Sunday, November 21, 2021

سمنڊ ۽ هيڪلو روح - شوڪت حسين شورو

سمنڊ ۽ هيڪلو روح

(مختصر ڪھاڻي)

شوڪت حسين شورو



آسمان جو رنگ گهاٽو نيرو هو ۽ ان تي ڪڪرن جا ٽڪرا، ڪپھ جي پوڻين وانگر، ٽڙيا پکڙيا پيا هئا. هيٺ سمنڊ جو رنگ به آسمان جهڙو هو. سمنڊ، ماٺو هو. طوفان ڪڏهوڪو ختم ٿي چڪو هو، پر سمنڊ جي تھ کي اُٿلائي ۽ هر شيءِ کي ٽوڙي. گذري ويل طوفان جي هڪ نشاني، هڪ تختو، لهرن جي رفتار تي لڙهندو پئي ويو. ۽ هو ڊنل ۽ هيسيل، تختي کي چنبڙيو پيو هو. هن جو سڄو گم ٿي ويل هوش، موٽي آيو هو - اَڌوريءَ ۽ ٽٽل حالت ۾. هر طوفان کان پوءِ، سمنڊ نئون لڳندو آهي. هن کي به سمنڊ بلڪل نئون نظر آيو. رکي رکي هن کي لڳو ٿي ته هو ترندو پئي ويو. ’شايد منهنجو ذهن ستل ۽ جسم ٿڪل آهي، تڏهن ٿو ائين محسوس ٿئي.‘ هن سوچيو؛ ’جهاز وانگر، منهنجو وجود به ٽٽي چڪو آهي، ۽ سوچ به. پر اها ٽٽل سوچ، ٽٽل شيشي وانگر منهنجي ذهن ۾ چڀي رهي آهي.‘ هن چاهيو ته مٿو تختي تي زور سان ٽڪرائي ۽ اُن چڀ چڀ کان ذهن کي آجو ڪرائي. ’پر جي تختو ڇڏائجي وڃي ته....‘ هن کي ٽٽل جهاز جو فقط اهو هڪ تختو ئي هٿ آيو هو، اهو به غنيمت هو. ’مون کي هن تختي تي گهڻا ڏينهن ٿي ويا آهن؟‘ هن ياد ڪرڻ چاهيو. هو ڊڄي ويو. هي منهنجي ذهن کي ٿي ڇا ويو آهي؟ يادگيريون ڪيڏيون ڌنڌليون آهن- سمنڊ جي پاڻيءَ وانگر ڪار-سريون. محسوس ائين ٿو ٿئي، ڄڻ ته مان ازل کان وٺي ان صورتحال ۾ موجود رهيو آهيان. ڪيڏي عجيب ڳالھ آهي!‘ هڪ ڀيرو هن ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته اکيون پوري پاڻ کي موجوده حالت ۾ غير موجود ۽ ڪنهن ٻئي هنڌ ۽ ٻيءَ حالت ۾ موجود سمجهي. هو هڪ ڀرئي ڀُڪلئي جهاز ۾ سوار هو، جنهن ۾ کلندڙ ڪڏندڙ بيپرواھ ماڻهو هئا. جهاز، سمنڊ ۾ ڏاڍي شان ۽ مزي سان پئي ويو ته اوچتو ئي اوچتو ..... ’پر اهو ته مان زبان سان به چئي سگهان ٿو. ذهن ۾ تصويرون ڇو نٿيون اُڀرن! پر آخر فرق ڪهڙو ٿو پئي. ياد ڪرڻ مان ڪو به فائدو ڪونهي. ڄڻ ڪو ماضي آهي ئي ڪو نه، ۽ نه مستقبل جو ڪو يقين آهي، فقط حال آهي، ۽ موجوده صورتحال ئي سچ آهي. ٻيو سڀڪجھ بڪواس آهي منهنجي لاءِ..... منهنجي ٽٽل وجود جي ٽٽل ذهن مان سڀ يادگيريون ٽٽي وڃائجي ويون آهن.‘ هن بيزار ٿي اکيون کولي ڇڏيون. ’سمنڊ ڪيڏو وسيع آهي، ۽ آءٌ ان تي هڪ ڪک وانگر لڙهندو پيو وڃان. جي آءٌ ٻڏي ويس ته ڪهڙو فرق پوندو. سمنڊ جون ڇوليون ائين ئي اينديون وينديون رهنديون. ڪڏهن نه کٽنديون- ويرون، لهرون ۽ موجون.... ڪيڏي عجيب ڳالھ آهي. آخر ھي لهرون ۽ ويرون ڪٿان ٿيون اچن، ۽ ڪيڏانهن ٿيون وڃن؟ ڪٿي کٽن به ٿيون يا نه؟ ھيءُ پاڻي ساندھ پيو وهي. ڪا شيءِ ايڏي حيرت انگيز ڪانھي، جيڏو ھي سمنڊ- جنهن ۾ ڪئين ڳجهه، طوفان ۽ تبديليون سمايل آهن.... ۽ ڪيڏي عجيب ڳالھ آهي، ھر ڪا اُٿندڙ لهر مون کي سواليہ نشان جي شڪل ۾ نظر ٿي اچي. ھيءُ شايد حيرتن جو وهڪرو آهي، جنهن ۾ مان لڙهندو پيو وڃان. گهڻو سوچڻ اجايو آهي. ڪجھ به سمجھ ۾ نه ايندو. گهڻي سوچڻ کان پوءِ مون کي خود منهنجو ذهن به ڌاريو لڳندو آهي. مان شايد مري چڪو آهيان. پر منهنجو ذهن مئل ناهي، فقط ٽٽل آهي.‘ هن پڪ ڪرڻ لاءِ تختي کي محسوس ڪرڻ چاهيو، پر هن جي ساڻي بت کي ڪجھ به محسوس نه ٿيو. وري سندس سڪل آڱرين، جسم کي ڇهيو. تڏهن به هن کي ڪا خاطري نه ٿي. ’نه، مان جيئرو آهيان. گهٽ ۾ گهٽ ايترو ته سمجهي سگهان ٿو. هيءَ ايڏي ساري جدوجهد زندھ رهڻ لاءِ ئي ته ڪري رهيو آهيان، نه ته هڪ معمولي تختي جي سهاري جيئڻ ڪيڏو ڪٺن آهي. مون کي هر وقت ٻڏڻ جو ڊپ آهي. جيڪڏهن حياتي پياري نه هجيم ها ته رات- ڏينهن هن تختي کي ڇو چنبڙيو پيو هجان ها. ڄاڻان به ٿو ته هن جو سهارو دائمي ڪونهي. آخر ڪيستائين؟  نيٺ ته اهو سهارو به ختم ٿي ويندو. ڪو به سهارو هميشه جي لاءِ نٿو رهي. سهارا بدلجندا ئي رهندا آهن. پر منهنجي خواهش ڪا ايڏي غير معمولي ته ڪانھي. مون کي ڌرتيءَ جو سهارو کپي. ڌرتيءَ جي سهاري سڄي حياتي گذاري سگهجي ٿي. پر جي ڪنهن موزون هنڌ سهارو ملي.‘

Saturday, November 20, 2021

گهراڻو نمبر - غفار سومرو

گهراڻو نمبر

مختصر ڪهاڻي

غفار سومرو



پراڻي بوسيده جهريل گهر جي دروازي جو هڪڙو ڀڳل طاق کولي، محنت مشقت ڪندي ڪاراٽجي ويل ڏڪندڙ هٿ وڌائي، سڃاڻپ ڪارڊ ڏيندي چيائين؛ ”پٽ! ووٽ درج ڪرڻ کان پوءِ ڇا ملندو؟“

سندس گهنج گهنج ٿيل جهور پوڙھي چهري ڏانهن نهاريندي چيم؛ ”امڙ! جٿي ووٽ ڏيڻ سان به ڪجھ نه ملندو هجي، اتي ووٽ درج ڪرڻ سان ڇا ملندو!“

ڌنو اليڪشن ۾ - ھمير گاد

ڌنو اليڪشن ۾

(فلئش فڪشن)

ھمير گاد



رجو: ”ڌنو ڏي ته احوال! ڏاڍو خوش ٿو لڳين! آخر ڳالھ ڇا آھي؟“

ڌنو: ”شاديءَ کان پوءِ به ماڻھو خوش ھوندو آھي ڇا؟ اصل ۾ مان ان جي ڪري خوش آھيان جو مان لاڙڪاڻو آرٽس ڪائونسل جي اليڪشن ۾ بيٺو آھيان.“

رجو: ”مان سمجهيو هو؛ اڄ زال جي مار نه کاڌي اٿئي تڏهن خوش آھين... پر ڳالھ ته ٻڌ! تون ته گهر ۾ زال جي سامهون ناهين بيهي سگهندو، اليڪشن ۾ ڪيئن بيٺو آھين؟“

Friday, November 19, 2021

رات جو رنگ - شوڪت حسين شورو

رات جو رنگ

(مختصر ڪھاڻي)

شوڪت حسين شورو



هو پاسا بدلائي بدلائي بيزار ٿي پيو، پوءِ به هن اٿڻ نٿي چاهيو. واچ ۾ ٽائيم ڏٺائين، جيتوڻيڪ ٿوري دير اڳ ۾ ٽائيم ڏسي چڪو هو. اڃا تائين ڏھ به ڪو نه ٿيا هئا. هونءَ اٿڻ جو ٽائيم اٺ هو. ڏهين ڌاري آفيس جي گاڏي کڻڻ ايندي هئي. پر اڄ رڃ جهڙو ڏينهن هو. موڪل جو ڏينهن وڏي مصيبت ٿي پوندو هو. ايڏو ڊگهو ڏينهن، جيڪو ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺندو هو. ائين لڳندو هو ڄڻ سج به ان ڏينهن تي موڪل  ڪندو هو ۽ سستيءَ وچان رڙهندو ساهيون پٽيندو ويندو هو. هن کي ڊپ هو ته اک کولڻ سان اهي ئي ڏٺل وائٺل مهانڊا نظر ايندا، اهي ئي هميشه واريون ساڳيون ساڳيون ڳالهيون ڪرڻيون پونديون. سندس پارٽنر وقت ڪاٽڻ لاءِ تاس ويهي کيڏندا ۽ پاڻ هنن کي راند ڪندي ويهي ڏسندو. کيس راند ڪا نه اچي. وڌ ۾ وڌ ڪو ڪتاب کڻي پڙهندو. پر ھاڻي ته ڪتابن مان ڪڪ ٿي پيو هو. ڌيان سان ڪتاب پڙهي نٿي سگهيو. صفحن جا صفحا پڙهي وڃڻ کان پوءِ، کيس احساس ٿيندو هو ته الاجي ڇا پڙهي ويو. وري پنا اُٿلائي ٻيهر پڙهندو هو. گذريل هڪ سال کان اها حالت لڳاتار هئي- روٽين لائيف، بيزاري، مردگي؛ زندگيءَ جو، تبديليءَ جو، رنگينيءَ جو احساس مري ويل.

سرنگ - شوڪت حسين شورو

سرنگ

(مختصر ڪھاڻي)

شوڪت حسين شورو



ڪنهن ڪنهن وقت هن کي لڳندو هو ته روڊ کي کڻي آڻي سندن گهر ۾ اندر رکيو ويو آهي... ٽرڪون، بسون ۽ موٽر ڪارون در مان ڌوڪينديون اندر پيون اينديون هيون. هڪڙي ڏينهن کٽ تي ليٽيو پيو هو ته کيس لڳو ته گوڙ مٿانئس چڙهندو پئي آيو. هن زور سان چيو؛ ’کڻي وڃو روڊ کي هتان! ڪهڙي مصيبت آهي هيءَ؟‘ ۽ رڙيون ڪندو ڪمري مان ٻاهر نڪري آيو. سڪل ڪاٺيءَ جهڙي ڪمزور پوڙهي ماءُ ڏڪندي هن ڏانهن آئي ۽ لرزندڙ چپن ۾ مڻ مڻ ڪري مٿي آسمان ڏانهن اکيون کڻي ڏٺائين. هو ويتر باهه ٿي ويو. ’ائين چپن ۾ مڻ مڻ ڇو ٿي ڪرين؟ زور سان چئو ته خدا به ٻڌي! مون تو کي ڪيترا ڀيرا چيو آهي ته منهنجي لاءِ دعا نه گهرندي ڪر....‘ ماءُ ڊڄي سوڙهي ٿي پنهنجو پاڻ ۾ ويڙهجي اکيون هيٺ جهڪائي بيهي رهي، پر سندس ڄاڙي پوءِ به پئي ڏڪي. هن کي ماءُ تي رحم آيو ۽ پنهنجو پاڻ تي ڪاوڙ. موٽي اندر ڪمري ۾ هليو ويو، پر گهڻو ڪري هن کي رحم پنهنجو پاڻ تي ايندو هو، پنهنجي ذات تي، پنهنجي بگڙجندڙ ذهني حالت تي ۽ پنهنجي ارد گرد تي. اها ئي ڳالھ هن کي نه وڻندي هئي ته ٻيا مٿس رحم کائين ۽ هن کي به پنهنجو پاڻ تي رحم اچي!

Thursday, November 11, 2021

فارملٽي - زاهد منگي

فارملٽي

مختصر ڪهاڻي

زاهد منگي



جيئن ئي صاحب آفيس جي هال ۾ داخل ٿيو ته ڪچهرين ۾ مشغول اميدوارن ۾ هڪدم خاموشي ڇانئجي وئي. سڀ اميدوار ڊسيپلين سان ويهي رهيا. صاحب اسٽيج تي اچي، پنهنجي ٽاءِ کي ڍلو ڪري، ڳلو صاف ڪندي، ڳالهائڻ شروع ڪيو.

ووٽ - غفار سومرو

ووٽ

مختصر ڪهاڻي

غفار سومرو



گهٽيءَ ۾ گندي پاڻيءَ کان بچاءُ ڪندي، مارڪر قلم جي پٺئين پاسي سان لوهي دروازي تي ٺڪ ٺڪ ڪندي، ووٽر لسٽ تصديق ڪندڙ استاد ٿورو پاسيرو ٿي بيٺو. جھٽ گهڙي بعد دروازي جو هڪ طاق کليو. پنجاھ پنجونجاھ سال عمر واري هڪ عورت منهن ٻاهر ڪڍي پڇيو؛ ”ابا! ڪهڙو ڪم آ؟”

استاد کيس سلام ڪري، ٿورو دروازي ويجهو وڃي وراڻيو؛ ”امان! اوهان جي گهر جا ووٽ درج ڪرڻ لاءِ آيو آھيان. ڪو مرد ماڻهو آھي ته موڪليوس جيئن,,,,”