Monday, December 26, 2022

ڪهڪشائن کان اڳتي - عبدالڪريم چنا

ڪهڪشائن کان اڳتي

عبدالڪريم چنا



محترم عبدالرافع شيخ جو پهريون ناول “يونيورسٽي ۾ گم ٿيل خواب” سال ۲۰۰۵ ۾ آيو هو. اهو ناول نالي مان ئي ڪيمپس ڪهاڻي معلوم ٿئي ٿو. بقول پبلشر ته ان ناول جا ٽي ايڊيشن اچي چڪا آهن. پاڻ اڃا تائين اهو ناول ڪو نه پڙهيو آهي. رافع شيخ جو ٻيو ناول “ڪهڪشائن کان اڳتي” هن سال ۲۰۲۲ جي اپريل مهيني ۾ ڇپجي سامهون آيو آهي. پنهنجي تبصري جو محور سندس هي نئون ناول آهي.

جان اسٽائين بيڪ جا ناول - عبدالرافع شيخ

جان اسٽائين بيڪ جا ناول

عبدالرافع شيخ



جان اسٽائين بيڪ (۱۹۰۲-۱۹۶۸) اهو امريڪي نوبل انعام کٽندڙ ليکڪ آهي جنهن جا ناول اڄ به امريڪا ۾ ادب پڙهندڙن کانسواءِ معاشيات، رياضي، ڪيمسٽري ۽ فزڪس جي شاگردن کي به ان ڪري پڙهايا وڃن ٿا ته جيئن انهن جي سوچ ۾ گهرائي پيدا ٿئي. پوئين هفتي جان اسٽين بيڪ جي هيٺين هڪ ناول ۽ ٻه نوويلاز جو اردو ترجمو پڙهڻ جو موقعو مليو

The Grapes of Wrath (اشتعال ڪي فصل ناول)

The Pearl (در شهوار نوويلا)

Of Mice and Men (چوها اور آدمي نوويلا)

هو - غفار سومرو

هو

ننڍڙي ڪهاڻي

غفار سومرو



ھو

ڪهاڻيون لکندو هو

۽ لڳاتار لکندو رهندو هو

ننڍپڻ کان جواني تائين،

جواني کان پيري جي پنڌ تائين،

پيار محبت جون ڪهاڻيون،

عشق ۽ عاشقي جون ڪهاڻيون،

جڳاڙي - عبدالرافع شيخ

جڳاڙي

(ننڍڙي ڪهاڻي)

عبدالرافع شيخ



اڄ، سورھن سالن کان پوءِ پنهنجي يونيورسٽي جي بکن ڏکن ۾ گڏ رهندڙ دوست سان ملي رهيو هيس، سندس هڪ ايڪڙ تي ٺهيل محل جهڙي عاليشان گهر کي ڏسي ان جي ٻڌايل موڪلن ۾ هاسٽل تي رهڻ جو سبب ياد اچڻ لڳو، چيو هيائين؛ “موڪلن ۾ گهر ويندس ته هڪ ڪمري جي گهر ۾ ٻين ڀاتين کي سوڙهه ٿيندي ان ڪري هت هيڏي وڏي هاسٽل ۾ اڪيلو مزي سان رهيو پيو آهيان.“

جڏهن ڪامريڊ جاڳي پيو - عبدالرافع شيخ

جڏهن ڪامريڊ جاڳي پيو

مختصر ڪهاڻي

عبدالرافع شيخ



“ڪامريڊ! لڳي ٿو ڪراڙو ٿي ويو آهين جو مينيجر مختيار به قابو ڪو نه ٿو اچئي.“گلزار، سگريٽ ۾ چرس ڀريندي چيس.

“بس يار اهو فلمي ڊائلاگ ٻڌو اٿئي نه؛ اسان ڇا شريف ٿياسين سڄي دنيا بدمعاش ٿي پئي.“

عبدالواحد سومري جي ناول مس ڪال جو اڀياس - وحيدمحسن

عبدالواحد سومري جي ناول مس ڪال جو اڀياس

وحيدمحسن



پاٺڪ ۽ نقاد ڪجھ سال اڳ ۾ چوندا ھئا ته سنڌي ادب ۾ ناول جي تمام گهڻي کوٽ محسوس ٿئي ٿي جنهن تي ڪم ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي انهيَ ڳالهه کي سنڌ جي اديبن ۽ ڪھاڻيڪارن اڃان به وڌيڪ سنجيدگيء سان ان طرف ڌيان ڏنو؛ ادبي محفلن ۾ ان تي بحث مباحثا ٿيڻ لڳا جنهن جي ڪري سنڌي ڪھاڻيڪارن پنهنجو اولين فرض سمجهندي ناول لکڻ شروع ڪيا ان سان گڏ شاعرن به ناول لکيا جنهن ۾ ايوب کوسو به شامل آهي ۽ محمد علي پٺاڻ ڪوتا ناول لکي نئون تجربو ڪيو اھو ڪيتري قدر ڪامياب ويو آهي ان تي به نقادن کي لکڻ جي ضرورت آهي ۽ ھاڻوڪي ادبي وايو منڊل ۾ موجوده ڪھاڻيڪارن مان بيدل مسرور؛ رسول ميمڻ؛ اسحاق انصاري؛ اڪبر سومرو؛ ممتاز بخاري؛ ڪليم ٻٽ؛ حسيب ڪانھيو؛ انور شيخ؛ اختر حفيظ؛ منير چانڊيو؛ انور ڪليم؛ رزاق سھتو شامل آهن ان کان علاوه ٻيا به ناول نگار اڀري آيا آهن ڪجھ ٻاھرين ادب جا ناول به ترجمو ٿيا جنهن سان ناول کي ھٿي ملي انهن سان گڏ عبدالواحد سومرو به ناول نگاري ۾ پنھنجا جوھر ڏيکارڻ لڳو آهي سندس پھريون ناوليٽ ايلسا ۲۰۲۰ع ۾ ڇپيو جنهن کانپوءِ جلد وري “مس ڪال “۲۰۲۱ع اوھان جي ھٿن ۾ آهي -

ڪراچيءَ جو صبح - وحيدمحسن

ڪراچيءَ جو صبح

ڪھاڻي

وحيدمحسن



صبح سوير جڏهن جاڳ ٿي ته بستري کي الوداع ڪندي پنھنجا نيڻ مھٽي اٿيس ۽ تازي ھوا جھٽڻ لاءِ گهر جي آڳنڌ تي ھليو آيس؛ پکي پنهنجن گهروندن مان اڏامي فضا ۾ سھڻيون پر ڪشش لاتيون ڪري رھيا ھئا! جھرڪين جي چون چون ۽ ڪانون جي ڪان ڪان ۽ ٻير جي وڻ تي ويٺل بلبلن جي ٻولي تي منهنجي گهر واري سحر به سجاڳ ٿي پئي ھئي ۽ ھٿ منهن ڌوئي رڌڻي ڏانهن ھلي ويئي مون کان پڇندي چيائين: “سرمد جا پيء اوھان لاءِ به چانه تيار ڪيان؟”