ٽماٽا ۽ بصر
مختصر ڪھاڻي
مٺل جسڪاڻي
گس
ھلندي، اوچتو ھُن جي نظر سرن جي ٻوڙي وٽ پيل بوتل تي پئي. ھونئن ته ھي به عام
بوتلن جھڙي بوتل ھئي، پر ھن ۾ ھڪ عجيب قسم جي ڪشش پڻ ھئي، جنھن ڪري ھُن جي اک بوتل
تان نه ٿڙي، تان جو وڃي بوتل کنيائين.
بوتل
جو منھن ته بند ھو، پر بوتل ۾ اندر اھڙو ڇا ھو، جنھن سبب ھن بوتل کنئي؟ ان سوال جو
جواب حاصل ڪرڻ لاءِ ھن پھرين سوچيو ويچاريو، جنھن ڪري ٻالڪپڻ ۾ ٻڌل ھن کي ”بوتل جو
جن“ ڪھاڻي ياد اچي وئي.




