙ مشڪرو! ڇا اھو ئي سندس مقدر آھي؟ سڄي حياتي، ائين ته ڪا نه گذرندي. ھا! جوانيءَ جي جوش ۾ اھا عزت نفس نالي واري شيءِ ٿورو گمنام ئي ھوندي آھي مگر عمر جي ھن حصي ۾ آخر ڪيستائين قرض جي مئي پيئندو رھندس.

پنھنجي لاءِ ڀانت ڀانت جا ڪم سوچڻ لڳو. سوچيائين ته جيڪڏھن ڪا نوڪري ملي وڃي ته ھڪ ته مون لاءِ مستقل آمدنيءَ جي شڪل به نڪري ايندي ۽ ٻيو ته ھن مشڪرائپ واري حياتيءَ مان به ڇوٽڪارو ملي ويندو.

ھوريان ڏاڍيان، سندس زندگي مٽجندي وئي. ھن پنھنجي اٿڻي ويھڻيءَ کي بدلايو ۽ مختلف ھوٽلن ۾، معاوضي تي اداڪاريءَ جا جوھر ڏيکارڻ لڳو. جيڪو ڪم اڳي سندس دل پشوري ھيو، سو ھاڻي سندس مزدوري ٿي پيو. ٿورن ڏھاڙن ۾ ئي ھو ان ڪم مان بيزار ٿي پيو. سندس اٿڻي ويھڻيءَ ۾ وڏي تبديلي اچي وئي ھئي. ھو ماڻھن کان پاسو ڪرڻ لڳو. ھفتن جا ھفتا سوچڻ پڄاڻان، پنھنجي لاءِ ھڪڙو موزون ڪم سوچي ورتائين. پنھنجي ھڪڙي سنگتيءَ وٽ ويو، جنھن کي تماڪ جو ھڪڙو ننڍڙو ڪارخانو ھيو. کيس ليلھايائين ته ”ھاڻ پوئين زندگيءَ مان منھنجي دل کَٽي ٿي وئي آھي ۽ مان نوڪري ڪرڻ ٿو چاھيان، تنھن ڪري مون کي ڪارخاني ۾ نوڪريءَ تي بيھار. مان ننڍي ۾ ننڍو ڪم به ڪندس، اھو ڀلي پٽيواليءَ جو ڪم ڇو نه ھجي!“

سندس دوست اھو ٻڌي کلڻ لڳو؛ ”ھا ھا ھا! پيڊرو لوڪس ۽ نوڪري!!! تماڪ جي ڪارخاني ۾!!! واھ واھ! ڇا ته ٽوڪ ٺاھي آيو آھين! تون ۽ منھنجو پٽيوالو! ھا ھا! تون ڀلي منھنجو قرض نه موٽاءِ، مگر خدا جي واسطي پنھنجي ايندڙ شو لاءِ مون تي لطيفو نه ٺاھجانءِ!“

سندس دوست، ٻئي مٺيون پيٽ ۾ ڏئي ٽھڪن ۾ ائين کُپي ويو جو سندس ھڙ نوڪر به ٽھڪار ڏئي کلڻ لڳا.

پيڊرو وائڙو ٿي ويو ۽ چيائينس؛ ”ڏس يار! مان بلڪل سنجيده آھيان ۽ تو کي مون تي ٺٺوليون ڪرڻ جو ڪو حق ئي ڪونه ٿو پڄي. خدا جي واسطي مون غريب تي چٿرون نه ٺاھ! مان تو کان ھڪڙي نوڪري پيو گھران! تون، مون تي طنز ته نه ڪر!“

سندس سنگتيءَ کي کل جو وري نئون دورو پئجي ويو؛ ”ھُڦ! پيڊرو! تون ۽ سنجيده! ھا ھا ھا! ڏس تون.....“

پيڊروءَ کي ايڏي ته چڙ آئي جو سندس پورو جملو ٻڌئي بنا، اتان ھليو آيو.

”ته ڇا ھن معاشري ۾ مون لاءِ ڪا جاءِ ڪونھي؟“ ھو ڏکارو ٿي ويو. ڪيترن ئي ٻين دوستن ۽ ڄاڻ سڃاڻ وارن سان پڻ مليو ۽ مڙني کي پوري سنجيدگيءَ سان سموريون حالتون ٻڌائي، نوڪريءَ لاءِ ليلھايائين. مگر مڙني سندس ڳالھين کي ھڪڙي نئين چال ئي سمجھيو. ماڻھو مٿس ڪجھ ھن قسم جا گفتا ڪڍڻ لڳا؛ ”اھو پيڊرو ڪراڙو ٿيڻ تي آھي، پر پنھنجي حرڪتن کان مڙڻ وارو ناھي.“

شھر مان مايوس ٿيڻ بعد، ھو ويجھي ڳوٺ ۾ ويو، جتي ھڪڙي زميندار جو منشي، ڪم تان ڇڏي ھليو ويو ھيو. پيڊروءَ وڏي سنجيدگيءَ ۽ آزيءَ سان کيس ليلھايو. زميندار به کل ۾ ٻُٽجي ويو؛ ”ڇا ڳالھ آ! پيڊرو ۽ منشي! ھا ھا ھا! ڏاڍو مزو آيو! تون به ڇا ته شيءِ آن يار! ھتي، ھن ڳوٺ ۾.... اوھ اوھو! مان ٿورو پنھنجي گھر ڀاتين کي ته سڏي وٺان! اسان جو ته شھر ڏانھن اچڻ وڃڻ ڪو نه ٿو ٿئي. اھي به تنھنجا لطيفا ٻڌي وٺندا!“

ان ڏھاڙي ته گھر موٽي اچي، ھو ڏاڍو رُنو. کيس اڄ اھا ڳالھ سمجھ ۾ آئي ھئي ته ھن سالن جا سال جنھن بڻياد تي اڏاوت اڏي ھئي، سا ايڏي آسانيءَ سان ڪرڻ واري نه ھئي. مڙني جي نظرن ۾ ھو محفلن جو مورُ ۽ شھر جو سڀ کان وڏو مشڪرو ھيو ۽ ھو ايترو سولائيءَ سان بدلجڻ وارو نه ھيو.

(۳)

ھن، ھارَ نه مڃي. گھڻي سوچ ويچار پڄاڻان، آخر ھن نتيجي تي پھتو ته کيس سرڪاري نوڪري ڪرڻ کپي. حڪومت جي ان سان ڪھڙي ليڻي ديڻي ته سندس ھڪڙو نوڪر، مشڪرو آھي. ان کي ته ڪم سان ڪم آ. ھن، مختلف کاتن جي تڪ تور ڪئي، جيئن ريلوائي کاتو، مالياتي کاتو، خط پٽ وارو کاتو، ڪورٽ وغيرھ. مختلف کاتن جي ڇنڊ ڇاڻ پڄاڻان، ھن مالياتي کاتي ۾ ڪم ڪرڻ جو ارادو ڪيو. ان کاتي جو اڳواڻ، ميجر رابرٽو ھيو، جيڪو جھور ڪراڙو ۽ دل جو مريض ھيو. سندس بابت مشھور ھيو ته کيس پيٽ ۾ سرطان جو ڳوڙھو آھي، جيڪو ڪنھن وقت به ڦاٽي سگھي ٿو. پيڊرو جي اميد جو مرڪز، گاديءَ جي ھنڌ رھندڙ ھڪڙو مائٽ ھيو، جيڪو ملڪ جي ٻيو نمبر وڏي سياسي پارٽيءَ جو ھڪڙو اھم عھديدار ھيو. ٻڌڻ ۾ ائين آيو پئي ته ايندڙ چونڊ مقابلي ۾ سندس پارٽي، حڪومت ٺاھڻ ۾ سرسي ماڻيندي. ھيءُ سندس گھر وڃي پڳو ۽ کيس ايتريون آزيون نازيون ڪيائين جو ھُن پيڊروءَ سان وچن ڪيو ته؛

”تون ڳڻتي ئي نه ڪر! مون کي جيئن ئي ايندڙ حڪومت ۾ ڪو به عھدو مليو ۽ تنھنجي انھيءَ ميجر جو ڳوڙھو ڦاٽي ٿو ته مان تو کي سندس جاءِ وٺرائي ڏيندس. پوءِ ڪنھن جي ڪھڙي مجال آ جو تو تي ٺٺوليون ڪري! بس جيئن ئي اھو ميجر ھن دنيا مان موڪلاڻي ڪري، مون کي ڄاڻُ ڪجانءِ! سندس قبر سڪڻ جو به انتظار نه ڪجانءِ!“

پيڊرو، ھڪڙي نئين اتساھ سان گھر موٽي آيو. سندس ھڪ اک ايندڙ چونڊ تي ۽ ٻي اک ميجر تي کُتل ھئي. خالي دماغ، شيطان جو گھر.... پيڊرو به گھر ۾ نکمڻو ويھي، ميجر کي ھٽائڻ جا منصوبا ٺاھڻ لڳو. ھن، سرطان بابت ايڏو مواد پڙھيو جو انھيءَ موضوع تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالھائڻ جي قابل ٿي ويو. ھڪ ڪتاب ۾ ھن پڙھيو ته اھڙو مريض، جنھن جي پيٽ ۾ سرطان جو ڳوڙھو ھجي، اگر ڏاڍيان ٽھڪ ڏيندو ته سندس ان ٽيومر جي ڦاٽڻ جا امڪان وڌي وڃن ٿا. پيڊرو، اھو پڙھي، گھري سوچ ۾ پئجي ويو. کيس خيال آيو ته ميجر کي اوچتو کلائڻ سان منزل ماڻڻ، مون لاءِ آسان ٿي سگھي ٿي.

”اھو ڏوھ ٿيندو!“ سندس دل جو آواز آيو.

دماغَ، ٿڏي تي ڳالھايو؛ ”ڪنھن کي کلائڻ، ڪو ڏوھ ٿورو ئي آھي!“

سندس دل ۽ دماغ جي وچ ۾ جنگ مچي وئي ۽ ڪيئي ڏھاڙا گُگ مُگ واري ڪيفيت ۾ رھيو. نيٺ سندس دماغ کَٽي ويو ۽ ھن ميجر رابرٽو سان لھ وچڙ ۾ اچڻ جون ڪوششون ورتيون. ھن حيلن بھانن سان، مالياتي اداري جا چڪر ڪاٽڻ شروع ڪيا. ھو پنھنجي ڄاڻ سڃاڻ وارن جا مختلف ڪم ڪاريون به ڪيون ايندو ھيو. ڪنھن جو ٽيڪس پياري ايندو ھيو ته ڪنھن جو لائسنس وٺيو ايندو ھيو. پنھنجي ڏنل خدائي صلاحيتن مان ھو سڄي آفيس کي پنھنجو ھمدرد ته ٺاھي ويو مگر ميجر رابرٽو صفا ٽيڏي کيرڻي ھيو. ان الائي ڪيترا گھمرا ته پنھنجي عملي کي دڙڪا به ڏنا ته پيڊرو سندن آفيس ۾ ھر وقت ڪَنَ ڪڍيون ڇو ويٺو ھوندو آھي؟ مگر سڄو عملو، ھِنَ جو طرفدار ٿيو بيٺو ھيو.

ھوريان ڏاڍيان ميجر به پنھنجي آفيس ۾ سندس اچڻ، سَھڻ لڳو. پر مٿس ’زندھ دل باندر‘ جو نالو رکي ڇڏيائين. ميجر جي نظرن ۾ ھيءُ ھڪڙو سادڙي دل جو، نرم دل ۽ مڙني جي ڪم اچڻ وارو خوش مزاج ماڻھو ھيو. ٻن مھينن ۾ اھا حالت وڃي بيٺي جو ميجر رابرٽو، پنھنجي ھيٺئين عملي کي پيڊروءَ جا مثال ڏئي چوندو ھيو؛ ”توھان به سندس وانگر محنت ۽ دل سان ڪم ڇو نه ٿا ڪيو؟“ ھڪ دفعي ته ھن پنھنجي عملي کي دڙڪو ڏيندي چيو؛ ”اوھان پيڊروءَ کان سکو ته وڻ وڻ جي ڪاٺيءَ سان ڪيئن منھن ڏبو آھي.“ ساڳئي ئي ڏھاڙي تي ميجر رابرٽوءَ، پيڊروءَ کي رات جي مانيءَ تي سڏايو. پيڊروءَ جي ته ڄڻ، دل جي مراد پوري ٿي.

ان رات، کاڌي جي ميز تي پيڊروءَ ڏاڍا لطيفا ٻڌايا، مگر ميجر رڳو مرڪندو ئي رھيو. حالانڪ ھي اھي لطيفا ھيا، جن تي پوري جو پورو پنڊالُ، کلي کلي اونڌو ٿي ويندو ھيو. پيڊرو به پنھنجي ڌُنِ جو پڪو ھيو. اڄ نه ته سڀاڻي، مان کيس کلائي وجھندس.

(۴)

ڀَريا ٽي مھينا گذري ويا. ملڪ ۾ چونڊ مھم جو شور شرابو، زور تي ھيو. پيڊرو ھاڻ، ھٿن مان نڪتو پئي ويو. ميجر گھڻي حد تائين ھن سان ھري مري ويو ھيو ۽ پيڊرو به سمجھي ويو ھيو ته ميجر کي ڪھڙي قسم جي مذاق وڻندي آھي. ھن وقت تائين اھو ته تاڙي ويو ھيو ته ميجر جو مطالعو ڏاڍو گھڻو ٿيل آھي ۽ کيس انگريزن ۽ فرانسيسين متعلق لطيفا يا مزاحيه ٽوٽڪا ٻڌڻ ڏاڍا وڻندا آھن. سندس ھڻ وٺ رنگ لاتو، ميجر کلڻ ته شروع ٿيو مگر وڏن ٽھڪن واري نوبت اڃا نه آئي ھئي.

ھڪڙي ڏيھاڙي ميجر رابرٽوءَ، پيڊروءَ کي پنھنجي ڪمري ۾ سڏايو ۽ کيس شام ڌاري پنھنجي گھر اچڻ جي ڪوٺ ڏنائين؛ ”اڄ شام، منھنجا خاص مھمان ٿا اچن. پائين باغ ۾ امازون جي مڇيءَ ۽ ڀُڳل تترن جو بندوبست به ڪيو ويو آھي. اڄ تنھنجي زندھ دليءَ جو به امتحان آ!“

ان رات، ھن ڪيترا ئي ٽوٽڪا گھڙي ٺاھيا ۽ پوري وقت تي رابرٽوءَ وٽ وڃي سھڙيو. ميجر جا سڀئي دوست، ميجر وانگر سنجيدھ ھيا. مگر پيڊرو به ’اڄ نه، ته ڪڏھن به نه‘ واري سوچ سان وڃي ميدان ۾ لٿو ھيو. ھن، جانورن جون اھلون شروع ڪيون. چنواتي لڳل گُلر جي ڪؤنڪاٽن ته مھمانن جي سنجيدگيءَ تان چادر لاھي اڇلائي ڇڏي. وري ٻڪر جو ٻڪريءَ کي سڏڻ وارن ٻيڪڙاٽن ته جھانُ ئي اور ڪري ڇڏيو. اڄ رابرٽو، دل کولي کليو ھيو. مگر پيڊروءَ جي دلي مراد اڃا پوري نه ٿي ھئي.

آميزن جي مڇي ۽ ڀُڳل تتر، ڏاڍا مزيدار ھيا. کائڻ کان پوءِ، ڳاڙھي شراب جو دور ھليو. ھاڻ، پيڊرو آخري چال ھليو ۽ ھڪڙي انگريز ۽ سندس زال جي سنجيدھ گفتگوءَ جي اھل ڪرڻ لڳو، جنھن تي ھڙئي اونڌا ٿي پيا. ميجر رابرٽو به ٽھڪ ڏئي کليو پئي ۽ انگريز واري لطيفي تي ته سندس نڙگھٽ مان ڪاڪڙو به نظر پئي آيو. پيڊروءَ پنھنجي ترڪش جو آخري تير وھايو. ھن ٻن فرانسيسي پادرين جي ھڪڙي اسپينيءَ سان گفتگو ٻڌائڻ شروع ڪئي. نيٺ سندس محنت رنگ لاتو. ميجر رابرٽوءَ وڏو ڌماڪيدار ٽھڪ ڏنو. ايڏو ڌماڪيدار جو ٻاھرين سڻڪ تائين اھو آواز ٻڌجي سگھيو پئي. اھو سندس پھريون ٽھڪار ھيو ۽ آخري به.....

ٽھڪار سنئين، سندس واتان رت جو ھڪڙو ڦونگارو نڪتو ۽ ھڪڙي زوردار ڌَمِ سان سندس مٿو وڃي ميز سان ٺا ٿيو. سندس پيٽ جو ٽيومر ڦاٽي چڪو ھيو. پيڊرو، ڪامياب ٿي چڪو ھيو. سندس رستي جي رنڊَڪَ ھٽي چڪي ھئي. ھو اتان، ڦَرڪڻيءَ واري ڪيفيت ۾ نڪتو ۽ پنھنجي پاڻ کي اچي ڪمري ۾ واڙي ڇڏيائين. ان رات سندس سارو بُتُ، ھَڄِي رھيو ھيو ۽ سندس ڏند کڙڪي رھيا ھيا ۽ کانئس ٿڌ جا پگھر اُڙھا پئي. ٿورڙي به کڙڪي تي ڇرڪ پئي ڀريائين ۽ مٿس پوليس جو ڀؤ ويٺل ھيو. کيس ان حالت مان نڪرڻ ۾، ڪيترا ئي ھفتا لڳي ويا.

مالياتي ادراي وارن، سندس ڊگھي غير حاضريءَ کي ميجر رابرٽوءَ جي موت جو صدمو ئي سمجھيو. پيڊرو، ٿورو پاڻُ سنڀالي ته ويو پر سندس اکين ۾ ورجائي ورجائي ساڳيو ئي منظر چٽجي پئي ويو. رابرٽوءَ جي واتان رت جو ڦونگارو نڪرڻ، سندس ميز تي ڪرڻ ۽ فضا ۾ ڦھليل ھڪڙي ڌماڪيدار ٽھڪار جو آواز......

ھيءُ، انھيءَ جرم جي احساس سان پنھنجي خول ۾ بند ۽ قيد ھيو جو کيس ساڳئي مائٽ جو خط اچي مليو. لکيو ھيائينس؛ ”تون ڪاٿي گم آن؟! مون کي اقتدار ۾ آئي ڪيترا ئي ھفتا ٿي ويا آھن ۽ تون نه پاڻ آئين، نه وري ڪو نياپو موڪليئي. تو مون کي واعدي مطابق، رابرٽوءَ جي چالاڻي جو اطلاع بر وقت نه ڏنو. مون کي سندس فوتگيءَ جي سُڌِ، اخبارن مان ملي. مان ستت وڃي واسطيدار وزير وٽ پھتس. مگر ھن جو متبادل ڳولجي چڪو ھيو. تنھنجي انھيءَ لاپرواھيءَ سان، تون پيشو مٽڻ وارو قيمتي موقعو، ھٿان وڃائي ويٺو آن. ھيءَ لاطيني چوڻي پنھنجي پَلَوَ ۾ ٻڌي ڇڏ ته؛ ”جيڪو مانيءَ تي دير سان پڄندو آ، تنھن لاءِ ھڏا ئي بچندا آھن.“

(۵)

 

 

ٻن ھفتن پڄاڻان، پيڊرو لوڪس، پنھنجي ڪمري ۾ مئو پيو ھيو. سندس لاش ڇت ۾ ٽنگيل ھيو ۽ سندس ڄڀ ڪٽيل ھئي. ھن، پنھنجي ڄڀ ڪٽي، خودڪشي ڪئي ھئي. اخبارن ۾ سندس متعلق تفصيل ڇپيا ته ماڻھو ڇرڪي پيا.

”پنھنجي ڄڀ ڪٽي ڇڏڻ،“ ھڪڙو سيٺ پنھنجي نوڪرن کي چئي رھيو ھيو؛ ”يار اھو پيڊرو به عجيب ماڻھو ھيو! ويندي ويندي به ڇا ته لطيف گھڙيون ويو آ، سندس ڄڀ ھاڻ ڪا عجائب گھر ۾ سجائي رکندا!“ سيٺ ۽ سندس نوڪر، گڏجي کِلَ ۾ ويڙھجي ويا.

 

نوٽ: محمد فيصل جي اردو ترجمي تان الٿو ڪيل


(ماھوار ھمسري حيدرآباد آن لائين جي مارچ ۲۰۲۴ع واري پرچي ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment