Friday, October 4, 2013

انفرادي ۽ اجتماعي قبرون - ڊاڪٽر عزيز ٽالپر

انفرادي ۽ اجتماعي قبرون
ڊاڪٽر عزيز ٽالپر
مون وٽ ايتريون ڊگريون هيون، جيترا انگريزي جي اي بي سي ۾ اکر به ڪو نه هئا، پر نوڪري ملي ئي نه! هڪ دفعو ماستريءَ جو آرڊر ٿي مليو، سو به ويهه لکن ۾.. گهر ۾ مال ته هو ڪو نه جو وڪڻان. نم هيٺان تڏا وڇائي ڳوٺ جا غريب ٻارڙا پڙهائيندو هئس، ڪٿان پنجاهه، ڪٿان سؤ ملندو هو، باقي سڀ مفت ۾. موجوده حڪومت مهانگائي جو پُڇ ايترو ته کڻي ڇڏيو، جو گهر ۾ تنگدستي ٿي پوءِ جنگ دستي ٿي، ٽينشن لاهڻ لاءِ مون وري ڀنگ دستي شروع ڪئي. حالت اها هئي جو لوڻ آهي ته مرچ ڪونهي، کنڊ آهي ته پتي ڪانهي، طوطن ماءُ جا ڪڙڪاٽ پيا ڪنن ۾ ٽڙڪاٽ وجهن، مجبور ٿي مون پڙهائڻ ڇڏي پنڪچر جو دڪان کوليو. ڳالهه مڙئي ساڳي، پوءِ آئون حجام، ڪٻاڙي، عامل، جناتي بابا، حڪيم ويندي سبزي منڊي وارو ڪميشن ايجنٽ به ٿيس، پر گهر جي پاندي پوري ڪا نه ٿي. ماڳهين طوطن ماءُ جي تقريري فن ۾ ايتري ته شعله بياني اچي ويئي، جو منهنجو اندر سڙي صفا برنس وارڊ ٿي پيو. ڪنهن سڄڻ ماڻهوءَ صلاح ڏني ته صحافي ٿي ته بک جي بلا ڀڄي ويندئي. صحافي ڇا ٿيس، جيڪا نه ماسي سا به ماسي! شهر جا چڱا، مٺا سڀ ڀانئڻ لڳا. جوا، آڪڙا، مئن پڙي، ٺري وارا ۽ راشي ڪامورا ته ماڳهين ”قلبان قلبان“ پيا ٿين. دعوتون، تحفا، لفافا، اصل لئي ٿي ويئي. گهر مان تنگدستي ويئي ته جنگ دستي به ويئي ته ڀنگ دستي به ويئي. طوطن ماءُ به ٺريو پئي ٺري، پِٽن ۽ پاراتن جي بدران ڪلام ڳائڻ لڳي، ”سهڻا ماڻهو ٻيا به هزار.. پر منهنجو مڙس پڌرو لکن ۾..“ آئون به حيران ٿي ويس، اڳي ساڳي چوندي هئي، ”نڀاڳا ماڻهو ٻيا به هزار.. پر منهنجو مڙس پڌرو لکن ۾.“

هوڏانهن صحافت جو ڪارڊ مليو، هيڏانهن ادا وڏي جي گهر پٽ ڄائو. مون اها خبر هلائي ڇڏي ته ايڊيٽر صاحب گهرائي ڇنڊ پٽيندي چيو؛ ”پٽ ڀاڻهين ڄڻيو هو يا تنهنجي ڀاڄائيءَ؟“ چيم، ”ڀاڄائيءَ،“ چئي.. ”اها ته نارمل ڳالهه آهي، سڀ مايون ٻار ڄڻينديون آهن، پر تو وارو ادا وڏو پاڻ پٽ ڄڻي ها ته پوءِ هئي خبر..“ وري مون ٻي خبر هلائي..”انب جو ڪوئلو چوسي گهر کان ٻاهر اڇلايم، مينهن پيو، ان مان انب جو ننڍڙو ٻوٽو ڦُٽي پيو..“ ايڊيٽر صاحب وري به چڙي پيو، چئي: ”انب جو ٻوٽو انب واري ڪوئلي مان ڦٽو يا ڪاٺيءَ واري ڪوئلي مان؟“ چيم ته، ”انب واري ڪوئلي مان؟“ چئي..” اها ته نارمل ڳالهه آهي، انب جي ڪوئلي مان ته انب ئي ڦٽندو، پر جي ڪاٺيءَ واري ڪوئلي مان ڦٽي ها ته پوءِ خبر هئي،“ پوءِ مون کي ڇنڊ پٽڻ لاءِ اهڙي تقرير ڪيائين، ڄڻ غربت جي وقت واري طوطن ماءُ جي تقرير ڪاري علم ذريعي هن ۾ شفٽ ٿي ويئي هجي! مون روئي رڙي ڳچيءَ ۾ ڳارو وجهي کانئس معافي ورتي ته همراهه ٿڌو ٿيو ۽ مون کي اختلافي، عجيب و غريب، ڇرڪائيندڙ ۽ حيران ڪندڙ خبرن جي فن جا گر پيچ ڏسيائين. پوءِ مون ڪئين اهڙيون خبرون هلايون، مثلا: عمر جڏهن مارئيءَ کي کڻي ويو ته ويچاري ڪوٽ جي دريءَ مان پئي ماروئڙن لاءِ واجهائيندي هئي، سندن راهون تڪي تڪي، سندس نظر ڪاٽو ڏهه ٿي ويئي، پر کيت سميت هڪ به مارو ڪو نه پهتو. ٻي خبر اها هلايم ته، ”سهڻيءَ ٻڏڻ وقت ڏاڍا سڏ ڪيا، پر ميهار لئوڻو به ڪو نه ڦيريو، نه ڪانڌي ٿيو، نه جنازي نماز پڙهيائين. ٻيو ته ٺهيو، ٺلهي فاتحه تي به ڪو نه ويو، ان جو اهو سبب هو جو هڪ ته ميهار اليڪشن ۾ ڪو نه ٿي بيٺو.“ ٽين خبر اها هلايم ته؛ ”نوري جيتري غريب ۽ نياز نِوڙت واري نماڻي هئي، اوتري هوشيار ۽ چالاڪ به هئي، جو ڄام تماچيءَ کان شاهي لباس لهرائي، گوڏ پارائي مڇيون مارايائين ۽ اهڙين عجيب و غريب ۽ ڇرڪائيندڙ خبرن تي مون وارو ايڊيٽر صاحب اهڙو ته خوش ٿيو، جو مون کي سندس ڇهن مهينن کان اڻ ڌوتل ٻئي جوراب تحفي ۾ ڏنائين. جورابن ۾ اهڙي ته ڌپ هئي، جو مون وارو ساهه چوي؛ ”جهڙي آ ڌپ سونگهاڻي، تهڙي آ موت موٽاڻي، ڇڏ يار ته اصل وڃان وڃان..“ مون جوراب ڪو نه پاتا، پر اهو فائدو ٿيو، جو گهر مان مک، مڇر، جيت جڙا ۽ ڪوئا ختم ٿي ويا. اها خبر جو آبادگارن کي پئي ته مون کان جوراب وٺي پنهنجي فصلن ۾ ڪاٺي کوڙي ان ۾ ٽنگيائون ته گدري جي آرڻ مان ڊائوني وائرس ختم.. وونئڻن مان آمريڪي سنڊي، ڳاڙهي سنڊي، پن مروڙ، سائو مهلو ختم، سارين مان رتي ۽ گڏر ختم. مون وري تاريخ کي درست ڪندي، سسئي پنهون تي ريسرچ ڪئي، ”اول ته پنهون اهڙو چريو هو، جو مشڪ، عنبر ۽ کٿوريءَ جهڙا قيمتي آئٽم اٺ تي کڻيو پئي هليو ۽ سڀ ناڻو ڌوٻيءَ جي ڌيءَ تي لٽائي ڇڏيائين، کيس ٿورو به ڪوهستاني واڻين جيترو عقل هجي ها ته پيڊي کولي ها، ان مان ڪمائي رائيس مل وٺي ها، پوءِ ڪاٽن مل، پوءِ آئل مل، پوءِ شگر مل ۽ پوءِ هيرڻ جاگير ۽ ليار جاگير وٺي ڇڏي ها.“
پنهونءَ جي ذات مون کي منجهائي وڌو. لطيف سائينءَ کيس هوت به لکيو آهي، جت به، ته خان بلوچ به، سو سندس وڏن جي حسب نسب تي ريسرچ لاءِ آئون اٺ ڀاڙي ڪري وڃي ڪيچ مان نڪتس. اتي پهتس ته.. ابا زلزلو! اها خبر جا مون واري ايڊيٽر صاحب کي پئي ته ان فون ڪري مون کي بلوچستان ۾ آيل زلزلي بابت تفصيلي رپورٽ ٺاهي موڪلڻ جو حڪم ڪيو. مون ڏٺو ته آواران ضلعي ۾ مشڪي، ڪيچ ۽ گوادر ۾ قيامت لهي آئي هئي، سوين ماڻهو مئا پئي ۽ هزارين زخمي پئي ٿيا، بلوچستان جي ڪابينا ۾ وزير وڙا ته هئا ئي ڪو نه، هڪ وزير اعليٰ هو، سو به لنڊن جي ياترا تي.. فون ڪيومانس ته، ”مٿي ۾ ميٽ هجنئي ته به هليو آءُ، بلوچ مرن پيا“ چئي..”اتي سرڪاري مشينري آهي، سا حرڪت ۾ اچي ويئي آهي. مون کي هتي ٻه ٽي طرحي ۽ ٻه ٽي غير طرحي مشاعرا اٽينڊ ڪرڻا آهن. ڪجهه ناٽڪ منڊلين جا کيل ڏسڻا آهن ۽ بيگم صاحبه لاءِ ملبوسات، ميڪ اپ، زيورات، سافٽ ڊرنڪ وغيره وٺڻا اٿم، وڏي لسٽ آهي، ڀائو! هفتو کن اڃا به لڳي ويندو.“ مايوس ٿي وري قدرتي آفتن واري کاتي جي ڊائريڪٽر کي فون ڪيم، چئي: مون پنهنجو سيڪريٽري موڪلي ڇڏيو آهي، آئون پاڻ ان ڪري ڪو نه ٿو اچان، جو مون تي تمام اهم گهريلو ذميواريون آهن. پوءِ مون ملڪ جي وزير اعظم صاحب کي بلوچن جي مدد لاءِ فون تي اپيل ڪئي. چئي: ”مينون ٽيم نهين، مين اوباما دي ڊرون حملي، تي من موهن سنگهه دي چغلگيري نون فيس پيا ڪرندا هان، ڊرون حملي تي طالبان دا وڊا خطره هي، باقي بلوچان دي جيڙي جواڻ مرڻ ڪولون بچ جاسن، انا نون مين ليپ ٽاپ ديوانگا.“ سندس ٽاپ ٻڌي مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو. مون ملڪ جي اهم سياستدانن سان رابطا ڪيا، سڀ چون: اسان جي بلوچن سان اخلاقي، جاني، سياسي، سماجي، انساني ۽ آئيني مدد شامل آهي، باقي عملي طرح ڪجهه ڪو نه ٿا ڪري سگهون، جو خشڪي ۽ هوائي رستا بند آهن، سامونڊي رستي تان اسان کي ترڻ ڪو نه اچي. آئون حيران ٿي ويس، بلوچن لاءِ اهڙي سرد مهري ڇو؟ جڏهن آزاد ڪشمير ۾ زلزلو آيو هو ته سرڪار سڄي دنيا کي اٿلائي وڌو هو ۽ بلوچ ڄڻ پاڪستاني نه هجن. اوچتو مون کي هڪ بلوچ قومي ڪارڪن ملي ويو، تنهن کان تفصيلي رپورٽ ورتم. ان ٻڌايو ته جيڪي آهني هٿ اسان کي سڌو ڪرڻ لاءِ هتي موجود هئا، اهي ئي ملبا پيا اٿلائين، اڳي اسان کي ماري تڙ ۽ ڪفن ڏيئي تابوتن ۾ وجهي عزت سان اباڻن مقامن ۾ انفرادي قبرن ۾ پوري مٿان مٽي وجهندا هئا. هاڻي اهي ٽريڪٽرن سان کوٽيل اجتماعي قبرن ۾ پيا لٽين. مون بلوچستان ۾آيل زلزلي تي هڪ درد ناڪ رپورٽ ٺاهي ورتي. مون وٽ ڪيچ ۾ ڪي سحر انگيز ماڻهو آيا، تن اها رپورٽ نه موڪلڻ لاءِ مون کي لالچ به ڏني ته ڌمڪي به ڏني، پر مون ڪنهن طريقي سان اها رپورٽ ايڊيٽر صاحب ڏانهن فيڪس ڪري ڇڏي. اهي سحر انگيز ماڻهو شايد ايڊيٽر صاحب وٽ به پهچي ويا، اها دردناڪ رپورٽ اخبار ۾ ڪا نه ڇپي، مون کي گهڻو ڏک ٿيو. مون ايڊيٽر صاحب ڏانهن صحافتي ڪارڊ سان گڏ، استعيفى موڪلي ڏني.

آئون وري به نم هيٺان تڏا وڇائي ڳوٺ جا غريب ٻارڙا پڙهايان پيو. تنگدستي ضرور آهي، پر منهنجو ڳاٽ اوچو آهي، ۽ منهنجو ضمير زنده ۽ ايمان سلامت آهي.

3 comments:

  1. Replies
    1. سائين منھنجا! ھيءَ ڪھاڻي اوھان بلاگ تي پڙھي پنھنجي قيمتي راءِ کان آگاھ ڪيو. تنھن لاءِ اوھان جي مھرباني.

      Delete