Tuesday, March 19, 2024

حج اڪبر - منظور ڪوھيار

حج اڪبر

ننڍڙي ڪھاڻي

منظور ڪوھيار



ڪکو خان، اڄ ٽپهري ڌارا گھر آيو ۽ چيائين؛ ”صرف چانھ پيئندس، ٻي ڪا تڪليف نه ڪجانء!“

”اڄڪلھ ڊائيٽنگ ٿو ڪرين ڇا؟“ پڇيومانس۔

”ڊائيٽنگ ڪرڻ واري تي لعنت ڪر!“


”باقي؟“

”افطار پارٽي تي به وڃڻو آ!“

”جڏهن روزو ئي نه ٿو رکين ته افطار ڇا جي؟“

”واھ ڙي واھ عقل جا اڪابر! ھڪ روزو نه رکان؛ ٻيو ماڻھن جي دل رنجايان۔ تو کي ڪهڙي خبر ته ڪنهن جي دل راضي ڪرڻ حج اڪبر جي برابر هوندو آھي!“

”ھن مهيني ۾ گھڻا حج اڪبر ڪيا ٿي؟“ پڇيومانس۔

وراڻيائين؛ ”جڏهن کان رمضان شروع ٿيو آهي!“

 

(منظور ڪوھيار جي فيسبڪ پوسٽ تان ۱۹ مارچ ۲۰۲۴ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment