Sunday, February 25, 2024

جِناتِي بابا - امتياز ابڙو

جِناتِي بابا

ڀوڳن ڀوڳن ۾ - ننڍڙي ڪھاڻي

امتياز ابڙو



اسان سنڌ جي مشهور جناتي بابا وٽ انٽرويو وٺڻ پهتاسين. اسان کي ڏسي هن چيو؛ ”آئون خود انٽرويو ۾ پاس ڪرائڻ جا تعويذ لکي ڏيندو آهيان ۽ توهان مون کان انٽرويو ڪندائو؟”

جمعي پڇيس؛ “سائين، سي ايس ايس ۾ پاس ٿيڻ واري تعويذ جا گهڻا وٺندا آهيو؟”

جناتي بابا وٽ هڪڙي مائي ويٺي هئي. بابا ان کي چيو؛ ”تنهنجي مڙس ۾ جن آهي!”

مائيءَ حيرت ۾ چيو؛ ”اڇا...جِنَ ۾ جِنُ!”

بابا چيس؛ ”اهو جِنُ ڪڍڻ جا ويهَه هزار لڳندا...!”


مائيءَ چيو؛ ”توهان اهو جِنُ ڪڍي مون کي ڏيو...۽ مُڙس ڀلي توهان رکي ڇڏيو!”

جناتي بابا هڪ انساني کوپڙيءَ ۾ نهاري ڪجهه پڙهڻ لڳو... جُمعي منهنجي ڪَنَ ۾ چيو؛ ”مون کي ته اها کوپڙي يونيورسٽيءَ جي ڪنهن شاگرد جي ٿي لڳي... جيڪو هاسٽلن جون مانيون کائي کائي اهڙو ٿي ويو آهي!”

بابا کان پڇيم؛ ”توهان وڏا پهتل ٿا لڳو؟”

يڪدم چيائين؛ ”ها، آئون اسلام آباد تائين پهتل آهيان!”

پڇيم؛ ”اُتي توهان ڇا ڪندا آهيو؟” چيائين؛ ”منهنجي پُٽ جو اُتي طوطي جي فال جو دڪان آهي، جتي هُو رڳو Fall جي موسم ۾ هُنن کيفال ڪڍي ٻُڌائيندو آهي ته هُنن جو Fall ڪڏهن ٿيندو...!”

جمعي پڇيس؛ ”توهان جِنَّ ڪڍڻ جا جيڪي پئسا وٺندا آهيو... ڇا، سڀ توهان کڻندا آهيو؟”

بابا ڪاوڙ ۾ چيس؛ ”نه ... اَڌُ جِنَ کي ڏيندو آهيان!”

جُمعي کي ڪَنَ ۾ چيم؛ ”تون انٽرويو وٺڻ آيو آهين يا پنهنجو حصو وٺڻ آيو آهين؟”

جناتي بابا شڪايت ڪندي ٻُڌايو؛ ”ڪجهه ماڻهو جِنَ به اوڌر تي ڪڍرايو وڃن... چوندا، قسطن تي جِنُ ڪڍي ڏيو ...هڪڙي مائيءَ چيو، منهنجي پُٽ مان جِنُ ڪڍ... جنُ ڪڍيم ته چيائين، هاڻي پئسا به وڃي جِنَ کان وٺ!”

جُمعي پڇيس؛ ”سائين، توهان وٽ واقعي ڪارو علم آهي؟”

جناتي بابا چيس؛ ”ھا، آئون نوڙيءَ مان نانگ ۽ تيليءَ مان ٿنڀ بڻائي سگهان ٿو!”

جمعي چيس؛ ”اها ڪهڙي ڏکي ڳالهه آهي...اهو ڪم ته اسان جي ميڊيا وارا روز ٿا ڪن!”

جناتي بابا جمعي ۾ نهاريندي چيو؛ “توکي خبر آهي ته منهنجي قبضي ۾ ٻه جِنَ آهن!’

جمعي چيس؛ ”...۽ توکي خبر آهي ته منهنجو مامون پروفيسر آهي!”

مون جناتي بابا کي ڪاوڙيل ڏسي پڇيو؛ ڏسو سائين، توهان وٽ هڪ اهڙو فن آهي جو توهان ماڻهوءَ ۾ پيل جِنُ ٻاهر ڪڍيو وڃو... ڇا، اهڙو ڪو تعويذ ڏيندائو جنهن سان اسان جي ملڪ مان ڪرپشن ختم ٿي وڃي؟”

چيائين؛ ”ادا، معاف ڪجو... جيڪڏهن جِنُ ماڻهوءَ ۾ وڃي پوي ته نڪري ويندو، پر جيڪڏهن ماڻهو وڃي ڪنهن جِنَ ۾ پوي ته اهو ڪڍڻ مشڪل آهي!”

No comments:

Post a Comment