Saturday, February 10, 2024

ھر ڪو لبي جو - منظور ڪوھيار

ھر ڪو لبي جو

ننڍڙي ڪھاڻي

منظور ڪوھيار



جيئن هوٽل تي پهتم ته ڪکو خان اٿي ڀاڪر پاتو ۽ چيائين: ”تنهنجي انتظار ۾ هيس!“

ويٺس مس ته بيري کي آرڊر ڏنائين؛ ”ٻه ڪشميري چانهيون ۽ ٻه مٺا ۽ ٻه نمڪين بسڪوٽ!“

”ان جو مطلب ته تو واري ڌر کٽيو آ!“

ڪکو خان معني خيز انداز ۾ مشڪندي وراڻيو؛ ”ڪيئن نه کٽندي!؟“



”ماڻھڻ کي شڪايتون ته جام هيون کين ڪيئن ڪنوينس ڪيئي؟“ پڇيومانس۔

”بابا، ماڻھن پهريان ته وٺ ئي نه پئي ڏنو۔ چيائون پئي ته اڳلا واعده ئي پورا نه ٿيا آھن ته ووٽ ڇو ڏيون؟“

”پوءِ؟“

”پوء مان ۽ مون جھڙن سچيتن ووٽرن کي سمجھايو ته ويچاري ليڊر کي ويسر جو موذي مرض ٿي پيو هيو۔ پر هاڻ جيئن ته ٻاهرين ملڪن مان علاج ڪرائي آيو آ۔ کيس عوام سان ڪيل سڀ واعده ياد اچي ويا آھن۔“

”پر جي وري جي تنهنجي ليڊر کي ويسر جو مرض ٿي پيو ته؟“ پڇيومانس.

”ليڊر ايڏو به ويسارو ناهي هوندو، جيترو عوام هوندو آھي!“ ڪکو خان ٻٽا ٽھڪ ڏيندي وراڻيو۔

”ڪکو خان! اڄڪلھ اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا جو دؤر آھي۔ هر ڳالگ پٽ پڌر ٿي ٿي وڃي!“

ڪکو خان زوردار ٽھڪ ڏيندي چيو: ”ليڊر به لبي جا، ته ميڊيا به لبي جي، ته ماڻھو به لبي جا۔.!“

No comments:

Post a Comment