Sunday, February 25, 2024

هڪ بابا، ٻيو آءُ ۽ ٽيون ڪانءُ - منظور ڪوھيار

هڪ بابا، ٻيو آءُ ۽ ٽيون ڪانءُ

نرگسيت جي مختصر ڪھاڻي

منظور ڪوھيار



’جديد سنڌي ادب جا سؤ سال‘ جي حوالي سان ليڪچر ٿي رهيو هيو. مانواري، محترم ۽ مهان اديب، ايڏو ته گھرائي ۽ گيرائي سان ليڪچر ڏنو، جو ٻڌندڙن جا ذهن گنجرجي ويا.

جڏهن سوالن جو وقفو ٿيو ته هڪ عام پڙهندڙ کانئس سوال ڪيو؛ ”سائين! اسان کي صرف اهو ٻڌايو، ان سؤ سالن جي عرصي ۾جديد ۽ معياري ادب ڪنهن پيش ڪيو آهي؟“


”نهايت اهم سوال آهي. ان جو مختصر مگر جامع جواب اهو آهي. هڪ بابا، ٻيو آ ۽ ٽيون ڪانءُ!“ عظيم اديب پنهنجن شهپرن تي هٿ ڦيرائيندي ۽ مشڪندي وراڻيو.

”اهو ڪانءُ ڪير آهي؟“ عام پڙهندڙ وري هٿ ادب جا ٻڌي سوال ڪيو.

”ڪانءُ، سنڌي ادب جو اهو عظيم نقاد آهي، جيڪو پڙهندو ڪنهن کي ناهي، پر ڪان! ڪان! سڀن تي ڪندو آهي.“ مهان اديب وڏي اعتماد سان وراڻيو.

No comments:

Post a Comment