Saturday, August 22, 2015

مڇي ۽ پلاءُ - منظور ڪوھيار

مڇي ۽ پلاءُ
منظور ڪوھيار
هڪڙو هيو ملان ۽ ٻيو هيو مستانڙو. ٻنهي جي پاڻ ۾ دوستي ٿي وئي. توهان جي ذهن ۾ اهو ضرور آيو هوندو، ته جيئن باھ ۽ پاڻيءَ جي دوستي نه ٿي ٿي سگھي؛ تيئن ملان ۽ مستانڙي جي دوستي به ممڪن ناهي. پر ناممڪن کي ممڪن ڪرڻ، رب جي ذات جو ڪم آهي، توهان جو ناهي.
هڪ ڏينهن ملان چيو مستانڙي کي ته: ”اڙي حالَ مست! سڄو ڏينهن ويٺو ٿو فيس بوڪ تي مستيون ڪرين. ڪو گھم ڦر، ڪو دنيا جھان ڏس.“

Monday, August 17, 2015

چيخ - ڌيريندر اَسٿانا

چيخ
ڪھاڻي
ڌيريندر اَسٿانا/ديوناگراڻي
گهري اونداهيءَ ۾ ڊپ جيان چمڪندڙ اهو پل هئو، جڏهن ٻڌايو ويو ته؛ ڪُني گهر مان هليو ويو آهي.
هليو ويو آهي؟
ڪيڏانهن هليو ويو آهي؟
هليو ڪيئن ويو؟
ڀلا ڪُني گهر مان ڪيئن ٿو وڃي سگهي؟
سوال هئا جي مونکي چئني پاسن کان گهيري رهيا هئا ۽ مان انهن کان بچڻ جي واٽ ڳولهڻ لاءِ ڪڏهن زال جو چهرو ڏسڻ لڳندو هوس، ڪڏهن ماءُ جو، ڪڏهن پنهنجي پٽ جو ۽ ڪڏهن ديپڪ جو، جو اڃا تائين ڪم تان  واپس ڪين موٽيو هو.

Thursday, August 13, 2015

عطائي مٺل - جسڪاڻي

عطائي
مٺل جسڪاڻي
ڪمدار ڪرو جا ڪنهن ڪن ڪونه ڀريا هئا، پر هو واندڪائي ۾ هوٽل تي ويهي، خانگي ٽي وي چينل تان جيڪي خبرون ۽ گفتگو وارا پروگرام ڏسندو ۽ ٻڌنڌو هو، انهن جي ڪري ئي سندس ذهن ۾ آيو، سو وڏيري وڌل خان کي صلاح ڏنائين، ته ”ملڪ جو ماحول مٽيل پيو لڳي. ٿي سگهي ٿو ويجهڙائي ۾ مقامي چونڊون (بلدياتي اليڪشن) ٿين. اڄ ڪلهه ماڻهن جو ڌيان پڙهيل لکيل اميدوارن ڏانهن ويندو آهي. ان ڪري اهو نه سوچيو ته ڪو اوهان مون وانگر آُڱوٺي ڇاپ آهيو. سٺي صلاح وٺو ته حڪيم کان رڳو معجون وٺو، ياري رکو ڪنهن ڊاڪٽر سان ۽ پوءِ ڪڏهن ڊاڪٽر جي دعوت ڪريو، جنهن ۾ کيس چئو، ته جيڪي سندس دوست ڊاڪٽر هجن، لکيا پڙهيا هجن، انهن کي وٺيو اچي، ڪچهري به ڪجي، ماني به کائجي“.

Sunday, July 26, 2015

هاف فِرائي - سجاد مهر

هاف فِرائي
ڪهاڻي
سجاد مهر
پيٽ ۾ بک جا چَڪَ، پيروءَ کي ڪو پهريون ڀيرو ڪو نه پيا ها، پر اهو ته هاڻي روز جو معمول هو. ڪيترو عرصو ڪمائي نه سگهڻ ۽ ويهي کائڻ کانپوءِ جڏهن گهر جا ٽپڙ ٽاڙي کُٽا ها ته ارشاد جا هَڏَ به تڏهن حرام ٿيا ها. گَهر ۾ ڪينَ هُجڻ ڪري وَري، بُکَ ۽ ڏُکَ به  مهمان ٿي اچي گهر ۾ ٽِڪيا هيس. حالتن اهڙو ته سوڙهو ڪيو هُيُن، جو ٿڻن تي پيل ٻن سالن جو معصوم پيرو کير نه ملڻ ڪري روئي روئي صفا غش ٿي پوندو هو. ماءُ جا آنڊا هُوءَ وَس ويندي ڪو نه گهٽائيندي هُئي پِن سنِ تي پيروءَ جي مڙئي پورت ڪندي هُئي، گهر ۾ جي ڪينَ هُجي ته اهڙي حالت ۾ هڪ اُبهم جي پالنا ڏاڍي ڏکي ٿي پئي ٿي.

Thursday, July 23, 2015

کٿو - اڪبر لغاري

کٿو
اڪبر لغاري
خبرون مڙئي خير. آئون تعلقي هالا جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ايامن کان رهندو آهيان. هيءُ ڳوٺ درياه بادشاھ جي کاٻين ڀر آهي. اباڻو ڌنڌو يعني مال چاريندو آهيان. ماهيي مال جا مڙئي ٻه ٽي ڪن آهن. ٻيو ڀاءُ اٿم جيڪو رئيس جو سرڙيو هاري آهي. گھر ۾ اناج هو آڻيندو آهي، کير پاڻي منهنجو. لسي پيو ٻچڙا پالي ويٺا هئاسون.

Tuesday, July 14, 2015

نسيم کرل جو ادبي قد-ڪاٺ - تاج جويو

نسيم کرل جو ادبي قد-ڪاٺ
تاج جويو
آءٌ نٿو ڀُلجان ته مون ۱۹۷۸ع ۾، ايم اي سنڌيءَ جي امتحانَ ۾ جن ٻن ڪهاڻيڪارن تي مختصر نوٽ لکيا هئا، سي هئا: امر جليل ۽ نسيم کرل. مون کي ادب پڙهڻ جي چَسُ ته چوٿين درجي سنڌيءَ (۱۹۶۴ع) کان ئي هئي ۽ ڇهين درجي (۱۹۶۶ع) ۾ شاعري به شروع ڪري ڏني هئم؛ پر اٺين ڪلاس (۱۹۶۸ع) کان اِئين چئي سگهان ٿو ته مون کي ادبي سمجهه ۽ ساهتڪ شعور حاصل ٿي چڪو هو، ڇو ته ۱۹۶۹ع ۾، منهنجي شاعريءَ جي اُستادَ، سائين راشد مورائيءَ، مون کي خط لکي ڄڻ ته اِهو سرٽيفڪيٽ ڏئي ڇڏيو هو ته منهنجي شاعريءَ ۾ هاڻي درستگيءَ جي ضرورت نه آهي؛ ڇو ته آءٌ پختو شاعر ٿي ويو آهيان. اِئين ۱۹۷۸ع تائين پهچندي، منهنجي ادبي بالغپڻي کي ڏهه سال ٿي چڪا هئا.

Saturday, July 11, 2015

اوسيئڙو اشتياق انصاري

اوسيئڙو
اشتياق انصاري
"امان! درياهه ته صفا ڦاٽي ٿو ڦاٽي! پاڻي اچي موسي واري مياڻ سان لڳو آهي، رات ته اسان جي ڳوٺ جون ڀر واريون ڀڪون به ڪيري ڇڏيون اٿائين. لڳي ٿو ته هيل وري ڪچو ڇڏي، بند تي هلڻو پوندو."
دلبر درياهه تان تڙ ڪري موٽڻ بعد آلو انگوڇو لوڙهي تي وڇائيندي چيو.
"ابا! درياهه باشا آهي، باشا سان ڪهڙو مهاڏو ڏبو. پڻهين به چئي پيو ته هيل پاڻي ته نسوري قيامت ٿي اچي. وريل وارا ته ٽپڙ ٽاڙي کڻي ڳوٺ ڇڏي ويا. پنهنجا گهرڙا وري به پوٺي تي آهن، ڏسئون!"