مڇي ۽ پلاءُ
منظور ڪوھيار
هڪڙو هيو ملان ۽ ٻيو هيو مستانڙو. ٻنهي جي پاڻ ۾ دوستي ٿي
وئي. توهان جي ذهن ۾ اهو ضرور آيو هوندو، ته جيئن باھ ۽ پاڻيءَ جي دوستي نه ٿي ٿي سگھي؛
تيئن ملان ۽ مستانڙي جي دوستي به ممڪن ناهي. پر ناممڪن کي ممڪن ڪرڻ، رب جي ذات جو ڪم
آهي، توهان جو ناهي.
هڪ ڏينهن ملان چيو مستانڙي کي ته: ”اڙي حالَ مست! سڄو ڏينهن
ويٺو ٿو فيس بوڪ تي مستيون ڪرين. ڪو گھم ڦر، ڪو دنيا جھان ڏس.“




